02/01/2018

شبنم گل جو ڪهاڻي ڪتاب خالي هنج جو ڏک - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
نامياري ڪهاڻيڪار شبنم گل جو ڪهاڻي ڪتاب
خالي هنج جو ڏک

اڄ جڏهن سنڌي ڪهاڻي پنهنجي هڪ صديءَ کان وڏي ڄمار ماڻي پنهنجي سفر جي نئين صديءَ ۾ داخل ٿي آهي، تڏهن ان جي سفر جو جائزو وٺڻ اسان جي ادارن لاءِ بنهه ضروري ٿي پيو آهي. ان مان اسان جي اڄ جي لکندڙ لاءِ اهو فائدو ٿيندو ته هو اها ڄاڻ پرائيندو ته هو جيڪو ڪجهه اڄ لکي رهيو آهي اهو اڳئين لکڻ کان ڪيترو نرالو آهي. ان جو اندازو لڳائي سگهندو ۽ جيڪو ڪجهه نه لکيو ويو آهي، اهو لکڻ لاءِ هو پنهنجو ذهن تيار ڪندو ۽ اڄ جي پڙهندڙ لاءِ اهو فائدو به ٿيندو ته هو پنهنجي ادب جي رفتار ۽ معيار جو سفر سولائيءَ سان سمجهي سگهندو.
مثال طور اڄ جي لکيل يا لکيو ويندڙ ڪهاڻي ۾ اهڙو ڇا آهي، جيڪو ”پيراڻي“ کان الڳ آهي. اهڙو ڇا آهي، جيڪو”سفيد وحشيءَ“ کان الڳ آهي. اهڙو ڇا آهي، جيڪو ”بري هن ڀنڀور ۾“ کان الڳ آهي. مٿيون ڪهاڻيون ورهاڱي کان پوءِ ستت لکيل آهن، انهن کان اڳ ”حُر مکي جا“ آهي ۽ ”ادو عبدالرحمان“ آهي ۽ ٻيون به ڪيتريون ڪهاڻيون آهن جن جي ئي تسلسل ۾ تازو آيل اسان جي مانائتي ليکڪا ميڊم شبنم گل صاحبه جو ڪتاب ”خالي هنج جو ڏک“ پڙهڻ گهرجي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي يا محسوس ڪجي ته اڄ سنڌي ڪهاڻي پنهنجي احساس / اظهار ۾ ڇا اهڙو کڻي آهي، جيڪو اڄ جي ڪهاڻي جي نجي سڃاڻپ ڏئي.

بشير منگيءَ جو ڪتاب ڪير ٿو مون کي سڏي - امداد جسڪاڻي (Imdad Juskani)

امداد جسڪاڻي
خوبصورت شاعر بشير منگيءَ جو ڪتاب
ڪير ٿو مون کي سڏي

شاعر ڪنهن سرحد تائين محدود ناهي هوندو هو مظلوم، مجبور ماڻهن جو مسيحا ۽ همدرد هوندو آهي تنهنڪري ئي ته شاعر جو خيال، فڪر، ان جي هر ڳالھه عام ماڻهن کي به پنهنجي ڳالھه محسوس ٿيندي آهي ، هر شاعر وٽ فن، فڪر پنهنجو هوندو آهي، ڪو شاعر فڪري حوالي سان پختو ٿئي ٿو، ڪو فني حوالي سان پختو ٿيندو آهي ۽ اڪثر شاعر فني فڪري حوالي سان پختا ٿين ٿا ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهن ٿا.
بشير منگي شاعر ۽ نثر نويس آهي جنهن جي شاعري توڙي نثر ۾ سنڌو جي لهرن جهڙي رواني آهي جنهن جو وهڪرو شعور جي روشني ڏيندڙ  آهي. ”ڪير ٿو مون کي سڏي“ بشير منگي جي شاعري جو تازو مجموعو آهي جيڪو سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ۱۹۲ صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ غزل، وايون، گيت، نظم،بيت، چوسٽا، ترائيل شامل آهن. هن جي شاعر جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي تاج بلوچ، حبيب ساجد، ضياء شاهه، آدرش، وفا گولو، ساجد سنڌي انصاف واري عينڪ سان رايا ڏنا آهن جيڪي خوبين کي به پڌرو ڪن ٿا ته فني، فڪري جهول تي به ٽيڪا ٽپڻي ڪري پنهنجو فرض نڀايو آهي.

