19/05/2020

”ننڍڙو سنڌي وياڪرڻ“ (جلد پھريون) - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
گرامر جو ڪتاب:
”ننڍڙو سنڌي وياڪرڻ“ (جلد پھريون)


سنڌي گرامر جو هيءُ ڪتاب، گڏيل طور، مرزا قليچ بيگ ۽ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي صاحبن جو لکيل آهي. موجود ڪتاب، ٽيون ڇاپو آهي جنھن تي ڇپائيءَ جو سن لکيل نه آهي، البت ڪتاب ۾، ڀيرومل جي لکيل پيش لفظ، بعنوان ”منڍ“ ۾، 3-نومبر 1926ع لکيل آهي، جنھن مان نتيجو نڪري ٿو ته ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1926ع کان اڳ يا ان ئي سال ڇپيل آهي. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائز ۾، 64 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو ڀيرومل پاڻ، پريمئر پريس حيدرآباد مان ڇپرائي پڌرو ڪيو.
هن ڪتاب جي سر ورق تي لکيل آهي: ”سنڌي چوٿين ۽ پنجين، ۽ انگريزي پھرين درجي جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ“. هيءُ ڪتاب تعليم کاتي سنڌ پاران منظور ڪيل درسي ڪتاب آهي ۽ ان جي ڏنل نصاب موجب آهي، ان ڪري ڪتاب اندر چِٽو ڪيل آهي ته منجهس ضميرن ۽ فعلن جي قسمن توڙي زمانن بابت مواد شامل نه ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي ”منڍ“ ۾ ڀيرومل لکي ٿو، ”ٻنهي ڀاڱن [جُلدن] تي مون گهڻي محنت ڪئي آهي، پر انهن ۾ مرزا صاحب جي محنت جو به حصو آهي. هن صاحب ٻئي ڀاڱا چڱي طرح نظر مان به ڪڍيا آهن، جنھنڪري انهن جي صحيح هئڻ بابت اسين ٻئي هڪ جيترو ئي جوابدار آهيون.“ منڍ ۾ اها وضاحت پڻ آيل آهي، ته ان ڪتاب لاءِ مرزا صاحبَ، ڀيرومل کي پنهنجي گرامر جو دستخط نسخو موڪلي ڏنو هو جنھن ۾ گهربل ڦيرڦار جي اجازت به کيس ڏني هئي.
هن ڪتاب جو متن 60 صفحن تي مشتمل آهي، جنھن ۾، ڀاڱو پهريون ”ڳالهائڻ جا لفظ“ رکيل آهي، جنهن ۾ هيٺيان باب آهن: باب پھريون ’اسم‘، باب ٻيو ’فعل‘، باب ٽيون ’ضمير‘، باب چوٿون ’صفت‘، باب پنجون ’ظرف‘، باب ڇهون ’حرف جر‘، باب ستون ’حرف جملو‘، باب اٺون ’حرف ندا‘، باب نائون ’ڳالهائڻ جا لفظ‘، ۽ باب ڏهون ’ترڪيب‘. ڀاڱي ٻئي ۾ هي باب آهن: باب يارهون ’جنس‘، باب ٻارهون ’عدد‘، باب تيرهون ’حالت‘، باب چوڏهون ’اسم جو ڦيرو‘، باب پندرهون ’ضميرن جو ڦيرو‘، ۽ باب سورهون ’فعلن جا گردان. آخري ڀاڱي ٽئين ۾ هي باب شامل ڪيل آهي: باب سترهون ’جملو‘.
مجموعي طور هيءُ هڪ ننڍڙو پر سٺو، جامع ۽ مثالن سان سمجهايل وياڪرڻ جو ڪتاب آهي، جنھن جي مطالعي سان، گرامر جا بنيادي تصور سمجهايا ويا آهن.

