20/07/2020

عربي ادب ۽ شاعريءَ جو تحقيقي جائزو - عرفان ڏاھري (Irfan Dahri)


عرفان ڏاھري
عربي ادب ۽ شاعريءَ جو تحقيقي جائزو

عربن وٽ سڀ کان پهرئين لفظ ”ادب“ جو استعمال تعليم و تربيت،تهذيب و نفس ۽ اخلاق سيکارڻ وغيره جي معنيٰ ۽ مفهوم هيٺ وجود ۾ آيو.جنهن جو استعمال ساڳي ئي معنيٰ ۾ ايامِ جاهليت واري دور ۾ لکيل ڪجھھ خطن، شاعرن جي شعرن ۽ اسلامي دور ۾ ڪجھھ حديثن وغيره ۾ ملي ٿو،جيئن هڪ حديث ۾ اچي ٿو تھ، ” ادبني ربي فاحسن تاذيبي“  يعني منهنجي رب منهنجي تربيت احسن طريقي سان ڪئي!  اهڙي ريت ” تحفتھ الادب “ وارو صاحب لفظ ”ادب“ بابت لکي ٿو تھ، ” ادب لفظ جي اصل تاريخ بنو اميه جي دور کان شروع ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تھ ان زماني ۾ ئي اهو لفظ رائج ۽ شايع ٿيڻ لڳو ۽ ان زماني کان ئي ان لفظ جو استعمال سڀ کان پهرئين تعليم و تربيت ڪرڻ جي معنيٰ هيٺ وجود ۾ آيو. (ص6،7)“ جڏهن تھ ٻي،ٽئين ۽ چوٿين صدي هجريءَ  ۾ ادب لفظ جي معنائن ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون،جنهن جي نتيجي ۾  پنجين صدي هجريءَ  ۾ ادب لفظ مڪمل طور تي هڪ علم جي صورت اختيار ڪئي،جنهن ۾ نثر ۽ شعر وشاعري سان گڏوگڏ لغت، صرف و نحو،اشتقاق،علم عروض ۽ علم معاني ۽ بديع وغيره جهڙا علم به شامل هئا،پر اڳتي هلي لفظ ادب جو دائرو الڳ مقرر ڪري ان کي هڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت ڏني وئي. اهڙي ريت لفظ ادب ” مادبه “ مان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ دعوت ڏيڻ آهي يعني ڪنهن کي طعام جي لاءِ ڪوٺڻ کي  ”مدعاۃ “  يا  ”مادبه“ چئبو آهي ۽ اصطلاحي معنيٰ ۾ ادب لفظ جو اطلاق ڪنهن سٺي شاعري يا ڪلام ۽ نثر جي لاءِ ٿيندو آهي،جنهن جي باري ۾ ”لسان العرب“  ۾ اچي ٿو تھ ”ادب “ ماڻهن کي هميشه ڀلائي جي لاءِ راغب ڪري ٿو جڏهن تھ برائي کان روڪي ٿو. اهڙي ريت سنڌي شعبي جي هڪ محسن استاد ” ڊاڪٽر فياض لطيف “  شعبي جي هڪ پروگرام ۾ چيو هو تھ ” اهو ادب ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائي ٿو!

04/07/2020

ناول ”زينت“ جو تنقيدي جائزو - ڪامران رند (Kamran Rind)


ڪامران رند
مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو تنقيدي جائزو


ڪنهن بہ سماج جي ترقيءَ ۾ جيترو ڪردار تعليم جو ھجي ٿو اوترو ئي رھنما ڪردار ھڪَ ليکڪ پڻ ادا ڪري ٿو. ليکڪ پنهنجي دؤر جي سماجي، معاشي، ۽ سياسي حالتن جو اظھار ڪرڻ سان گڏ ان وقت موجود سمورن اصولن، ضابطن، قائدن ۽ سماجي قدرن کي بہ وائکو ڪري ٿو. ھڪ تحرير نہ فقط ڪنھن ليکڪ جي خيالن جي آئينادار ٿئي ٿي پر ان دؤر جو سمورو تاڃي پيٽو بہ پڌرو ڪري ٿي.
ڪتابن جي اھميت کان ڪو بہ سوچيندڙ ذھن انڪار نہ پيو ڪري سگهي، ڇو تہ تاريخ جي دريءَ ۾ ڪتابن جي اک سان ئي جهاتي پائي پئي سگهجي. تيئن ئي اگر سنڌ جي اوائلي تاريخ ۽ ادب تي نظر ڦيرائبي تہ ان دؤر ۾ سرجيل ادب ڏانهن ئي نھاربو. سنڌ جي ادبي تاريخ تي جڏھن ڪرڙي اک رکي مطالعو ڪجي ٿو تہ جو نالو نکٽن جيئان نڪري نروار ٿي ٿو بيهي سو آھي مرزا قليچ بيگ. مرزا قليچ بيگ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ھڪَ اهڙي چمڪندڙ ستاري جيئن اھميت ٿو رکي جنهن پنهنجي علمي روشنيءَ ذريعي ھزارين اونداھن ذهنن کي روشن ڪيو ۽ ڏيئي ڏيئي لاٽ مثل ھڪَ وسيع ادبي عمارت جو بنياد وڌو.