همير چانڊيو ۽ سندس ڪتاب ”لٽيل تاريخ جو اداس شهر“ - حفيظ چانڊيو (Hafeez Chandio)

حفيظ چانڊيو
مون مٽي ٻيهر ڳوهي آ
همير چانڊيو ۽ سندس ڪتاب
”لٽيل تاريخ جو اداس شهر“

منهنجي ڪيفيت اڄڪلهه مي رقصم واري آهي، اڪيلي هوندي پاڻ کي ڪنهن هجوم ۾ ٿو ڀانيان، هر ماڻهوءَ سان نه چاهيندي به پيار ۽ پاٻوهه ما ڀاڪي پائي ملي رهيو آهيان، ان جو سبب نوجوان ليکڪ همير چانڊيو جي دوستيءَ جو دم آهي، هو ڪو مصنوعي ڏاتيارو ناهي، فطري طور هڪ پڙهيو ڳڙهيو، کاهوڙي ڪردار جو ڌڻي آهي.
سنڌ ڌرتيءَ جي چپي چپي جي هڪ الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ موجود آهي، شڪارپور ضلعي جو نانءُ کڄڻ سان اياز، سامي، َقيوم منگي شهيد ۽ شهيد الابخش سومرو جي تصوير نه چاهيندي به اکين آڏو تري ايندي آهي. ڪي ڪي شهر ڪن شخصيتن جي نالي سان ساهه کڻندا آهن، جن جي ذڪر بنا شڪارپور جو تعارف اڌورو ۽ ڇسو آهي. اهڙن سهڻن حوالن مان سنڌ جو يگانو ڪردار صحافي، سهڻو ليکاري ۽ دانشور همير چانڊيو پڻ آهي، جنهن جو جنم پڻ هن شهر جي ننڍڙي ڳوٺ نوتن ۾ اعتبار چانڊيو جي ڪکائين گهر ۾ ٿيو، سندس ٻالڪپڻ ڀلي کڻي سندس ڳوٺ جي ڪشادن پڌرن ۾ راند روند ڪندي ڇو نه گذريو هجي، پر شڪارپور جي بند ڳلين ۾ به سندس انيڪ ساروڻيون پڻ سمايل آهن، جيڪي سندس زندگيءَ ۾ لاتعداد خوشين جو سبب بڻجي، کيس عمل جي ميدان ۾ هڪ بردبار انسان طور هن سماج ۾ آڻي هڪ سياسي، سماجي اڳواڻ، هڪ سهڻي، برجستي ليکاري طور اسان سنڌ واسين آڏو بيهارين ٿيون.

30/12/2017

ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جي ”آتم ڪٿا“ - مسرور پيرزادو (Masroor Pirzado)

مسرور پيرزادو
ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جي ”آتم ڪٿا“

وڏن ماڻهن جي خوبين مان هڪ خوبي اها به هوندي آهي ته هو پنهنجي وڏائي ٻين تي ظاهر ناهن ڪندا. هو لطيف  جي لفظن ۾ ”لڪا ڀُڻن لوڪ ۾“ هوندا آهن، ۽ پنهنجي نِوڙت، نياز، عاجزي ۽ انڪساري سان پنهنجو پاڻ کي ”ڪجهه به نه“ ڪري پيش ڪندا آهن. ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو به اهڙو ئي وڏو ماڻهو آهي. هو پنهنجي ڪاميابين ۽ حاصلاتن کي الله سائين جو ڪرم چئي، ڄڻ ته لطيف سائين جي ان بيت جي مختصر ۽ تمام جامع  تشريح ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن بيت ۾ اسان جي روحاني هماليا فرمايو آهي ته:
ات ڪرت وارا ڪيترا، ڪرت ڪبو ڪوهه
جيڪو بندو ڪم ڪري، سو مڙيو ئي ڏوهه،
تون پارس آئون لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان.
ائين ئي ڊاڪٽر پيرزادي پنهنجي ڪرت ۽ ٽيلينٽ کي ”رب جي رضا“ سمجهندي هميشه اها ئي خواهش رکي آهي ته شل رب هن جي لوهه جهڙي وجود کي سڃي سون ڪري ڇڏي. ۽ رب پاڪ به پنهنجي ٻانهي جي خواهش پوري ڪري هن کي سراپا سونُ بڻائي ڇڏيو.