18/05/2020

يوال نوح حراري جو پهريون ڪتاب - حبيب سنائي (Habib Sanai)


حبيب سنائي
يوال نوح حراري جو پهريون ڪتاب
Sapiens: A Brief History of Human Kind
 چند سال اڳ پياري لياقت رضوي صاحب جي فيسبڪ تي جوڙيل گروپ تي ڪنهن صاحب جي نشاندهي تي مون يوال حراري جا ٻه ڪتاب Sapiens: A Brief History of Humankind ۽ Homo Dues: A brief History of Tomorrow ريڊنگ ڪتاب گهر لاهور تان گهرايا. پهرئين ڪتاب جو هڪ اڌ باب پڙهي ڇڏي ڏنم. اصل ۾ منهنجو خيال هو ته  ان ڪتاب ۾ شروع کان وٺي هيستيائين جي دور جي عالمي سياسي، سماجي يا اقتصادي تاريخ هوندي، پر ان ۾ ته رڳو حضرت انسان جي پنهنجي سماجي ۽ ذهني ارتقا جو قصو هو، تنهنڪري مايوسي مان ڪتاب کي پڙهڻ ڇڏي ڏنم.
پر ڀلو ٿئي پياري منوج جو، جنهن يوال جي ٽئين پر تازي ڪتاب 21 Lessons for 21 century جي تعريف ڪئي، سو هرکجي اهو ڪتاب به ريڊنگ تان گهرايم ۽ پڙهڻ لڳس. ڪتاب دلچسپ لڳو ۽ پڙهي پورو ڪيم. ان ڪتاب تي ڪافي صاحبن لکيو آهي، تنهن ڪري ان جي مکيه نڪتن کي نٿو ورجائجي. ان کان پوءِ ياد آيم ته سندس ٻه ڪتاب ڪٻٽ ۾ پيل آهن، جيڪي به پڙهڻ گهرجن. ائين سندس پهرئين ڪتاب سيپيئنس Sapiens کي نئين سر پڙهڻ شروع ڪيم.

07/05/2020

سندرتا ۽ ڪروڌ ناول جو تنقيدي جائزو - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري (Akbar Laghari)
سندرتا ۽ ڪروڌ
ناول جو تنقيدي جائزو

نور جوڻيجي جو هي ٻيو ناول آهي، اسلوب، ٻولي ۽ ڪردارنگاري جي حوالي سان پهرئين ناول سان تمام گھڻي مشابهت رکي ٿو.
هن ناول جي ڪهاڻي هڪ افساني جيتري ئي آهي مس. سنڌياچ ۽ ميرا، حيدرآباد ۾ هڪ اين جي او ۾ گڏ ڪم ٿا. ميرا عمر توڙي عهدي ۾ سنڌياچ کان ڪجه سينئر آهي. ٻنهي جي ذاتي زندگي هڪ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل آهي. ٻيئي سٺا دوست ۽ هڪٻئي کي پسند ڪندڙ آهن، ڪچهريون ڪن ٿا، هوٽلنگ ڪن ٿا ۽ گڏجي سگريٽ پيئن ٿا. ٻنهي کي هڪٻئي جي زندگي جي ڪا ڄاڻ ڪونهي پر ٻيئي حقيقت ۾ ڏاڍا اداس ۽ اندروني طور ٽٽل لڳن ٿا. هڪ ڏينهن ميرا کيس ميرپورخاص پهچڻ جو چوي ٿي ۽ پاڻ سنڌياچ کان پهرين ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تي پهچي وڃي ٿي جتي هوءَ پنهنجي ماضي تان پردو کڻي ٿي. خبر ٿي پوي ته ميرا جو تعلق ٿر جي سوڍن راجپوتن سان هو جيڪي پنهنجين ڇوڪرين جون شاديون بارڊر جي هن پار ڪرائيندا آهن. چوڏهن سالن جي عمر ۾ کيس ۽ ٻين ڇوڪرين کي، ڀارت مان آيل ڪجه ماڻهو زبردستي گهليندا، ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تان ٽرين ۾ چاڙهي، کوکراپار جي ذريعي راجسٿان پهچائين ٿا. اتان ميرا جو مڱيندو کيس پنهنجي ڳوٺ بدران، جوڌپور ويجهوهڪ ڳوٺ بشنوئي وٺي وڃي ٿو جتي محفل سجيل آهي ۽ رقاصائون گھومر رقص ٿيون ڪن. ميرا جو مڱيندو آفيم کائي بي سڌ سمهي ٿو رهي ۽ رقاصائون، ميرا کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃن ٿيون ۽ کيس رقص سيکارين ٿيون. ميرا رقص ۾ ماهر ٿي وڃي ٿي ۽ سڄي راجسٿان ۾ پنهنجي رقص ۽ حسن سبب مشهور ٿي وڃي ٿي. رقاصائن جو سربراه، ميرا کي ڪلڪتي جي بازار حسن ۾ وڪڻي اچي ٿو جتي هوءَ تيرهن سال رهي ٿي. اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ماڻهو ميرا تي موهت ٿي پوي ٿو ۽ کيس اتان خريد ڪري پاڪستان وٺي اچي ٿو. جتان پوءِ ميرا، اين جي او جي جهان ۾ داخل ٿي فليٽ ۽ ڪار جي مالڪياڻي به ٿي وڃي ٿي جتي سنڌياچ به ڪم ڪري ٿو.

