08/12/2017

ساروڻين جا سارس - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
هڪ ڪتاب ۾ محفوظ ساروڻين جا سارس

سائين مير محمد پيرزادو سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو اديب  آهي، جنهن جي پهرئين سڃاڻپ ته شاعري آهي، پر هوُ هڪ اعليٰ مضمون نگار، شاھ جي نه رڳو شاعريءَ جو پارکو پر ان جي شعرن ۽ موسيقي جو پڻ هڪ اهڙو ماهر جنهن جهڙا سنڌ ۾ گهٽ اديب هوندا، هن سنڌي ادب ۾ پنج ڪتاب ڏنا آهن جن مان ٻه شاعريءَ جا آهن ۽ ٽي نثر جا آهن، سندس شاعريءَ خاص طور گيت سنڌي نئين شاعريءَ جي اهڙن ميراث آهن، جيڪا ايندڙ ڪيترن نسلن تائين جيڪڏهن پابند شاعريءَ جو اثر رهيو ته اهي اتساھ ڏيندا رهندا.
سائين مير محمد جو اسان جي نسل جي ادبي اوسر ۾ جيڪو حصو آهي اهو اسان جو نسل ياد رکندو، هو لکڻ جي حوالي ۾ اسان جي رهبري هڪ طرف ڪندو رهيو آهي ته نظرياتي طور هڪ وڏو عرصو، سڌي طرح پنهنجي ليڪچرن ذريعي اسانجي رهنمائي الڳ ڪندو رهيو آهي. ظاهر آهي اهو سندس پاسو لڪل آهي، ادبي منچ تان هو مسلسل اسان سان مخاطب ٿيندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته سڪرنڊ ۽ موري جو نهايت ويجهو تعلق رهيو آهي، ٻيءَ طرح هو سموري سنڌ ۾ هڪ اعليٰ شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

دنيا دم درياءُ - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
دنيا دم درياءُ

دادلي ناصر زهراڻيءَ جو سماجڪ اِتهاس جي پس منظر ۾ لکيل ناول مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي. سنڌ ڌرتيءَ مٿان هزارين سالن کان ٿيندڙ ڪاهُن، حملن، چڙهاين، سازشن، ڏاڍين، غدارين ۽ اُرهه زوراين جي وارتائن جي پس منظر کي بيان ڪندڙ شاهه سائين جي هنن آفاقي سٽن سان هن ناول ”دنيا دم درياءُ“ جي ارپنا ڪندي ليکڪ لکيو آهي ته:
مٺڙي جيجل سنڌ! تنهنجي اڻ کٽ دردن جي نالي!
هيءُ ناول اٺن بابن ۾ ورهايل آهي، هن ناول لکڻ ۾ ليکڪ جي مٿان ڪيترن ئي فرضن، ڪيترن ئي قرضن ۽ ڪيترن ئي دردن جو عمل دخل ۽ بارُ محسوس ٿئي ٿو. هن ناول کي سنڌ جي موجوده سياسي، سماجي ۽ معاشي استحصال جو گڏيل دستاويز چئي سگهجي ٿو.

شو ڪيولراماڻي - رئوف عباسي (Raouf Abbasi)

رئوف عباسي
حشو ڪيولراماڻي
نه وسرندڙ شخصيت وطن جي بي بها انسان جو درد

سائين مدد علي سنڌي، ادبي کيتر ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. اڄ کان 50 سال اڳ جيڪا ٽهي، ٻولي، ادب ۽ قومي حقن لاءِ پرچارڪ ٿي ميدان عمل ۾ نڪتي هئي، مدد علي سنڌي انهن مان هڪ آهي. مدد علي سنڌيءَ جي نثر ۾ قرت العين حيدر جي نثر جهڙي خوشبو پئي جهلڪا ڏيندي آهي.
سندس قلم وڇوڙي جي وڍن، المناڪ تنهاين، محبوب جي جدائي، ڊگهن املتاس جي وڻن، هاسٽل جي جلاوطن زندگي، زندگيءَ جي بي معنيٰ هجڻ جي گواهي ڏيندو آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي منفرد اسٽائيل سان هوُ، اڄ به ناتو جوڙيو ٿو اچي. ساڳئي طرح صحافت، ٻولي ۽ قومي خدمتن جي عيوض، هو ڪيترائي ڀيرا لوهي پڃرن ۾به  واڙجي چڪو آ. سندس لکيل تازو ڪتاب ”حشو ڪيولراماڻي؛ نه وسرندڙ شخصيت“ سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ بي بها خزانو آهي.

