29/03/2020

رڃ: ج ع منگهاڻي صاحبه جو شاندار ناول - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
رڃ:  ج ع منگهاڻي صاحبه جو شاندار ناول

سنڌي ٻولي ۾ لکيل چند ضخيم ۽ وڏن ناولن ۾ رڃ، نه صرف محبت جو لازوال داستان آهي، پر هي سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي ڪوهستاني پٽي تي رهندڙ سنڌين جي ثقافتي ۽ سماجي زندگي جو مستند دستاويز پڻ آهي.
حمل خان جي خاندان ۾ سندس زال امير بيگم، ٻه پٽ ستار ۽ جبار ۽ ٻه ڌيئرون، تاج بيبي ۽ جان بيبي آهن. ڪوهستان جي حوالي سان هي خاندان ماني مڇي وارو، گاڏين، موٽرن ۽ زمينن جو مالڪ آهي. شاهه جو رسالو، هن گھر ۾ وڏي اهتمام ۽ شوق سان پڙهيو وڃي ٿو. حمل خان جو ڀاڻيجو رئيس محراب خان، قبيلي جو سردار آهي. محراب خان جي شادي تاج بيبي سان طئه ٿيل آهي پر هو جان بيبي ۾ دلچسپي وٺي ٿو ۽ ماءُ کي منٿ ٿو ڪري ته سندس شادي، تاج بيبي جي بجاءِ، جان بيبي سان ڪرائي، جنهن کي سندس ماءُ سختي سان رد ڪري ٿي ۽ سندس شادي تاج بيبي سان ٿي وڃي ٿي. شادي جي دوران، محراب خان جو ويجهو دوست، رئيس طارق خان، گھوٽ سان گڏجي لانئن جي رسم لاءِ جڏهن حمل خان جي گھر ۾ اچي ٿو ته جان بيبي سندس شخصيت جي سحر ۾ گم ٿي وڃي ٿي.

21/03/2020

شيخ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس - جامي چانڊيو (Jami Chandio)


جامي چانڊيو
شيخ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس!

شيخ اياز جديد سنڌي ادبي تاريخ ۾ رڳو هڪ فرد ناهي، هو هڪ وسيع موضوع آهي، جديد سنڌي ادب جو پورو هڪ دور آهي، ان ڪري جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جي  حيثييت بنيادي محور جي آهي. مون کي شيخ اياز جي شاعري، سندس لکيل نثري ادب ۽ غيرمعمولي تخليقي ڏات ۽ اُن جي حُسناڪ اظهار سان ٻاروتڻ کان وٺي محبت ۽ اُنسيت رهي آهي ۽ ان دلچسپيءَ جو رَنگُ ڪڏهن به ٻَاڙو نه ٿيو. اِهو رڳو منهنجو ڪو انفرادي احساس ناهي پراياز جي دورَ ۽ سندس شاعريءَ جي مداحن مان هرهڪ جي راءِ يقيني طور اهڙي ئي هوندي. اياز سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي اِتهاس جي حُسناڪين ۽ ڏاهپ جي روايتن جو يگانو تخليقي تسلسل آهي.

سنڌ جو سراپا رومانوي شاعر: اشفاق آذر - جامي چانڊيو (Jami Chandio)


جامي چانڊيو
سنڌ جو سراپا رومانوي شاعر: اشفاق آذر


گذريل ڏيڍ سئو سالن کان جديد سنڌي شاعريءَ وڏو پَنڌُ ڪيو آهي. مذهبي رزميه، ڪلاسيڪل ۽ لوڪ شاعريءَ کان وٺي جديد، ترقي پسند، روشن خيال، انقلابي ۽ ويندي هڪ حد تائين روايتي شاعريءَ جي ڪجهه پاسن پڻ سنڌي ٻوليءَ کي ٻوليءَ، فن، اظهار، خيال، تخيل، تفڪر، حَساسيت ۽ اَنيڪ حوالن سان بيحد مالامال ڪيو آهي ۽ اِهو سفر نه رُڪيو آهي ۽ نه هن موجوده نام نهاد ”جديديت پُڄاڻان“ دور ۾ رُڪڻو آهي. موجوده سنڌ ۾ شاعرن جي وڏي هُجوم ۾ گهڻا اهڙا به آهن، جيڪي جيڪو لکن ٿا، ان کي سچ پچ به شاعري سڏي سگهجي ٿو. موجوده دور ۾ اشفاق آذر به اهڙن اهم شاعرن مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ هن جو گهڻو تعارف هڪ برک صحافيءَ ۽ ڪالم نگار جو آهي پر منهنجيءَ نظر ۾ هن جو بنيادي حوالو شاعريءَ جو آهي ۽ شاعر جي حيثيت جو آهي.

