18/03/2015

ڇا شيخ اياز اسان جون صديون آهي؟ - سرواڻ سنڌي (Sarwan Sindhi)

ڇا شيخ اياز اسان جون صديون آهي؟
سرواڻ سنڌي

شيخ اياز سنڌ جو وڏو شاعر آهي ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي. شاعر قومن جا امين ٿيندا آهن ۽ شاعر جو مشاهدو ۽ تجزيو قومن کي سمجهڻ ۾ ڪارگار ثابت ٿيندو آهي. ڀٽائي جي هوندي سنڌ ۽ سنڌي سماج کي پرکڻ جي لاءِ ٻي ڪنهن به تجربي ۽ تجزئي جي ضرورت ئي نه آهي، جنهن ڀٽائي کي پڙهيو ۽ پرکيو ان ڄڻ سنڌ کي پرکي ورتو. ڀٽائي لافاني ۽ آفاقي شاعر آهي ۽ سندس مشاهدو تمام گهڻو ڳوڙهو آهي ڀٽائي کان پوءِ جيڪڏهن شاعرن ۾ ڏسجي ته سچل سرمست کان ويندي کوڙ سارن شاعرن پڻ ڀٽائي جي دڳ تي هلندي پنهنجي تخليقن جا واهڻ وهايا ۽ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي اپٽار ڪئي. اياز کي ڀٽائي جو تسلسل چيو وڃي ٿو ۽ پاڻ اياز پڻ ڪتاب هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن ۾ هڪ بيت ۾ چوي ٿو ته:
ڀٽائيءَ کان پوءِ مان تنهنجون صديون هان،
متان تون مون کان ٻوڙِيءَ ٻوُجَهه لنوائئين!

16/03/2015

امداد حسيني کي ڀيٽا - مشتاق گبول (Mushtaq Gabol)

امداد حسيني کي ڀيٽا
سنڌ جي ڳالهه ڪريو.....
مشتاق گبول
سٺ واري ڏهاڪي ۾ امداد حسيني وڏي واڪ هيئن چوندو رهندو هو ته:
”سنڌ جي ڳالهه ڪريو، ڳالهه نه ٻي ٻُڌنداسين.“
امداد حسيني اُنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي. اڄ به چئي رهيو آهي ته:
”سنڌ جي سينڌ پهريان سرتي،
پوءِ پنهنجي سنوارڻي آهي.
سڄي دنيا وسارڻي آهي،
سِنڌ ئي سنڌ سارڻي آهي.“

14/03/2015

اخلاق انصاري - فياض لطيف (Fayaz Latif)

اخلاق انصاريءَ جي ڪهاڻين جي اردو ترجمي ’سائي ۾ ڌوپ‘ تي ٻه اکر
اخلاق انصاري ــ ٻوٽيل نيڻن ۾ جاڳندڙ خوابن جو ليکڪ
فياض لطيف

اخلاق انصاري چند انهن جديد سنڌي ڪهاڻيڪارن منجهان آهي، جن جديد ڪهاڻيءَ کي نه رڳو ان جي حقيقي مفهوم ۽  معنى ۾ سمجهيو آهي، پر ان کي پنهنجي پوري روح ۽ رنگ سان پيش پڻ ڪيو آهي. هُن ٿورو، پر تمام گھڻو سگهارو ۽ تخليقي فڪشن سِرجيو آهي. سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين هن جا ٻه ڪهاڻين جا مجموعا، ’رُڃ ۾ رابيل‘ ۽ ’مان ڪائنات آهيان‘ ۽ هڪ ناوليٽ ’اُڏوهي‘ جي نالي سان ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته سندس هم عصرن مان ڪيترن جا هن کان ٻيڻا ٽيڻا ڪتاب منظر عام تي اچي چڪا آهن، پر هُن هميشه لِکڻ لاءِ نه لکيو آهي، ليڪن ’لِکڻ کي عشق بڻائي‘، ’جياپي لاءِ‘ لکيو آهي ۽ بلاشبه اخلاق جون ڪهاڻيون، سنڌ ۾ پڙهيون به ويون آهن، ته انهن جو انداز ۽ اثر به اپنايو ويو آهي ۽ اها ڳالهه ڪنهن به آرٽسيٽ ۽ ليکڪ لاءِ اعزار کان گھٽ نه ٿي هجي، ته ان کي پڙهيو ۽ ان جي پوئواري ڪئي ويندي هجي.

