نوجوانن ڏانهن
اياز علي
مون
ذاتي طور تي پنهنجي ادبي، سياسي ۽ صحافتي سفر ۾ تاريخ، سياست، فلسفي، سائنس توڙي
سماجيات تي اردو، انگريزي ۽ سنڌي ٻولي جا اڪيچار ڪتاب پڙهيا آهن. سو جن ڪتابن
شروعاتي طور منهنجي ذهن، سوچ
شعور تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا يا ان ۾ بنيادي قسم جو ڦيرو آندو، انهن ۾ خاص طور مئڪسم گورڪي جو ”ماءُ“
ناول، ”نوجوانن جو گيت“ (Song of youth)۽ اليگزينڊر فادئيف جو “The Young Guard”
(جيڪو در اصل ٻي عالمي جنگ دوران سوين روس جي ينگ ڪميونسٽ ليگ سان سلهاڙيل نوجوان
طبقي جي نازي فاشزم خلاف ڪيل جدوجهد ۽ قربانين جي لازوال داستان تي ٻڌل آهي) شامل
آهن.
انساني
سماج ۾ ٻين گهڻين ڳالهين سان گڏ ڪتابن جي به وڏي اهميت هجي ٿي. جيڪي در اصل ماڻهو
جي بنيادي سوچ، ارادي ۽ ذهن ۾ بنيادي ڦيرو ۽ تبديلي آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا.
اهڙو ئي هڪ ڪتاب روسي انقلابي اديب پرنس پيٽر
ڪروپاٽڪن جو Message to youth به آهي. جنهن جو اسان وٽ سنڌي ترجمو اسان جي ناليواري اديب برڪت علي آزاد 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ئي ڪري ڇڏيو هو ۽
گهڻي زماني کان وٺي اسان وٽ اڻ لڀ هو، سي پي سي ايس (سينٽرل فار پيس اينڊ سول
سوسائٽي) حيدرآباد طرفان ان جو نئون ڇاپو ”نوجوانن
ڏانهن“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ڪروپاٽڪن جو هي ڪتاب ڏاڍو اهم،
زبردست ۽ نوجوان طبقي کي ڏنل عوام دوست پيغام تي ٻڌل آهي.






