31/05/2015

ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا - صبا شاه (Saba Shah)

ملهار سنڌيءَ جو ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب
ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا
صبا شاهه
ملهار سنڌيءَ جي ڪتاب ”ڌرتي جا ٽانڊاڻا“ ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ وارن مختلف موضوعن تي انتهائي سهڻا ۽ سريلا نظم شامل آهن، جن ۾ وندر ۽ ورونهن سان گڏ علم به ڄاڻ، پکي پکڻ، موسم ۽ وطن سان چاھ آهي. گرميءَ جي مند ۾ ٻارن کي نصيحت ڪجهه هن ريت ڪئي اٿس ته.
اونهارو آ پهتو ٻارو! گرميءَ جو آ چرچو ٻارو!
هر دم اُس کان بچجو ٻارو! ڪو نه آجايو رُلجو ٻارو!

بئريسٽر مظهر سليمان قاضي - ابو رافع (Abu Rafiu)

منظور الحق قاضيءَ جي لکيل جيوني
بئريسٽر مظهر سليمان قاضي
ابو رافع
ساهتي پرڳڻي کي اهڙو اعزاز سدائين رهيو آهي ته هن هر دور ۾ ڪي املهه شخصيتون پيدا ڪيون آهن. جن ۾ عالم، اديب، شاعر محقق، سياستدان ۽ صحافي شامل آهن.
ساهتيءَ جو هڪ ننڍڙو پر تاريخ ۾ ياد رکڻ جهڙو شهر ورو آهي، جيڪو سنڌ جي دل سمجهيو ويندو آهي ۽ ان شهر جي قاضي خاندان ڪراچيءَ کي پهريون مسلمان ميئر قاضي خدا بخش ڏنو، ان خاندان ٻيا پڻ ڪيترائي شخص ڏنا آهن، جن الڳ الڳ شعبن ۾ پنهنجون نه وسرندڙ خدمتون ڏنيون آهن، ان ئي قاضي خاندان مان هڪ شخصيت بئريسٽر مظهر سليمان قاضي جي به آهي، جيڪو هن ننڍي خاندان جو وڏو شخص ٿي اڀريو. تاريخ جي ورقن ۾ ڪي شخص گمنام ٿي وڃن ٿا، انهن جو جوڳو قدر نٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته انهن جا پونيئر انهن کي ياد نه ٿا ڪن، بئريسٽر مظهر سليمان قاضي به ائين موري جي اڄ جي ماڻهن کان وسريل آهي، ڇاڪاڻ ته سندس باري ۾ مناسب نموني لکيو نه ويو آهي.

سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ - ابو رافع (Abu Rafiu)

عطا محمد ڀنڀري صاحب جو ترجمو ڪيل ڪتاب
سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ
ابو رافع
اسان جو قومي ادارو سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي بنياد ڪمن ۾ شامل سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپو رکندڙ ڪتاب لڳاتار ڇپائي رهيو آهي. تازو ئي اهڙو هڪ اهم تاريخي ڪتاب ڇپايو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي ”سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ“. هن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ يورپي ليکڪ گريگوري ايل، پوسيل آهي ۽ هيءُ ڪتاب سندس اها ٿيسز آهي جيڪا هن انٿراپالاجي موضوع تي شڪاگو يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ لاءِ لکي هئي.

29/05/2015

ڪُر کڻي بيٺل شاعري - علي آڪاش (Ali Akash)

ڏهاڪي جي اوجهڙ کان پوءِ ڪُر کڻي بيٺل شاعري
علي آڪاش
پنجاهه واري ڏهاڪي کان سنڌي شاعريءَ کي نون گسن ڏيڻ واري جيڪا تحريڪ شروع ٿي هئي، اها اڳتي هلي، سٺ، ستر، اسي ۽ نوي جي ڏهاڪن تائين ڇانيل رهي. انهن چئن ڏهاڪن دوران سنڌي جديد شاعري اسري ۽ پکڙي. سنڌي شاعريءَ ۾ ٻن قسمن جا واڌارا سڌارا، تبديليون ۽ اضافا ٿيا. هڪ، ان ۾ هيئتي يا ڍانچائي سڌارا، تبديلون ۽ اضافا ٿيا. ٻيو، ان جي مواد ۾ سڌارا تبديلون ۽ اضافا ٿيا. هيئتي اوسر ۾ پراڻين صنفن کي نئين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، وائي، دوهي، گيت ۽ غزل جي صنفن ۾ هيئتي تجربا ڪيا ويا ۽ انهن مان گهڻي ڀاڱي تجربا ڪامياب ٿيا ۽ شاعرن انهن تي طبع آزمائي، انهن کي عام ڪيو ۽ اهي تجربا سفر ڪندا اڄوڪي دور تائين پهتا. ان کان سواءِ، سنڌي شاعريءَ ۾ نيون صنفون پڻ داخل ٿيون، جن ۾ آزاد نظم، ترائيل، هائيڪا/ٽيڙو/ٽه سٽا، سانيٽ وغيره ٻاهران آيا ۽ انهن مان آزاد نظم ۽ هائيڪا وڌيڪ ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌيا. ان کان سواءِ، ڪي نيون صنفون سنڌي شاعرن متعارف ڪرايون، جن پڻ حال سارو سفر ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي نج نبار نموني. استعمال ڪرڻ تي زور ڏنو ويو ۽ ان کي فارسي ۽ اردوءَ جي اثرن کان ڪڍڻ جون ڪامياب ڪوششون ٿيون. شاعرن جي تخيل ۽ محاڪات ۾ پنهنجي وطن جي ڌرتي ۽ اڀ گهر ڪري ويٺا، جنهن سبب سنڌي شاعري سهڻي اسلوبياتي اوسر مان گذري. هڪ نئون روپ وٺي بيٺي. 

