15/12/2018

شاعريءَ جي بچاءَ ۾ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻي
شاعريءَ جي بچاءَ ۾
(هڪ جواب)

”شاعريءَ جي بچاءَ ۾“ دراصل علي آڪاش جي لکڻي جو عنوان آهي، جيڪا روزاني ”سنڌ ايڪسپريس“ جي خميس 09 جولاءِ 2015ع واري شماري جي ادارتي صفحي تي ”پڪا رڇ ڪنڀار جا“ ڪالم جي هڪ ڪڙي طور شايع ٿي آهي. هيءُ ڪالم پڙهندي مون کي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ وارو اهو زمانو ياد اچي ويو، جنهن دوران خرچي بچائي، گڏ ڪري، ڪو نہ ڪو شاعريءَ جو ڪتاب وٺي ايندو هئس ۽ پڙهندو هئس. هڪ ڏينهن منهنجي اڻ پڙهيل ماءُ، مون کي شاعري پڙهندي، منهنجي چهري مان خبر ناهي ڇا پڙهي ورتو، جنهنڪري هوءَ سُري اچي منهنجي ڀر ۾ ويٺي. مون سان عام معمول کان وڌيڪ سٻاجهي انداز ۾ ڳالهائيندي پڇيائين تہ؛ ”آئون هي ڇا جو ڪتاب پڙهي رهيو آهيان؟“

09/11/2018

عشق جي سرحدن تي بيٺل ليکڪ جون ڪهاڻيون - ڊاڪٽرمشتاق ڦل (Dr. Mushtaq Phul)


ڊاڪٽرمشتاق ڦل
هڪ نظر عشق جي سرحدن تي بيٺل ليکڪ جون ڪهاڻيون


ماڻهوءَ سان ماڻهوءَ جو رشتو ناتو ڪيئن ٿو جڙي، اهو به ڪنهن راز کان گھٽ ناهي. هڪڙا فطري رشتا ٿين ٿا ۽ ٻيا سماجي رشتا. منهنجي تجربي هيٺ سماجي رشتن سان نڀائڻ ۽ انهن کي مستقل مزاجيءَ سان هلائڻ به ڪنهن هنر کان گھٽ ناهي، ڇو ته اهي رشتا جن سان ٻالڪپڻ جا ڏينهن گڏ گذريا هجن انهن جي عادتن ۽ اسلوبن کان ماڻهو واقف ٿيو وڃي پر سماجي رشتن جو پهريون بنياد ڪنهن نه ڪنهن ڪم ڪار بهاني، ذاتي دلچسپيءَ سبب جڙي ٿو. مان جڏهن سنڌي ادبي سنگت ۾ مرڪزي سطح تي نئون نئون متحرڪ ٿيو هيم ته سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ ساخ جي دوستن ۽ خاص ڪري چانڊين جو ذڪر گھڻو ٻڌو هيم ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي تي لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جي چانڊين سرڪش سنڌي، زخمي چانڊيو ۽ سرمد چانڊيو سان ته منهنجو اڻ ڏٺي جو ئي اهڙو ناتو جڙيل هيو جيڪو به ڄڻ ته رت جو رشتي جهڙو هو. مون کي ياد آهي ته زخمي چانديو جي شهادت تي منهنجي اکين مان لڙڪ ائين لڙيا هيا جيئن پنهنجي سڳي ڀاءُ شهيد پروفيسر فيض محمد ڦل، عرفان مهدي، سرمد سنڌي، بشير قريشي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن ۽ سڄڻن جي وڇوڙي تي لڙيا هئا. مون سوچيو پئي ته ماءُ جو رشتو، ڀاءُ جو رشتو، ڀيڻ جو رشتو، پيءَ ۽ پٽ جو رشتو انهن جي لذت بيشڪ انوکي آهي پر علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي رشتن جي لذت جو به انوکو مزو آهي.