29/12/2017

ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ جو سرسري جائزو - حڪيم يوسف کتري (Hakeem Yousif Khatri)

حڪيم يوسف کتري
ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ جو سرسري جائزو

اعظم ڀٽي هڪ ڏينهن آفيس ۾ مون کي چيو ته؛ سائين هڪ دوست جو ڪتاب آهي، ان تي تبصرو لکڻو آهي. خير! مفت جو ڪتاب ملڻ ڪري، مون ها ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي. پر پوءِ سوچيم ته؛ تبصرو اڄڪلهه انهيءَ کي چيو ويندو آهي، جيڪو ڪنهن اخبار يا ادبي رسالي ۾ ٻه ڪاپيون موڪلي تبصري لاءِ گذارش ڪبي آهي. ان جو مصنف کي اهو فائدو ٿيندو آهي ته سندس ڪتاب، ان اخبار يا رسالي جي سرڪيوليشن مطابق متعارف ٿي ويندو آهي ۽ ضرورتمند گھرائي وٺندو آهي. مون به ويهارو کن ڪتاب لکي، انهن جا تبصرا شايع ڪرايا. انهيءَ ۾ گھڻو ڪري، ڪتاب جي سائيز، قيمت، ڇپجڻ جو سال ۽ ايڊريس لکي، منڍ ۾ ساراھ ڪبي آهي ۽ آخر ۾ ٿورو گھڻو پروف جون غلطيون يا قيمت زياده هجڻ جو ذڪر يا ڪجهه سٽن ۾ ٿورين ڪوتاهين جو به ذڪر ڪبو آهي. ايئن آخر ۾ لکبو آھي ته ڪتاب انتهائي بهتر آھي ۽ مصنف ڏاڍي محنت ڪري شايع ڪرايو آهي. انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب، هڪ دفعو ضرور پڙهجي. ايئن مڙيئي ادارا جان ڇڏائيندا آهن.

هڪ مُنفرد آتم ڪٿا - ياسر قاضي (Yasir Qazi)

ياسر قاضي
پنهنجي نوعيت جي هڪ مُنفرد آتم ڪٿا

سرڪاري ڪامورا پنهنجي آتم ڪٿا ريٽائرمينٽ کان پوءِ ئي لکندا آهن، جنهن جو سبب اسين سڀ ڄاڻُون ٿا. مون کي اهڙو ڪوبه ڪامورو نه سُجھي، جنهن پنهنجي آتم ڪٿا پنهنجي نوڪريءَ دؤران لکي هجي. ڪي ڪامورا ته پنهنجي ريٽائرمينٽ کان پوءِ به پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جي همت ناهن ڪري سگھندا، خاص ڪري اهڙا ڪامورا، جن کي ”مَرا هُوا هاٿي، سوا لاک ڪا“ واري چوڻِيءَ تي گھڻو ويساهه هُوندو آهي ۽ ريٽائرمينٽ کان پوءِ به ڪا ذميواري ملڻ جي آسري ۽ تاڙ ۾ هُوندا آهن. هُونءَ ته هر ماڻهُوءَ کي پنهنجي خود نوشت لکڻ گھرجي، پر ڪامورا، جيئن ته سياسِي، توڙي عوامي اُٿل پُٿل جو سبب بڻجندڙ يادگار تاريخي واقعن جا گواهه هُوندا آهن، ان جو حصّو هُوندا آهن، يا گھڻن واقعن جا مُحرڪ به هُوندا آهن، تنهنڪري هر ڪاموري کي پنهنجي آتم ڪٿا ضرُور لکڻ گھرجي. سنڌ ۾ آتم ڪٿائُون ته هُونئن ئي گھٽ لکيو ويُون آهن، انهن ۾ به سرڪاري ڪامورن جُون آتم ڪٿائُون نه هئڻ جي برابر آهن. ويجھڙائيءَ ۾ سنڌ جي بيوروڪريسيءَ جي هڪ معروف ڪردار شمس جعفراڻي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا لکي آهي، جيڪا ”ڪتيم سڀ ڄمار“ جي سَري هيٺ ڇپي آهي ۽ گھٽ عرصي ۾ چڱي موٽ ماڻڻ وارن ڪتابن ۾ شمار ٿي چُڪي آهي. اڄوڪو ڏينهن ان ڪتاب جي حوالي سان ان ڪري اهم آهي، جو اڄ ڪراچيءَ جي ٽن تارن واري هڪ ٿڌي هوٽل ۾ هن ڪتاب جو مهُورت ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي علم، ادب ۽ ڪاموراشاهيءَ سميت سنڌ جي سياست جا پڻ اهم نالا شريڪ ٿي رهيا آهن.