27/05/2015

ماڻڪ ملاح گيت جو فطري شاعر - وسيم سومرو (Waseem Soomro)

ماڻڪ ملاح گيت جو فطري شاعر
وسيم سومرو
منهنجي نظر ۾ شاعري خوبصورت فطرت جيان آهي ۽ شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ گيت اداس ڪويل جي ڪوڪ جيان آهي. شاعريءَ جي تنقيدي ڇيدن ۾ هڪڙو منهنجي پسند جو ڇيد هي آهي. ته ڪابه تخليق پڙهندڙ جي آڏو زيرو معنيٰ رکندي آهي. هاڻ پڙهندڙ جي پنهنجي تصور جي سگهه ان کي معنيٰ بخشيندي آهي.
منهنجي نظر ۾ جيئن جو تيئن AS IT IS اظهار ڪڏهن به شاعري ناهي هوندي. مون ڪجهه هفتا اڳ گلزار جو ڪتاب ”رات پشميني ڪِي“ پئي پڙهيو، ان ۾ هڪڙو نظم ”آرسي“ جي عنوان سان هو، جنهن جي پهرين سٽ آهي:
آئيني هاڻ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي.

20/05/2015

شاهه لطيف تي هڪ نئين نظر - راز شر (Raz Shar)

شاهه لطيف تي هڪ نئين نظر
راز شر
ريني ڊيڪارٽ جو قول آهي ته مان سوچيان ٿو، ان ڪري مان آهيان، ماڻهوءَ جي وجود ۽ عزم کي سندس سوچ ئي ڌار ڪري ٿي. انسان کي سندس سوچ ئي ان جي منصب لاءِ مجبور ڪيو ته انسان اشرف المخلوقات سڏائي. اشرف المخلوقات مان مراد مڙني تخليقن کان اعليٰ ۽ اُتم. اهو به ان ڪري جو انسان نه رڳو سوچي ٿو پر ڳالهائي به ٿو، ان ڪري هُن اهو منصب پنهنجي لاءِ چونڊي ورتو. نه ته انسان پنهنجي عادتن، خصلتن ۾ جانور کان به هيٺئين درجي وارو مقام رکي ٿو. توهان ڪڏهن جانور کي ٽوٿ برش ڪندي نه ڏٺو هوندو، پر پوءِ به ان مان ڌپ نه ايندي آهي، پر انسان جيڪڏهن ٻه ڏينهن ڏندڻ نه ڏئي ته ان جي ڀرسان بيهڻ به ممڪن نه هوندو آهي.
انسان بنيادي طور تي اشرف المخلوقات ناهي پر اها ان جي منزل آهي يا جيڪو هن خدا جي بابت سوچي رکيو، اها ئي مخلوقي اشرافيت يا مٿانهون درجو آهي، جنهن کي هو پنهنجي لاءِ ڪنسيڊر ڪري ٿو.

19/05/2015

راءِ گھراڻي جي تاريخ - ابو رافع (Abu Rafiu)