16/02/2020

ڪلاس فور جي محبوبا - تبصرو: ابوذر انصاري (Abuzar Ansari)


 تبصرو: ابوذر انصاري 
ناول: ڪلاس فور جي محبوبا
ليکڪ: ممتاز بخاري

جيڪڏھن ناول جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته ناول تي ڪالہه جي ڀيٽ ۾، اڄ طبع آزمائي مڙئي سرس ٿي رهي آهي جا ڳالھ سنڌي ادب لاءِ سٺو سنوڻ آهي، پر ناول جي معيار کي ڏسجي ٿو ته ڪجھ آڳرين تي ڳڻڻ جيترا ئي اهڙا ناول آهن جيڪي پڙهندڙ کي ناول جهڙي پياري صنف پڙهڻ لاءِ اتساهن ٿا، ته ٻئي طرف ليکڪ کي سٺي ناول نگار جي حيثيت سان سڃاڻپ ڏيارن ٿا.
ممتاز بخاري جي ناول ”ڪلاس فور جي محبوبا“ کي به مٿين چند ناولن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.

08/01/2020

روشنيءَ جو آبشار (مهاڳ) - ڊاڪٽر احسان دانش (Dr Ahsan Danish)


ڊاڪٽر احسان دانش
روشنيءَ جو آبشار
پروفيسر مختيار احمد سمي جي ڪتاب
”دنيا جون درسگاهون“ (ڀاڱو ٻيو) جو مهاڳ

ننڍي لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو ته ’علم روشني آهي....‘ ٿوري سمجھ وڌي ته خبر پئي ته روشني وقت جي پيمائش جو ذريعو به آهي، خاص طور خلا ۾ ترندڙ سيارن جي وچ واري فاصلي کي نوري سالن سان ماپيو ويندو آهي. اڳتي هلي ذهن جي کڙڪي اڃا به کُلي ته پتو پيو ته زندگيءَ ۾ ان روشني ۽ نور جي ڪيڏي اهميت آهي ــ سج جي روشني، چنڊ جي وجود کي روشن ڪري ٿي ۽ اک جو نور زندگيءَ کي. حاصل مطلب ته بي نور زندگيءَ سان نه وقت جي پيمائش ڪري سگھجي ٿي ۽ نه جهانِ رنگ و بو کي پَسي سگھجي ٿو..... ۽ هتي نور مان مراد علم ئي آهي، جنهن بابت ننڍي لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو هيو ته ’علم روشني آهي......‘

جادو ۽ سائنس (ڪتاب)


جادو ۽ سائنس (ڪتاب)

جادو ۽ سائنس (جلد پهريون ۽ ٻيو)
مصنف سرجيمس جارج فريزر، سنڌيڪار سومار علي سومرو؛
صفحا، ٻئي جلد، پوڻا يارهن سو؛
قيمت__پهريون جلد 8 روپيا، ٻيو 2 روپيا؛
ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ؛
ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، 3_ سول لائينز، حيدرآباد سنڌ، ۽ سڀني شهرن جا وڏا بڪ اسٽال.

