05/01/2021

ڪتاب ”مِٽيءِ جا شاھڪار“ - خليق ٻگهيو (Khaleeq Bughio)

 خليق ٻگهيو

معصوم بخاريءَ جو ڪتاب

”مِٽيءِ جا شاھڪار“

معصوم بخاريءَ جي مضمونن جو ڪتاب ”مٽيءَ جا شاھڪار“ روميءَ پبليڪيشن حيدرآباد جي اداري طرفان شايع ٿيل آھي. ڪتاب ۾ ليکڪ جي پاران ٻہ اکر لکيا ويا آھن ، ڀلوڙ شاعر وسيم سومري جو تاثر ڏنو ويو آھي، جنھن ۾ ليکڪ سان محبتن/ قربن جو اظھار ڪيو ويو آھي، ۽ ڪتاب جو مھاڳ پي، ٽي وي ڪراچيءَ جي سينئر پروڊيوسر ۽ اديب ڊاڪٽر غلام مصطفي سولنگيءَ لکيو آھي. مھاڳ فڪري سطح تي ڪافي پُر مغز آھي، ائينءَ ٿو لڳي تہ مھاڳ ۾ معصوم بخاريءَ جي مضمونن جي اصلي جوھر تائين ڪجھ رسائي ضرور ڪئي وئي آھي. ڪتاب ۾ يارھن شاعرن جي شاعريءَ تي لکيل مضمون آھن. ھي سڀ مضمون ادبي تقريبن لاءِ لکيا ويا آھن ۽ تقريبن ۾ پڙھيا ويا آھن، ان ڪري ھي مضمون تقريباتي تنقيد جي دائري ۾ اچن ٿا. اردو ادب ۾ تقريباتي تنقيد، خود تنقيد جو خاص قسم قرار ڏنو ويندو آھي پر اھڙن مضمونن ۾ اڪثر تفريظ /ساراھ گھڻي ھوندي آھي ان ڪري تقريباتي تنقيد تي پڻ گھڻي تنقيد ٿيندي رھندي آھي. تقريباتي تنقيد واري ھن ڪتاب جو بئڪ پئيج پياري شاعر صفر ڪلھوڙي نھايت نفيس لھجي ۽ ٻاجھاري انداز ۾ لکيو آھي. ڪتاب جي ڪارنر سائيڊ ۾ فقير تصور ابڙي ۽ فياض ابڙي جا مختصر ترين رايا پڻ آھن.

ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ تي ويچار جي ونڊ - آغا جان آغا (Agha Jaan Agha)

 آغا جان آغا

ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ تي ويچار جي ونڊ...

هُونءَ ته ڪائنات جي سِيني ۾، اَڻ ڳَڻ مواد موجود آهي، پر ان ”هر هڪ“ مواد جي هڪ جهڙي صورتحال ناهي هوندي. ڪئين ڪهڪشان جِلهملائن پيا، ڪئين بُرجَ سورج جي حصار ۾ نغمگي پيا ڪن، ڪئين تارا ساڪنيت ۾ رهندي به، بسرِ اوقات پيا ڪن، ڪئين سَيارا گردش ۾ محوِ سفر آهن، هي اڻ کُٽ خلا خاموش آهي، ۽ سوچين ۾ ڪيڏو اُڌم آهي، هي اُفق جي رنگيني ۾، جيڪي رنگ ڀريل آهن، سَي بيَ در و ديوار قيد ۾ پابند سَلاسِل آهن. انهن ۾ هڪ انسانن جي ڀومي، هي ڌرتي به آهي، جتي حياتي ملي ٿي، اُتي! انسانن جِي تحقيق مطابق، هن ڌرتي کان علاوه، باقي ڪنهن به ڌرتي، ڪنهن به ”سياري“ تي،ڪنهن به قسم جو ڪو به جِيؤُ نِهار جي مطالعات ۾ نه آيو آهي!

