رياضت ٻرڙو
سنڌو پيرزاده جو شعري مجموعو ”اداسي“
ايڪويهين صديءَ جي جديد سنڌي شاعرائن جا، جيڪي نانوَ روشن
ستارن مثل، سنڌي شعر ۽ ادب جي آسمان تي جرڪي رهيا آهن، تن ۾ هڪ رنگارنگي ستاري ”سنڌو
پيرزاده“ جو به سهڻو واڌارو ٿيو آهي، جنهن جي شاعريءَ جو مجموعو ”اداسي“ چَوڏسا
پنهنجي فڪر ۽ فن جي ندرت جا ترورا پکيڙي رهيو آهي:
گيت ڪوئي ڳائڻ لاءِ دل ۾ چاندني آهي،
تو کي گنگنائڻ لاءِ دل ۾ چاندني آهي. (سنڌو)
اِها ’چاندني‘ ان
جذبي، ان اُڇل جو نالو آهي، جيڪو من ۾ موجود سنسار کي مَوجزن ڪري رهيو آهي، جنهن
سان دل ۽ دماغ ۾ گيت گونجي رهيا آهن، جيڪي پنهنجي اظهار لاءِ آتا آهن. هيءُ سنسار،
هي جذبا، هيءَ چاندني، اِهو سڀ ڪجهه جنهن هستيءَ لاءِ ’سنڌوءَ‘ جي سوچن کي ساگر جي
لهرن جيان پکيڙي رهيو آهي اها ’تون‘ آهي. ’تون‘، جنهن کي بيان ڪرڻ هر شاعر، هر
اديب، هر محبت ڪندڙ انسان جي لاءِ سهنجو نه آهي. ’تون‘ هڪ جستجو ۽ هڪ آرزو آهي.
’تون‘ اُها ڪيفيت آهي جيڪا جيءَ اندر واسو ڪيون ويٺي آهي، جنهن کان سواءِ اسان کي
پنهنجو پاڻ اوپرو محسوس ٿيندو آهي.


