30/08/2015

سلطانا وقاصي جو ڪالم ڪتاب - محمد سليمان وساڻ (Mohammad Suleman Wasan)

سلطانا وقاصي جو ڪالم ڪتاب
ڳالهيون پيٽ ورن ۾
تبصرو: محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي نامور ليکڪا سلطانا وقاصي جي ڪالمن جو ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ٻن جُلدن ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. سلطانا وقاصيءَ جو نالو سنڌ جي انهن چند عورت ليکڪائن مان هڪ آهي جن پنهنجي قلم جي نوڪ ذريعي معاشري جي نا انصافين، ڏاڍاين ۽ نامناسب حالتن تي بي باڪي ۽ بهادريءَ سان لکيو آهي. سلطانا وقاصي سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊي آدم شهر جي هڪ زميندار گهراڻي سان رهيو آهي ۽ لاڏ ڪوڏ سان پڙهي آهي، سندس گهر ۾ ادبي ماحول رهيو ۽ سڀ ڪتاب کيس دستياب مليا. ڳوٺ ۾ رهندي به هن علم حاصل ڪيو جنهن جو سهرو سندس والد خانصاحب عبدالحق وَڪي ڏانهن وڃي ٿو جيڪو پنهنجي دور جو ادب دوست، ترقي پسند انسان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هيو. سلطانا وقاصي جي ناناڻي خاندان جو سنڌ جي ادبي حلقي ۾ وڏو نالو رهيو آهي. ناميارو عالم علامه علي خان ابڙو سندس نانو ۽ جديد سنڌي افساني جو مشهور ليکڪ جمال ابڙو سندس مامو آهي. اهڙي سکيي ستابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سلطانه وقاصي اڳتي هلي زندگيءَ جا ڪيئي ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ اڪيلي ئي انهن جو مقابلو به ڪيو ۽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ جڏهن لساني فساد چوٽ چڙهيل هيا تڏهن به هن اڪيلي سر اتي ويهي حالتن سان مهاڏو اٽڪايو. سندس ڪردار ۽ تحريڪ ٻين عورتن لاءَ به اتساهه جو سبب بڻي ۽ اهڙي وقت ۾ هن قلم ذريعي ان وقت جي حالتن، ماضي ۽ مستقبل بابت سنڌي اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. هو هڪ جذباتي ۽ بهادر عورت آهي ۽ جذباتي عورتون هر جاءِ تي مصلحت پسندي کان ڪم ڪونه وٺنديون آهن. اهوئي سبب آهي جو سندس لکڻيون ڪيترن ادبي ۽ سياسي شخصيتن کي نه وڻيون. 

20/08/2015

فضل سليمان قاضيءَ جو قانون تي لکيل لاجواب ڪتاب - اسحاق سومرو (Ishaq Soomro)

فضل سليمان قاضيءَ جو قانون تي لکيل لاجواب ڪتاب
اسحاق سومرو
سنڌ ۾ دانشوري به نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ حرفت طور استعمال ڪئي ٿي وڃي. اسان جا ڪيترائي دوست، مها ڏاها، دانشور، صحافي ۽ اديب پنهنجي قلم کي قوم دوست بجاءِ خود دوست رکڻ ۾ سرهائي محسوس ڪندا آهن. اسان جا ساڳيا دوست قلم جي نوڪ مان نڪتل ڏاهپ کي سماجي چڱ ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي پاڻ کي ڪو سياسي فائدو ڏيارڻ يا سماجي رتبو مٿڀرو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. هيءَ صورتحال اهڙن معاشرن جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي جي رهواسين وٽ ضمير ۽ قومي سوچ نالي ڪو وکر نه هجي ٿو ۽ هو هڪ اهڙي ميڙ جي شڪل اختيار ڪندا ويندا آهن، جتي هرڪو ماڻهو ذاتيات جي ڪيمسٽريءَ ۾ ڦاٿل نظر ايندو آهي. سندن سياسيات، سماجيات، معيشت ۽ زندگيءَ جا ڪلي ونهوار وکريل هوندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اسان جي قومي وحدت ۽ فڪر جي اجتماعي سگهه ۽ وجود جي باقي رهڻ جو سوال، اسان جي خالي دماغن مٿان لامار ڏيندو رهي ٿو.