منظور ٿهيم جو ناول - فياض لطيف (Fayaz Latif)

منظور ٿهيم جو ناول ــ گذري وئي برسات
فياض لطيف

سنڌي ادب ۾ 80 ۽ 90 وارا ڏهاڪا، تحريڪ، تخليق ۽ فڪري سجاڳي جي حوالي سان پنهنجي هڪ منفرد حيثيت ۽ سڃاڻپ رکن ٿا. هن دور ۾ نه فقط جديد سنڌي شاعري ۾ مزاحمتي، قومي ۽ ترقي پسند رجحانن جنم ورتو ۽ اها پنهنجي فني ۽ فڪري اوج تي رَسي، پر سنڌي فڪشن، خاص ڪري ڪهاڻيءَ ۾ نجم عباسي، ماڻڪ، سراج، امر جليل، نورالهدى شاهه، خيرالنسا جعفري، طارق اشرف، رسول ميمڻ، بدر ابڙو ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن چڱو پاڻ ملهايو. ناول، جنهن جي شروع کان سنڌي ادب ۾ اَڻاٺ رهي آهي، اهو پڻ هن دور ۾ ڪَرُ کڻي اڳتي وڌيو ۽ انهي سلسلي ۾ سراج الحق ميمڻ، غلام نبي مغل، ماڻڪ، آغا سليم، علي بابا، حليم بروهي ۽ ڪجهه ٻين ليکڪن زندگيءَ جي سچائين ۽ سماجي ناانصافين کي پنهنجي اظهار جو موضوع بڻايو. قومي تحريڪن سان گڏوگڏ کاٻي ڌر جي سياست پڻ انهيءَ دور ۾ سرگرمِ عمل رهي ۽ ان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. انهن تحريڪن ۽ آدرشي تنظيمن ئي شعوري سجاڳي ۽ سياسي بيداري پيدا ڪري، ماڻهن کي پنهنجن بنيادي حقن کان نه رڳو آشنا ڪيو، پر انهن کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ عملي طور سياسي سٿ سان سلهاڙي ساڻ کنيو. سياسي ۽ سماجي محاذن تي سجاڳي کان علاوه علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پڻ ولولي ۽ وويڪ جو ماحول هو.

10/03/2015

احساس جا 26 رنگ! مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

احساس جا 26 رنگ!
مٺل جسڪاڻي
احساس جا 26 رنگ دراصل فاطمه ڀرڳڙي جي ڪهاڻين، ڪالمن، ساروڻين ۽ اردو ڪهاڻين تي مشتمل، 230 صفحن تي ڇپيل تازي ڪتاب ”احساس جا رنگ“ ۾ موجود 26 مختلف ڪهاڻين تي هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ منهنجي ذاتي راءِ آهي. هي ڪتاب ينگ رائيٽرس فورم سنڌ پاران سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد نومبر 2014ع دوران پڌرو ڪيو آهي. ماجد علي ڪاڪا جي پرڪشش رنگين ٽائيٽل ڊزائين واري ڊيمي سائيز جي هن مجموعي جي ڪمپوزنگ بشير جمالي ڪئي آهي. پروف ريڊنگ (صورتخطي ڏسندڙ) غير ذميوار شخص (مرد يا خبر ناهي عورت) جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آهي! اداري پاران ”ٻه اکر“ پرهه پروين گل، ”پنهنجي پاران“ قلمڪار فاطمه ڀرڳڙي، ليکڪ بابت راءِ ”مزاح سرجيندڙ سنڌ جي واحد ليکڪا“ نواز ڀٽو ۽ مهاڳ ”ڏات ۽ ڏانءُ جو سنگم“ شبنم گل، جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪه جي تصوير ۽ حيدرآباد واري غلام مصطفيٰ سولنگي جو لکيل تعارف آهي. فاطمه ڀرڳڙي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندي رهي آهي ۽ گهڻو ڪري مزاحيه انداز ۾ لکڻ سبب پهرين خاتون مزاح نگار طور سڃاڻپ ماڻي رهي آهي.

08/03/2015

راشد بروهي: اونداهين جو انڪاري شاعر - عباس ڪوريجو (Abbas Koreji)