24/12/2017

سنڌو پيرزاده جو شعري مجموعو ”اداسي“ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

رياضت ٻرڙو
سنڌو پيرزاده جو شعري مجموعو ”اداسي“

ايڪويهين صديءَ جي جديد سنڌي شاعرائن جا، جيڪي نانوَ روشن ستارن مثل، سنڌي شعر ۽ ادب جي آسمان تي جرڪي رهيا آهن، تن ۾ هڪ رنگارنگي ستاري ”سنڌو پيرزاده“ جو به سهڻو واڌارو ٿيو آهي، جنهن جي شاعريءَ جو مجموعو ”اداسي“ چَوڏسا پنهنجي فڪر ۽ فن جي ندرت جا ترورا پکيڙي رهيو آهي:
گيت ڪوئي ڳائڻ لاءِ دل ۾ چاندني آهي،
تو کي گنگنائڻ لاءِ دل ۾ چاندني آهي. (سنڌو)
 اِها ’چاندني‘ ان جذبي، ان اُڇل جو نالو آهي، جيڪو من ۾ موجود سنسار کي مَوجزن ڪري رهيو آهي، جنهن سان دل ۽ دماغ ۾ گيت گونجي رهيا آهن، جيڪي پنهنجي اظهار لاءِ آتا آهن. هيءُ سنسار، هي جذبا، هيءَ چاندني، اِهو سڀ ڪجهه جنهن هستيءَ لاءِ ’سنڌوءَ‘ جي سوچن کي ساگر جي لهرن جيان پکيڙي رهيو آهي اها ’تون‘ آهي. ’تون‘، جنهن کي بيان ڪرڻ هر شاعر، هر اديب، هر محبت ڪندڙ انسان جي لاءِ سهنجو نه آهي. ’تون‘ هڪ جستجو ۽ هڪ آرزو آهي. ’تون‘ اُها ڪيفيت آهي جيڪا جيءَ اندر واسو ڪيون ويٺي آهي، جنهن کان سواءِ اسان کي پنهنجو پاڻ اوپرو محسوس ٿيندو آهي.

20/12/2017

ڪتاب: ’اسڪولي لسانيات‘ تي سرسري نظر - ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو (Dr Altaf Mehboob Jokhyo)

ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو

ڪتاب: ’اسڪولي لسانيات‘ تي سرسري نظر


سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 2017ع ۾ ’اسڪولي لسانيات‘ جو ڪتاب ڇپايو ويو آهي. تازو نومبر 14، 2017ع تي ڪريڪيولم رويُو ڪاميٽيءَ دوران مڙني ميمبرن جي هٿن ۾ ڏٺم. هڪ معتبر اداري پاران ڇپيل سو به ’اسڪولي لسانيات‘ جي نالي سان، دل سٽ کاڌي ته اهو خريد ڪري ڏسي وٺجي. بيشڪ، سنڌ جي ماڻهن يا عالمن وٽ منهنجي لاءِ اهو تصور هجي ته مون ڪو ’جڙي ٻوٽين‘ تي ڪم ڪري پي.ايڇ.ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، پر لسانيات ۾ دلچسپي رکڻ يا سنڌي ٻوليءَ جو ماستر هوندي، علمي تنقيد ڪرڻ جو حق رکي، چند خال بيان ڪري سگهان ٿو. 
ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ ’سڪندر ساگر پنھيار‘ جي هن ۾ ڪا محنت ناهي يا ڪارگر ناهي، ليڪن ڪتاب جو شروعاتي حصو ڏسڻ بعد اهو چئي سگهجي ٿو ته هن ۾ ڪنھن ٻوليءَ جي علم رکندڙ ماڻهوءَ جي اصلاح موجود ناهي.

08/12/2017

مون کي آهه اٿاريو - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
نامياري محمد علي پٺاڻ جو نئون شاعراڻو ڪتاب
مون کي آهه اٿاريو

سنڌي شاعرن جي ڊگهي فهرست ۾ محمد علي پٺاڻ نمايان طور ڳڻائڻ جهڙڻ نالن مان هڪ آهي، جيتوڻيڪ هاڻ محمد علي پٺاڻ  فقط شاعر نه آهي، سندس  کاتي ۾ نثر جون به چڱيون تخليقي صنفون شامل آهن، ان ڪري هو شاعر به آهي، ته اديب به!
سنڌي ادب کي هن گهڻن رخن کان شاهوڪار ڪيو آهي، اهو سچ آهي،۽ اڄ جي تاريخ تائين هو پنهنجي ان ادبي ڪرت کي لڳل آهي، جنهن ۾ هن ڪڏهن به ٿڪجي ويهڻ جو احساس نه ڏنو آهي، البت ڪيترن ئي ٿڪجي ويهي رهيل دوستن کي هن نئون اتساهه ڏنو آهي، جيڪو سندس پهلو به ساراهڻ جهڙو آهي.
اڄ تائين محمد علي پٺاڻ جو آخري  شاعراڻو ڪتاب ”مون کي آهه اٿاريو“ آهي، جيڪو تازو ئي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. سندس جيئن ته ادب ۾ سگهاري سڃاڻپ موجود آهي، ان ڪري سندس ڪتاب ڌيان سان پڙهيو ويندو، ان ۾به ڳالهيون نه آهن.

نصابي ڪتابن ۾ صنفي برابري ۽ انصاف - ڊاڪٽر فهميده حسين (Dr. Fahmida Hussain)

ڊاڪٽر فهميده حسين
نصابي ڪتابن ۾ صنفي برابري ۽ انصاف

گذريل هفتي درسي ڪتابن جي پوسٽ مارٽم بابت پڙهي ڪنهن دوست مون کي لکيو ته پوسٽ مارٽم جو مطلب آهي ”موت کان پوءِ“ اهو ڪنهن ماڻهوءَ جي مري وڃڻ کان پوءِ سندس جسم جي ڪيل وڍڪٽ سان منسوب هوندو آهي، توهان اهو اصطلاح ڇا سوچي استعمال ڪيو. مون جيتوڻيڪ ايتري گهرائيءَ ۾ وڃي ڪو نه سوچيو هو ۽ ان لفظ جي مروج اصطلاحي معنيٰ منهنجي ذهن ۾ هئي، پر اها ڳالهه پڙهي سوچيان ٿي ته جيڪو حال اسان جي نصاب (۽ درسي ڪتابن) جو آهي ان کي ڏسي ته چئي سگهجي ٿو ته اهو ڪنهن به ريت ڪنهن زنده ۽ اڳتي جي سوچ رکندڙ ۽ وڌندڙ قوم جي لاءِ تيار ٿيل ڪونهي، اهو ايترو مدي خارج، ساڪت ۽ قدامت پسند آهي جو نه ئي ڪو اهو اسان کي دنيا ۾ ترقي ڪرڻ ۾ ۽ نه سرخرو ٿيڻ ۾ ڪا مدد ڪري سگهي ٿو، سو جيڪڏهن ان جي وڍڪٽ يا تجزيي لاءِ مون اهو لفظ استعمال ڪيو ته هروڀرو غلط ڪو نه هو.