15/08/2015

ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا! - مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)

ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا!
مبارڪ علي لاشاري
سماجي، سياسي ۽ مذهبي انتشار پوسٽ ماڊرن حقيقت ۽ صورتحال جو اهو نمونو آهي جيڪو کيس ماڊرن ۽ نيو ڪلاسيڪل روايتن مان مليو آهي. پوسٽ ماڊرن صورتحال انهي مظهر کي پڻ پنهنجي فلسفي ۽ فڪر جي جوهر ۾ سمائي افسوس بجاءِ مثبت ترقي سڏيو آهي جيڪو ڪافي حد تائين تاريخ جو سبق ۽ ارتقا جو ڏاڪو آهي. ارتقا جي انهي ڏاڪي تي پهچندي پوسٽ ماڊرن سوچ ۽ فلسفي جتي ميٽا نئريٽوز تي تنقيد ڪئي آهي اتي اضافيت جي پرچار ڪري ڄڻ کاٻي ڌر جي انتهاپسندي کي پڻ للڪاريو آهي. پوسٽ ماڊرن صورتحال جتي ڪيترائي فڪري لاڙا پاڻ ۾ سمايا آهن ۽ انهن مان نوان لاڙا ۽ گس پڻ ڪڍيا آهن پر پوءِ به وقت جي سماجي سائنسدانن هيل تائين انهي سوچ کي ڪو مضبوط لاڙو، نظريو يا فڪر نه سڏيو آهي، منهنجي نظر ۾ شايد ان جو اهو سبب به هجي جو پوسٽ ماڊرن صورتحال اڃا پوري طرح ڪٿي سهيڙجي ڪنهن جامع تجزيي يا فڪري تڪ تور ۾ نه اچي سگهي آهي جو ان جي باري ۾ ڪجهه حتمي چئي سگهجي ڇوته هي صورتحال پنهنجي فڪر، جوهر ۽ ڦهلاءَ ۾ ايڏو وسيع ۽ ڳنڀير آهي جو ان کي ايتري مختصر عرصي ۾ سهيڙڻ ممڪن نه هجي. تمام گهڻين پيچيدگين جي باوجود هي فڪر پنهنجي دامن ۾ ڪائناتي سماج جي هر قوت ۽ سوچ کي پاڻ ۾ سمايو آهي. ان لاءِ هن فڪر جي ڪنهن به حتي الامڪان گهٽ ۽ گهيڙ جو ڪو ڪاٿو نه آهي. ان پسمنظر ۾ ڪرسٽوفر بٽلر 2003ع جو تجزيو آهي ته پوسٽ ماڊرنزم “a loosely constituted and quarrelsome political party.”” هڪ ڍلي طرح اڻيل ۽ هڪ جهڳڙالي سياسي تنظيم وانگر آهي. يعني ان جي اڻت سخت قاعدن ۽ قانون بجاءِ کليل قاعدن وانگر ۽ دنيا و سماج جي هر فڪر سان مهاڏو اٽڪائيندڙ سياسي تنظيم وانگر آهي.

03/08/2015

تاريخ مظهر شاهجهاني - مختيار احمد ملاح (Mukhtiar Ahmed Malah)

