26/01/2017

”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“ جا ’ٻه چار لفظ‘ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب
”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“ جا ’ٻه  چار  لفظ‘
رياضت ٻرڙو
دنيا جي علمي، ادبي ۽ سگھڙ ٻولين ۾ سنڌي ٻولي هر لحاظ کان شامل مڃي وئي آهي، جيڪا دنيا جي انهن پهريتي ۵۰ ٻولين ۾ ڳڻجي ٿي جن جا ڳالهائيندڙ گھڻا آهن. ان حوالي سان، سنڌي ٻوليءَ جي جاگرافي، سنڌ سُوڌو، مختلف ملڪن ۽ علائقن ۾ پڻ پکڙيل آهي جتي سنڌي ٻولي پنهنجو سماجي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي ڪارج نڀائيندي رهي ٿي. ان ڪارج جو هڪڙو، گھڻ-رخو اظهار، پهاڪا ۽ چوڻيون، محاورا ۽ ورجيسون پڻ آهن، جن ۾ سمايل ۽ سانڍيل لوڪ ڏاهپ کي هر سڄاڻ ماڻهو چڱيءَ پر ڄاڻي ۽ سمجھي ٿو. جڏهن ته عام ماڻهو ان جو پنهنجي سماجي اٿاويٺيءَ واري زندگيءَ ۾ عملي واهپو ڪري ٿو.
اهڙن سڄاڻ ماڻهن ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو پڻ شامل آهي. هُن ٻوليءَ جي انهيءَ لوڪ ڏاهپ کي نه صرف سمجھيو، پرکيو ۽ پروڙيو آهي، پر ان تي مسلسل تحقيق ڪندو ۽ ان جي خوبين، وصفن ۽ اهميتن کي لکت وسيلي بيان پڻ ڪندو رهيو آهي، جنهن سبب سندس نانءُ پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي تحقيقي ڪم جي حوالي سان نروار ٿي بيٺو آهي. خاص ڪري، سهتو صاحب جنهن خاص انداز ۽ موضوعي ورڇ سان پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪري رهيو آهي، اهو جس لائق آهي. نه صرف اهو، پر هُن ته پهاڪن ۽ چوڻين تي مختلف محققن پاران کانئس اڳ ٿيل تحقيقي ڪم کي به نئون سنئون (up-date) ڪري، سنواري ۽ سڌاري، ٻيهر جيئاريو آهي.

سهتي صاحب جو موجوده ڪتاب ”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“، پنهنجيءَ تحقيقي سٽاءَ ۾ بيحد وڻندڙ انداز رکي ٿو جنهن ۾ طب سان تعلق رکندڙ پهاڪن ۽ چوڻين کي ذيلي موضوعن ۾ ورڇي، بخوبي پيش ڪيو آهي. ان لاءِ کيس واڌايون پيش ڪيان ٿو.

08/01/2017

غلام محمد جو ڪتاب ”تو کان پوءِ“ - فريد ڪيريو (Fareed Keeryo)

شاعري هڪ شرف آهي
غلام محمد جو ڪتاب ”تو کان پوءِ“
فريد ڪيريو

شاعري هڪ اهڙو شرف جيڪو ڌرتيءَ جي من گولي تي جنم وٺندڙ گهر ان جي نصيب ۾ ناهي هوندو، جن اشرف الخلوقات مان به ڪي چند چونڊ ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي اهو شرف حاصل هوندو آهي. هتي مان پنهنجي ڳالهه جي مقصد کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ڌرتيءَ جي سٻاجهڙي شاعر مفتون ڪورائيءَ جي ڪتاب ”رُنيون ڪهڪشائون“ مان ورتل آسي زمينيءَ جي هنن خوبصورت سٽن جو سهارو وٺندس ته شاعري شعور عمل آهي يا لاشعوري انهيءَ فلسفيانه بحث کان پري رهندي شاعريءَ لئه اهو ته طئي آهي ته شاعري غير معمولي ماڻهن جي غير معمولي صلاحيت ۽ حاصلات آهي، جيڪا هڪ مهان تخليقڪار جي طرفان پنهنجي ئي تخليق کي عطا آهي تحفو آهي، ڏات آهي، پوءِ اُن ڏات جو ڀاڱو ڪنهن کي ڪنهن کي ۽ ڪيترو ڪيترو ملي ٿو اهو پنهنجو پنهنجو ڀاڳ آهي.

قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير - ڊاڪٽر خضر نوشاهي (Dr. Khizr Noshahi)

ڊاڪٽر خضر نوشاهي

سنڌ جي اڀرندڙ محقق ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگھري صاحب جي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز جو اختصار ”قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير“ جي عنوان سان مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور طرفان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو آهي. انهيءَ موضوع تي اِها پهرين ڀرپور ڪوشش آهي. اڳ ۾ اِنهيءَ موضوع تي صرف هيٺيان چند مختصر مقالا ڇپيل هئا:
(1) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جو مقالو ”قرآن پاڪ جا سنڌي ترجما ۽ تفسير“، هي مقالو پهريائين ٽن قسطن ۾ ماهنامه نئين زندگيءَ ڪراچي، سال 1964ع جي ٽن پرچن مارچ، مئي ۽ جون ۾ ڇپيو ۽ ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي مهراڻ نمبر 1-2/ 1980ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڀيرو ”ماهوار شريعت سکر“ ۾ فيبروري 1987ع ۾ به ڇپيو.
(2) ميرزا عباس علي بيگ جو مقالو ”قرآن جي اشاعت ۽ اُن جا ترجما“، ماهنامه نئين زندگي ڪراچي جي فيبروري 1987ع واري پرچي ۾ ڇپيو.

”خوشيون پرڏيهه جا پنڇي“ جو جائزو - غوث پيرزادو (Gaos Pirzado)

سنڌي شاعريءَ جو مست قلندر
سائل پيرزادي جي شعري مجموعي
”خوشيون پرڏيهه جا پنڇي“ جو جائزو
غوث پيرزادو

پنهنجي ظاهري ڏيک ويک ۾ پرين ۽ شهزادن جي ڪهاڻين ۾ موجود شهزادن جهڙو پراسرار شخص ۽ شاعر جو نالو آهي سائل پيرزادو، جنهن جي اکين ۾هڪ سمنڊ ڇوليون هڻندو رهندو آهي. بظاهر هن خاموش شاعر جي شاعري هڪ آتش فشان آهي، جيڪو آتش فشان دنيا کي ساڙي ۽ ٻاري رکڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو:
حقيقت هن حال جي ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري اوڀڙ اڀڙي ڪين ڪي. (شاهه) 
هن شاعر جا ٽهڪ اوڙڪون ڪري سانوڻيءَ جي مينهن جيان وسي پوندا آهن ته شاعري بڻجي پوندا آهن ۽ جهڙالي جهڙي سندس شاعري پڙهي روح اداس ٿي وڃي ٿو. سندس گفتگوءَ ۾ بارشن کان پوءِ ڌرتيءَ مان اٿندڙ مٽيءَ جي سڳنڌ ماڻهوءَ تي خمار طاري ڪري ڇڏي ٿي. ڳالهين جي ڳهير سائل پيرزادي جي ڪچهرين ۾دريائي ڪچي جي ماڻهن وارو مزو رکيل آهي جنهن جي ڪچهرين مان اٿڻ تي دل ئي نه چوندي آهي. سندس شاعري به سندس شخصيت جو ڀرپور عڪس آهي. هي وڏين اکين وارو اداس شاعر پنهنجي شخصيت مان مون کي انهن بي باڪ جوڌن مان بچي نڪتل سپاهي لڳندو آهي جن ڌرتيءَ جي دشمن جلادن سان ويڙهه وڙهندي پنهنجي جوانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن کي مان ايترو نه سڃاڻان، پوءِ به سندس تخليق منهنجي اتساهه جو ڪارڻ ان ڪري به آهي جو اها فطرت جيان حسين، خوبصورت ۽ معصوم آهي. هن جيڪي به ڪجهه لکيو آهي سو سندس دل کان ٻاهر ناهي. هن جي سٽ سٽ سندس ٽٽل جذبن جو آواز آهي. هن جي شاعري آرٽيفيشل ناهي تنهن ڪري هر پڙهندڙ سندس شاعري سان گڏ سفر ڪري ٿو.

30/12/2016

سنڌي ادب ۽ عقيده پرستيءَ جو سوال! - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