تاريخدان عبدالجيد نائچ جو ڪتاب
راءِ گھراڻي جي تاريخ
ابو رافع
سنڌ جي تاريخ تي ڪيترو ئي مواد موجود آهي، پر ان سڀ کي سهيڙڻ جي گهرج شايد سدائين رهندي. ڇاڪاڻ ته جيستائين اهو سمورو مواد سهيڙجي نٿو وڃي، تيستائين سنڌ جي اصلي تاريخ ليکي نه سگهبي.
تازو ئي راءِ گهراڻي بابت هڪ ننڍڙو ڪتاب لکيو آهي محترم عبدالمجيد نائچ، جيڪو راءِ گهراڻي بابت چڱي معلومات ڏئي ٿو. تفصيل ۽ ترتيب سان تاريخ لکڻ لاءِ هيءُ ڪتاب عربن جي فتح کان اڳ سنڌ ۾ راڄ ڪندڙ خاندان بابت ڄاڻ ڏيندڙ آهي.
ڪتاب ۾ مجموعي طور راءِ گهراڻي جي دور جو مختصر جائزو ڏنل آهي ۽ پوءِ جن راجائن بابت لکيو ويو آهي، انهن ۾ راجا راءِ ڏياچ، راجا راءِ سهيرس، راجا راءِ سهاسي،  راجا راءِ سهيرس ٻيون، راجا راءِ سهاسي ٻيون،  راڻي سونهن ديوي ۽ آخر ۾ ڏنل آهن، راءِ گهراڻي جا وزير.
راءِ گهراڻي جي دور جا هٿيار ۽ جنگي اوزار. سڀ گڏي ڪتاب راءِ خاندان تي روشني وجهندڙ آهي. تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هيءُ ڪتاب پڙهڻ جهڙو آهي. هونئن سڀ ڪتاب پڙهڻ جهڙائي هوندا آهن، پڙهندڙ موضوع جي چونڊ پنهنجي پسند جي ئي ڪندو آهي.

تاريخ جي هڪ دور بابت هيءُ ڪتاب سانڍڻ ۽ پڙهڻ جهڙو آهي، جنهن ۾ ستر صفحا آهن. ڪتاب جو ملهه هڪ سئو رپيا آهي ۽ هن ڪتاب کي ڇپايو آهي مارئي اڪيڊمي حيدرآباد سنڌ.

ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ - ابو رافع (Abu Rafiu)

بلوچ صحبت علي جو ڪتاب
ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ
ابو رافع 
بلوچ صحبت علي ان ٻوليءَ جو شاعر آهي جيڪا صدين جي تاريخ رکي ٿي ۽ اُن ڀونءِ تي رهي ٿو جيڪا اڄ جي تاريخ تائين ڀاڱا ٿيڻ کان بچي وئي آهي، پوءِ به هو پنهنجي تصور ۾ ائين محسوس ڪري تو ته ڀونءِ ڀاڱا ڀاڱا ٿي وئي آهي ۽ ان ڀونءِ  جو نوحو آهن هيءُ نثري نظم، جيڪي هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن، جنهن ڪتاب جو نالو آهي ”ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ“. نثري نظم سنڌ ۾ چڱو ئي لکيو ويو آهي پر ان کي اها اهميت اڄ تائين نه ملي سگهي آهي، جيڪا هند ۾ ان ساڳي صنف کي ”نئين ڪوتا“ جي نالي ۾ ملي آهي.
بلوچ صحبت علي هونئن سنڌي ٻوليءَ جو برجستو شاعر آهي، کيس شاعراڻي  علم عروض جي به چڱي ڄاڻ آهي ۽ غزل خوبصورت لکندو رهيو آهي پر هن ڪتاب ڇپائڻ وقت نثري نظم کي اهميت ڏني آهي. سندس هنن نثري نظمن ۾ شاعراڻا احساس آهن، ٻولي آهي، شاعراڻو اظهار آهي،  ڇاڪاڻ ته شاعر جو نثر سٺو ئي هوندو آهي، پر هر سٺي شاعر جو نثر به سٺو هجي، اهو ضروري نه آهي. صحبت جون ڪيتريون ئي سٽون روح تائين رسائي ڪن ٿيون ۽ اڄ جي نه رڳو عالمي حالتن پر ساڳئي وقت ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جو پڻ احوال ڏين ٿيون.
ان سڀ سان گڏ شاعر جو اعتماد پڻ موجود هجڻ گهرجي، جيڪو ڪتاب ۾ گهٽ نظر اچي ٿو.

هن هڪ سئو پنجونجاهه صفحن جي ڪتاب ۾ اسي صفحا نثر آهي، جيڪو صحبت عليءَ ۽ ٻين جو آهي، ان وقت فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿئي ٿو ته هي نثر جو ڪتاب آهي يا نظم جو؟ ساڳئي وقت ليکڪ جو پنهنجي لکڻ تي اعتماد/اعتبار به زخمي ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ضربجڻ نه گهرجي. هن ٻه سئو رپين جي ملهه واري ڪتاب کي پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. اداري ڪتاب سهڻو ڪري ڇيو آهي. ان لاءِ ادارو جس لهڻي ۽ ان کان پهريان شاعر!