يوسف ميرڪ جو ڪتاب
تاريخ مظهر شاهجهاني
مختيار احمد ملاح
سنڌ جي تاريخ جا اوائلي ماخذ گهڻو ڪري عربي ۽ فارسي ۾ دستياب آهن. عربي ۾ لکيل اڪثر ماخذ عربن جي سفر نامن ۽ تذڪرن ۽ حوالن ۾ ملن ٿا. فارسيءَ ۾ لکيل تاريخون درٻاري مورخن ۽ ليکڪن جون لکيل آهن. انهن ۾ گهڻو ڪري بادشاهن جو احوال، اميرن جو بيان، لڙاين جا قصا ۽ ۽ ملڪ گيريءَ جا داستان ڏنل هوندوا آهن. عوامي خوشحالي يا تنگدلي جو احوال بنهه گهٽ ڏنل هوندو آهي يا هوندو ئي نه آهي. اهڙيون تاريخون، محض آقائن يا حڪمرانن کي خوش ڪرڻ لاءِ انعام ۽ اڪرام حاصل ڪرڻ لاءِ لکيون وينديون آ  هن. پر مظهر شاهجهانيءَ جي نالي سان، سنڌ جي مغل دور حڪومت بابت هيءَ تاريخ فارسيءَ ۾ يوسف ميرڪ لکي، جنهن ۾ دهليءَ جي مغل سلطنت پاران سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ نوابن جي زيادتين ۽ ظلمن جو ڪچو ڄٺو ڏنل آهي.

30/07/2015

ڪتاب ”بلوچستان ۾ مهدوي حريڪ“ خواجا ذوالفقار (Khuwaja Zulifqar)

 مير رحيم داد خان مولائي شيدائي جو ڪتاب
”بلوچستان ۾ مهدوي حريڪ“
خواجا ذوالفقار
مير رحيم داد خان مولائي  شيدائي جو نڪور ڪتاب ”بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. رحيم داد خان مولائي شيدائي سنه 1952ع ۾ اهو ناياب ننڍڙو ڪتابڙو لکيو ۽ شايع ڪرايو.جيڪو ساڳئي سال ئي مارڪيٽ مان ختم ٿي ويو هو. هن سال ان ناياب ڪتاب کي ٻيهر مولائي  شيدائي اڪيڊمي پاران شايع ڪرايو ويو آهي. ان ناياب ڪتاب لاءِ سڀني کان وڌيڪ بلوچستان جي اديبن عالمن ۽ محققن مولائي شيدائي هائوس جا ڪيترائي چڪر ڪاٽيا ته ”بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ“ بابت کين ڪتاب ڏنو وڃي، جنهنڪري مولائي شيدائي اڪيڊمي طرفان 62 سالن کان پوءِ هي ڪتاب ٻيهر شايع ڪرايو ويو آهي.

واسديو نرمل جو ديوان نرمل ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي (Dr. Jagdesh Luchhani)

واسديو نرمل جو ديوان نرمل
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
سچل، غزل جي صنف کي سنڌي شاعريءَ سان روشناس ڪرايو، جيئن هن جو ڪيترو ڪلام غزل نما ڪافين جي صورت ۾ چيل آهي، پوءِ به اهو خليفو گل محمد گل (1808-1855ع) ئي هو، جنهن فارسي بحر وزن تي الف ب وار حرف جي لحاظ کان ديوان لکي سنڌيءَ ۾ غزل جو پڪو پختو بنياد وڌو بقول اياز قادري:
”هن سنڌيءَ جي پهرين وڏي شاعر جيڪي پنهنجي غزل ۾ روايتون قائم ڪيون، انهن جي بنياد تي ايندڙ دور جي شاعري ٿوري گهڻي ردوبدل سان سنڌي غزل جي عمارت تعمير ڪئي.“

ڪتاب ”ڏکن ڪڍيا ڏار“ ۽ ”چاهتون ۽ خواهشون“- مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