سنڌي ادب ۽ عقيده پرستيءَ جو سوال!
جامي چانڊيو
سنڌي سماج جي تاريخي طور اڳتي نه وڌي سگهڻ جا سبب گهڻا آهن پر اُنهن مان هڪ اسان جي سماج ۾توهم پرستي ۽ عقيدي پرستي به آهي. عقليت، سائنسيت، حقيقت پسنديءَ ۽ فلسفيانه سوچ اڃا هن سماج ۾ پيرَ نه کوڙي سگهي آهي. اها روِش جتي اسان جي ٻين شعبن تي لاڳو ٿئي ٿي، اُتي سنڌي ادب ۾ به اسان جو حال ٿُلهي ليکي ساڳيو ئي آهي. پسمانده ۽ عقيده پرست سماج نون خيالن، تنقيدي شعورَ، سوالن ۽ شَڪَ کان وَنءُ ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي تنقيدي شعور ۽ تبديليءَ کان خوف ٿيندو آهي. جڏهن ته آزاد سماج تنقيدي شعور، سوچ ۽ اظهار جي آزاديءَ تي ٻڌل هوندا آهن. جنهن سماج مان تنقيدي شعور موڪلائي ويندو، اُتي علم ۽ عقل داخل ٿي نه ٿو سگهي. تقليد تخليق جي نفي آهي ۽ عقيده پرستي انساني عقل ۽ شعور جي نفي آهي. زندهه ۽ اڳتي وڌندڙ سماجن کي تقليد، توهمات ۽ عقيده پرستي نه پر عقلي ۽ سائنسي توڙي کُليل سوچ گهرجي.

08/12/2016

قربان پيرزادي جو ڪتاب - زرار پيرزادو (Zarar Pirzado)

قربان پيرزادي جي ڪتاب
”ڇنڻ مور نه سکيا“ جو اڀياس
زرار پيرزادو
سنڌ انفارميشن کاتي سکر جي اڳوڻي ڊائريڪٽر، رٽائر آفيسر، ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ کي  لٽل ماسڪو بڻائڻ ۾ انور پيرزادي جي سٿ جي هڪ سرگرم اڳواڻ ۽ ليکڪ، قربان پيرزادي جي پنهنجين لکڻين، سندس شخصيت بابت  مضمونن، ساڻس ملهايل پروگرامن جي رپورٽن تي ٻڌل ڪتاب ”ڇنڻ مور نه سکيا“، شايع ٿي چُڪو آهي. ڪتاب جو نالو ٻڌڻ سان ئي اهو معلوم ڪرڻ لاءِ تجسس ٿئي ٿو ته اهڙو خوبصوت ۽ قربان پيرزادي جي شخصيت مان ٺهندڙ نالو، ڪنهن تجويز ڪيو. ذريعا ٻڌائن ٿا ته ڪتاب جو اهو نالو اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ انجنيئر رياض پيرزادي چونڊيو ۽ اڪثريت ان کي مان ڏنو.
قربان پيرزادي سان گڏ اتفاق سان سندس ڳوٺائي ۽ سماجي اڳواڻ ماما رمضان ساريو جي شخصيت تي ٻڌل ڪتاب پڻ ڇپجي آيو آهي.  ماما رمضان جي ڪتاب تي لکيل مهاڳ ۾ انور ابڙي هڪ اهڙو خيال اظهاريو آهي جيڪو هن ڪتاب تي به لاڳو ٿئي ٿو. انور ابڙي لکيو آهي ته: جيڪڏهن ماما رمضان تي لکيل مضمونن مان ليکڪن جا نالا ڪڍي مواد کي ترتيب ۾ آڻجي ته ماما رمضان جي آتم ڪٿا بڻجي سگهي ٿي. ائين قربان پيرزادي جي هن ڪتاب مان ليکڪن جا نالا ڪڍي مواد کي ترتيب ۾ آڻجي ته جيڪر قربان پيرزادي جي آتم ڪٿا بڻجي پئي.

احمد سلطان کوسو: پُرخلوص شخص ۽ نرمل شاعر- ڊاڪٽر فياض لطيف (Dr. Fayaz Latif)

احمد سلطان کوسو: هڪ پُرخلوص شخص ۽ نرمل شاعر
ڊاڪٽر فياض لطيف

احمد سلطان کوسي جي شاعري مختلف سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ عرصي کان ڏسندو ۽ پڙهندو رهيو آهيان.سنڌ ۾ شاعرن جو تمام ججھو انگ آهي ۽ انهن جي اڪثر شاعري روزاني اخبارن ۽ هفتيوار رسالن ۾ ڇپجندي رهي ٿي. اخبار وارن کي اخبار جو پيٽ ڀرڻو هوندو آهي ۽ اڪثر شاعرن کي ڦوٽو سميت پنهنجي شاعري  اخبار ۾ ڇپجڻ ۽ ڏسڻ جو شوق هوندو آهي. ان طرح ٻنهي جو لايو سجايو ٿي ويندو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته اخبارن ۽ رسالن ۾ ٿوڪ جي حساب سان ڇپجندڙ انهيءَ شاعريءَ ۾ ڪجھ شاعرن جي اهڙي شاعري پڻ شامل هوندي آهي، جيڪا نه رڳو معياري ۽ متاثر ڪندڙ هوندي آهي، پر روح کي گرمائي ۽ تن جي تندن کي تڙپائي ڇڏيندڙ هوندي آهي.
حقيقت ۾ احمد سلطان جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندڙ شاعريءَ مون کي ڪڏهن پاڻ ڏانهن  تمام گھڻو متوجهه نه ڪيو ۽ نه ئي مختلف موقعن تي ڇپيل ۽ پڙهيل سندس شاعريءَ بابت آءٌ ڪائي ٺوس راءِ قائم ڪري سگھيس، ان جو وڏو سبب شايد اهو به هو، ته مون کي اڪثر سندس شاعريءَ جو ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ مطالعو ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪڏهن يڪجا صورت ۾ سندس شاعري ميسر نه رهي، جنهن جي بنياد تي ڪا حتمي راءِ ۽ ڪو سگهارو تاثر جوڙي سگهجي.