وئتپتي ڪوش (ڪتاب) - سراج (Siraj)


سراج
وئتپتي ڪوش (ڪتاب تي تبصرو)

وئتپتي ڪوش: جوڙيندڙ جهمٽمل نارومل وسڻائي،
صفحا 81،
قيمت ڏيڍ روپيو،
ڇپائيندڙ ”سنڌي ادبي بورڊ“
ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، 3_سول لائنس حيدرآباد سنڌ، ۽ سنڌ جا سمورا وڏا بڪ اسٽال.
آزادي کان پوءِ، سنڌ جي اڳئين حڪومت طرفان، سنڌي ادب جي حفاظت ۽ اشاعت لاءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ڪيو ويو. سنڌي ادبي بورڊ هڪ اداري جي حيثيت ۾ ادب جي سڀ کان وڌيڪ خدمت ڪئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي ان خدمت لاءِ مختلف اسڪيمون عمل ۾ آنديون، جن مان لغت اسڪيم، سنڌ جي تاريخ  جي اسڪيم، لوڪ ادب اسڪيم، ۽ پراڻي ادب کي وري ڇپائڻ جي اسڪيم قابل ذڪر آهن. سنڌي پراڻا ڪتاب اسان جو اهڙو ورثو آهن، جنهن تي جيترو ناز ڪريون، اوترو ٿورو.
تازو سنڌي ادبي بورڊ، ان اسڪيم هيٺ، سرڳواسي جهمٽمل نارومل جو ”وئتپتي ڪوش“ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هي ننڍڙو ڪتاب علم لغت جو هڪ خزانو آهي.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ نظريو اهو به آهي ته اها سنسڪرت جي هڪ اُپڀرنش، وارچڊ ٻولي مان نڪتل آهي.
هِن ڪتاب ۾ اهي سنسڪرت جا ڌاتو گڏ ڪيا ويا آهن، جن مان، جهمٽمل جي خيال موجب، اڪثر سنڌي لفظ ڪڍي سگهجن ٿا.
هن ڪتاب تي جهمٽمل جا محنت ڪئي آهي، ان جو داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. هر ممڪن ڪوشش ڪري، ڪنهن هڪ ئي ڏاتوءَ سان لاڳاپيل سمورا لفظ هڪ ئي هنڌ گڏ ڪيا ويا آهن.
مثال طور، ”دڙ“ مولشبد مان ٽيهه لفظ نڪتل ڏيکاريا ويا آهن. ان مان نه رڳو اشتقاق جي خبر پوي ٿي، پر ٿوريءَ ڦير گهير سان ساڳيا لفظ ڪيئن معنيٰ بدلائين ٿا ۽ هڪ ئي ڪتب جا لفظ ڪهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهن، تنهن ڳالهه جي سڌ پڻ پئجي وڃي ٿي.
علم الغت سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ هيءُ هڪ املهه خزانو آهي. هيءُ ڪتاب، سٺي پني تي، ادبي بورڊ جي روايتي خوبصورت ڇپائيءَ سان شايع ٿيو آهي.

امداد حسينيءَ جون ڪهاڻيون - نصير سومرو (Naseer Soomro)


نصير سومرو
امداد حسينيءَ جون ڪهاڻيون

ڪاليج جا ڏينهن هئا، پهريون پهريون فلم ڪنهن سينيما ۾ ڏٺم. فلم بينيءَ جو شوق يونيورسٽي جي شاگرديءَ تائين برقرار رهيو. ان کان پوءِ سئنيما واري گھرج ڊش ۽ ڪيبل ٽيليويزن جي ڳچ چئنلن مان پوري ٿيڻ لڳي. فلمي رومانس البت، جهڙو اڳ هو، تهڙو اڄ به آهي. رومانس، جيڪو گھڻا رومانس ڏيکاري ٿو. محبت جو رومانس، انقلاب جو رومانس... رومانس تي رومانس، خوابن وانگر آهي. خوابن جي ساڀيان پنهنجي حياتيءَ ۾ نه به ملي، منجھن ويساهه، اُتساهه ڏئي ٿو. اُتساهه ئي ته جيون رس آهي.
فلمي ڳالهيون ضروري نه آهي ته وڏيون هجن. ننڍيون ننڍيون ڳالهيون به حياتيءَ جي حسناڪين جا رنگ چٽين ٿيون. هوليءَ جي رنگن جيان حسناڪين جا چٽ پنهنجي چوڌاري ٽڙيل پکڙيل هوندا آهن، پر انهن ڏي ڌيان نه ويندو آهي. ڌيان لاءِ به تخليقي ڏات کپي. ڏات هوندي ته من اندر جو احساس اظهاري سگھبو. ڏات دل جو ڪڙو کڙڪائي ته ’امداد آهي رول‘ جهڙو تجربو ڪجي ٿو. سن 1976ع ڌاري ڇپجندڙ ان مجموعي، جنهن اياز جي شاعريءَ جهڙي ئي نوجوان ٽهيءَ ۾ مقبوليت ماڻي، جو خالق امداد حسيني آهي. سندس ٻيا مجموعا، ’هوا جي سامهون‘، ’ڪِرڻي جهڙو پل‘ پڙهندڙن کي مليا آهن.