ڪتاب ”ڏکن ڪڍيا ڏار“ ۽ ”چاهتون ۽ خواهشون“
مٺل جسڪاڻي
مٽن مائٽن جو محمد موسيٰ جروار، جڏهن وڌڻ ۽ وڏو ٿيڻ لڳو، ته پهرين پاڻ پڙهڻ ۽ لکڻ سکيو، پوءِ اڳتي هلي پڙهائڻ جي ذميواري مليس ته ”سائين“ محمد موسيٰ سڏجڻ لڳو.
”سائين“ محمد موسيٰ پڙهائڻ جي ذميواري نڀائيندي، پڙهڻ واري عادت جاري رکي ۽ پوءِ لکڻ به شروع ڪيائين ته ليکڪ جي حيثيت ۾ سڃاڻپ ماڻيائين، تان جو شوق ٿيس شاعري سرجڻ جو، ته ڪو تخلص ڳولڻ بدران ”سائين“ کي ڪيائين تخلص.
اهو ئي ساڳيو، ”سائين“ محمد موسيٰ جروار هاڻي تجربيڪار استاد ۽ منتظم يعني تعليمي ماهر به آهي، ته نثر نويس ۽ شاعر به آهي. هن وقت تائين سندس ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ٻه ڪتاب ڇپجڻ جي لاءِ تيار آهن.
سندس پهريون ڪتاب ”ڏک ڏهوڻا ڏيهه ۾“ جن تائين پهتو، انهن کي خبر، ٻيون ۽ ٽيون ڪتاب مون کي مليا. هڪڙو آهي ”ڏکن ڪڍيا ڏار (هڪ معاشرتي جائزو)“. هي ڪتاب مختلف اخبارن ۾ ڇپيل ڪالمن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ٻيو آهي سندس شاعري جو مجموعو ”چاهتون ۽ خواهشون“ جنهن ۾ شامل ڪجهه شاعري آهي مختلف فنڪارن ڳائي.

27/07/2015

نسيم کرل جو ادبي قد-ڪاٺ - تاج جويو (Taj Joyo)

نسيم کرل جو ادبي قد-ڪاٺ
تاج جويو

آءٌ نٿو ڀُلجان ته مون ۱۹۷۸ع ۾، ايم اي سنڌيءَ جي امتحانَ ۾ جن ٻن ڪهاڻيڪارن تي مختصر نوٽ لکيا هئا، سي هئا: امر جليل ۽ نسيم کرل. مون کي ادب پڙهڻ جي چَسُ ته چوٿين درجي سنڌيءَ (۱۹۶۴ع) کان ئي هئي ۽ ڇهين درجي (۱۹۶۶ع) ۾ شاعري به شروع ڪري ڏني هئم؛ پر اٺين ڪلاس (۱۹۶۸ع) کان اِئين چئي سگهان ٿو ته مون کي ادبي سمجهه ۽ ساهتڪ شعور حاصل ٿي چڪو هو، ڇو ته ۱۹۶۹ع ۾، منهنجي شاعريءَ جي اُستادَ، سائين راشد مورائيءَ، مون کي خط لکي ڄڻ ته اِهو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو هو ته منهنجي شاعريءَ ۾ هاڻي درستگيءَ جي ضرورت نه آهي؛ ڇو ته آءٌ پختو شاعر ٿي ويو آهيان. اِئين ۱۹۷۸ع تائين پهچندي، منهنجي ادبي بالغپڻي کي ڏهه سال ٿي چڪا هئا.