امداد حسيني: هڪڙو شاعر ته شاعري ٿو ڏي - امر پيرزادو (Amar Pirzado)


امر پيرزادو
امداد حسيني: هڪڙو شاعر ته شاعري ٿو ڏي

هر وڏي انسان وانگر امداد حسينيءَ ۾ به وڏائي ناهي. هڪ ڀيري امداد صاحب سان سندس گهر ملڻ ويس. واپسي تي فليٽ جي لفٽ تان موڪلايم ته چيائين هل مان هيٺ تائين هلان ٿو. مون کي حيرت ٿي ته هو نه صرف هيٺ تائين هليو پر جيستائين مان روڊ تي وڃي ڪار اسٽارٽ ڪئي ۽ روڊ جي ٻئي پاسي کان ڦيرائي ٻيهر ان رستي تي آيس جتي سندس فليٽ جو گيٽ هو، تڏهن  به هو اتي بيٺل هو ۽ هن هٿ جي اشاري سان مون کان موڪلايو. مون کي يقين ٿيو ته امداد حسيني وڏي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ تمام وڏو انسان به آهي. وڏن اڇن وارن سان جڏهن هو معصوم ٽهڪ ڏيندو آهي ته صفا ٻار لڳندو آهي. هر وڏو انسان ٻار ئي ته هوندو آهي!

مير امين الدين خان جي فارسي ڪتابن ۾ سنڌ جي تاريخ - مختيار ملاح (Mukhtiar Malah)


مختيار ملاح
مير امين الدين خان جي فارسي ڪتابن ۾
سنڌ جي تاريخ
سنڌ جي تاريخ جا اڪثر ماخذ سفرنامن، سياسي خطن، مشهور شخصيتن جي تذڪرن، ادبي حوالن وغيره مان مليا آهن، پر ان تاريخ جا ٻيا به ماخذ آهن، جن ۾ شاعريءَ جا مجموعا ۽ جاگرافي جا ڪتاب به آهن، عربي ۽ فارسي ۾ لکيل سفرنامن ۽ جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ سنڌ جي تاريخ جا بيشمار حوالا آهن. مغليه دور جا ماخذ اڄ به موجود آهن انهن جا ليکڪ سنڌي عالم به هئا ته غير سنڌي به انهن مان هڪ نالو مير امين الدين خان به ملي ٿو.

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي شاعري - ڇڄڙو (Arbab Chhajro)


ارباب ڇڄڙو
سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي شاعريءَ جي گولڊن جوبلي

1965ع واري جنگ جاري هئي. ملڪ ۾ خوف جي لهر ڇانيل هئي، رات جو بتيون بند وڏين عمارتن کي سائو رنگ يا وڻ جا ٽار لڙڪايا ٿي ويا. آئون اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهندو هوس. اسان وٽ ريڊيو هئو. فوجي حضرات کي گرهائڻ لاءِ ريڊيو تي اردوءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ به ڪجهه ملي نغما رڪارڊ ڪري هلايا ٿي ويا. هڪ ٻه نغما استاد ابراهيم ۽ جمن جي آواز  ۾ هلايا ويا:
محبت وطن جي ته ايمان آهي،
اسان جند آهيون وطن جان آهي.
شاعر هيو مرتضيٰ ڏاڏاهي. اهو نالو مون پهريون ڀيرو ٻڌو هو، ۽ پوءِ لاڳيتو ٻڌندو آيس، پر ڏاڏاهيءَ کي وڌيڪ مقبوليت 1972ع ۾ ملي جڏهن ريڊيو تي فنڪار غلام قادر لنجواڻيءَ جي آواز ۾ سندس مشهور غزل نشر ٿيو:
زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين،
مرڻ کان اڳي ئي، مري جي ڏٺوسين.
عاشق زهر پياڪ ٿي ويو ۽ جام شاعري ڪرڻ لڳو.

02/11/2018

مئڪش سومرو موري جو - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻي
مئڪش سومرو موري جو....


مئڪش جيڪو ڪجهه ڏِٺو ۽ سَٺو آهي، ان جي هڪ جهلڪ، سندس هن غزل ۾ هٿ ڪنگڻ وانگر ظاهر آهي:
لڪايان عيب دنيا کان ، جيئان ڇو؟
زماني ساز ٿي جيئان، جيئان ڇو؟
حياتيءَ کان ڳري آهي غلامي!
نه لاهيان طوق ڳاٽي تان ، جيئان ڇو؟
هيئن به لکي ٿو:
پکي احساس جو ٻولي رهيو آ،
ڪويءَ جي دل کي ڌانڌولي رهيو آ.
پٺيان هوٽل جي ٻالڪ نان ٽڪرا،
سڪل ڳيتون ڏئي ڳولي رهيو آ.

هڪ جهڙو درد - فرزانا چانڊيو (Farzana Chandio)


فرزانا چانڊيو
اوهينري جا مشهور افسانا
هڪ جهڙو درد


علم کي جيڪڏهن هڪ هنڌ بند ڪيو وڃي ها ته شايد علم فنا ۽ تباهه ٿي وڃي آهي، علم کي هڪ جڳهه کان ٻئي جڳهه تائين منتقل ڪيو ويو، علم سمنڊ کان گھرو جبلن کان اوچو آهي جيئن علم هڪ جڳهه کان جڳهه تائين منتقل ٿيندڙ آهي تيئن ئي هنرمند جا خيال ٻئي هنڌ تائين منتقل هجڻ گھرجن. مشهور ليکڪ، شاعر، اديب ممتاز لوهار جو ڪتاب ”هڪ جهڙو درد“ اوهينري جي مشهور ڪهاڻين مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ٻولي کي وسيع هئڻ جو اعزاز ڏنو آهي.

اقرار پيرزادو ۽ سندس لکڻين جو فڪري پس منظر - شهباز پيرزادو (Shahbaz Pirzado)


شهباز  پيرزادو
اقرار پيرزادو ۽ سندس لکڻين جو فڪري پس منظر


اڪثر ڳوٺ جي درگاهه سخي شاهه جمال تي ويٺل، هر وقت اکيون موبائيل فون ۾ کتل پوءِ  به سڄي محفل سندس خيال ۾ هوندي آهي. هٿن ، ڪپڙن تي مس جا چٽا ائين ڄڻ ڪو ٻار مس سان راند کيڏي آيو هجي. ڳالهائڻ جو کرو اهڙو ڄڻ وڏو ڪو وڏو  چيڙاڪ مڙس هجي. راڳ جو شائق  اهڙو جو مون کيس سورٺ ٻڌندي روئندي به ڏٺو. وري خاڪن جو ليکاري اهڙو جو پڙهندڙن کي روئاري وجهي. لطيف جو اهڙو عاشق جو محفل ۾ ڪو ڀٽائيءَ جي سٽ غلط پڙهندو ته کيس غلط چوڻ ۾ دير ئي نه ڪندو. وري سَن جي سيد جو اهڙو مداح جو سنڌ جي سموري دردن جو درمان ”فڪر سيد“ کي ئي سمجهندو آهي. هي پار پتا منهنجي ماسات، منهنجي اڪيڊمڪ ۽ ادبي استاد، ادبي دوست ۽ فڪري ساٿي محترم اقرار پيرزادي جا آهن.

05/10/2018

سليم چنا ۽ ان جا ٻه ڪتاب - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻي
سليم چنا ۽ ان جا ٻه ڪتاب!

لکڻ سولو هجي، ته هر ڪو ليکڪ هجي! لکڻ سولو نه هجي، ته ڪو به ليکڪ نه هجي! لکڻ سولو به آهي، ته ڏکيو به آهي! اهڙي ئي صورت ۽ حالت آهي، ان ۾ ئي لکڻ وارا لکن ٿا، ته لکڻ واري کي ليکڪ طور سڃاتو ويندو آهي.
جيڪي ليکڪ آهن، اُهي هونئن ته، عام ماڻهو ئي آهن، انهن ۾ ئي رهن ٿا، انهن جهڙا ئي هوندا آهن، پر جيئن ته هر عام ماڻهو لکندو نه آهي، ان ڪري هر عام ماڻهو ليکڪ نه آهي. جيڪي لکن ٿا، اهي نه صرف ليکڪ آهن، پر ليکڪن ۾ به عام ماڻهن وانگر هڪڙا عام ليکڪ آهن، ٻيا خاص ليکڪ آهن ۽ ڪي وري انهن ٻن يعني عام ۽ خاص جي وچ وارا ليکڪ آهن. جيڪي جيڪي به ليکڪ آهن، انهن پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ڪرائي آهي. اُها سڃاڻپ به عام ماڻهن جي ورهاست يا درجي بندي جي نسبت وانگر، اوڻيهه ويهه جي فرق سان ڄڻ ته ساڳئين آهي!