ناول همه اوست جو جائزو - اختر علي گهنڃو (Akhtar Ali Ghanjo)

اختر علي گهنڃو
آغا سليم جي هڪ بهترين ناول
همه اوست جو جائزو

آغا سليم هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو هڪ ئي وقت لطيفيات جو ڄاڻو، ٻوليءَ جو ماهر، سفرنامه نويس، ڊرامه نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار هو. آغا صاحب جي شخصيت جو هر پهلو نمايان آهي. هن جي مطالعي ۾ ادب جو وڏو حصو آيو. توڙي جو زندگيءَ هڪ موڙ تي پهچي هو پنهنجي تخليقي ڪم تي تحقيقي ڪم کي فوقيت ڏيڻ چاهي. پر هن جي تخليقي ادب جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. سندس ناول همه اوست ۽ انداهي ڌرتي روشن هٿ سنڌي ناول نگاري جي تاريخ ۾ هڪ مائيل اسٽون جي حيثيت رکن ٿا.

02/12/2017

سنڌو پيرزاده جي شعري مجموعي ”اداسي“ جو مهاڳ - روبينه ابڙو (Rubina Abro)

روبينه ابڙو

سنڌو پيرزاده جي شعري مجموعي
”اداسي“ جو مهاڳ
(شاعري سنڌوءَ جي روح مان ڦُٽي ٿي)

فنونِ لطيفه ۾ شاعريءَ کي مٿانهون مقام حاصل آهي. اسان جي سماج اندر شروع کان وٺي شاعر کي انتهائي احترام واري نظر سان ڏٺو ويندو آهي. ڪي ماڻهو شاعرن کي خدا جو شاگرد سڏيندا آهن، ته وري ڪي پيغمبر ڪوٺيندا آهن. مرداڻي سماج هئڻ ڪري اسان وٽ مرد شاعرن کي ته سولائيءَ سان پنهنجي فن جي ڪمال جا جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ميسر هجي ٿو، پر اتي ئي عورت کي پنهنجي اندر جا جذبا شاعريءَ وسيلي اظهارڻ تي تمام گهڻو ڀوڳڻو پيو آهي. شرم، حياءَ ۽ حجاب جو ڪُوڙو دائرو هميشه عورت جي اظهار جي آواز کي پنهنجي اندر قيد ڪندو آيو آهي. ڪيتريون ئي عورتون هونديون جن جي من ۾ ڏات ڏنگ هڻندي هوندي، پر انهن جي آهه به شعر جو روپ وٺي عام ٿيڻ کان وانجهيل ۽ دٻيل رهجي ويندي هوندي، ڇو ته سندن چپ رسمن، روايتن ۽ غيرتن جي ڌاڳن سان سبيل هوندا آهن. جيڪڏهن ڪجهه عورتون پنهنجي اندر جي اور ڪاڳرتي آڻڻ ۾ سوڀاريون به ٿينديون آهن ته انهن جو ڪلام عام ناهي ٿي سگهندو جو انهن جا مالڪ (مرد) پنهنجي انائن جي خول ۾ ايترا ته قيد هوندا آهن، جو ڀلجان اهي پاڻ به سخن شناس ڇو نه هجن پڙهيل لکيل، دانشور، شاعر ۽ اديب ڇو نه هجن پر اهي ڪڏهن به ناهن چاهيندا ته سندن ڪنهن عورت جي ڪوتائن جو ڪتاب ڇپجي، يا انهن جي شاعري ڪنهن رسالي يا اخبار جي زينت بڻجي... پر جي ڪا عورت شاعره پنهنجون ڪوتائون عام ڪرڻ ۾ سوڀاري به ٿيندي آهي، ته کيس لکڻ ۽ ڇپجڻ جي اجازت به ملي ويندي آهي ته پوءِ اها اجازت به مشروط هوندي آهي، اهڙن شرطن سان جيڪي مرداڻي سماج پاڻمرادو طئي ڪري رکيا هوندا آهن. اهڙا شرط جن لاءِ عورت کي ٻڌائڻ يا سمجهائڻ جي ضرورت ناهي پوندي، هن کي پاڻ ئي پتو هوندو آهي ته سندن شاعريءَ کي ڪهڙي مصلحتن ۽ علامتن جو سهارو وٺڻو آهي. مثال جيڪڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ جي پهرين شاعره مائي مرکان کان وٺي هن دور تائين اڀرندڙ شاعرائن جي شاعريءَ مان حوالا کڻون ته پتو پوندو ته انهن جي شاعري پِيرن، مرشدن، سهرن، لاڏن يا وڌ ۾ وڌ پنهنجي مڙسن سان محبت جي اظهار ۽ انهن جي تعريفن جي دائرن کان ناهي نڪري سگهي.