مون جن ٻن ڪهاڻيڪارن تي ايم اي سنڌيءَ جي پيپر ۾ نوٽ لکيو هو، اُنهن جو رڳو امتحاني حوالي سان مطالعو نه ڪيو هئم، پر سندن ڪهاڻيون مون کي باقاعدي وڻنديون هيون ۽ اُنهن کان متاثر به هئس ۽ ٽيون ڪهاڻيڪار هو ’علي بابا‘، جنهن کي پير حسام الدين راشديءَ ’سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ ڪهاڻيڪار‘ سڏيو آهي، ۽ منهنجي نظر ۾ هو ’سنڌ جي روحَ جو پارکو‘ ڪهاڻيڪار آهي.
مون اُنهيءَ دور ۾ امر جليل ۽ نسيم کرلَ تي ماهوار ’سهڻي‘ جا نڪتل ’خاص نمبر‘ پڙهي ڇڏيا هئا، ۽ سندن ڪهاڻين تي ڀرپور تجزيي ڪرڻ جي قابل نه، ته به سرسري نظر وجهي سگهڻ جي اهل ضرور هئس. اُن دور ۾ اسان کي امر جليل جي ڪهاڻين جي مواد کان وڌيڪ سندس مڪالما ۽ ڊائيلاگ ياد رهندا هئا، ڇو ته انهن ۾ ٻوليءَ جي حسن سان گڏ فڪري سونهن ۽ طنزَ جي تيزي به موجود هوندي هئي. پر نسيم کرل اُهو ڪهاڻيڪارُ هو، جنهن جون ڪهاڻيون، اُنهن جا عنوان، موضوعَ ۽ اُنهن جو ’نفس مضمون‘ به ياد رهجي ويندو هو. آءٌ دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته نسيم کرل جي ڪيترين ڪهاڻين جا موضوع، اڄ به عنوانن سميت مون کي ياد آهن.
نسيم کرل، جمال ابڙي، غلام رباني آگري ۽ حفيظ شيخ کان پوءِ واري ٽهيءَ جو ڪهاڻيڪار هو. هو پنهنجي همعصرن ۾ پنهنجي منفرد اسلوب ۽ اسٽائيلِ سان ادبي ميدان ۾ لٿو ته پنهنجو نالو وڄائي ويو. هو ذاتي طرح وڏو زميندار هئڻ جي باوجود پنهنجين ڪهاڻين ۾ نرالو، يڪتا ۽ يگانو ڪهاڻيڪار رهيو. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ زميندار طبقي جي زوال پذيريءَ جي نقشي سان گڏ نئين زماني ۽ جديد سوچ جا چِٽ، جنهن ذهانت، بيباڪيءَ ۽ بهادريءَ سان چِٽيا آهن، اُن جو مثال ٻين ڪهاڻيڪارن وٽ ورلي ملندو. هن سنڌي وڏيري جي ڪردار کي ’زماني جي گردش‘، ’گٽس‘، ’ڪچو رنگ‘، ’زر ۽ زور‘ ۽ ’آٿت‘ ڪهاڻين ۾ ڀرپور نموني چِٽيو آهي. هن زميندار هوندي به ’ڊپلوميسي‘ ۽ ’دوغلي پڻ‘ کان ڪم نه ورتو آهي ۽ وڏيري طبقي جي پرڪارن ۽ افعالن کي کولي بيان ڪيو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جي لفظن ۾ نسيم کرل: ’ڪلاسيڪي سنڌي هو، سندس ڳالهين ۾ بناوٽ بدران روح سمايل هو.‘
نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ رچاءُ، نڀاءُ ۽فني اوچائي (climax) ڪمالَ جي هئي. هو ڪهاڻيءَ جي پلاٽ، تاڃي پيٽي، ڪردارن، مڪالمن، لفظن جي چونڊ، جُزئيات جي بيان ۽ پڄاڻيءَ ۾ ڪمال مهارت رکندو هو. هو زندگيءَ جي رنگن ۽ رنگينين، خوبصورتين ۽ رَعناين سان گڏ جيون جي قباحتن، ڪوڙاين ۽ ڪوجهاين کان به واقف هو. هن جي نظر سطحي ۽ مٿاڇري نه هئي، پر سندس مشاهداتي اکِ اُونهي ۽ ڳُوڙهي هئي، اُن ڪري ئي سندس ڪهاڻيون، عبدالقادر جي لفظن ۾ ’روح تي نازل ٿينديون هيون.‘ سندس ٽنهي مجموعن- ’شبنم شبنم ڪنول ڪنول‘، ’چوٽيهون در‘ ۽ ’ڊمي‘ جون ڪهاڻيون، اُن جي ساک ڀرين ٿيون.
نسيم جو قد ڪاٺ وڏي زمينداريءَ ۽ ملڪيت جي زور تي نه ٺهيو هو، پر هن جي قامت ۽ هن جو قد ڪاٺ سندس ڪهاڻين جوڙيو هو. نسيم جي ڪهاڻين ’پهرين مراد‘، ’ڪافر‘، ’چوٽيهون در‘ ۽ ’گذريل واردات‘ وغيره پڙهڻ سان نسيم جي نه رڳو ترَ يعني خيرپور جي ٻوليءَ جو لطف حاصل ٿئي ٿو، پر اُهي ڪهاڻيون، قادر چواڻي: ’سموري سنڌي سماج تي محيط ڪهاڻيون لڳن ٿيون.‘ ولي رام ولڀ جي لفظن ۾ نسيم کرل: ’هڪ objective ڪهاڻيڪار هو ۽ ماحول مان ئي مواد کڻندو هو. هن جا موضوع تصوراتي ۽ يوٽوپيائي نه هئا ۽ نه ئي مدي خارج ۽ بي وقتا هئا.