25/12/2020

ادريس لغاريءَ جو ڪتاب ”مونکي ماريو سڄڻين“ - نور احمد نظاماڻي (Noor Ahmed Nizamani)

 نور احمد نظاماڻي

ادريس لغاريءَ جو ڇپيل ڪتاب

”مونکي ماريو سڄڻين“

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هجي يا شهيد بينظير ڀٽو هجي، هي ٻئي پيءُ ۽ ڌيءُ سنڌي ماڻهن جي اڪثريت لاءِ هڪ حد کان پوءِ ڄڻ ته ڪنهن وليءَ جو درجو رکن ٿا، ان ڪري هنن جي تعريف ته سدائين پئي ٿيندي آهي پر هنن سياست جي ميدان ۾ اقتدار کان ٻاهر هجڻ جي صورت ۾ ڇا پئي ڪيو؟ ۽ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ڇا پئي ڪيو؟ هنن جو اسٽيبلشمينٽ سان ڪهڙو سهڪار هو؟ ۽ هنن عوام جي ڪهڙي خدمت ڪئي؟ شهيد ڀٽي جو بنگال ڌار ٿيڻ وقت ڪهڙو ڪردار هو؟ آمريڪا لاءِ سندس اصل پاليسي ڪهڙي هئي؟ روس سان سندس اصل رويو ڪهڙو هو؟ سوشلزم لاءِ سندس سوچ ۽ عمل ۾ ڪهڙو تضاد هو؟ هو آمريڪا لاءِ ڪيترو خطرناڪ هو؟ عوامي طاقت تي کيس ڪيترو يقين هو؟ سنڌ لاءِ هن ڇا ڪيو؟ بلوچ ڀائرن سان هن ڪهڙا ڪلور ڪيا؟ ولي خان وارن سان هن ڪهڙو رويو اختيار ڪيو؟ اهي ۽ ٻيا به انيڪ سوال آهن جن جي جواب ۾ ڪو حقيقت کي ويجهو تجزيو اسان کي نٿو ملي، بس گهڻو ڪري هنن جي تعريف پڙهبي ۽ ٻڌبي آهي، پر هنن ٻنهي پيءُ ۽ ڌيءَ جيڪي سياسي بلينڊر ڪيا ان تي تنقيد تمام گهٽ ٿي آهي. ان جو هڪڙو سبب ته اسان کي اصليت جي آگاهي به ڪانهي ٻي ڳالھ ته سچ لکڻ ۾ جان ۽ مال جي نقصان جو هر وقت انديشو رهي ٿو ۽ ٽيون نمبر ڳالھ هي آهي ته هنن جي سياست تي تنقيد ڪري پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن کي ڇيهو ڪير رسائي؟

سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان ليکڪ، محقق، تجزيه نگار، تنقيد نگار ۽ ڪيئي ڪتابن جي مصنف سائين ادريس لغاري صاحب انهن سمورن مفادن ۽ امڪاني خطرن کان بالاتر ٿي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير ڀُٽو جي سياست تي وڏي تحقيق ۽ جاکوڙ کان پوءِ هڪڙو تنقيدي جائزو پيش ڪندي، ”مونکي ماريو سڄڻين“ جهڙو زبردست ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ توهان کي مٿين سوالن جي حقيقي جوابن سان گڏ ٻين انهن سوالن جا جواب به ملي ويندا، جن جي باري ۾ يا ته اسان هوائي ڳالهيون ڪندا آهيون يا ان باري ۾ اسان جي معلومات ذيرو آهي. جيڪڏهن پڙهڻ وارا عقيدي پرستيءَ کي هڪ طرف رکي، هن ڪتاب کي پڙهندا ته آئون سمجهان ٿو ته ليکڪ جو پورهيو سجايو ٿي پوندو.

سياست سان دلچسپي رکندڙن ۽ خاص طور تي شهيد ڀُٽي جي سياست سان دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو کي پهرين فرست ۾ هن ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.