30/04/2020

شيخ اياز جا سنگيت ناٽڪ - ڊاڪٽرفياض لطيف (Dr. Fayaz Latif)


ڊاڪٽرفياض لطيف

شيخ اياز جا سنگيت ناٽڪ ــ هڪ مطالعو


Abstract:
The ‘drama’ in the form of poetry is known as ‘poetic play’ or ‘verse drama’ in English literature. It is the kind of play in which dialogues are in poetic form and actors deliver them like the way poetry is recited. In Sindhi literature the Italian term ‘Opera’ is commonly associated with poetic drama. Like other forms of poetry and drama; poetic play has been a very important feature of Sindhi literature.  Shaikh Ayaz has written four poetic plays: Dodey Soomrey Jo Mot (Death of Dodo Soomro), Ranni Kot` Ja Dharel` (Dacoits of Ranni Kot) , Bhaghat Singh Khe Phasi (Hanging of Bhaghat Singh) and the short play for children Mundun Jo Mandal (Setting of Seasons).
This research article is an in-depth study of Shaikh Ayaz’s all four poetic plays keeping in view his poetic style and the contemporary trends in play writing.
Key words: drama, poetic play, opera, poetic style, contemporary trends.
     
منظوم ڊرامو يا سنگيت ناٽڪ (poetic play or verse drama)، جنهن لاءِ اسان وٽ  اوپيرا (Opera) جو  لفظ پڻ مستعمل آهي، سو اصل ۾ ڊرامي جو هڪ قسم آهي، جيڪو غَنائيه/ منظوم هوندو آهي. ”اُن جا مڪالما مترنم هوندا آهن، جيڪي موسيقيءَ جي سُرن ۾ ڳايا ويندا آهن. اوپيرا ۾ ترنم ۽ غَنائيت ٻئي عنصر لازم آهن ۽ اهي ئي اوپيرا جي شناخت هوندا آهن، انهن کان سواءِ ان کي ’اوپيرا‘ چئي نه ٿو سگهجي.“ (1).
شاعريءَ جي ٻين صنفن وانگر منظوم ڊرامي جو پڻ پنهنجو هڪ فڪري ۽ احساساتي سحر ۽ اثر آهي. ”ڪنهن به شيءِ يا وستوءَ کي ٻُڌڻ يا پڙهڻ کان وڌيڪ ڏسڻ سان سٺي نموني سمجهي ۽ هينئين سان هنڊائي سگهجي ٿو، ان ڪري سنگيت ناٽڪ کي فڪر، خيال ۽ مافي الضمير جي اظهار جو بهترين وسيلو سمجهيو ويو آهي“(2).

