05/09/2016

پيرل قمبر: شعريت جي مٽيءَ مان ڳوهيل يگانو ماڻهو! - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

پيرل قمبر: شعريت جي مٽيءَ مان ڳوهيل يگانو ماڻهو!
 جامي چانڊيو

مون جڏهن پنهنجي شعوري اک کولي ته منهنجو شهر ۽ هاڻي شايد اهو چوڻ وڌيڪ درست ٿيندو ته ’وڃائجي ويل شهر‘ قمبر ادبي ۽ سياسي لحاظ کان هڪ بيحد متحرڪ شهر هو. منهنجي مزاج ۾ ٻه ئي لاڙا هئا، سو مون ٻنهي لاڙن جو وڏو اثر قبول ڪيو. 1974ع ۾ مان قمبر تعلقي جي علي خان پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيس ۽ 1977ع ۾ هڪ شخص ڪجهه وقت لاءِ اسان جو ڪلاس ٽيچر ٿيو، جنهن کي پهرين درجي کان اسڪول ۾ هڪ استاد طور ڏسندو هئس. هو  سڀني استادن کان منفرد ۽ غيررواجي لڳندو هو. هن جو اچڻ، وڃڻ، هلڻ، ڳالهائڻ ۽ مجموعي شخصيت ٻين کان گهڻو مختلف هئي. مون کي سندس ڪابه خبر نه هئي ته هو ڪير آهي، بس رڳو ايتري خبر هئي ته هو اسڪول جو استاد ۽ شخصيت ۾ ٻين کان الڳ ٿلڳ ڪو انوکو ماڻهو هو. اسان جو ڪلاس استاد سائين محمد مٺل هنن کي ناپسند ڪندو هو ۽ هن کي اسڪول جي ورانڊي ۾ ايندو ويندو ڏسي پيو مُنهن ٺاهيندو هو. شام جو اسان ڪجهه دوست سائين محمد مٺل جي گهر ٽيوشن پڙهڻ ويندا هئاسين. هڪ ڀيري مون پنهنجي دلي تجسس جي احساس وچان سائين محمد مٺل کان هن ”عجيب استاد“ بابت پڇيو ته هن جو جواب هو، ”اِهو شاعر آ، هن سان نه ملجو- واندو آهي ۽ ڪنهن ڪم جو ماڻهو ناهي.“ اُن زماني ۾ ته مان هڪ ٻار هئس پر اڳتي هلي جڏهن هن ”عجيب شخص“ سان واقفيت ٿي ۽ پاڻ ادب جي دنيا ۾ پير پاتم ته خبر پئي ته اِهو هڪ فرد جو فرد ڏانهن شخصي رويو نه پر هڪ پسمانده سماج جو هڪ تخليقي شعبي ۽ تخليقڪار ڏانهن رويو هو. اڳتي هلي اُهو شخص 1977ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ اسان جو ڪلاس استاد ٿيو. پڙهائڻ ۾ هڪ ڀلو استاد، ٻارن سان شفقت، باقي استادن سان ڳالهه ڳالهه تي چِڙيو پوي. سندس خاص سڃاڻپ هئي هر وقت چانهن پيئڻ، ڀانيان ٿو ته سڄي پگهار چانهن تي خرچ ڪندو هو. مٿان وري معصوم اهڙو جو ٻيا استاد ۽ خاص طور فتاح چاڪي لِڪي ان گرم چانهن مان ڪجهه چُسڪيون ڀري پوءِ ان ۾ پاڻي وجهي پوءِ کيس ڏيندا هئا ۽ پوءِ استاد پيرل جو سڄو ڏينهن چانهن واري سان جهيڙو هوندو هو ته چانهن ٺاري ٿو موڪلين ۽ مزو به ڪونهيس، اِهو لقاءُ مون سالن جا سال اسڪول ۾ ڏٺو. اهو فقيرمنش شخص هو سنڌ جو غزل جو استاد شاعر سائين ”استاد پيرل قنبر“. مون به چوٿين درجي کان ڪَچا ڦِڪا  شعر لکڻ شروع ڪيا ۽ اُنهن جي اصلاح بابا (پروفيسر عبدالحئي چانڊيو) کان ڪرائيندو هئس، جنهن مون کي علم عروض ۽ علم بديع و بيان سيکاريو. مون اُهي شعر  سائين پيرل قمبر کي ڏيکارڻ شروع ڪيا ته هو مون کي وڌيڪ ڀانئڻ لڳو ۽ تاڪيد ڪندو هو ته مان کيس پنهنجا شعر ڏيکاريان. ايئن استاد پيرل سان هڪ رسمي ۽ ادبي شاگرد طور لاڳاپو شروع ٿيو، جيڪو ساڻس سندس  زندگيءَ جي آخر تائين رهيو.