01/11/2017

عبدالقادر منگيءَ جو ڪتاب ’جي مون گهاريا ٿر ۾‘ - ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو (Dr Altaf Mehboob Jokhyo)

ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو
عبدالقادر منگيءَ جي ڪتاب
’جي مون گهاريا ٿر ۾‘ تي هڪ نظر

حيدر بخش جتوئيءَ جو چوڻ آهي ته ”سنڌ جي ساک کي اسان جي سياستدان، وڏيري، بيوروڪريٽ ۽ مُلي ڪافي هاڃو رسايو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ کي قوم کان بالاتر سمجهي، ٻين جي ايجنڊا تي ڪم ڪندا آيا آهن.“
پر استاد بخاريءَ جي هن سِٽ ’جو سنڌ جياري اهو جيئندو رهندو‘ پٽاندر جن ماڻهن قومي ڌارائن تي رهندي سنڌي قوم جي خدمت ڪئي آهي ۽ سنڌ جي ساک کي برقرار رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، انهن مان عبدالقادر منگي صاحب به پنهنجي هڪ نرالي حيثيت رکي سگھيو آهي.
ڪير ٿو اڄڪلهه ٺڪرن ڀترن کي پنهنجي آئندي جي ملڪيت سمجهي ان کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ساهه ڏئي! گھاري ۾ رهيو، ڀنڀور ڪانفرنس ڪرائي، ان جي تاريخ تي ويچار جا در کولرايائين؛ ٿر ۾ رهيو اتي ٿر ڪانفرنس ڪوٺائي، ان جي پٺتي پيل عوام کي شعور بخشڻ لاءِ وس ڪيائين. هن قحط الرجال واري دؤر ۾ اهڙا سرڪاري آفيسر اسان گھٽ ڏٺا آهن.

18/09/2017

ڪتاب سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
پروفيسر اعجاز قريشيءَ جو ڪتاب
سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب ۾ ناشر پاران نوٽ، پيش لفظ سنڌ ۾ ٻولي ۽ سياست. سنڌي ٻوليءَ جو مقدمو، سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ۽ ترقي، سنڌي ٻولي ۽ سماج، سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙ، سنڌي ٻولي: ماضي حال ۽ مستقبل، سنڌي مادري ٻوليءَ جي تعليم: تاريخ ۽ پس منظر، سنڌي ٻولي بحيثيت ڪاروباري ٻولي، ون يونٽ دور ۾ سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم، سنڌي ٻولي ۽ حيدر بخش جتوئي، ثقافت جو ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، اهميت ۽ ضرورت، سماجي ڪارج، انتظامي ۽ ڪاروباري وهنوار کان ويندي تعليم جو ذريعو، سنڌي ٻولي هجڻ ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه، ترقي بابت ليکڪ جي ٻولي جي مسئلي تي حقيقي نگاهه رهي آهي. ٻوليءَ جو درد ۽ پيڙا محسوس ڪندي ٻوليءَ بابت انتهائي اهميت جوڳا ويچا ونڊيندي پروفيسر اعجاز قريشيءَ اسان جي ملڪ ۾ ٻولين سان ٿيندڙ ٻه اکيائي/ناانصافيءَ بابت انتهائي سنجيدگيءَ سان لکندي فطري ٻولين کي نظر انداز ڪرڻ ڪنهن ٻي ٻوليءَ کي مٿانهون مقام ڏيڻ يا فطري قومي ٻولين کي مقامي ٻوليون چئي نظر انداز ڪرڻ واري روش جو کلي دل سان اظهار ڪيو آهي.

16/09/2017

ڪتاب ”محبت جن جي من“ - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
رياضت ٻرڙي جو سهيڙيل ڪتاب
”محبت جن جي من“ جو تعارف


هن ڪتاب جا 5 ڀاڱا / باب آهن ، ڪتاب جو پيش لفظ لکيو آهي رياضت ٻرڙي، جڏهن ته سڀ کان پهرين ٻه پروفائيل ڏنل آهن، ٻيون مقالا / مضمون جن جو انگ 10 آهي. 3 ڪتابن جا اڀياس، تعارف ۽ تبصرا -13 ڏنل آهن، 4 تاثر ۽ يادگيريون 31، جڏهن  ته 5 ڀاڱي / باب ۾ ڊاڪٽر محبت بابت شاعري ڏني وئي آهي.
اپريل 1997ع تي وڇڙي ويل ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 20 هين ورسيءَ جي موقعي تي شايع ڪيل هي ڪتاب جنهن کي”اڪيڊمي ادبيات“ جي مالي سهڪار سان شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي بابت لکيل، مختلف ليکڪن جون لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن. ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جو هي 54-هون ڪتاب آهي جيڪو قنبر ۽ ڄامشوري کي ارپيو ويو آهي، جتي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي حياتيءَ جا ڪيترائي املهه ورهيه گذاريندي علم ۽ ادب لاءِ جاکوڙ ڪئي. ڊاڪٽر محبت جا 19 ڪتاب سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڇپرايا ويا آهن. جڏهن ته هيءُ 20-هون ڪتاب  ڊاڪٽر محبت بابت مختلف ليکڪن جون لکيل لکڻيون آهن، جن ۾ ڊاڪٽر محبت جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، صحافتي، تخليقي، تنقيدي، تحقيقي ۽ تحريڪي وهنوار جا احوال ڏنل آهن، ته ڪهڙيءَ ريت هڪ نوجوان پنهنجين صلاحيتن آڌار سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ صحافتي دنيا ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائي. ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي زندگي ننڍايل خاڪو“ رياضت ٻرڙو، سندس ڄم ۽  تعليم، نوڪري ۽ خانگي ڪلينڪ، شادي ۽ اولاد، مطالعو، ادبي، صحافتي، سرگرميون، پبلشنگ ادارو، سنڌالاجيءَ لاءِ ڪيل ڪم، سماجي خدمتون، قلمي نالا، سنڌي ادبي سنگت قنبر سان وابستگي، سياسي سرگرميون، تخليقي، سياسي ڪتاب، عوامي  تحريڪ سان وابستگي، علمي ۽ عملي ڪم جي شروعات، وفات، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران ڊاڪٽر محبت جي شايع ٿيل ڪتابن جو وچور ڏنو ويو آهي. پروفائيل-2 ۾ ڇپيل / اڻ ڇپيل لکڻين جو وچور ڏنو ويو آهي.

ڌرتي: منهنجو گهر - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
ڌرتي: منهنجو گهر


هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2009ع ۾ پڌرو ڪيو ويو هئو. ڪتاب جي علمي اهميت کي ڏسندي هاڻي ڪتاب جو هي ٻيو ڇاپو پڌرو ڪيو ويو آهي.
* هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون لکڻيون شامل آهن جن ۾ سائنسي انداز فڪر سمايل آهي، غير سائنسي ۽ وهمي سوچ جي نندا ڪيل آهي، هن تحقيقي طور جيڪي به لکڻيون لکيون آهن، اهي اڻ ڄاڻائي، ڄٽائپ، سونسي، وهم، عقيدي، زوربار، جهل کان آجيون آهن ۽ ڄاڻ، سوچ، سمجهه، عقليت پسنديءَ، دليل، مشاهدي ۽ تجربي تي آڌاريل آهن. هن جي ادبي ۽ تحقيقي  مقالن / مضمونن  ۾ پڻ روايت پرستيءَ بدران استدلال کي پرکي سگهجي ٿو.

01/09/2017

ناول ”پيار درياهه“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
ناول ”پيار درياهه“ ڪجهه نئون ڏئي ٿو


سنڌيءَ ۾ ناول تيزيءَ سان لکجي رهيو آهي. اها ڳالهه خوشي ڏيندڙ آهي، ان کان به وڌيڪ خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته سنڌي ناول ”نئين“ ڏانهن وڌي رهيو آهي. ائين اميد جاڳي آهي ته گهڻي کان گهڻا ناول لکيا ويندا ته انهن مان گهڻي ئي سٺا ناول ظاهر ٿي پوندا.
نئين صدي اها آس پوري ڪري رهي آهي ته سنڌي ادب ۾ ناول جي حوالي سان جيڪا غربت آهي، ان ۾ ڪا گهٽتائي اچي ۽ پڪ سان سنڌي ادب ناول جي ڏس ۾ شاهوڪاريءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي. ايئن ڪجهه نئون به ڏيڻ لڳو آهي. جنهن جو اندازو تازو ئي ڇپيل اسحاق انصاريءَ جي ناول ”پيار درياهه“ پڙهڻ کان پوءِ لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ناول مون کي بيحد گهڻي خوشي ڏني آهي. تخليقي حوالي ۾اسحاق انصاريءَ جو هيءُ ٻيون ناول آهي، سندس پهريون ناول ”خالي بينچ“ آهي، جنهن ڪافي پذيرائي ماڻي ۽ هڪ کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪو آهي. سندس هيءُ نئون ناول گهڻو ڪجهه نئون ڏئي ٿو.