ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو
ڪتاب: ’اسڪولي لسانيات‘ تي سرسري نظر
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 2017ع ۾ ’اسڪولي لسانيات‘ جو ڪتاب ڇپايو ويو
آهي. تازو نومبر 14، 2017ع تي ڪريڪيولم رويُو ڪاميٽيءَ دوران مڙني ميمبرن جي هٿن ۾
ڏٺم. هڪ معتبر اداري پاران ڇپيل سو به ’اسڪولي لسانيات‘ جي نالي سان، دل سٽ کاڌي
ته اهو خريد ڪري ڏسي وٺجي. بيشڪ، سنڌ جي ماڻهن يا عالمن وٽ منهنجي لاءِ اهو تصور
هجي ته مون ڪو ’جڙي ٻوٽين‘ تي ڪم ڪري پي.ايڇ.ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، پر
لسانيات ۾ دلچسپي رکڻ يا سنڌي ٻوليءَ جو ماستر هوندي، علمي تنقيد ڪرڻ جو حق رکي،
چند خال بيان ڪري سگهان ٿو.
ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ ’سڪندر ساگر
پنھيار‘ جي هن ۾ ڪا محنت ناهي يا ڪارگر ناهي، ليڪن ڪتاب جو شروعاتي حصو ڏسڻ بعد
اهو چئي سگهجي ٿو ته هن ۾ ڪنھن ٻوليءَ جي علم رکندڙ ماڻهوءَ جي اصلاح موجود ناهي.