سرمست- 19 - نذير احمد ”شاڪر“ بروهي (Nazir Ahmed Shakir Brohi)

 نذير احمد ”شاڪر“ بروهي

حضرت سچل سرمست جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ هر سال سائينءَ جي عرس جي موقعي تي ’سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور‘ طرفان سچل ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ٿيندو رهي ٿو ۽ هر سال انهيءَ ڪانفرنس ۾ پيش ٿيندڙ مقالن کي ”سرمست“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويندو آهي. اهو سلسلو ڪافي سالن کان جاري آهي. هيل تائين ”سرمست“ جا اڻويهه پرچا شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ سچل جي فڪر ۽ ڪلام تي نهايت تحقيقي نوعيت جا مقالا ڇپجي چڪا آهن. ”سرمست“ جو هر پرچو مواد جي لحاظ کان علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ممتاز حيثيت رکي ٿو. سچل جي فڪر ۽ شاعريءَ تي تحقيق ڪندڙ عالمن ۽ اديبن لاءِ ’سرمست‘ جا سمورا شمارا بنيادي ماخذ جي حيثيت رکن ٿا.

شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس
رکيل مورائي
شاھ سائين سنڌي ٻوليءَ جو ڪيڏو وڏو شاعر آهي، اهو سوال ته ئي آهي، ان جي جواب ۾ اسان ڇا ڏيکاري سگهنداسين، اهو ٻيو سوال آهي، شاھ سائين  جي شاعريءَ جي تخليقي پهلوئن تي الڳ الڳ ٻولين ڪيترو ۽ ڪهڙي معيار جو لکيو ويو آهي، اهو واڌو سوال آهي، جيڪو اسان مان انهن تي وڌيڪ لاڳو ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي سڄي ڄمار لطيف شناسيءَ کي ارپي ويٺا آهن.
اهو به سچ آهي ته شاھ سائين تي سنڌيءَ ۾ گهڻو ئي لکيو ويو آهي، پر ان جو وڏو حصو اهڙو آهي جيڪو شاھ سائينءَ جي تخليقي عمل کان وڌيڪ هن جي خانداني بزرگيءَ جو احاطو ڪندڙ آهي، يا سندس سوانح حيات بابت آهي، جيڪو به نهايت ضروري آهي پر اهو ڪو ٻيو فهم به آهي، جنهن سان پرينءَ جو پسڻ ٿئي ٿو.

روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي ڪَٿَ - ڊاڪٽر احسان دانش (Dr Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش
روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي ڪَٿَ


ادب ۾ Gender Deference  يا جنسي / صنفي تفريق جو سوال ڏاڍو اهم ۽ بامقصد آهي، يعني هڪ پاسي مرد تخليقڪار آهي ته ٻئي پاسي عورت تخليقڪاره. ڪو به ساڃاهوند ان ڳالهه کان انڪار نه ڪندو ته تخليق جو ڪوبه Gender نه ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪو چوڻ وارو چوي ته نظم ۾ مرداڻي حشمت ۽ وائي ۾ نسواني نزاڪت آهي ته اها ڳالهه نه رڳو اجوڳي پر مذحقه خيز به لڳندي، تنهن ڪري شاعري عورت لاءِ به اوتري ئي اهم آهي جيتري مرد لاءِ. پوءِ ادب ۾ مرد ۽ عورت تخليقڪارن کي ڌار ڌار صفن ۾ ڇوٿو بيهاريو وڃي؟ اهو هڪ دلچسپ سوال آهي. جنهن تي اسين اڳتي هلي ڳالهائيندا سين. في الوقت ڳالهه ڪندا سين سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي شاعره روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي.