اڪبر لغاري
رسول ميمڻ جو ناول ”نجومي“ ـــ هڪ ڏاهپ جو ڪتاب
هي
ناول زخمي دلين، لتاڙيل ذهنن ۽ جهنم ۾ رهندڙ ماڻهن جي درد ڪهاڻي آهي. اهو جهنم جيڪو
اڪثر ڪري انهن پاڻ ئي پنهنجي لاءِ تخليق ڪيو آهي. ڪٿي ڪثير وهمي ته ڪٿي قليل فهمي
آهي. ڏوه ڪنهنجو آهي؟ معاشري جو، تربيت جو، حالتن جو يا فردن جو؟ پر سزا سڀني کي
ملي پئي. ڀوڳين سڀ پيا. ڪيل توڙي نه ڪيل گناهن جي سزا.
هن
ناول جا ڪردار بي نام آهن. نجومي، دفتري، فقير، ساڌو، اديب، قيدي، سبزي فروش
وغيره. مصنف انهن جي سڃاڻپ نالن جي ڪري شايد ان ڪري نه ڪرائي آهي جو ماڻهو جي اصل سڃاڻپ انهن جي ڪم ۽ ڪردار جي ڪري ٿئي ٿي.