17/05/2018

ڪتاب ”پھاڪن جي پاٻوهه“ جو پيش لفظ- رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


رياضت ٻرڙو

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب
”پھاڪن جي پاٻوهه“ جو پيش  لفظ

سنڌي ٻوليءَ جي هڪ بيحد وڻندڙ سُونھن، سولائيءَ سان، سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ پڻ، پَسي سگهجي ٿي. اسان پنهنجي سماج منجهه، رواجي طور هلندڙ ڳالهه ٻول ۾، جيڪڏهن، ان پاسي ٿورڙو به ڌيان ڏينداسين، ته چڱيءَ پر، ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون ڪَتب ايندي، محسوس ڪري وٺنداسين، ۽ پاڻ کي، ٻوليءَ جي هڪ خوشگوار حيرت جي جَهان ۾ ڦرندي، ۽ جملن ۾ سمايل معنوي جوڙجڪ جون نيون ڪهڪشائون کوجيندي، ڏسڻ لڳنداسين.
جيئن سائنسدان نين ڪهڪشائن جون کوجنائون ڪندا ۽ انهن کي ووڙيندي، انهن جا راز پڌرا ڪندا رهندا آهن؛ ساڳيءَ ريت، سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جون ڪهڪشائون کوجيندڙ هڪ سپورنجُ انجنيئر عبدالوهاب سهتو به آهي، جيڪو تسلسل سان، پنهنجي مقصد ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق هيٺ، نه صرف پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي ڪم ڪندو رهي ٿو، پر ان سلسلي هيٺ اڳ ڪيل ڪم جي به نئين سر ترتيب، تدوين ۽ ڇنڊڇاڻ ڪندو رهي ٿو. ان جي شاھدي سندس پهاڪن ۽ ڪتابن جي اڳيَن چوڏهن ڪتابن کان پوءِ، هاڻوڪو پندرهون ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوھ“ آهي، جيڪو تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
مون اصل ڪتاب جي ميسر فوٽو ڪاپي ڪيل نقل کي نظرن مان ڪڍيو آهي، جيڪو سهتي صاحب کان مون کي مليو. اِن ڪتاب، ۽ ڪتاب جي ليکڪ بابت موجود تفصيلُ، سهتي صاحب، پنهنجن ’سادن اکرن‘ ۾ چڱيءَ ريت لکي ڇڏيو آهي. مون کي ان حوالي سان فقط هيءَ ڳالهه چوِڻي آهي، ته سهتي صاحب جِي هن ڪتاب تي ڪيل محنت سان، ڌارئي ملڪ ۾ ڇپيل سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جي هڪ ڪتاب کي، نه صرف 45-سالن کان پوءِ، نئين حياتي ملي آهي، پر ان جِي پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن ۽ پڙهندڙن جي ڏيھ ڏانهن به آمد ٿي آهي. گڏوگڏ هڪ سڄاڻ ليکڪ تيرٿداس پيسومل جي ڪم جي مڃتا ۽ قدرداني پڻ ٿي آهي. ان تناظر ۾، انجنيئر عبدالوهاب سهتو يقيناً جس لهڻي، جو هُن، جنهن ريت، ”گل شڪر“ [۲۰۱۱ع]، ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ [۲۰۱۵ع]، ”چونڊ سنڌي چوڻيون“ [۲۰۱۷ع]، ۽ ”پھاڪن جي پيڙھ“ [انٽرنيٽ تي آندل] کي نئون سنئون ڪيو ۽ وضاحتن ۽ سمجهاڻين سان پيش ڪيو آهي، اهو هر لحاظ کان واکاڻ جوڳو آهي، جيتوڻيڪ هُن ڪنهن به قسم جي واکاڻ جي توقع کان سواءِ، پهاڪن ۽ چوڻين جي شعبي ۾ تحقيق ۽ تدوين جِو انتخاب ڪري، پاڻ ئي پنهنجي واسطي هڪ محنت طلب ڪم کي چونڊي ورتو آهي.
محبت جن جـي مـن ۾، تَن تِشنَـگِي تار،
پِـي پـيـالــو اُڃ جـو، اُڃ سـيـن اُڃ اُٿـيــار،
پنهون پاڻَ پِيارِ، ته اُڃ سين اُڃ اُجهائيان. (لطيف)
اميد اٿم، ته ”پهاڪن جي پاٻوھ“ ۾ سمايل پاٻوھ کي ان ئي ميٺ محبت منجهان پڙهيو ۽ پُرجهيو ويندو، جنهن سان اهو لکيو ويو، ۽ نئين سر ترتيب ۽ تدوين سان پيش ڪيو پيو وڃي.