27/04/2020

شيخ اياز جي شاعريءَ تي رابندرناٿ ٽئگور جا اثر - ڊاڪٽر فياض لطيف (Dr. Fayaz Latif)


ڊاڪٽر فياض لطيف

شيخ اياز جي شاعريءَ تي رابندرناٿ ٽئگور جا اثر

Abstract: Rabindranath Tagore was not only a Bengali poet, Novelist, short-story writer, song composer, playwright, essayist, painter, Educationist, and the myriad – minded man, who introduced new forms of prose and poetry in Bengali language and literature, But he changed all colloquial and traditional models of classical Sanskrit. He was highly influential in introducing Indian culture to the West and vice versa, and he is generally regarded as the outstanding creative artist of early 20th-century India. In 1913 he became the first non-European to receive the Nobel Prize for Literature.
He was a real genius; who is best-known to East as well as West, for his philosophy and creative writings. Tagore’s poems are virtually untranslatable. The melody and ecstasy he tipped into his poems, is spectacular and unique. For his multidimensional and marvellous literary works, he achieved considerable popularity among all classes of East and West. The poetry of Tagore not only contains natural beauty and environmental splendour but it interprets human virtues and all other substances and panoramas related earth to sky. He is very rich in content, quality, versatility and aesthetics. No doubt poetry of Tagore is mystical mirror, in which we can see inner face and objective beauty of the universe. In this research paper I have discussed different aspects and similarities available in the poetry of Sheikh Ayaz and Rabindranath Tagore. From comparative and comprehensive study of both poets poetry, I have come to conclusion and tried to prove with examples that Sheikh Ayaz has got a lot of impacts; from the poetry of Rabindranath Tagore.

شاعرن، فنڪارن ۽ فنون لطيفه سان لاڳاپيل اڪثر ماڻهن جا من ڪنول جي گل وانگر اُجرا، نفيس ۽ نازڪ ٿيندا آهن. اهي توڙي جو گدلي سينور جهڙن سماجن ۾ پيدا ٿيندا، اُڀرندا ۽ اُسرندا آهن، پر انهن جون دليون ماڻهن جي دردن، دماغ روشن خياليءَ ۽ احساس آجپي جي خوبصورت خوابن سان مالامال هوندا آهن. اهي پنهنجي مزاج ۽ سُڀاءُ ۾ ابابيلن جهڙا معصوم ۽ خوبين ۽ خصلتن ۾، گلن جيان خوشبو ڏيندڙ ٿيندا آهن. انهن جي سُڳنڌ ۽ سرهاڻ سڀني لاءِ هوندي آهي. جيئن سج جي روشني ۽ چنڊ جي چانڊوڪي سڀني لاءِ هوندي آهي، ائين انهن جون علمي ۽ ادبي ڪاوشون ۽ انهن جو فڪري ڦل پڻ سڀني لاءِ هوندو آهي.

25/04/2020

ڊاڪٽر بلوچ جي شخصيت ۽ شاهه تي ڪيل ڪم جو اڀياس - ڊاڪٽر فياض لطيف (Dr. Fayaz Latif)


ڊاڪٽر فياض لطيف

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي شخصيت ۽ شاهه لطيف تي ڪيل ڪم جو مختصر اڀياس

Abstract:
 Dr Nabi Bakhsh Khan Baloch was a prominent scholar, Researcher, Educationist, Historian, Administrator, translator, Critic, Linguist, and above all a multidimensional man, who has given new trends and tracks to Sindhi Language and Literature, especially in the arena of Folk Literature and compilation and explanation of `Shah jo Risalo`, in ten volumes is his great and matchless contributions. Baloch sahib was a versatile researcher and a genius Writer, who not only have command over Sindhi, Balochi, Siraiki, Urdu, Arabic, Persian and English Languages, but he had his own vision and wisdom. Dr. sahib not only have given a lot of books on different themes and thoughts to Sindhi Literature but he established many cultural, educational and research institutions in Sindh. He dedicated his entire life, for the betterment of Sindhi Language and Literature. No doubt his towering personality will always be remembered in Sindh and all over the world for his Literary and research works.
In this research paper it is tried to discuss different aspects of personality and possess of baloch Sahib and apprehended some sights of his intellectual achievements, particularly in the field of Sindhi Language, Literature, History and specially Shah jo Risalo.            