‘ هن کي وڏيرن، بيوروڪريٽن، اعليٰ سوسائٽيءَ جي فردن، مذهبي جنونين، مايوس نوجوانن، جديد سوسائٽيءَ سان لاڳاپيل فردن جي نفسيات، ڪوٽن ۽ دارالفلاحن جي ماحول، اوڏن، چورن ۽ مڙس ماڻهن، چوڪيدارن ۽ گيج ريڊرن، صوبيدارن ۽ ٿاڻن جي ماحول، ٽانگي وارن ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن، هاءِ ڪلاس سوسائٽيءَ جي عورتن، اسپتالن جي ماحول ۽ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ڪردارن کي چِٽڻ ۾ ڪمال حاصل هو. سندس ڪهاڻين ۾ ورجاءُ، هڪجهڙائي ۽ يڪسانيت موجود نه آهي، پر هر ڪهاڻيءَ جو موضوع، مواد ۽ تاڃي پيٽو نئون ۽ نرالو آهي. هن ’مجاور‘ ۽ ’گذريل واردات‘ ڪهاڻين ۾ ڪامورن جي نفسيات ۽ پرڪارن، ’دارالفلاح‘ ۾ نام نهاد نيڪ سيرت سيٺين جي چهرن ۽ ڪردارن تان پردو کنيو آهي. ’ڊمي‘  ۽ ’اٽالوپڊنگ‘ ڪهاڻين ۾ مٿئين ڪلاس جي کوکلي، اُڀاميل ۽ پيٽ ڀرائيءَ واريءَ جيوت جو اهڙو ته اصلي رنگ ۽ نقشو چِٽيو آهي، جو ڪردار ڄڻ ته آڏو پيا ڳالهائين. نسيم کرل ’جنس‘ جي موضوع تي به لکيو آهي، پر اُن ۾ تصنع، بناوت ۽ لذتي پهلو گهٽ نظر ايندو، اِن ڏس ۾ ’ڪرنٽ‘ سندس شاهڪار ڪهاڻي آهي.
آءٌ آغا سليم سان به سمهت نه آهيان ته ’نسيم کرل ٻاهرينءَ کل جو ڪهاڻيڪار هو.‘ ڇا سنڌي سماج ۾ موجود سمورا مسئلا اندرَ جا ئي مسئلا آهن؟ خارج تي نظر وجهڻ کان سواءِ ’داخلي ڪرب‘ ۽ پيڙا کي محسوس ئي نه ٿو ڪري سگهجي. خارجي حالتون ئي روحن کي زخمي ڪنديون آهن ۽ اندر کي آزارينديون ۽ جيءَ کي جهورينديون آهن.
آءٌ امداد حسينيءَ جي ان راءِ سان به متفق ناهيان ته ’نسيم کرل وٽ ٻوليءَ جو تخليقي پهلو نه هو.‘ پير حسام الدين راشديءَ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا تجزيا، ان ڳالهه جا انڪاري آهن ۽ هنن جي سگهاري راءِ جو نچوڙ اهو نڪري ٿو ته نسيم کرل پنهنجي ڪهاڻين ۾ ’هڪ خاص سماج ۽ اُن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي محفوظ ڪئي آهي.‘ هن کي پنهنجي ٻوليءَ تي پوري قدرت ۽ دسترس حاصل هئي ۽ اُن کي بلڪل تخيلقي انداز ۾ ڪتب آڻڻ جو وٽس وڏو ڏانءُ پڻ هو. سندس ٻولي، هڪ پوري پسمنظر ۽ ماحول کي چٽي  اُن جو اصلي ۽ نيارو روپ پڌرو ڪري ٿي. نسيم کرل نه رڳو ٻهراڙيءَ جي، پر شهر جي ماڊرن سوسائٽيءَ جي ٻوليءَ، محاورن ۽ ان جي استعمال تي مڪمل گرفت رکندو هو. آءٌ شوڪت شوري ۽ نسيم کرل جي راين سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان ته ’نسيم جي ڪهاڻين ۾ هڪ لفظ ۽ جملي جي تبديلي نه ٿي ڪري سگهجي‘، خاص ڪري ’چوٽيهون در‘ ڪهاڻيءَ جي ڪلائيمڪس، جيڪا نسيم کرل بيان ڪئي آهي، اُها امداد جي تجويز ڪيل ڪلائيمڪس وارن جملن کان بهتر آهي. ’چوٽيهين در‘ ۾ ڦاٿل لاش، روهڙيءَ ۽ سکر جي صوبيدارن جي حدن جو مسئلو هو، جيڪي ’لاش‘ مان جان ڇڏائڻ لاءِ اُن کي سکر بئراج جي ’ٽيٽيهين ۽ چوٽيهين‘ درن ڏانهن ڌڪائيندا رهيا ٿي. جيڪڏهن گيج ريڊر لاش کي لوڙهڻ لاءِ رڳو در ۾ چاٻي ڦيري ها ۽ اُتي ئي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ٿئي ها ته پوءِ ڪهاڻي اهو تاثر نه ڇڏي ها، جيڪو گيج ريڊر جي سروير کي ڏنل هن جواب کان پوءِ جُڙي ٿو ته:
”بابل، ٻنهي صوبيدارن لاش ڪونه ورتو. سو اُن کي اُن بادشاهه جي حوالي ڪيم، جنهن جون حدون تمام وڏيون آهن، هوڏانهن سکر بئراج ته هوڏانهن عربي سمنڊ.“


