استخريءَ جي نظر ۾ چوٿين صديءَ هجريءَ جي سنڌ
مختيار احمد ملاح
چوٿين صدي هجريءَ جي سنڌ تي
عربن جي حڪومت هئي، هن دَور ۾ ڪيترائي عرب ۽ ٻيا سياح سنڌ جي سير و سفر تي آيا.
سندن سفرنامن جي آڌار تي سنڌ جي ملڪي، سياسي ۽ سماجي حالتن جي معلومات کي ترتيب
ڏيئي، سنڌ جي تاريخ جوڙي سگهجي ٿي. سنڌ جي علم و ادب جي وسعت به سندن سفرنامن مان
معلوم ٿئي ٿي. سنڌ جي سرحدن ۽ نقشن جي خبر به عربن ۽ فارسي دانن وٽان معلوم ٿئي ٿي.
ان سلسلي ۾ هڪ نالو استخريءَ جو به آهي.
ابو اسحاق ابن محمد الفراسي الاستخري جو جنم ايران جي
شهر استخر ۾ ٿيو، ان نسبت سان ”استخري“ سڏيندو هو. استخريءَ جو ٻيو نالو الفاربي به هو ڇو جو استخار فارس صوبي ۾ واقع آهي. سندس
ڄمڻ جو سال نامعلوم آهي، البته 346 هجري بمطابق 957ع ۾ وفات ڪيائين. هو وچين دَور
(Medieval) جو سياح، جاگرافيدان ۽ عالم هو. هن عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيو. پن بجلي
(Wind
Mills) جو اوائلي تصور استخري ڏنو. هن
هندستان وٺي بحر اوقيانوس ۽ ايراني نار کان وٺي ڪئپسين سمنڊ تائين سڀني مسلمان
ملڪن جو سفر ڪيو. سنڌ ۾ سندس ملاقات سندس همعصر سياح ابن
حوقل سان ٿي هئي. ابن حوقل ان ملاقات جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو هو.