22/12/2020

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اٺ جو ذڪر - ڊاڪٽرعلي اڪبراسيرقريشي (Dr Ali Akber Aseer Qureshi)

 ڊاڪٽرعلي اڪبراسيرقريشي

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اٺ جو ذڪر

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ڪيترن ئي جانورن جهڙوڪ: مينهن، ڏاند، خچر، گڏھ، گهوڙو، ڪتو، سانُ، رڍون، ٻڪريون، مرون، ھرڻ ۽ اُٺ سان گڏ ڪجھ پکين جو ذڪر مذڪور ملي ٿو. اهڙن جانورن ۽ پکين مان شاھ لطيف جي ڪلام جي حوالي سان اٺ جو ذڪر ڪجي ٿو. اٺ کي شاھ ڀٽائيءَ ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ پنهنجي شاعريءَ جو محور ۽ مرڪز بڻايو آهي. مڙني جانورن ۾ اُٺُ نهايت طاقتور ۽ قداور جانور جي حيثيت رکي ٿو. اُٺ کي بار ڍوئڻ جو بادشاھ چيو وڃي ٿو. اٺ لاءِ جابلو پنڌ کان وڌيڪ سولو ريگستاني پنڌ آهي. اٺ هڪ ئي وقت پنهنجي پٺيءَ تي اٽڪل ڏهاڪو مڻ وزن کڻي سگهي ٿو، پر جڏهن اٺ کي ڪنهن گاڏي ۾ جوٽبو ته هڪ سئو مڻن کان ويندي 150 مڻن کان زياده وزن کڻي ٿو. باقي عام ڪري هونئن ته ڏهن مڻن جي وزن کڻڻ جي سگھ رکي ٿو.

04/12/2020

وائي: ڪلاسيڪيت کان جديديت تائين - عباس ڪوريجو (Abbas Korejo)

 عباس ڪوريجو

وائي: ڪلاسيڪيت کان جديديت تائين

 

وائي لاڙ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي سرائتي صنف آهي، جيڪا سنڌي شاعريءَ جي ٻه صديون پراڻي دور کان شروع ٿي ۽ پنهنجي وچين ڪلاسيڪي دور ۾ اعلى مقام تي پهتي ۽ موضوعاتي انفراديت کڻي جديد دور ۾ لکجي رهي آهي. هن صنف لاءِ چيو ويندو آهي ته اها ڳائڻ مان سرجي آهي ۽ هن جو بنياد ڇند يا عروض جي لفظي ڪاريگري بجاءِ تنبوري جي تنوار تي رچيل آهي.

پروفيسر محرم خان لکي ٿو، ”وائي ميان عنات رضويءَ جي وقت ۾ نسري نروار ٿي، ۽ بلال شاهه ۽ لطيف سائينءَ جي دور ۾ وڃي اوج کي پهتي آهي. سندس اهو اوج خليفي نبي بخش ۽ قنبر علي شاهه جي زماني تائين به پوريءَ طرح سان قائم رهيو آهي. سنڌي شاعريءَ جو اهو سڄو ئي دور وائيءَ جي وجود تي ناز ڪندو پئي آيو، تان جو ڪافيءَ اچي اهو ميدان والاريو آهي.“(1)

02/12/2020

ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ تي تبصرو - استاد لغاري (Ustad Laghari)

 استاد لغاري

ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ تي تبصرو

منصور فقيرن جو مسڪن مکي. مکي ٻيلي، مکي ڍنڍ، توڙي مکيءَ واري علائقي بابت، جڏهن به قلمڪارن قلم کنيو آهي، ته انهن پنهنجين تحريرن ۾ گوهر گل آندا آهن. منهنجو پنهنجو بچپن مکيءَ واري مرڪزي علائقي پڪسري بئراج ۽ ان جي آس پاس گذريو آهي. پڪسريءَ مان ڏکڻ اوڀر طرف ڦٽي نڪرندڙ بقار شاخ جي پهريين ۽ چوٿين واٽر تي، اسان جا وڏڙا هارپو ڪندا هئا. منهنجو والد صاحب ڪڏهن ڪڏهن مکيءَ ڍنڍ مان، ملاحن جي ٻانڌن تي ويهي، مڇيءَ جا ڳاڙها ڪُرڙا ۽ سِرهيا ڦاسائي کڻي ايندو هو. اسان جا وڏڙا، پنهنجن ڪکائن گھرڙن ۽ جُهريل جُهونين جُهوپڙين ٺاهڻ جي لاءِ، مکيءَ ٻيلي مان لڙها (ڪايا)، ورا، تُڪا، ٿُوڻيون، ڪانڃڻيون، ڪانن ۽ سرن جا بند ۽ ڪانهن ۽ ڪُوندر جا ڳنڍا وڍي کڻي ايندا هئا.