نسيم کرل جي ڪابه ڪهاڻي، پڄاڻيءَ جي لحاظ کان ڪَسي نه آهي. جيتريقدر ٽيڪنڪ جو سوال آهي ته اِمداد جي اها راءِ وزندار نه ٿي لڳي، جنهن ۾ هُن چيو آهي ته ’نسيم وٽ ٽيڪنڪ جي نواڻ جي سخت کوٽ آهي.‘ نسيم جي هر ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ نِرالي آهي ۽ اِها نواڻ ئي کيس پنهنجن همعصصرن کان مختلف ۽ وڏو ڪهاڻيڪار ڪري بيهاري ٿي. پليجي صاحب ته مڃيو آهي ته ’نوان لکندڙ کانئس ٽيڪنڪ سِکي سگهن ٿا.‘ اِن حوالي سان نسيم کرل پنهنجي دور جو ’ٽرينڊ سيٽر‘ (Trend setter) ڪهاڻيڪار هو. نسيم نعريباز نه هو ۽ ضروري نه هو ته ’قومي مسئلن‘ کي امدادَ، پليجي يا منهنجيءَ نظر سان ڏسي ها. هر ليکڪ جي نگاهَه ۽ مسئلن ڏانهن پهچ (approach) ساڳي نه هوندي آهي، ۽ نه ئي ساڳيا مسئلا ۽ ساڳيا موضوع، سمورن ڪهاڻيڪارن کي ساڳيءَ طرح متاثر ڪندا آهن، ۽ اُهي انهن مسئلن تي ساڳئي انداز ۾ لکڻ شروع ڪندا آهن. ماحول ۽ ان جا موضوع ئي هڪ ليکڪ، هڪ ڪهاڻيڪار کي متاثر ڪندا آهن ۽ پنهنجي ماحول جو نسيم کرل بهترين ترجمانُ ۽ عڪاس هو، ان ڪري ئي هو ٻين کان مختلف هو ۽ همعصرن ۾ نرالو ڪهاڻيڪار هو. سندس ڪهاڻين ۾ ’دائمي رهڻ وارا قدر‘ وڌيڪ آهن. اِهو ئي سبب آهي، جو اڄ به سندس ڪهاڻيون اسان کي متاثر ڪن ٿيون.

شاعر شاهه محمد پيرزادو - مسرور پيرزادو (Masroor Pirzado)

سونهن جي سئو صورتن جو شاعر شاهه محمد پيرزادو
مسرور پيرزادو
جيئن دنيا ۾ مختلف قسمن جا گل آهن تيئن شاعريءَ جي دنيا ۾ به مختلف قسمن جا شاعر آهن. ڪن جي خوشبو ڪهڙي ته ڪن جي ڪهڙي! ڪن جا رنگ الگ ته ڪن جي سُونهن! اهو ماڻهن جي مزاج ۽ پسنديدگيءَ تي منعصر هوندو آهي ته انهن کي ڇا ٿو وڻي! شاهه محمد پيرزادو به سنڌي شاعريءَ جي گلشن ۾ هڪ گل آهي، پر هي اهو گلاب جو گل ناهي، جيڪو پري کان ماڻهن جي ديد پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. هي اهو سهڻو گل آهي جيڪو ٻين گهڻن گلن جي پويان ۽ هجوم ۾ لڪل آهي. ان جي سُونهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهوءِ کي هن ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ آهي ته هن جي سندرتا کي صحيح نموني پسي نه سگهندو. هن معصوم گل جهڙي شاعر جي شاعريءَ مان مزو وٺڻ لاءِ ماڻهوءَ کي هن وٽ ڪي پل چُپ ڪري ويهڻو پوندو. فقط پوءِ ئي ماڻهو هن جي نظمن ۾ موجود محبت جي مستيءَ کي محسوس ڪري سگهندا. هن وٽ محبت جو اظهار ٻين شاعرن کان مختلف ۽ موهيندڙ آهي. اهڙو محبت جو معصوم اظهار جهڙو هن مختصر نظم ۾ آهي.
هي دفعي
سال جو سڀ کان
ننڍو مهينو (فيبروري)
ڪيڏو وڏو ٿي ويو آ.
توسان ملڻ ئي نه ٿيو آ.

14/07/2015

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو سهيڙيل ڪتاب - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو سهيڙيل ڪتاب
”پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون“
(پيش لفظ)
رياضت ٻرڙو
ٻولِي؛ ڪيڏي نه اچرج جوڳي ايجاد آهي! اها ايجاد، جنهن جو مـﺆجد ڪو هڪ ماڻهو نه، پر گھڻا ماڻهو آهن، جيڪي گڏجي، ننڍو يا وڏو سماج جوڙن ٿا. ٻين لفظن ۾ چئي سگھون ٿا ته سماج ئي ٻوليءَ جو مـﺆجد آهي.
ٻولي ان ڪري به اچرج جوڳي آهي، جو اُها پنهنجن لفظن کي ظاهري معنى ۽ مفهوم ڏيڻ سميت باطني؛ يعني ڳُجھا مطلب پڻ ڏئي ٿي. اهي باطني مطلبَ ٻوليءَ جي ڏاهپ ۽ شعور جو اظهار هوندا آهن، جن وسيلي واسطيدار ٻوليءَ جي سماج جا تجربا پڻ سمجھيا ۽ سمجھايا ويندا آهن. انهن تجربن، آزمودن ۽ مشاهدن کي، عام مفهوم ۾، لوڪ ڏاهپ جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو.