21/02/2014

سنڌي ٻولي: مادري زبان کان قومي ٻولي تائين - شوڪت لوهار (Shoukat Lohaar)



سنڌي ٻولي: مادري زبان کان قومي ٻولي تائين
شوڪت لوهار
انساني تاريخ ۾ اِها ڳالهه هِڪ وڏي اهميت جي حامل آهي ته ان ڪيئن نه جهنگ ۾ رهندي رهندي ايتري ترقي ڪئي جو هُن ٻولي جهڙي عظيم لقاءُ تائين پنهنجي رسائي ڪري ورتي. ان ڪري ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته انسان جي عظيم حاصلات مان ٻولي هِڪ وڏو حاصلات آهي.

مادري ٻولين جو ڏهاڙو - نصير ميمڻ (Naseer Memon)



مادري ٻولين جي ڏهاڙي جو اتساهيندڙ پس منظر
نصير ميمڻ
هونئن ته بنگلاديش 16 ڊسمبر 1971ع تي وجود ۾ آيو، پر سياسي ڏاها چون ٿا ته، درحقيقت بنگلاديش اُن ڏينهن وجود ۾ اچي چڪو هو، جڏهن 21 فيبروري 1952ع تي بنگاليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جي مطالبي لاءِ جدوجهد ڪندڙ بنگالي شاگردن مٿان گوليون هلائي ٽن ڳڀرن کي شهيد ڪيو ويو هو. درحقيقت پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي اهو واضح ٿي چڪو هو ته، اردو نئين ملڪ جي قومي زبان ٿيندي، اُن وقت بنگالي ڳالهائيندڙ، ملڪي آباديءَ جو 55 سيڪڙو هئا، جڏهن ته اردو هڪ ڏيڍ سيڪڙو آباديءَ جي مادري زبان مَسَ هئي پر اُن جي باوجود اسلامي ثقافت اردوءَ کي ملڪ مٿان لاڳو ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا هئا. بنگالي ان وقت ملڪ اندر سڀني کان وڌيڪ سُجاڳ ۽ اڳڀري قوم هئا. زبانن جي حوالي سان بنگالي ۽ سنڌي نهايت سُڌريل زبانون هيون، انهن زبانن ۾ نه رڳو شاندار ادبي ورثو موجود هو، پر صوبن جو سرڪاري ڪاروهنوار به انهن ئي زبانن ۾ هلايو ٿي ويو. اصولي طور 55 سيڪڙو آباديءَ کي اهو مطالبو ڪرڻ جو حق هو ته، سندن زبان کي قومي زبان جو درجو ڏنو وڃي. بدقسمتيءَ سان ان وقت جي سياسي قيادت ملڪ اندر هزارين سالن جو تهذيبي ورثو ۽ ثقافت رکندڙ قومن جي تاريخي سُڃاڻپ ۽ زبانن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي اردوءَ کي مذهب سان ڳنڍي، ان کي قومي زبان طور مَڙهيو. بنگالي قومپرست ۽ ليکڪ ان صورتحال کي اڳ ئي محسوس ڪري رهيا هئا. نامياري بنگالي شاعر فرخ احمد ۾ هڪ مشهور بنگالي رسالي ۾ هڪ مضمون ”پاڪستان: رياست جي زبان ۽ ادب“ جي عنوان هيٺ لکيو. اُن مضمون ۾ لکيائين ته، ”جيتوڻيڪ اها ڳالهه چِٽي ٿي وئي آهي ته، پاڪستان يا گهٽ ۾ گهٽ اوڀر پاڪستان جي قومي زبان بنگالي هوندي پر اوڀر پاڪستان جي ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهن اِنَ اياڻپ ڀرئي خيال جو اظهار ڪيو آهي ته، جيڪڏهن بنگالي ٻوليءَ کي رياست جي زبان بڻايو ويو، ته ان سان اسلامي ثقافت تباهه ٿيندي“.

18/02/2014

تاريخي ڪتابن جي حوالن کي غلط انداز ۾ بيان نه ڪرڻ گهرجي! - فاروق بجاراڻي (Farooq Bujarani)


تاريخي ڪتابن جي حوالن کي
غلط انداز ۾ بيان نه ڪرڻ گهرجي!
فاروق بجاراڻي
29 جنوري 2014ع جي ”ڪاوش“ جي هائيڊ پارڪ ۾، سانگهڙ جي مير حسن مريءَ جو هڪ خط ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن ناليواري ليکڪ ايس پي ڇٻلاڻيءَ جي مشهور ڪتاب ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ مان ڪجهه حوالن کي غلط رنگ ڏيئي پنهنجي مفروضن جي دليل طور اهڙيءَ طرح بيان ڪيو آهي، ڄڻ ته اڄ کان ٻه ٽي صديون اڳ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ ۾ اڄ کان وڌيڪ زرعي زمين آباد هئي ۽ ان جي زرعي پيدائش به ڄڻ اڄ کان گهڻو وڌيڪ هئي.

سنڌي ٻولي: تاريخ جي سفر ۾ - آسي اختر ڀٽو (Aasi Akhtar Bhutto)


سنڌي ٻولي: تاريخ جي سفر ۾
آسي اختر ڀٽو
هن ڪائنات جي ڪروڙين سالن جي آئيني ۾ تاريخ واضح ۽ چٽي طرح اهو ٻڌائي رهي آهي ته جيئن ئي هن ڪائناتي گولي جو وجود آيو آهي ۽ جيئن ئي ان تي اشرف المخلوقات پنهنجو پير پاتو آهي تيئن ئي انهن جي وچ ۾ رابطي يا لهه وچڙ لاءِ دنيا جي هر خطي ۾ ٻولي هڪ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪري رهي آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته انهن ماڻهن ٻوليءَ کي استعمال ڪرڻ جا مختلف طريقا استعمال ڪيا، پوءِ انهن پاڻ ۾ ڪڏهن اشارن سان ڳالهايو ته وري ڪنهن دؤر ۾ مٽيءَ تي ڪجهه لکي ان جي مدد سان ڳالهايو. ڪڏهن وري مختلف اولڊ ڪوڊس استعمال ڪري ٻولي جو استعمال ڪيو. پوءِ جڏهن انسان ۾ ماضيءَ جي نسبت سان ڪجهه شعور وڌيو ته انهن هڪٻئي سان ڳالهائڻ به شروع ڪيو ۽ انهن کي ٻوليءَ جي باري ۾ ان جي اهميت جي به ڪافي حد تائين خبر پئي. تاريخ ۾ قديم تهذيبن مان اهو مڪمل طور تي ثابت ٿيو ته ڪنهن به قوم جي بناوٽ يا سڃاڻپ ۾ مڪمل طور ٻولي هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ايتريقدر جو جيئن ڪنهن انسان لاءِ سڃاڻپ ڊوميسائيل، سڃاڻپ ڪارڊ جي اهميت هوندي آهي. تيئن ڪنهن به قوم لاءِ ٻولي ايتري حد تائين اهميت رکي ٿي. آئون ته چٽيءَ طرح اهو چوندس ته جنهن به قوم کي پنهنجي خالص ۽ مڪمل طور ٻولي نه آهي، ان کي آئون مڪمل طور قوم تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان!؟ اهڙيءَ طرح اسان ڪجهه ٻولين جي تاريخي سفرنامي تي مختصر نظر وجهون ٿا.

03/02/2014

سنڌُ جو سراج...! - جامي چانڊيو (Jami Chandio)



سنڌُ جو سراج...!
جامي چانڊيو
اوڻيهين ۽ ويهين صدين ۾ سنڌ ۾ وڏا ماڻهو پئدا ٿيا جن زندگيءَ جي هر ميدان ۾سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي، ۽ ان جي حسناڪ آئيندي جا نه رڳو خواب ڏٺا، پر انهن جي ساڀيان لاءِ سموري زندگي وِرچي به نه ويٺا.  سراج الحق ميمڻ جو ڳاڻيٽو به سنڌ جي اهڙن ماڻِڪ موتين ۾ ٿيندو. پنهنجي شخصيت ۾ باوقار ۽حسين ماڻهو، علميت ۾ گهرو ۽ گهڻ-طرفو ڄاڻو ماڻهو، هڪ بيحد سچو اديب ۽ پارکو،سُڀاوَ جو شانائتو، حساسيت ۾ گلن جهڙو نرم، ۽ فن ۾ ڳالهه جي اُڻت جو منفرد ڏانءُرکندڙ ليکڪ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي هن جي محبت جا محور ۽ مرڪز هئا. سراج جهڙن ماڻهن جو وجود ئي سڀاڳ جي علامت هجي ٿو، سندن خاندان، دوستن، ۽ ويندي ٻولي، ادب ۽ پوري سماج لاءِ.

27/01/2014

استاد پيرل قنبر - جهانگير عباسي (Jahangir Abbasi)

سونهن جو مجاور استاد پيرل قنبر
جهانگير عباسي

سنڌي ادب ۾ شعر جي صنف پنهنجي اوائلي دؤر کان وٺي موجوده دؤر تائين جي سرجندڙ شعر تائين فن، فڪر، تخيل جي حوالي سان جتي وسيع ڪينواس رکي پئي اُتي هر دؤر ۾ جدت وارن خيالن سان نوان موضوع کڻي نئين فڪري ڌارائن واري سمونڊ سان موجزن رهندي تخليقي ۽ شعوري سفر طئي ڪري اڄ جنهن مقام تي اچي پهتي آهي ان کي ڏسي هي چئي ٿو سگهجي ته سنڌي شاعري دنيا جي ٻين ٻولين جي شعر جي ڀيٽ ۾ گهڻو اڳ ڀري پئي آهي. خاص طور تي رومانوي يعني عشق و محبت جي شاعري ڀرپور رهي آهي.

26/01/2014

پيرل قنبر جي شاعري - احسان دانش (Ahsan Danish)


دوا کي زهر، زهر کي دوا چئي نه وجهان
(استاد پيرل قنبر جي شاعريءَ جي ڪَٿَ)
احسان دانش

مون جڏهن شاعريءَ سان ناتو جوڙيو هو، تڏهن لاڙڪاڻي تي مشاعرن جي موسم لٿل هئي. تقريباً هر هفتي ڪنهن نه ڪنهن ادبي تنظيم طرفان مشاعرو ٿيندو هيو. انهن مشاعرن ۾ طرحي مشاعرا پڻ هوندا هيا. مون کي طرح تي لکڻ ڏاڍو ڏُکيو لڳندو هيو. مون کي هميشه شاعريءَ ۾ پابندي جو خيال ته رهيو پر شاعري ڪرڻ لاءِ پابندي مون کي ڏاڍي اوکي لڳندي هئي. پر اهو دور اهڙو هيو جو ’طرح‘ تي نه لکڻ، شاعري نه ڪري سگھڻ جهڙي الزام وانگر هوندو هيو. ’قادرالڪلام‘، ’ڪهنه مشق‘، ’همه تن گوش‘، ’مردم خيز‘ ۽ ’ملڪو‘ جهڙا لفظ مون پهريون ڀيرو انهن ئي مشاعرن ۾ ٻُڌا هئا. اها 1988ع جي ڳالهه آهي. مان اڃا شاعريءَ جا ابتدائي سبق سِکي رهيو هيس. اهي سبق سِکندي سِکندي اهڙا سبقَ به مليا جو هڪ لڱا شاعري ڪرڻ تان ئي ارواح کَڄي ويو هيو. هڪڙا جھونڙا استاد شاعر ته وزن بحر واري تور تڪ جا ايڏا وڏا ڪاريگر هيا جو ڪوئي شاعر مشاعري ۾ شعر پڙهندو هيو ته اُهي اشهد آڱر کي هڪ خاص لئي ۾ کاٻي ساڄي پيا ڦيرائيندا هيا. ٻيا همراهه وري ڪنهن نئين ۽ سيکڙاٽ شاعر جي عمده خيال کي ان خيال سان ڏسندا هيا ته اهو خيال ان سيکڙاٽ شاعر جو ٿي ئي نه ٿو سگھي. وري جيڪڏهن اهڙي ڪنهن نئين شاعر جو ڪو رشتيدار به شاعر هوندو هو ته کين پَڪ ٿي ويندي هُئي ته اهو شعر سندس انهيءَ رشتيدار جو لکيل آهي. ابتدائي ڏينهن ۾ جواد جعفري ۽ مون اهي عذاب سَٺا. ڳچ سالن بعد رضا بخاري ۽ رضوان گل به اهڙن مظلوم نوجوان شاعرن طور ان سٿ ۾ اچي شامل ٿيا. ڪجھه شاعر دوست ته هٿ ڌوئي اسان جي ڪڍ پيا پر اسان چارئي نٺر نڪري پيا سي ۽ پوءِ به شاعريءَ تان هٿ نه کنيوسين.