ادب ۽ تاريخ جي تاليف، تدوين، تخليق، تحقيق ۽ ترويج جي سلسلي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ادب تي، خاص طرح سان پنجن عالمن، اديبن ۽ عِلم پَروَرن جا وڏا وَڙَ آهن، جن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه، ترقي ۽ ترويج لاءِ، نه رڳو عمر ڀر پاڻ پتوڙيو ۽ ان جي سگهائي ۽ سندرتا لاءِ پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي، پر انهن ان جي ڀلي ۽ بهتريءَ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون، وسيلا، سُرت، سگهه، علم ۽ دانش پڻ صرف ڪيون آهن.
انهن سُماني هستين مان سڀ کان پهريون نالو شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو اچي ٿو، جنهن پنهنجي گهڻ رُخي علمي، ادبي، تاريخي، تخليقي، لسانياتي ۽ ترجمي جي پورهئي سان، نه فقط سنڌي ادب، ٻولي ۽ ڪلچر جي نئين سِر تعمير ڪري، ان جا بنياد مضبوط ڪيا، ان کي نين روايتن، نئين اسلوب ۽ ترقي پسند سوچ سان روشناس ڪيو، پر ان کي گھڻ پاسائين تخليقي وسعت، جدت ۽ فني فڪري حُسناڪي عطا ڪري، سنڌي ادب کي ان پد تي رَسايو، جو اهو ڪنهن حد تائين ادب جي دنيا ۾ پاڻ ڳڻائڻ جي قابل ٿي سگهيو.

23/04/2020

ڪهاڻين جو مجموعو ”ڪائنات جو موت“ - عظيم رونجهو (Azeem Roonjho)


عظيم رونجهو
جعفر شاهاڻي جي ڪهاڻين جي مجموعي ”ڪائنات جو موت“ تي هڪ نظر


جعفر شاهاڻي سان منهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه E-chat جي ذريعي هلال پاڪستان اخبار ۾ سنڌي ادب ۾ تنقيدي رجحانن جي حوالي سان شايع ٿيندڙ هڪ مضمون جي باري ۾ ٿي. ان وقت تائين آئون سندس پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب ”اذيتن جي آس“ پڙهي چڪو هئس، پر مون ان ڪتاب تي پنهنجي ڪا راءِ نه رکي هئي. خوشي ان ڳالهه جي ٿي جو پاڻ ئي چيائين ته سندس ٻيو ڪهاڻي ڪتاب ”ڪائنات جو موت“ ڇپجي رهيو آهي ۽ مون ڪوشش ڪئي آهي ته ان ڪتاب ۾ اهي غلطيون نه هجن جيڪي پهرئين ڪتاب ۾ ٿيون آهن. ڪنهن به ليکڪ جي پنهنجي پاڻ ڏانهن تنقيدي نظر يقينن هڪ خوش آئند ڳالهه هوندي آهي، ان ڪري جعفر شاهاڻي جي ٻئي ڪتاب جو مون انتظار پئي ڪيو، جيئن ڪتاب ڇپيو ته پياري سعيد سومري کي چيم ته موڪلي، ان بنا دير جي موڪلي ڏنو.

21/04/2020

ناولٽ: ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)