12/08/2016

مخمور رضا جو ڪتاب ”هينئڙي منجهه هڳاءُ“ - سنڌو پيرزاده (Sindhoo Pirzada)

نئين رُت جو نرالو شاعر
نوجوان شاعر مخمور رضا جي ڪتاب
”هينئڙي منجهه هڳاءُ“
جو مختصر اڀياس

سنڌو پيرزاده

ادي روبينه ابڙو جي شاعريءَ تي لکندي مون لکيو هو ته لاڙڪاڻو صرف سرسبز ۽ شاداب ٻنين، زرخيز زمينن، موهن جي دڙي ۽ سنڌو درياءُ جي ڪري ئي مشهور نه آهي بلڪه هي شهر علم، ادب، فن ۽ موسيقي ۾ به ايترو ئي زرخيز آهي. ان ڳالهه تي ويتر ايمان وڌيو جڏهن لاڙڪاڻي جي نوجوان شاعر مخمور رضا جو ڪتاب ”هينئڙي منجهه هڳاءُ“ مون کي پوسٽ وسيلي مليو.
مخمور جي شاعري ته مون ڪڏهن ڪڏهن فيس بُڪ تي پڙهي هئي ۽ سندس عمر کي ڏسندي مون کي سندس شاعري وڌيڪ پختي لڳي. مخمور جي شاعريءَ ۾ جذبو به آهي، حساسيت به آهي، موسيقيت ۽ رڌم به آهي.

ڪتاب ”ادبي تنقيد جي تاريخ“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

نامياري نقاد اڪبر لغاريءَ جو ڪتاب
”ادبي تنقيد جي تاريخ“
رکيل مورائي

ڪڙي ردعمل طور لکندڙ ڪجهه هي چوڻواٿم ته ”سنڌي ادب ۾ تنقيد جي کوٽ آهي. اهي لفظ هاڻ هر لکندڙ شخص ائين ورجائيندو آهي، جيئن ڪنهن به اردوءَ واري کان پڇبو ته اردوءَ جو وڏو شاعر ڪير آهي ته چوندو. مرزا غالب ۽ ڪنهن به سنڌي لکيل پڙهيل کان پڇبو ته چوندو ڀٽائي ۽ ٻنهي جو نه غالب پڙهيل هوندو ۽ نه ئي ڀٽائي. ساڳي ڪار سنڌي تنقيدي ادب سان به آهي، پوءِ به سنڌيءَ ۾ اڌ درجن کن ڪتاب ضرور آهن جن کي تنقيدي ڪتاب چئي سگهجي ٿو پوءِ به چوڻو پوندو ته سنڌي ادب ۾ اڄ تنقيدي ادب جي بنهه  کوٽ آهي. ٻيءَ طرح عالمي تنقيد پڻ پنهنجا ڪيترا نوان پيچرا جوڙِ رهي آهي، جنهن ۾ شايد ڪجهه وڌيڪ سختي آئي آهي.

