05/10/2018

سليم چنا ۽ ان جا ٻه ڪتاب - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻي
سليم چنا ۽ ان جا ٻه ڪتاب!

لکڻ سولو هجي، ته هر ڪو ليکڪ هجي! لکڻ سولو نه هجي، ته ڪو به ليکڪ نه هجي! لکڻ سولو به آهي، ته ڏکيو به آهي! اهڙي ئي صورت ۽ حالت آهي، ان ۾ ئي لکڻ وارا لکن ٿا، ته لکڻ واري کي ليکڪ طور سڃاتو ويندو آهي.
جيڪي ليکڪ آهن، اُهي هونئن ته، عام ماڻهو ئي آهن، انهن ۾ ئي رهن ٿا، انهن جهڙا ئي هوندا آهن، پر جيئن ته هر عام ماڻهو لکندو نه آهي، ان ڪري هر عام ماڻهو ليکڪ نه آهي. جيڪي لکن ٿا، اهي نه صرف ليکڪ آهن، پر ليکڪن ۾ به عام ماڻهن وانگر هڪڙا عام ليکڪ آهن، ٻيا خاص ليکڪ آهن ۽ ڪي وري انهن ٻن يعني عام ۽ خاص جي وچ وارا ليکڪ آهن. جيڪي جيڪي به ليکڪ آهن، انهن پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ڪرائي آهي. اُها سڃاڻپ به عام ماڻهن جي ورهاست يا درجي بندي جي نسبت وانگر، اوڻيهه ويهه جي فرق سان ڄڻ ته ساڳئين آهي!

17/05/2018

ڪتاب ”پھاڪن جي پاٻوهه“ جو پيش لفظ- رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


رياضت ٻرڙو

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب
”پھاڪن جي پاٻوهه“ جو پيش  لفظ

سنڌي ٻوليءَ جي هڪ بيحد وڻندڙ سُونھن، سولائيءَ سان، سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ پڻ، پَسي سگهجي ٿي. اسان پنهنجي سماج منجهه، رواجي طور هلندڙ ڳالهه ٻول ۾، جيڪڏهن، ان پاسي ٿورڙو به ڌيان ڏينداسين، ته چڱيءَ پر، ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون ڪَتب ايندي، محسوس ڪري وٺنداسين، ۽ پاڻ کي، ٻوليءَ جي هڪ خوشگوار حيرت جي جَهان ۾ ڦرندي، ۽ جملن ۾ سمايل معنوي جوڙجڪ جون نيون ڪهڪشائون کوجيندي، ڏسڻ لڳنداسين.
جيئن سائنسدان نين ڪهڪشائن جون کوجنائون ڪندا ۽ انهن کي ووڙيندي، انهن جا راز پڌرا ڪندا رهندا آهن؛ ساڳيءَ ريت، سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جون ڪهڪشائون کوجيندڙ هڪ سپورنجُ انجنيئر عبدالوهاب سهتو به آهي، جيڪو تسلسل سان، پنهنجي مقصد ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق هيٺ، نه صرف پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي ڪم ڪندو رهي ٿو، پر ان سلسلي هيٺ اڳ ڪيل ڪم جي به نئين سر ترتيب، تدوين ۽ ڇنڊڇاڻ ڪندو رهي ٿو. ان جي شاھدي سندس پهاڪن ۽ ڪتابن جي اڳيَن چوڏهن ڪتابن کان پوءِ، هاڻوڪو پندرهون ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوھ“ آهي، جيڪو تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
مون اصل ڪتاب جي ميسر فوٽو ڪاپي ڪيل نقل کي نظرن مان ڪڍيو آهي، جيڪو سهتي صاحب کان مون کي مليو. اِن ڪتاب، ۽ ڪتاب جي ليکڪ بابت موجود تفصيلُ، سهتي صاحب، پنهنجن ’سادن اکرن‘ ۾ چڱيءَ ريت لکي ڇڏيو آهي. مون کي ان حوالي سان فقط هيءَ ڳالهه چوِڻي آهي، ته سهتي صاحب جِي هن ڪتاب تي ڪيل محنت سان، ڌارئي ملڪ ۾ ڇپيل سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جي هڪ ڪتاب کي، نه صرف 45-سالن کان پوءِ، نئين حياتي ملي آهي، پر ان جِي پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن ۽ پڙهندڙن جي ڏيھ ڏانهن به آمد ٿي آهي. گڏوگڏ هڪ سڄاڻ ليکڪ تيرٿداس پيسومل جي ڪم جي مڃتا ۽ قدرداني پڻ ٿي آهي. ان تناظر ۾، انجنيئر عبدالوهاب سهتو يقيناً جس لهڻي، جو هُن، جنهن ريت، ”گل شڪر“ [۲۰۱۱ع]، ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ [۲۰۱۵ع]، ”چونڊ سنڌي چوڻيون“ [۲۰۱۷ع]، ۽ ”پھاڪن جي پيڙھ“ [انٽرنيٽ تي آندل] کي نئون سنئون ڪيو ۽ وضاحتن ۽ سمجهاڻين سان پيش ڪيو آهي، اهو هر لحاظ کان واکاڻ جوڳو آهي، جيتوڻيڪ هُن ڪنهن به قسم جي واکاڻ جي توقع کان سواءِ، پهاڪن ۽ چوڻين جي شعبي ۾ تحقيق ۽ تدوين جِو انتخاب ڪري، پاڻ ئي پنهنجي واسطي هڪ محنت طلب ڪم کي چونڊي ورتو آهي.
محبت جن جـي مـن ۾، تَن تِشنَـگِي تار،
پِـي پـيـالــو اُڃ جـو، اُڃ سـيـن اُڃ اُٿـيــار،
پنهون پاڻَ پِيارِ، ته اُڃ سين اُڃ اُجهائيان. (لطيف)
اميد اٿم، ته ”پهاڪن جي پاٻوھ“ ۾ سمايل پاٻوھ کي ان ئي ميٺ محبت منجهان پڙهيو ۽ پُرجهيو ويندو، جنهن سان اهو لکيو ويو، ۽ نئين سر ترتيب ۽ تدوين سان پيش ڪيو پيو وڃي.

15/02/2018

ڪتاب ”گهاگهر منجهه ساگر“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب
”گهاگهر منجهه ساگر“ جو پيش  لفظ
رياضت ٻرڙو


عام طرح هڪ سِڪي جا ٻه پاسا، هڪ آئيني جا ٻه رُخ، هڪ رَسي جا ٻه سِرا، پر وجود هڪ ئي. ساڳيءَ ريت، ڏِسجي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ڏاهپ ۾ به ٻه رخ جُڙي پيا آهن، جن مان هڪ رُخ آهي پهاڪا، چوڻيون ۽ ورجيسون ۽ ٻيو رخ آهي انجنيئر عبدالوهاب سهتو. اهي ٻئي رخ به هڪَ ٻئي سان ايئن جَڙجي ويا آهن جو ٻنهي کي هڪُ ٻئي کان الڳ ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو آهي! سندن اها نينهن جِي ’ڳنڍَ ٽوپ‘ شالَ سدا جُڙي رهي، ڇاڪاڻ ته، پڌري پَٽ پيو آهي، ته موجوده وقت ۾، پهاڪن ۽ چوڻين جي سڃاڻَ ۽ واکاڻ عبدالوهاب سهتو بڻيو آهي، ته عبدالوهاب سهتي جِي سڃاڻ ۽ واکاڻ وري پهاڪا ۽ چوڻيون بڻيا آهن، جن کي هُو پنهنجي خاص رنگ ۽ ڍنگ ۾ سهيڙيندو ۽ آڇيندو پيو وڃي.
عبدالوهاب سهتي جا، سنڌي پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي مشتمل ۱۱-ڪتاب ۽ پهاڪن ۽ چوڻين بابت مضمونن ۽ مقالن جي سهيڙ تي مشتمل ۲-ڪتاب ڇپجي، مڃتا ۽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن، جڏهن ته پهاڪن ۽ چوڻين جي لغت تي سندس انتهائي اهم ڪم آخري مرحلن ۾ آهي. هاڻ هُن هڪ وِک ٻِي به کنئي آهي، جيڪا پڻ بيحد وڻندڙ آهي، جنهن ۾ هن هندڪو ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين کي سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي.

