اڪبر
لغاري (Akbar
Laghari)
سندرتا ۽ ڪروڌ
ناول جو
تنقيدي جائزو
نور جوڻيجي جو هي ٻيو ناول آهي، اسلوب، ٻولي ۽ ڪردارنگاري جي حوالي سان پهرئين
ناول سان تمام گھڻي مشابهت رکي ٿو.
هن ناول جي ڪهاڻي هڪ افساني جيتري ئي آهي مس.
سنڌياچ ۽ ميرا، حيدرآباد ۾ هڪ اين جي او ۾ گڏ ڪم ٿا. ميرا عمر توڙي عهدي ۾ سنڌياچ
کان ڪجه سينئر آهي. ٻنهي جي ذاتي زندگي هڪ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل آهي. ٻيئي سٺا دوست ۽
هڪٻئي کي پسند ڪندڙ آهن، ڪچهريون ڪن ٿا، هوٽلنگ ڪن ٿا ۽ گڏجي سگريٽ پيئن ٿا. ٻنهي
کي هڪٻئي جي زندگي جي ڪا ڄاڻ ڪونهي پر ٻيئي حقيقت ۾ ڏاڍا اداس ۽ اندروني طور ٽٽل
لڳن ٿا. هڪ ڏينهن ميرا کيس ميرپورخاص پهچڻ جو چوي ٿي ۽ پاڻ سنڌياچ کان پهرين
ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تي پهچي وڃي ٿي جتي هوءَ پنهنجي ماضي تان پردو کڻي ٿي. خبر
ٿي پوي ته ميرا جو تعلق ٿر جي سوڍن راجپوتن سان هو جيڪي پنهنجين ڇوڪرين جون شاديون
بارڊر جي هن پار ڪرائيندا آهن. چوڏهن سالن جي عمر ۾ کيس ۽ ٻين ڇوڪرين کي، ڀارت مان
آيل ڪجه ماڻهو زبردستي گهليندا، ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تان ٽرين ۾ چاڙهي،
کوکراپار جي ذريعي راجسٿان پهچائين ٿا. اتان ميرا جو مڱيندو کيس پنهنجي ڳوٺ بدران،
جوڌپور ويجهوهڪ ڳوٺ بشنوئي وٺي وڃي ٿو جتي محفل سجيل آهي ۽ رقاصائون گھومر رقص
ٿيون ڪن. ميرا جو مڱيندو آفيم کائي بي سڌ سمهي ٿو رهي ۽ رقاصائون، ميرا کي پاڻ سان
گڏ وٺي وڃن ٿيون ۽ کيس رقص سيکارين ٿيون. ميرا رقص ۾ ماهر ٿي وڃي ٿي ۽ سڄي راجسٿان
۾ پنهنجي رقص ۽ حسن سبب مشهور ٿي وڃي ٿي. رقاصائن جو سربراه، ميرا کي ڪلڪتي جي
بازار حسن ۾ وڪڻي اچي ٿو جتي هوءَ تيرهن سال رهي ٿي. اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ماڻهو
ميرا تي موهت ٿي پوي ٿو ۽ کيس اتان خريد ڪري پاڪستان وٺي اچي ٿو. جتان پوءِ ميرا،
اين جي او جي جهان ۾ داخل ٿي فليٽ ۽ ڪار جي مالڪياڻي به ٿي وڃي ٿي جتي سنڌياچ به
ڪم ڪري ٿو.










