نامورشاعر
’جوش‘ ٻرڙو ۽ سندس شاعري
رياضت
ٻرڙو
نذير احمد ولد
عبدالواسع ٻرڙو 3 جنوري 1940ع تي، قنبر تعلقي جي ڳوٺ گھٽهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن ”سنڌي
فائينل“ ۽ ”اردو اديب“ جو امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل
ڪئي. هُن مختلف اسڪولن ۾ تدريسي خدمتون نڀائيندي 30 اپريل 1996ع تي، هيڊ ماستر طور
پرائمري اسڪول گھٽهڙ مان رٽائرمينٽ ورتي.
’جوش‘ ٻرڙو
1956ع ۾ شاعري شروع ڪئي. کيس ادبي ماحول گھر ۾ ئي مليو. مشهور شاعر غلام نبي ’گل‘ سندس وڏو ڀاءُ آهي، جنهن جو سندس ادبي
اوسر ۾ اهم ڪردار آهي. ’جوش‘ ٻرڙي جو هڪ شعري مجموعو ”عشق
اُلا اُڇلايا“ مئي 2002ع ۾ ڇپيل آهي ۽ سندس غزلن جي هڪ آڊيو ڪئسيٽ پڻ
جاري ٿيل آهي.