30/07/2019

ڄيٺي لالواڻيءَ بابت روشن گولاڻيءَ جي تحقيق جو تنقيدي جائزو - پروفيسر محمد سليم ميمڻ (Prof Saleem Memon)


پروفيسر محمد سليم ميمڻ
ڄيٺي لالواڻيءَ بابت روشن گولاڻيءَ جي تحقيق جو تنقيدي جائزو
(ڪتاب بابت رايو)
هند سنڌ ۾، علم ادب، تحقيق، لوڪ ادب ۽ ناٽڪ جي حوالي سان سٺي ساک رکندڙ ”ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي زندگي، علمي ادبي جاکوڙ، لوڪ ادب، ٻاراڻي ادب“ بابت هڪ تحقيقي ۽ جامع ڪتاب سامهون آهي. دراصل اهو هڪ پي ايڇ ڊي جو مقالو آهي، جيڪو ڊاڪٽر روشن گولاڻي صاحب جي تحقيق جو ثمر آهي.

ڊاڪٽر روشن پنهنجي ليکي هڪ نوجوان ليکڪ، سٺو فنڪار، مترجم، ڪالم نگار ۽ سماجي ڪارڪن آهي. هن هندستان جي ڪيترن ئي سنڌي ساهتيه اڪيڊمين پاران ڪوٺايل سيمينارن ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پڙهيا آهن، جن کي وقت جي وڏن عالمن ۽ محققن پاران مڃتا ملندي رهي آهي ته ساڳئي وقت مختلف ادارن پاران کيس ستن اهم  ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو آهي، جنهن ۾ ”ماستر چندر ايوارڊ 2012ع“ پڻ شامل آهي.

فياض ڏاهريءَ جي شعري مجموعي ”هينگ اوور“ جو مهاڳ - ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري (Dr Mubarak Lashari)


ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

فياض ڏاهريءَ جي شعري مجموعي ”هئنگ اوور“ جو مهاڳ

1982ع ۾ زاڪ ڊيريڊا کان هڪڙي انٽرويو ڪندڙ پڇيو ته ”اوهان جي فلسفي ۾ ماءُ ڪير آهي؟“ ڇو ته زاڪ ڊيريڊا رد تشڪيل يا جديديت پڄاڻان واري فلسفي واري لاڙي جو سڀ کان منفرد ۽ انوکو فلسفي رهيو آهي، جنهن پنهنجي ساختيات پڄاڻان واري لاڙي ۾ رد تشڪيل جي ٽيڪنيڪ تحت ڳالهين، ڊسڪورس ۽ شين جو رد تشڪيل يعني خيال جا ٻيا ڪيترائي لڪل رخ پيش ڪري، سوچڻ ۽ فڪر جا انتهائي نوان ۽ اڻ ڇهيل زاويا ڏنا آهن. انهن زاوين سبب سموري دنيا جي ڊسڪورس جو محور ئي تبديل ٿي ويو آهي. ڄڻ ته روايتي طرح جيڪڏهن سج اوڀر کان اڀري رهيو هو ته بنهه گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته اهو سج اولهه، ڏکڻ يا اتر کان به اڀري سگهي ٿو. هي اُهو زاويو هو جيڪو ماڻهو صرف روايتي طرح رهي رهي ٻيو رخ ڀلجي ويا هئا ڄڻ ته انهن کي (رد تشڪيل ذريعي) نئين انداز ۾ سوچڻ جو رينائسان يعني نئين جاڳرتا ملي هجي. بيشڪ ته رد تشڪيل، پوسٽ ماڊرنزم ۽ ساختيات پڄاڻان سوچ ۽ فڪر جا هڪڙا نوان رينائيسان Renaissance  يعني نئين جاڳرتا جا پنڌ آهن.