ممباسا شيدي باڇا ھمباشا - عاشق چانڊيو (Ashiq Chandio)


عاشق چانڊيو
ممباسا شيدي باڇا ھمباشا!
الطاف شيخ جو آفريڪا جو سفرنامو


لاڙڪاڻي جي لاڙڪاڻه سينٽر ۾ ويٺي ويٺي تنگ ٿي رھيو ھئس، سوچيم ڇو نه ڪو ڪتاب پڙھجي، سنڌ سلامت تي ڪتاب جانچڻ لڳس، سائين الطاف شيخ جو سفرنامو ممباسا شيدي باڇا ھمباشا نظر آيو، ڪلڪ ڪري مضمون جا عنوان ڏسي 'آفريڪا ۾ عورتن جي طُھر جو آزار' پڙھڻ لڳس. جيئن ته ھي مون لئه حيرت ڪُن ڳالھ ھئي ته ڪٿي عورتن جو طُھر به ٿئي ٿو! تنھنڪري دلچسپي سان پڙھڻ لڳم. مضمون پڙھي پورو ڪيم، ڊاڪٽر به آيو پنھنجي ڪم سان لڳي ويس، پاڻ ھيٺ مٿين مضمون بابت ڳالھائينداسين. تنھن ڏينهن کان مون کي سفرنامي پڙهڻ جي ھورا کورا لڳي ويئي. ڪتاب جاچڻ لڳس پر ڪتاب شايد مارڪيٽ مان ختم ٿيل ھو تنھنڪري ملي ڪونه پئي سگهيو پر پوءِ سائين الطاف شيخ پاڻ مھرباني ڪئي ۽ مون کي ڪتاب پڙھڻ لاءِ ملي ويو. ھاڻي پاڻ ڪتاب بابت ڳالھايون ٿا.

ڪيم روح رهاڻ - مختيار راهو (Mukhtiar Rahoo)


مختيار راهو
ڪيم روح رهاڻ: ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي آتم ڪٿا
۽ عوامي تاريخ جي ڳولا


ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي آتم ڪٿا جو ھيءُ ڪتاب پڙهي پورو ڪيو. لنڊڪي جي زردارين مان پهريون پي ايڇ ڊي تائين گھڻو پڙهيو لکيو ماڻهو جيڪو موري شھر جي اسڪول ۾ مٿي تي پٽڪو ۽ ڪنن ۾ پاتل والين سان داخل ٿيو ۽ پوءِ شھر جي ڊگري ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو. ھن جي آتم ڪٿا ڪيئن آھي جو سوال کي ڏاڍي دلچسپ چئي ان جي پڙھڻ جي صلاح ڏئي سگھجي ٿي.

09/06/2020

”پنهون“ ناول جو تنقيدي جائزو - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
”پنهون“ ناول جو تنقيدي جائزو

ادب جا ڪيترائي قسم آهن. هڪڙو ادب رڳو عڪاسي ڪندو آهي ۽ ٻيو عڪاسي ڪرڻ سان گڏ مزاحمت به ڪندو آهي. مزاحمت سياسي ۽ سماجي به ٿيندي آهي ته فڪري، نظرياتي ۽ ثقافتي پڻ. منظور ٿهيم جو هي ناول به مزاحمتي آهي، جنهن ۾ مزاحمت جا سڀ ئي رنگ موجود آهن پر سياسي رنگ وڌيڪ نمايان آهي.
ڄام درڪ هڪ سڄاڻ نوجوان آهي جنهن جي يادگيري ۾ اهو ڀيانڪ منظر نقش ٿيل آهي جنهن ۾ ننڍي هوندي هن جي ڳوٺ تي بمباري ڪئي ويئي هئي. هن جي ملاقات هڪ ٻي نوجوان توڪلي سان ٿئي ٿي جيڪو هڪ محبتي، انقلابي ۽ مدبر ماڻهو آهي. توڪلي جي ڳوٺ مان هڪ نوجوان اچانڪ غائب ٿي وڃي ٿو جنهن جو نالو پنهون آهي. پنهون توڪلي جي ڳوٺ ۾ مهمان بنجي آيو هو ۽ ڪوئيٽا يونيورسٽي جو شاگرد هو. هو يونيورسٽي ۾ هر دلعزيز ۽ هڪ انقلابي جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو.

سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو تحقيق ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب:
سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام


سنڌي شعري ادب جِي تاريخ جي مطالعي سان معلوم ٿيندو ته ڪلاسيڪل دَور جي شاعرن کان وٺي ويهين صديءَ تائين، مختلف شاعرن جي شاعريءَ جا مجموعا، مختصر تعارفن توڙي مفصل مقدمن سميت ڇپيا آهن، جن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف سُوڌو سچل سرمست ۽ ساميءَ سميت مير عبدالحسين سانگي، بيدل ۽ بيڪس، حسين فقير ديدڙ، شاهه محمد ديدڙ وغيره شامل آهن. ان سلسلي هيٺ، ويجهڙ ۾ سيد پير علي شاهه جي متفرقه ڪلام جو مجموعو ”سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام“ جي نالي سان ڇپيو آهي، جيڪو سنڌ جي نامور محقق، لطيف شناس ۽ لوڪ ادب جي ماهر، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو تحقيق ۽ ترتيب ڏنل آهي. پاڻ ان ڪتاب جو ”مقدمو“ ۽ تعارفي ليک ”ڪلام جي سهيڙ“ پڻ لکيو اٿائين.