ڪتاب ”نئون ديرو؛ دل وارن جو ديرو“ - امتياز منگي (Imtiaz Mangi)

ڪتاب ”نئون ديرو؛ دل وارن جو ديرو“
امتياز منگي

جيڪڏهن دنيا جي نقشي کي گول ڦيرائبو ته ائين لڳندو ته ڪو جسماني تنتي سرشتو، گولائي ۾ گهمي رهيو هجي. گهڻو غور سان ڏسبو ته دنگن ۾ قيد رياستون، نيرو آسمان ۽ سمونڊ، صحرائون ۽ تڪراري يا مقبوضه علائقا، آڱرين هيٺان ڍڪجي ويندا. ڪنهن مهل ته نه نقشو سمجهه ۾ ايندو نه پري ڪيل هٿ جون ليڪون. ان نقشي ۾ اهڙي ڪا علامت يا ليجنڊ ڏيکاريل ناهي جيڪا شهر جي ڪيفيت يا قرباني ظاهر ڪندي هجي. هر شهر بس ائين ڏسڻ ۾ ايندو ڄڻ ته ڪنهن پائلٽ جي سهولت لاءِ ليڪيو ويو هجي.
نقشي ۾ ڪجهه عالمي اهميت جا شهر واضح نموني نظر ايندا. جيئن روم، ڪراچي، استنبول، پئرس، لنڊن ۽ واشنگٽن وغيره. وري دماغ ويڙهائبو ته ڪتابن کان وڌيڪ فلمن جا منظر ذهن ۾ ڦرندا.

نثري نظم ۽ ”اٿي اور اللھ سين“ - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ (Dr. Parveen Moosa Memon)

نثري نظم ۽ ”اٿي اور اللھ سين“
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

نثري نظم، نثر جو اهو قسم آهي، جيڪو شاعريءَ سان لاڳاپيل هوندي به نثر جو اهم حصو آهي. هن صنف جي شروعات 1897ع ۾ ٿي، نثري نظم تمام گهڻي مقبوليت سبب هاڻي ادب ۾ خاص جڳهه والاري ٿو. نثري نظم جي باري ۾ ڪجهه معلومات ڏيڻ کان اڳ اهو ڏسڻ ضروري آهي ته ”نثري نظم“ نثر جو حصو آهي يا نظم جو؟
انسائيڪلو پيڊيا ۾ نثري نظم کي هن ريت واضح ڪيو ويو آهي.
Prose poem, brief composition that may contain all the attributes of lyric poetry but that is set on a page as prose. The form was introduced into French literature by Jacques Bertrand. (In 1897)
ويبسٽرس ڊڪشنري هن نموني "Prose Poem" کي تشريح ڪيو آهي.
Prose, poem - A prose composition resembling poetry in emotional tone, use of rhythm, or metaphorical language.
مٿين وصف موجب معلوم ٿئي ٿو ته نثري نظم، شاعري ۽ نثر جو امتزاج آهي. اردو ادب ۾ هن صنف جي شروعات تي ڊاڪٽر انور لکي ٿو ته:

ذڪر زندان جو - علي زاهد (Ali Zahid)

ذڪر زندان جو
علي زاهد
ڀائو مولا بخش چانڊئي جي جيل ڊائريءَ ”ذڪر زندان جو“ جو ٻيو ڇاپو اڄ منهنجي هٿن ۾ آهي. ڀائو مولابخش جنهن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات هڪ سياسي ڪارڪن طور ڪئي هئي ۽ اڄ پنهنجي محنتن، محبتن، قربانين، ڏاهپ، ڄاڻ ۽ اهميت سبب ملڪ جي هڪ اهم سياسي شخصيت ۽ اڳواڻ طور اسان آڏو آهي. اهڙا تمام ٿورڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي سياسي هجڻ باوجود ادبي پڻ هجن، يعني اهڙا ماڻهو جيڪي هڪ ئي وقت سياست جي ميدان تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو بيٺا هجن پر ساڳئي ئي وقت ادب جي صحرائن ۾ به تخليق جا ڪميت ڊوڙائڻ ڄاڻندا هجن. اهڙن ماڻهن جي تخليقن منجھ جيتوڻيڪ سندن فڪر ۽ نظريي جا اولڙا ملندا آهن پر ان هوندي به سندن تحريرن ۾ سماجي پهلو اجاگر ڪيل هوندا آهن. پنهنجي سماج ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ جبر تي پڻ سندن قلم جنبش ۾ ايندو آهي ۽ مظلوم ماڻهن جي آهُن ۽ دانهن جا پڙاڏا پڻ انهن جي لکڻين ۾ پسي سگهجن ٿا.