سندهه ڪا مقدمه - رڪ سنڌي (Ruk Sindhi)


سندهه ڪا مقدمه
تنقيدي جائزو
ليکڪ: رڪ سنڌي

جڏهن مان ”پنجاب ڪا مقدمه“، ”سندهه ڪا مقدمه“ ۽ ”آج ڪا سندهه“ پڙهڻ شروع ڪيا ته پڙهندي، جيڪي به ڳالهيون غلط محسوس ڪيون ۽ جيڪي تاريخي ڪوڙ ۽ بد ديانتيون نظر مان گذريون، انهن تي ان ئي وقت ڪتاب جي حاشين تي پنهنجو نقطي نظر لکندو ويس. جيئن ته انهن مڙني ڪتابن تي باضابطه نموني تنقيدي مقالا لکڻ جو ڪوبه ارادو ڪونه هو. ان ڪري اهي حاشين تي لکيل ٽڪرا جيئن جو تيئن بنا ڪنهن مددي ڪتاب استعمال ڪرڻ جي، هن شڪل ۾ آندا اٿم. جيئن انهن ڪتابن پڙهڻ وقت منهنجي ذهن ۾ انهن ڪتابن ۾ ڏنل ڳالهين بابت پيدا ٿيل تنقيدي رايا محفوظ ٿي وڃن. ان سلسلي ۾ ”پنجاب ڪا مقدمه“ جا حاشيه هڪ ننڍڙي ڪتاب ”سنڌي قوم جو مقدمو“ ۾ اچي چڪا آهن. ان ڪري هاڻ ”سندهه ڪا مقدمه“ جا تنقيدي حاشيه هن مقالي جي صورت ۾ حاضر آهن.

اڄ جي سنڌ - رڪ سنڌي (Ruk Sindhi)


اڄ جي سنڌ
هڪ مطالعو
ليکڪ: رڪ سنڌي
 محمود مرزا جو واسطو وفاقي پاڪستان جي وڏي صوبي پنجاب سان آهي. جڏهن سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تان جمهوري جدوجهد شروع ٿي ته ٻين صوبن جي ڪيترن دانشورن، استادن، وڪيلن ۽ سياستدانن کي سنڌ جي حالتن جي اڀياس ڪرڻ جو شوق جاڳيو. ڪي ان لاءِ آيا ته ڪٿي سندن مفادن کي نقصان رسڻ جو انديشو ته نه آهي، يا ڪٿي مظلوم صوبن (قومن) جي عوام جي طاقت ايتري وڌي ته نه وئي آهي، جو ان تي ضابطو رکي نه سگهجي ۽ پوءِ هميشه لاءِ سندن پرماريت تي ٻڌل نظام تباهه ۽ برباد ٿي وڃي. پر ڪي ماڻهو اهڙا به هئا، جيڪي نيڪ نيتيءَ ۽ دل جي خلوص سان سنڌ جي مسئلن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ سندن نقطي نظر کي ٻين صوبن جي عوام تائين پهچائڻ ۽ پوءِ انهن ناانصافين جي ازالي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي نيت سان به سنڌ جي دوري تي آيا. انهن ۾ محمود مرزا ۽ سندس ساٿي ڳڻائي سگهجن ٿا. جن وفاقي پاڪستان جي مڙني قومن ۾ سرچاءُ پيدا ڪرڻ، انهن کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ هڪ ٻئي جي حقن جي احترام ڪرڻ ۽ قومن ۾ پيدا ٿيل بدگمانين کي ريٽڻ لاءِ اصلي صورتحال جو اڀياس ڪرڻ واسطي سنڌ جو دورو ڪيو.

22/01/2014

فرينچ ناول نگار چيزو جون لکڻيون ذوالفقار هاليپوٽو (Zulfqar Halepoto)



فرينچ ناول نگار چيزو جون لکڻيون
ذوالفقار هاليپوٽو
12  ڊسمبر 2013ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي تحقيقي ڪتاب "سنڌي شاعري جو سفر" جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن چيو ته شاعري جي صنف ۾ اسپيشلائيزيشن ضروري آهي. ٻئي ڏينهن اخبارن ان ڳالهه کي جيئن ڪور ڪيو، ان مان تاثر اهو ملي رهيو هو ته ڄڻ قلم ڌڻي اهو چئي رهيا آهن ته غزل لکڻ وارا رڳو غزل لکن، متان نظم، ٽيڙو يا وائيءَ ۾ هٿ وڌو اٿن. نثري نظم يا نثراڻو نظم لکڻ وارا همٿ نه ڪن گيت لکڻ جي. ٿي سگهي ٿو ته ڳالهه ڪرڻ جو تناظر ڪو ٻيو هجي، پر ايترو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، هاڻ شاعر به انجنيئر، ڊاڪٽر، ائٽمي سائنسدان يا محقق وانگر رڳو مخصوص موضوع تي طبع آزمائي ڪن.