سنڌ جون شاعر عورتون - ابو رافع (Abu Rafiu)

غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جو مرتب ڪيل ڪتاب
سنڌ جون شاعر عورتون
ابو رافع
هيءُ ڪتاب پنهنجي نالي مان اهو ته ٻڌائي ٿو اهو شاعر عورتن جي باري ۾ آهي پر ڪتاب جي وضاحت اها آهي ته هن ڪتاب ۾ شاعري آهي ۽ اها سڀ شاعري شاعر عورتن جي آهي، جنهن کي غلام مصطفيٰ  سولنگيءَ گهڻي  محنت سان گڏ ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ چاليهه شاعرائون آهن، جن جي چونڊ شاعريءَ سان گڏ سندن بايوڊيٽا ۽ تصويرون ڏنيون ويون آهن. ڪن شاعرائن بابت مختلف اديبن جا ويچار پڻ ڏنل آهن، ائين هيءُ ڪتاب عورت شاعرائن جو هڪ گڏيل خوبصورت مجموعو ٿي پيو آهي.
شاعرن ۽ شاعرائن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ٺيڪ نه آهي پر هن ڪتاب مان سنڌي شاعراڻي ادب ۾ اسان جي محترم شاعرائن جو حصو چٽو ٿي بيٺو آهي، جيڪو ڪنهن تڪڙي حوالي کڻڻ لاءِ آسانيءَ سان ملي سگهندو، ان لاءِ غلام مصطفيٰ سولنگي جس لهڻي.
هن قسم جي ڪتابن تي ڪيترن محنت ٿئي ٿو اها فقط اهي شخص ڄاڻن ٿا، جيڪي اهڙو ڪم ڪن ٿا. چاليهن شاعرائن جو مواد هڪ هنڌ مليو آهي، ان کي سنڌي ادب لاءِ سٺو عمل چئبو، اهو ممڪن هئو ته ڪتاب کي ڪنهن ترتيب سان جوڙيو وڃي ها ته ان ۾ وڌيڪ نکار اچي ها!

سندي ادب جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي سنڌي شاعرائون اڃا رهيل آهن جيڪي مرتب چواڻي ٻئي جلد ۽ ان کان وڌيڪ جلدن ۾ ترتيب ڏنيون وينديون، ڇو ته هيءُ ڪتاب جو پهريون جلد ڪري ڄاڻايو ويو آهي، جنهن ۾ ٽي سئو ويهه صفحا آهن ۽ ڪتاب تي چاليهن شاعرائن جا  چهرا پڻ نظر اچن ٿا. پڪي جلد واري هن سانڍڻ جهڙي ڪتاب جو ملهه چار سئو رپيا آهي ڪتاب کي ڇپائيندڙ ادارو آهي سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ.

03/05/2015

ترڇا تير - ابو رافع (Abu Rafiu)

صدا لاشاريءَ جو شاعراڻو ڪتاب
ترڇا تير
ابو رافع 
”ترڇا تير“ اسان جي دوست صدا لاشاريءَ جو پهريون شاعراڻو ڪتاب آهي، جيتوڻيڪ هو علمي ادبي طور چڱي عرصي کان لکندو رهيو آهي، سندس مقالا، مضمون، ڪالم ۽ ليک الڳ الڳ رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن، پاڻ قانون جهڙي شعبي سان لاڳاپيل هوندي به شاعريءَ سان پريت رکي ٿو. اها هن جي اندر جي اساٽ آهي، جنهن کي هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاري، پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري ٿو.
سندس شاعري ۾ سنڌ جا اهي سڀ مسئلا آهن، جيڪي اظهارڻ لاءِ هو هر وقت بيچين رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو هڪ سوچيندڙ پڙهيو، ڪڙهيو ذهن آهي ۽ وري وڪالت جهڙي پيشي سان واسطو هجڻ سبب زندگيءَ جا ڪيترائي مشاهدا سندس اکين ڪيا آهن، جيڪي هن نثر توڻي نظر ۾ آندا آهن.

هن ڪتاب ۾ صدا هڪ نئين شاعر طور ظاهر ٿيو آهي، ٻيءَ طرح هن جو ادب سان لاڳاپو هڪ پڙهندڙ طور به رهيو آهي ته لکندڙ طور به! هاڻ جڏهن هو صاحب ڪتاب بڻيو آهي ته پڪ سان اسان جون واڌايون لهڻي ٿو ۽ اڳتي کانئس اها اميد به ڪجي ٿي ته هو لڳاتار شاعريءَ معرفت  نثر  معرفت سنڌي ادب کي ڪجهه ڏيندو رهندو. ”ترڇا تير“ ڪتاب نهايت حسين ڇپيل آهي ٻن رنگن جي ڇپائي ۾ ڪيترائي اسڪيچ وغيره پڻ ڪتاب ۾ ڏنل آهن. جن ڪتاب کي وڌيڪ سهڻو بڻايو آهي. ڪتاب جو مهاڳ اسان جي ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي صاحب جو لکيل آهي، هن حسين ڪتاب ۾ هڪ سئو يارهن صفحا آهن ۽ ان جو ملهه ٽي سئو رپيا آهي. ڪتاب کي سهڻو ڇاپڻ جو سهرو سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سر تي آهي.