24/07/2016

”اکين ۾ مُند مينهوڳي“ تي شاعراڻي نظر - فراق هاليپوٽو (Firaq Halepoto)

سنڌوءَ جَلَ تي باکَ هُئي ڄڻ!
سُهڻي شاعر سائل پيرزادي جي ڪتاب
”اکين ۾ مُند مينهوڳي“ تي شاعراڻي نظر
فراق هاليپوٽو

ڪنهن مارڪسي نقاد کان ويندي رومانوي نقاد تائين، هر نقاد وٽ پنهنجي مخصوص نمبر جي عينڪ هوندي آهي، ۽ اهو اقرار ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي ته اُهي پنهنجي ماڻيل داخلي توڻي خارجي شعور ۽ ادراڪ سان هم آهنگ ٿي ڪنهن فن پاري جي ڪَٿَ ڪندا آهن. پر انهن جي موقف/تنقيد سان جنهن بي باڪيءَ سان شاعري اختلاف ڪرڻ جي جُرئت ڪري ٿي، اها جُرئت فنونِ لطيفه جي ٻين صنفن ۾ گهَٽ ڏسڻ ۾ آئي آهي. ڇو؟ اُنهيءَ ڇو جو جواب آئون ڏيان، اُنهيءَ کان بهتر آهي ته اهو جواب سائل پيرزادي جي شاعريءَ مان ڳوليون، اها شاعري جيڪا هن مينهوڳيءَ جي مُندَ ۾ اکين ۾ لٿي آهي، ۽ ڪنهن ڌوتل پوتل گهاٽي جهنگ جهڙي ڪتاب ۾ سمائجي ويئي آهي، جهنگُ جنهن جي ڀرسان هڪ تارِ ندي وهي ٿي، پر اسان ٻيڙين تي چڙهي نديءَ جي ٻئي پار ڪونه وڃي سگهنداسين، ڇو ته هي جهنگ ايترو گهاٽو آهي، جو ان مان ٻاهر نڪرڻ جا سارا رستا اسان وڃائي ويهنداسين، سو ڪي رستا ڳولهڻ بجاءِ اچو ته انهيءَ جهنگ جي وڻن سان گفتگو ڪريون جيڪي سائل پيرزادي جي دل ۾ ڦٽا آهن.

12/07/2016

ادبي تنقيد جي تاريخ مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)

ادبي تنقيد جي تاريخ
مبارڪ علي لاشاري
فرانسس بيڪن ڪتابن لاءِ چيو آهي ته ”ڪجهه ڪتاب اهڙا هوندا آهن جيڪي صرف چکڻ لائق هوندا آهي ٻيا ڪتاب اهڙا هوندا آهن جيڪي نڳرڻ جهڙا هوندا آهن، اڃا ٻيا ڪتاب چٻاڙي هضم ڪرڻ جهڙا هوندا آهن؛ اهڙي ئي طرح ڪجهه ڪتاب اهڙا هوندا آهن جن جا ڪجهه حصا (وقتن فوقتن) پڙهڻ جهڙا هوندا آهن، ٻيا اهڙا هوندا آهن جيڪي پڙهڻ جهڙا ته هوندا آهن پر انهن جي پڙهڻ جي لاءِ هروڀرو ڪو گهڻو تجسس نه هوندو آهي جڏهن ته ڪجهه (تمام ڪي ٿورڙا) ڪتاب اهڙا هوندا آهن جيڪي نه صرف مڪمل پڙهڙڻ پر پوري توجه ۽ محنت سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ جهڙا هوندا آهن“.
فرانسس بيڪن يوٽيلٽيرينزم يعني افاديت پرست مفڪر هو جنهن جو مطلب ته هو هر شيءَ کي استعمال، فائدي ۽ منافعي جي نظر کان ڏسندو هو. سندس اها چوڻي به بيڪن جي آهي ته ”دوست اهو آهي جيڪو مشڪل وقت ۾ ڪم اچي“ يعني جيڪڏهن دوست اوهان جي فائدي ۾ نه آهي ته اهو اوهان جو دوست نه آهي.

04/07/2016

شاعري ”لفظن جي سوجهري ۾“ - محمد سليمان وساڻ (Muhammad Suleman Wasan)

شاعري ”لفظن جي سوجهري ۾“
محمد سليمان وساڻ

منهنجي هٿن ۾ ساهتي پرڳڻي جي شهر مٺياڻيءَ جي شاعرن جي شاعريءَ جوڪتاب موجود آهي. ڪتاب ورايان ٿو اندر پڙهان ٿو ۽ وري اڳئين صفحي تي شاعر جو تعارف پڙهان ٿو. هي ڪتاب دوست گُل بهار باغائيءَ موڪليو آهي. جڏهن بهار جي مند ۾ هر طرف گُلن جي سُرهاڻ محسوس ڪيان ٿو ته شاعرن جي هيءَ مالا به الائي ڪيترا گُل ۽ سرهاڻ پئي آڇي. ڪجهه وقت کان گڏيل شاعرن جا مجموعا پڙهڻ لاءِ ملن پيا، جيڪا سٺي ڳالهه آهي. اهي دوست جيڪي ڪتاب ڇپائڻ جو ست ڪونه ساري پئي سگهيا هاڻ انهن جي شاعري نه صرف عام تائين پهچي ٿي پر تاريخ ۽ ڪتاب گهرن جي زينت بڻجي وڃي ٿي.
ڪتاب لفظن جي سوجهري ۾ ڪل چوڏهن شاعرن جي شاعري موجود آهي، جن مان مسرور پنائي ۽ حسن صوفاڻي مٺياڻيءَ جا ناهن پر هنن جو هتان جي ادبي حوالي سان گهرو لاڳاپو رهيو آهي، تنهنڪري انهن جي شاعري به شامل ڪئي وئي آهي. باقي سڀ شاعر مٺياڻي يا آسپاس جا آهن جن ۾ آصف مٺياڻوي، سيد جعفر شاهه، عبد الجبار جوش، گل بهار باغائي، جاويد امر، غاذي امداد، ڊاڪٽر برڪت ملڪ، امين چانڊيو، راهب پنهور، ڊاڪٽر منظور ملڪ، شهريار علي ۽ مظهر عباس ٿهيم شامل آهن.

02/07/2016

ايم ڪمل جي نئين ڪوتا ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي (Dr. Jagdesh Lachhani)

ايم ڪمل جي نئين ڪوتا
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
دنيا ننڍي ٿي ويئي آهي.
زندگي سوڙهي ٿيندي پيئي وڃي.
انساني ذهن جي واڌاري سان، دل هم قدم رهي نه سگهي آهي. آرام، فرحت جا وسيلا بي شمار ٿي ويا آهن. انساني هل هلان تيز ٿي، فرصت کي ڪچلي رکيو آهي. هڪ طرف وڏيون صاف سٿريون عمارتون آسمان سان ڳالهيون ڪندي اُڀيون کڙيون آهن، ته ٻئي پاسي شهر جي گندگيءَ، گهُٽ ٻوسٽ ساھ  کڻڻ به اوکو ڪري ڇڏيو آهي.هڪ ئي گهرجي ڀاتين ۾ هڪ ئي مڪان ۾ رهندڙن جي من ۾ ويڇا وڌي ويا آهن. رشتا، وشواس ختم ٿيندا پيا وڃن.
هند سنڌ جي مانائتي قلمڪار ايم ڪمل (2010-1925) اهڙين جاچنائن کي سهڻو اظهار ڏنو آهي. ايم ڪمل ڇهين ڏهاڪي جي وچ ڌاري ”ننڊ ۽ جاڳ“ سان آزاد نظم ڏانهن سريو ۽ ”ڳرندڙ برف جا نقش“ تائين، ’نئين ڪوتا‘ ۾ چڱي چوکي جڳهه ٺاهي ورتي. اڄ هند ۽ سنڌ ۾ ڪوتا لکندڙن ۾، ايم ڪمل هڪ آبرودار نانءُ آهي.