مون کي مکيءَ ڍنڍ تي، سَير حاصل مقالي لکڻ جو خيال آيو، ته مون پير سيد صبغت الله شاھ شهيد بوائز ڊگري ڪاليج سانگھڙ ۾ وڃي، محترم نواز ڪنڀار، پروفيسر مبين وساڻ، ممتاز علي لغاري، عباس علي لغاري ۽ ولي محمد خاصخيلي صاحبن سان ملاقاتون ڪيون. هن ملاقات ۾ محترم نواز ڪنڀار صاحب ٻڌايو، ته منهنجو تحقيقي ۽ تاريخي ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ تمام جلد ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارو آهي. اهو ٻڌي منهنجي اُڃ ۽ تجسس ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو. شايد ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ، سندس شاندار ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ ڇپجي پڌرو ٿي ويو، ته آئون وري ٻيهر پير سيد صبغت الله شاھ شهيد بوائز ڊگري ڪاليج سانگھڙ هليو ويس. ان موقعي تي محترم نواز ڪنڀار صاحب، پنهنجي شاندار ڪتاب جي اعزازي ڪاپي عنايت فرمائي. سندس خلوص ۽ قرب جا وڏا وڙ!

تحقيق جا ڪيترائي اصول، فن ۽ طور طريقا ٿيندا آهن. گھڻو ڪري تحقيق ڪيترن ئي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن کي آڏو رکي، انهن کي اٿلائي پٿلائي، پوءِ لکي ويندي آهي. اهو به تحقيق جو هڪ بنيادي جز آهي، ڇو جو قديم آثارن ۽ ماڳ مڪانن بابت ته هونئن به حوالن ۽ مددي ڪتابن کان سواءِ، ٻيو ڪو به رستو باقي بچيل ڪو نه هوندو آهي. البت آئون ان تحقيق کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو آهيان، جيڪا قديم آثارن، ماڳ مڪانن، شخصيتن يا علائقن بابت روبرو يا اکين سان ڏسي، عقلي اصولن ۽ سائنسي بنيادن تي لکي وڃي.

محترم نواز ڪنڀار صاحب جا ٻيا به ڪجھ ننڍا وڏا ڪتاب منهنجي مطالعي هيٺ رهيا آهن. جهڙوڪ: اڇڙو ٿر، سانگھڙ ضلعي جو ماحولياتي جائزو ۽ آفتن بابت بنيادي ڄاڻ وغيره. ته نواز ڪنڀار صاحب جيڪا تحقيق ڪندو رهيو آهي، اها گھڻو ڪري نج، پيور ۽ اصلي هوندي آهي. هو گھڻو ڪري ٻين جي ڪتابن ۽ ڪهاڻين مان حوالا اخذ ڪرڻ کان اجتناب ڪندو رهندو آهي. پاڻ علائقي واسين سان روبرو ملي، انهن سان احوال اوري، نج، حقيقي ۽ تُز تحقيق کي ترتيب ڏيندو رهندو آهي. سندس موجوده ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ اهڙن تحقيقي ۽ تاريخي ڪتابن ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. هن ڪتاب لکڻ جي لاءِ، پاڻ ڪيترن ئي ماڻهن سان روبرو مليو آهي، ڏاهن ڏانهن ڏھ ڏھ ڀيرا ويو آهي ۽ انهن سان قرب ڪچهريون ڪيون اٿس. انهن کان ٻڌل، آزمايل ۽ اکين ڏٺل احوال ۽ ڳالهيون نوٽ ڪري، پوءِ ڪتاب ۾ شامل ڪندو آيو آهي.

ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾، ”مَکيءَ جو ماتم“ ڪندي لکي ٿو، ته ”افسوس! جو اسان پنهنجي ذاتي، شخصي، انفرادي ۽ عارضي فائدي لاءِ، تباهي ۽ برباديءَ ۾ وسان ڪو نه گھٽايو آهي. جيڪو علائقو اڳ ۾ ”سونَ جي دَکي“ سڏبو هيو، اهو هاڻي ”سُورن جي دُکي“ يا ”سُورن جي سُتي“ ٿي چڪو آهي. درياھ تي بئراج ٺاهي، ان کي ڏانوڻ ڏيندڙن اهو ڪڏهن به ڪو نه سوچيو، ته ان سان دنيا جي هن ناياب ۽ منفرد مقام کي نقصان پهچڻ سان گڏوگڏ، ماحوليات، آبهوا، جھنگلي جيوت، آبي حيوانات ۽ نباتات جو ڪيترو نقصان ٿيندو“.

مکي ماضيءَ قريب توڙي ماضيءَ بعيد ۾، هڪ اهڙو علائقو هيو، جنهن ۾ ننڍا ننڍا شهر، ڳوٺ، حويليون، ماڙيون، واهڻ، وستيون ۽ وسنديون آباد هيون، جيڪي هن وقت ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي چڪيون آهن. مکيءَ ڍنڍ واري حصي ۾ هلي ڏسبو، ته ان جي اندر ماڙيون، محلات ۽ بنگلا به بيٺل نظر اچن ٿا، جيڪي انساني امنگن ۽ عاليشان ترقيءَ جا مکيه مينار هوندا هئا. جيڪي انساني آدرشن جا جئرا جاڳندا ثبوت ۽ سرٽيفڪيٽ پيش ڪري رهيا آهن. انهن خالي پيل ماڙين، محلاتن ۽ بنگلن ۾، هاڻي چمڙا چرڙاٽ ڪري رهيا آهن. عقابن ۽ ابابيلن اچي آکيرا اڏيا آهن. رات جو گدڙ اوناڙيون ڪن ٿا، چٻرا چٻاڙا ڪڍن ٿا ۽ ڏينهن ڏٺي جو ڌُوڌُو ڳيرا گُهوڪن ٿا. واءِ انساني ترقي! هن وقت مکيءَ ڍنڍ کي، چوٽياري ڊئم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ان مان جيڪو فائدو حاصل ٿيندو، ته اهو بعد ۾ ڏٺو ويندو، البت ان مان جيڪو نقصان ٿيو آهي، ٿي رهيو آهي يا اڃا ٿيندو، ته اهو فائدي جي بنسبت هزار درجا وڌيڪ خطرناڪ هوندو.

ڪيڏانهن ويا مالوند مارو ماڻهو، جن جو چوپايو مال اڻ ڏڌو ڇڙندو هيو؟ ”ڪيڏانهن وِئا سَنگھارَ؟ جي هُئا هِنِي ڀيڻِيين.“ (شاھ) ماڻهو جھرجھنگ ۾چنگ وڄائيندا هئا. نڙ بيت، ڏور ڳجھارتون، لوڪ داستانون، قصا ڪهاڻيون، بوڙينڊا، بينا، بانسريون، مُرليون، يڪتارا ۽ چپڙيون وڄائيندا هئا. شادين مرادين ۾ سِهرا ۽ ڳيچ ڳائبا هئا. جھمريون پائبيون ۽ مينديون لڳائبيون هيون. ڳوٺاڻا ٻارگھاڻ گوگڙو، لڪ لڪوٽي، اک ٻوٽ، انڌڙا ڪاسائي، ونجھ وٽي، ملھ، ٻيلهاڙو، ڦرڦر سَونٽو، چيڪل، پينگھ، ڏڙهو، گِلي ڏڪر، بلور، تِجي ۽ ٻيون رانديون کيڏندا هئا. اوڙوڙاڻا، ڦُلِي ڦُلاڻا، جُود نانوان، ڏي سڀئِي، ڪُنِر اَئِي، ڏُڌ پڪو، اُڌ پڪو، چمڙوڪو چِيلِي اَئِي، ڇُٽڙُڪ... اِرچڪ مِرچڪ، ڌاڻا ڌِرچڪ، آڳ پٽيهر، ٽويو ٽيهر، لوهو لاٽُون، چنڻ گھاٽُون، نانگڻ، جوڳڻ، خيران، کُٽِي، ٻُٽِي، ڇُٽِي... هي اسان جي لوڪ راندين جا ٻول هئا. جنهن جو پير پڇاڙيءَ ۾ ڇُٽندو هيو، ته اهو ٻار ڪُوڪ ڪرڻ وارن کي آڳ ڏيندو هيو. هاڻي اهي رانديون ويون، رمزون ويون، ڳالهيون ويون، گام ويا، گس ويا، ڳوٺ ويا، ماڳ ويا، مڪان ويا، ٻيلا، ڍنڍون، ڍورا، ڀٽون ڊرٻون ۽ ميدان به ويا. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي ته: ”جھوڪُون نه جُهڻڪَنِ، وَڳَ نه پَسان وَٽِ ۾”. يا “جِهڄان پَسِئو جھوڪَ، آيلِ! سَنگھارَنِ جِي“.

محترم نواز ڪنڀار صاحب کي، تحقيقي ۽ تاريخي ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ لکڻ تي، اسين ملڪي ايوارڊ ملڻ جا متمني آهيون. اسان جي قومي اداري ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي“ کي به جس هجي، جو ”دير آيد، درست آيد“ جي مثال وانگر، جيڪو ڪتاب ڌيرج ۽ ڌيمي وقفي سان ڏنو آهي، ته اهو بلڪل بهتر ڏنو آهي. دعا آهي ته شال! نواز ڪنڀار صاحب جو تحقيقي ۽ تاريخي پورهيو جاري و ساري رهي. سندس قلم مان مس ڪڏهن نه سُڪي ۽ ڪاغذ جي ڪايا تي، قيمتي ڪتاب قطار در قطار ايندا رهن.

01/12/2020

وحيد محسن جو ڪتاب ڪورونا جنگ جهڙي آ - ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو (Dr Kamal Jamro)

 ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

وحيد محسن جو ڪتاب ڪورونا جنگ جهڙي آ

2019ع جي پڇاڙيءَ ۾ سڄي دنيا جراثيمي جنگ جي ور چڙهي وئي، هيڪڙ ٻيڪڙ ملڪ کي ڇڏي، باقي هر هنڌ ڪورونا جراثيم ڪاهي پيو ۽ ڌڙا ڌڙ ماڻهو مارڻ لڳو.

فيبروري 2020ع تائين پاڪستان تي به اچي ڪڙڪيو ۽ نتيجي ۾ سنڌ لاڪ ڊائون شروع ڪيو. تاريخ ۾ اهڙو لاڪ ڊائون اڳ ڪنهن به نه ڏٺو هو، هيو ته اُهو بچاءَ لاءِ پر ڪورونا کان وڌيڪ لاڪ ڊائون اسان جا حال هيڻا ڪري ڇڏيا. ان صورتحال ۾ اديبن ۽ شاعرن پنهنجين تخليقن ۽ لکڻين جو رُخ به ان طرف موڙيو،

وحيد محسن جو هيءُ ڪتاب ”ڪورونا جنگ جهڙي آ“ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. ان موضوع تي لکيو ته گهڻن ئي اديبن آهي پر هيل تائين پروفيسر بخش علي چانڊيي ۽ وحيد محسن جا ڪتاب مان سمجهان ٿو، سنڌي شاعريءَ جا پهريان ڪتاب آهن. وحيد محسن پنهنجيءَ شاعريءَ وسيلي ڄڻ تاريخ لکي آهي؛ لاڪ ڊائون سبب اسان جي غريبن سان ڇا وهيو واپريو، ان بابت سندس هن شعر مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو:

31/10/2020

د مظهر جي ڪتاب ”محبت ۽ مايا“ جو اڀياس - وحيد محسن (Waheed Mohsan)

 وحيد محسن

عابد مظهر جي ڪھاڻين جي ڪتاب

”محبت ۽ مايا“ جو اڀياس

عابد مظهر جو تعارف ڪھاڻيڪار ; شاعر ۽ محقق جي حوالي سان ڪرايو وڃي ٿو. اڄ منهنجي مطالعي ھيٺ سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ”محبت ۽ مايا“ آهي. ڪتاب کي نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو 128 صفحن تي ڦھليل آهي. سندس ملھ 200 روپيا رکيو ويو آهي. جنهن ۾ 10 فليش ڪھاڻيون ۽ 25 مختصر ڪھاڻيون شامل آهن. پبلشر نوٽ سنڌي انعام لکيو آهي ۽ مھاڳ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب بابت ضياء ابڙي ۽ ساجده جبين پنھنجا رايا لکيا آهن. پنهنجي پاران ۾ ڪھاڻيڪار عابد مظهر لکي ٿو ته ”ھن مجموعي ۾ منھنجون نينو ۽ فليش ڪھاڻين سان گڏ دعا جي چمي کان وٺي محبت ۽ مايا تائين نيون ڪھاڻيون آهن جن ۾ محبت، تصوف، دھشتگردي ۽ مايا جي اڻت ۾ اڻيل جديد جذبن جو رنگ شامل آهي.“

28/10/2020

مٺل جسڪاڻيءَ جي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ جو پيش لفظ - انجنيئر عبدالوهاب سهتو (Engr. Abdul Wahab Sahito)

 انجنيئر عبدالوهاب سهتو

مٺل جسڪاڻيءَ جي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ جو پيش لفظ

ڇر ۽ ليٽ

 

انسان ظاھري اک سان دنيا جا مظھر ڏسي ٿو، ڪنن سان ڳالھيون ٻڌي ٿو. اھي منظر ۽ ڳالھيون سندس ذھن ۾ ويھجي وڃن ٿا. اڳتي ھلي اھڙن منظرن بابت ٻين جي واتان ٻڌي ٿو. ٻُڌي ٻُڌي ۽ ڏِسي ڏِسي، ڳالھين سان سندس پيٽ ڀرجي وڃي ٿو. انت اندر مان اڌما ڏئي ڳالھيون، ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ سندس ذھن جي پردي تي اچي، زبان جي نوڪ تي چڙھي، آواز جو روپ اختيار ڪري، ٻين تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. گھڻِ ۾، ڪير نه ٿو ٻڌي ته کين متوجہ ڪرڻ لاءِ ترڪيبون جوڙي ٿو ۽ حيلا ھلائي ٿو. لفظن جي جادوگري سکي ٿو. لفظ ۽ گفتا چٻي چٿي ڪڍي ٿو. بيان جا نرالا انداز ورتائي ٿو. ڪھاڻيءَ، داستان، شعر، مضمون، مقالي، رپوتاز وغيره جي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي سعي ڪري ٿو. آخر سندس قلم جي ائنٽ تي ڪا صنف چڙھي ٿي ۽ ان ۾ ڀڙ ٿي، ٻين جي ذھن کي جنجھوڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ٿو.

23/09/2020

نامور شاعر غلام نبي ”گل“ جي شاعريءَ جو اڀياس - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr Riazat Buriro)

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

نامور شاعر غلام نبي ”گل“ جي شاعريءَ جو اڀياس


 

·         رات کان پو ڏينهن ٿيندو،

رات کان پو رات ناهي.                  (رات باقي آ: ص 72)

سهڻيءَ سنڌ کي لاڙڪاڻي ضلعي علمي، ادبي ۽ ثقافتي طرح ڪيترائي ماڻڪ موتي ڏنا آهن جن پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ڪارائتيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. شاعريءَ جي شعبي ۾، جيڪڏهن ڏسنداسين ته اسان کي ڪيترائي اهم نالا لاڙڪاڻي جي افق تان اُڀرندي ۽ چَوڏسا روشني پکيڙيندي نظر ايندا، جن جا رڳو ٻه ٻه چار چار شعري اسم به سهيڙجن ته هڪ ضخيم ڪتاب جُڙي پوي. انهن نالن مان، گذريل ٽيهن ورهين دوران، جيڪو شاعر پنهنجيءَ ڀرپور سگهه سان، مقدار توڻي معيار ۾، فڪر ۽ فن جا شعر سوچيندي، سرجيندي ۽ آڇيندي نظر اچي ٿو، اهو بنا شڪ جي، غلام نبي ’گل‘ آهي.