راشد بروهي: اونداهين جو انڪاري شاعر
عباس ڪوريجو
هڪ سچي شاعر لاءِ شاعري ئي ان جي تخليقي سڃاڻپ ۽ فخر جو ڪارڻ آهي، شاعري شعور جو وهڪرو آهي، علم، عقل ۽ دانائيءَ جي گفتگو آهي، جيڪا هر شاعر پنهنجي مزاج، ماحول ۽ انداز کي سامهون رکي ڪندو آهي. ائين به چئي ٿا سگهئون ته اها هڪ کوجنا آهي جيڪا شاعر دريافت ٿو ڪري. جاميٽري باڪس کولي، ان جا اسڪيل رکي جيڪا شاعري ڪئي ٿي وڃي، اها رڳي ڊکاڻڪي آهي، شعور کان وانجهيل اهي موزون لفظ جيڪي اسڪيل جي ماپ مطابق رکيا وڃن، هرگز شعر جو درجو نٿا رکي سگهن.  شاعر هڪ مفڪر هوندو آهي، جيڪو پنهنجي ان شعوري وهڪري ۾ فڪر ۽ ٻوليءَ جي اڻت سان لفظن ۾ معنى، احساس، ڪيفيت، وجود ۽ سرمستي شامل ڪري ٿو.
خوبصورت ۽ ڪامياب شاعر جي اها نشاني آهي ته ان جا سرجيل لفظ ساهه کڻندا، گفتگو ڪندا، مرڪ ۽ لڙڪ ونڊيندا ۽ پڙهندڙ/ٻڌندڙ جي اندر کي جنجهوڙيندا آهن. هڪ شاعر جي تخليق تڏهن وڃي ڪمال کي رسي ٿي شعر جي سٽ پڙهي لفظن سان گڏ پڙهندڙ به سحر ۾ جڪڙجي، جهومي، نچي يا وجد جي ڪيفيت ۾ گم ٿي وڃي.

محمود مغل ۽ سندس ”محبتن جا ٻه ناوليٽ“ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

محمود مغل ۽ سندس ”محبتن جا ٻه ناوليٽ“
مٺل جسڪاڻي

پاڻ وٽ ئي نه، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، جنهن به ٻوليءَ ۾ لکي پڙهي سگهبو آهي، ان ٻولي ۾ نه صرف لکيو ويندو آهي، پر لکندڙ ۽ ان جي لکڻي تي به لکيو ويندو آهي. جيڪو جيڪو به لکندو آهي، اهو بظاهر ٻئي ليکڪ ۽ ان جي لکڻي تي لکندو آهي، پر مون کي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي، ته ائين نه آهي. جيڪو به لکي ٿو، اهو ڪنهن به ليکڪ يا ان جي لکڻي تي تنقيد ڪري يا وري تعريف ڇو نه ڪري، اُن لکندڙ يعني مبصر يا نقاد جي لکڻي ۾، هُو پاڻ به موجود هوندو آهي.
ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ائين ڇو هوندو؟ اوهان جي ذهن ۾ اهڙا سوال اچڻ به گهرجن، ڇو ته اوهان جي ذات ۾ به دراصل اوهان پاڻ موجود آهيو ۽ اوهان جي جهڙي به تربيت ٿيل هوندي، اوهان جي جهڙي به ذهنيت هوندي، اوهان جي جيتري به شعوري سگهه، پهچ هوندي، اوهان جي ذهن ۾ سوال به ان نسبت سان اڀرندا ۽ اوهان جي راءِ به اهڙي جڙندي.

22/02/2015

سنڌ کي روشني ڏيندڙ ڪتاب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

سنڌ کي روشني ڏيندڙ ڪتاب
رکيل مورائي
سنڌي ادب ۾ سائين محمد ابراهيم جوئي جي هڪ خاص حيثيت آهي. اهڙي حيثيت جيڪا ڪنهن به شاندار عمارت جي انتهائي سگهارن بنيادن واري هوندي آهي. اڄ جي سنڌي علم، ادب ۽ سنڌ جي شعور ۾ جيترو جوئي صاحب جي محنت جو عمل دخل آهي، اوترو شايد ئي ڪنهن ٻئي اديب جو هجي. جيتوڻيڪ هو اڄ هو سئو سالن جي ڄمار ڏانهن وڌي رهيو آهي پوءِ به هن جو علم،  ادب ۽ ڪتابن سان عشق اهو ساڳيو آهي، جيڪو کيس نوجوانيءَ ۾ هئو. ٻه هزار چوڏهن ۾ سندس عمر ڀرجي علم ۽ ادب ۾ ڪيل خدمتن جي ڀيٽا طور، سنڌ جي گهڻ گهرن ۽ علمي ادبي ادارن سندس سئو سالا جشن ولادت کي مانائتي نموني ملهائڻ لاءِ سالگرھ ولادت ڪاميٽي جوڙي آهي ۽ سنڌ جي سڀني سڀني علمي ادبي ادارن کي پابند ڪيو آهي ته اهي جوئي صاحب جا سڀ لکيل ڪتاب ۽ کيس بابت لکيل ڪتاب ٻيهر ڇپائي کيس ڀيٽا طور پيش ڪن، جنهن سلسلي ۾ سندس انگلش ۾ لکيل ٻن جلدن وارو ڪتاب ”آزاديءَ  جي نالي ۾ سنڌ سان دوکو“ اسان جي آبرودار سماجي تنطيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) پاران هڪ جلد ۾ ڇپرايو ويو آهي ۽ جنهن بعد سندس ٽن جلدن ۾ ڪتاب شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽيءَ پاران ڇپايا ويا آهن. هنن ٽن جلدن ۾ هڪ جلد، ساميءَ جا سلوڪ آهي، جيڪو ٻن الڳ الڳ جلدن ۾ هئو ۽ هاڻ انهن کي هڪ جلد ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن تي سندس لکيل شاندار مهاڳ، جيڪو الڳ ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل آهي، جنهن جو عنوان آهي، شاھ، سچل سامي. ٻين ٻن جلدن مان، ٻئي جلد ۾ سندس ٽي ڪتاب شامل آهن، جيڪي آهن
مٺ مٺ موتين جي،
هوءَ جا ٽمڪي ٻاهڙي،
عورت آزاد،
جنهن جلد جو نالو، مُٺ مُٺ موتين جي آهي.

پورهيو، آرٽ ۽ اسلوب - نصير سومرو (Naseer Soomro)

پورهيو، آرٽ ۽ اسلوب
نصير سومرو
تنقيد سان تخليقي ذهن جي سنوار سڌار ٿئي ٿي. هي تخليقي ذهن  پنهنجي شناخت ۾ هيري (الماس) وانگر آهي. هيري (Diamond) جي تراش خراش سان جون اصل يعني لڪل خاصيتون اجاگر ٿي پونديون آهن. فن ادب ۾ هيءَ تراش خراش تنقيد آهي،  عڪس ذهن جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پلٿي ماري ويهي رهندا آهن. انهن عڪسن جا وري ننڍا ننڍا عڪس به آهن. جيڪي موبائيل فون جي سيٽنگ ۾ طئي ٿيل فنڪشن وانگر هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر جي آهنگ ۾ هوندا آهن. فنڪشن کي هڪ هڪ ڳڻي ٻڌائڻ جي بدران موبائيل سيٽ جو رڳو ماڊل نمبر کڻبو آهي. موبائيل صحيح آهي.ان ۾ انٽرنيٽ، هلائڻ جا سڀ فڪشن موجود آهن. ٻيو ماڻهو سيٽ هلائيندو هوندو ته امڪاني صورت غلط ناهي ته سو سيڪڙو صحيح به ناهي.
خبر پئي ته موبائيل سيٽ جي مالڪ کي سيٽ هلائڻ ئي نٿو اچي جو هو انٽرنيٽ جي ڪا ويب سائيٽ کولي سگهي. هاڻ هو سکي وٺي ٿو ته انٽرنيٽ ڪيئن هلندو آهي. سکيا اڌوري هوندي کائنس ڏينهن رات هڻ هڻان جي باوجود فيس بوڪ نٿو کلي، اهو ٻڌائڻ سان مبادا کيس ٺٺوليون ۽ کلون ٻڌڻيون پون ته هن جو جڏهن فيس بوڪ تي اڪائونٽ ئي کليل نه آهي ته بنا آءِ ڊي ۽ پاس ورڊ جي سائيٽ کلي سگهندي؟ ان ۾ موبائيل سيٽ جي هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر جو قصور ڪونهي. اصل معاملو سکڻ جو آهي سکڻ جي ڪيڏي نه افاديت آهي. سکيا ناهي ته ڌن وان به پنهنجي ڌن مان فائدو وٺي نه ٿو سگهي. تخليقي ڏات پڻ ائين آهي.

18/02/2015

ادب ۽ انتهاپسندي - عباس ڪوريجو (Abbas Korejo)

ادب ۽ انتهاپسندي
عباس ڪوريجو

اڄ اسين ٻرندڙ دنيا جي اهم ترين ۽ ايندڙ ڪيتري ئي عرصي تائين عالمِ انسان لاءِ انتهائي پيچيدهه ۽ حل طلب مسئلي انتهاپسنديءَ کي فوڪس ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، گڏوگڏ اهو ته ادب ۽ انتهاپسنديءَ جو پاڻ ۾ ڪهڙو ربط آهي ۽ اڄ جو ادب ڪٿي بيٺل آهي. انتهاپسنديءَ جديد دنيا جون ننڊون حرام ڪري رکيون آهن. اڄ جو آدم جيترو سائنسي ترقيءَ وسيلي اڳتي نڪري آيو آهي، اتي چند انتهاپسند ڌريون ان راهه ۾ رڪاوٽ پڻ آهن. روشنيءَ جي رستي روڪ لاءِ قدامت پسند قوتون سرگرم آهن. ادب وسيلي ان عمل کي ڪيئن روڪي يا مات ڏئي سگهجي ٿي. موضوع کي سمجهڻ واسطي پهرين ادب کي سمجهون ٿا.
ادب Literature  ڇا آهي؟
ٿلهي ليکي ادب Literature  جي وصف بيان ڪبي ته اها هن طرح ٿيندي، ”جيڪا به لکت موجود آهي، سا ادب آهي.“