امداد جسڪاڻي
خوبصورت شاعر بشير منگيءَ جو ڪتاب
ڪير ٿو مون کي سڏي
شاعر ڪنهن سرحد تائين محدود ناهي هوندو هو مظلوم، مجبور ماڻهن
جو مسيحا ۽ همدرد هوندو آهي تنهنڪري ئي ته شاعر جو خيال، فڪر، ان جي هر ڳالھه عام
ماڻهن کي به پنهنجي ڳالھه محسوس ٿيندي آهي ، هر شاعر وٽ فن، فڪر پنهنجو هوندو آهي،
ڪو شاعر فڪري حوالي سان پختو ٿئي ٿو، ڪو فني حوالي سان پختو ٿيندو آهي ۽ اڪثر شاعر
فني فڪري حوالي سان پختا ٿين ٿا ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهن ٿا.
بشير منگي شاعر ۽
نثر نويس آهي جنهن جي شاعري توڙي نثر ۾ سنڌو جي لهرن جهڙي رواني آهي جنهن جو وهڪرو
شعور جي روشني ڏيندڙ آهي. ”ڪير ٿو مون کي
سڏي“ بشير منگي جي شاعري جو تازو مجموعو آهي جيڪو
سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ۱۹۲ صفحن تي
مشتمل هن ڪتاب ۾ غزل، وايون، گيت، نظم،بيت، چوسٽا، ترائيل شامل آهن. هن جي شاعر جي
شخصيت ۽ شاعريءَ تي تاج بلوچ، حبيب ساجد، ضياء شاهه، آدرش، وفا گولو، ساجد سنڌي
انصاف واري عينڪ سان رايا ڏنا آهن جيڪي خوبين کي به پڌرو ڪن ٿا ته فني، فڪري جهول
تي به ٽيڪا ٽپڻي ڪري پنهنجو فرض نڀايو آهي.