اڪبر لغاري
ناولٽ: ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ



گوٿڪ ادب (خوف، موت، رومانس ۽ زندگيءَ جو ڀيانڪ رخ) ۾ ڪيترائي ناول ۽ فلمون مشهور ٿيون جن ۾ فرئڪنسٽائين، ڊراڪولا، پڪچر آف ڊورين گري ۽ ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ وڏي شهرت ماڻي ۽ وڏي عرصي بعد اڄ به سندن مقبوليت ۾ ڪا گھٽتائي نه آئي آهي.
رابرٽ لوئي سٽيوينسن هي ناولٽ 1886 ۾ لکيو، جيڪو ترت ئي برطانيا ۽ آمريڪا جي ادبي افق تي ڇانئجي ويو. ڪهاڻي ڪجھ ان طرح آهي ته لنڊن ۾ ڊاڪٽر جيڪل هڪ معزز ۽ ڏاهو ماڻهو آهي جيڪو انسان جي شخصيت جي ٻٽي پهلو تي سائنسي ريسرچ ڪرڻ لاءِ پنهنجي گھر ۾ ليبارٽري قائم ڪري ٿو ۽ مختلف تجربا ڪري هڪ مشروب ايجاد ڪري، ان جو تجربو پنهنجي پاڻ تي ئي ڪري ٿو. مشروب پيئڻ کان پوءِ سخت جسماني عذاب مان گذرندي، ڊاڪٽر محسوس ڪري ٿو ته سندس اندر جو منفي انسان جاڳي چڪو آهي جيڪو بيحد طاقتور، نوجوان ۽ زندگي سان ڀرپور آهي. هو جڏهن آئيني ۾ پنهنجي پاڻ کي ڏسي ٿو ته حيران ٿيو وڃي. سندس قد گھٽجي چڪو هو، شڪل بدلجي چڪي هئي ۽ چهري تي وڏي ڦٽڪار هئي. هي رات جو تيار ٿي، پنهنجي گھر جي چور دروازي کان نڪري ٿو ۽ ڳاڙهي بازار ۾ وڃي اتي رنگ رليون ملهائي ٿو. جنهن عورت سان سمهي ٿو، ان تي بيدرديءَ سان تشدد به ڪري ٿو. واپس اچي ٻيو مشروب پيئي ٿو ۽ واپس پنهنجي اصلي شڪل ۾ اچي وڃي ٿو. کيس پنهنجي رويي تي بيحد افسوس ٿئي ٿو پر تجربي خاطر ان کي برداشت ڪري ٿو. پنهنجي ٻئي وجود کي هُو ”مسٽر هائيڊ“ جو نالو ٿو ڏئي.

19/04/2020

زخمي چانڊيي جي ٻارن لاءِ سرجيل شاعري ”مٺڙا ٻار“ جو جائزو - فقير محمد سنڌي (Faqeer Muhammad Sindhi)


فقير محمد سنڌي 
زخمي چانڊيي جي ٻارن لاءِ سرجيل شاعري ”مٺڙا ٻار“ جو جائزو

مون کي نه سونُ گھرجي، نه چاندي گهرجي،
مون کي انساني ضمير قُلعي ڪرائي ڏي.
                                      (استاد دامن)
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد جو 73-هون ڪتاب ”مٺڙا ٻار“ جيڪو زخمي چانڊيي جو ٻاراڻي شاعريءَ تي سرجيل آهي. زخمي چانڊيي جي زندگيءَ جو گهڻو حصو ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾ گذريو. زخمي چانڊيي کان وڌيڪ ٻارن جي نفسيات ڪير ورلي ڪو محسوس ڪري سگھندو، ڇو جو هو سنڌ جي مستقبل سان وڌيڪ پيار ۽ پريت ڪندڙ شخص هو. زخمي چانڊيي کي 24 آڪٽوبر 2000ع تي رستي ۾ شھيد ڪيو ويو، جڏهن ته هو ان وقت به ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو هو. زخمي جي هن فاني دنيا مان وڃڻ کان پوءِ شاعريءَ جا مجموعا شايع ٿيندا رهيا، پر هي ٻاراڻي شاعري جو مجموعو سترهن سالن بعد زخمي جو پورهيو سندس پونئرن آڪٽوبر 2017ع تي شايع ڪرايو. اها علم دوستن جي بهترين سنڀال آهي، جنھن ۾ گھر ڀاتي ۽ ادارو جس جا مستحق آهن.

13/04/2020

ڪلهوڙا دَور جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو - فقير محمد سنڌي (Faqeer Muhammad Sindhi)


فقير محمد سنڌي
”ڪلهوڙا دَور جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ تي هڪ نظر!

سنڌوءَ جي سرزمين جا رتنا رنگ ۽ گل سدائين تاريخ کي امرت بخشيو آهي، جنھن ۾ مفڪر، دانشور، فلسفي، سائنس ۽ فنون لطیفہ جي امر شخصن تاريخ کي رقم ڪيو آهي. هڪ اهڙو ئي ڪتاب جيڪو سنڌ جي سرزمين تي حڪمراني ڪندڙن جي دستاويز طور تي سڃاڻپ ڪرائي ٿو. اهڙو تاريخي ڪتاب عباسي ڪلهوڙا تنظيم، سنڌ، ڇپرايو آهي، جنھن کي سائنسي بنيادن تي سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ مترجم جهانگير عباسيءَ ۽ مشتاق ڪلهوڙي مرتب ڪيو آهي.