12/02/2018

ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي جو ڪتاب سنڌي ناول جي اوسر - پروفيسر هيروشيوڪاڻي (Prof. Hero Shewkani)

پروفيسر هيروشيوڪاڻي
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي جو ڪتاب
سنڌي ناول جي اوسر

جگديش لڇاڻيءَ جي تازي ڪتاب ”سنڌي ناول جي اوسر“ (۲۰۱۸ع) تي جيئن ئي مون تنقيد لکڻ جو من بڻايو تيئن بي ساخته مون کي هڪڙي اهم ڪتاب ”ادب جا فڪري محرڪ“ ليکڪ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، هئين تي هُري آيو. اهو ڪتاب مون کي اڄ کان اٽڪل چوٽيهه سال اڳ منهنجي محبوب دوست شوڪت حسين شوري (ڪتاب جي سرورق تي هن جي هٿ اکري ”دوست هيرو شيوڪاڻي لاءِ“) شوڪت شورو ۸۴/۱۱/۲۰ موجود آهي) مون تُرت پنهنجي شيلف مان اهو ڪتاب ڳولي هٿ ڪيو.
هن جائزي لکڻ لاءِ مون کي انهيءَ ڪتاب جي ياد ۽ ضرورت جا ڪي اهم ڪارڻ ضروري لڳا.
ادب جا فڪري محرڪ جون ۱۹۸۴ع لڳ ڀڳ ۴۰۰ صفحن ۾ ادب جي فڪري محرڪن تي هڪڙي ڳوڙهي مطالعي، ادراڪ ۽ اصلوڪي سوچ وارو سنڌ توڙي هند ۾ پنهنجي نوعيت جو اڄ سوڌو منفرد ڪتاب آهي. منهنجي هن اڀياس لاءِ خاص طور تي ان ڪتاب جو هڪ باب “”ادبي فڪر جا تاريخي رحجان“ (ص ۱۵۳-۱۸۱) اڄ اڃا به واسطيداري رکندڙ لڳو. پنهنجي هن تجزيي جي بنيادي مقصدن جي وضاحت ڪريان، ان کان اڳ ڊاڪٽر ٻوهيي جو ان نسبت ۾ هڪ حوالو غور ڪرڻ جوڳو آهي.

تاريخ شڪارپور - ابو رافع (Abu Rafiu)

ابو رافع
سنڌ جي پيرس طور سڃاپجندڙ شهر جي ڪٿا
تاريخ شڪارپور

جيڪڏهن مان ڀلجان نه ٿو ته پوءِ ايئن پڪ سان سمجهڻ گهرجي ته ڪراچيءَ کان پوءِ جنهن شهر جي تاريخ بابت گهڻو لکيو ويو آهي، ۽ جنهن شهر بابت گهڻا ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. اهو شهر شڪارپور آهي. اهو ٺيڪ چوڻ آهي ته شڪارپور سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم شهر رهيو آهي، هن شهر سنڌ کي ڪيترن ئي حوالن ۾ گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، ساڳئي وقت هن شهر سنڌ جي اڪثر شهرن کان وڌيڪ ڀوڳيو به آهي. اڄ جي تاريخ تائين ايندي شڪارپور شهر مان بدلجي هڪ احساس جي صورت اختيار ڪري ويل آهي. تاريخ ۾ ايئن ڪيئي شهر آهن جيڪي هڪ ڪيفيت جي صورت اختيار ڪري ويل آهن. ايئن شڪارپور به آهي جنهن جي خوشحاليءَ ۽ سونهن جو ذڪر تاريخ ۾ محفوظ آهي ۽ اڄ ان جي تباهيءَ جو ذڪر ڪيترين ئي زبانن تي آهي، جنهن جا پڻ ڪيترائي سبب آهن پر اڄ لکڻ جو سبب اهو ڪتاب آهي، جيڪو شڪارپور جي چئن سئو سالن جي تاريخ پاڻ ۾ سانڍي ٿو. هن ڪتاب جو نالو آهي تاريخ شڪارپور ۽ هن ڪتاب جو ليکڪ آهي، اسان جو بزرگ تاريخدان ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو ۽ هن ڪتاب کي بيحد اهميت واري ترتيب ڏني آهي پروفيسر محمد شريف شاد سومري صاحب!

الطاف شيخ جو نئون ڪتاب تاريخ جو سفر - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
سنڌي سفر نامي جي امام الطاف شيخ جو نئون ڪتاب
تاريخ جو سفر

دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا شخص رهيا آهن، جن جي سموري ڄمار سفر ڪندي گذري آهي، انهن سفرن جا سبب الڳ الڳ ٿي سگهن ٿا، پر انهن سفرن مان جيڪو علم حاصل ٿئي ٿو، ان جو اندازو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. اڄ سڄي دنيا جي تاريخ جو وڏو حصو انهن سفرن ۾ موجود آهي يا انهن سفرن جي لکيل وارتائن مان مليو آهي، جيڪي سفر قديم زماني کان جديد دنيا جي ماڻهن تائين لڳاتار جاري آهن ۽ انهن تاريخ جي هر دور ۾ سفر ڪندڙ شخصن مان هڪ شخص اهو آهي جنهن جي سفرن بابت مون کي مهاڪوي اياز جي سٽ ذهن تي تري اچي ٿي.

02/01/2018

شبنم گل جو ڪهاڻي ڪتاب خالي هنج جو ڏک - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
نامياري ڪهاڻيڪار شبنم گل جو ڪهاڻي ڪتاب
خالي هنج جو ڏک

اڄ جڏهن سنڌي ڪهاڻي پنهنجي هڪ صديءَ کان وڏي ڄمار ماڻي پنهنجي سفر جي نئين صديءَ ۾ داخل ٿي آهي، تڏهن ان جي سفر جو جائزو وٺڻ اسان جي ادارن لاءِ بنهه ضروري ٿي پيو آهي. ان مان اسان جي اڄ جي لکندڙ لاءِ اهو فائدو ٿيندو ته هو اها ڄاڻ پرائيندو ته هو جيڪو ڪجهه اڄ لکي رهيو آهي اهو اڳئين لکڻ کان ڪيترو نرالو آهي. ان جو اندازو لڳائي سگهندو ۽ جيڪو ڪجهه نه لکيو ويو آهي، اهو لکڻ لاءِ هو پنهنجو ذهن تيار ڪندو ۽ اڄ جي پڙهندڙ لاءِ اهو فائدو به ٿيندو ته هو پنهنجي ادب جي رفتار ۽ معيار جو سفر سولائيءَ سان سمجهي سگهندو.
مثال طور اڄ جي لکيل يا لکيو ويندڙ ڪهاڻي ۾ اهڙو ڇا آهي، جيڪو ”پيراڻي“ کان الڳ آهي. اهڙو ڇا آهي، جيڪو”سفيد وحشيءَ“ کان الڳ آهي. اهڙو ڇا آهي، جيڪو ”بري هن ڀنڀور ۾“ کان الڳ آهي. مٿيون ڪهاڻيون ورهاڱي کان پوءِ ستت لکيل آهن، انهن کان اڳ ”حُر مکي جا“ آهي ۽ ”ادو عبدالرحمان“ آهي ۽ ٻيون به ڪيتريون ڪهاڻيون آهن جن جي ئي تسلسل ۾ تازو آيل اسان جي مانائتي ليکڪا ميڊم شبنم گل صاحبه جو ڪتاب ”خالي هنج جو ڏک“ پڙهڻ گهرجي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي يا محسوس ڪجي ته اڄ سنڌي ڪهاڻي پنهنجي احساس / اظهار ۾ ڇا اهڙو کڻي آهي، جيڪو اڄ جي ڪهاڻي جي نجي سڃاڻپ ڏئي.

بشير منگيءَ جو ڪتاب ڪير ٿو مون کي سڏي - امداد جسڪاڻي (Imdad Juskani)

امداد جسڪاڻي
خوبصورت شاعر بشير منگيءَ جو ڪتاب
ڪير ٿو مون کي سڏي

شاعر ڪنهن سرحد تائين محدود ناهي هوندو هو مظلوم، مجبور ماڻهن جو مسيحا ۽ همدرد هوندو آهي تنهنڪري ئي ته شاعر جو خيال، فڪر، ان جي هر ڳالھه عام ماڻهن کي به پنهنجي ڳالھه محسوس ٿيندي آهي ، هر شاعر وٽ فن، فڪر پنهنجو هوندو آهي، ڪو شاعر فڪري حوالي سان پختو ٿئي ٿو، ڪو فني حوالي سان پختو ٿيندو آهي ۽ اڪثر شاعر فني فڪري حوالي سان پختا ٿين ٿا ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهن ٿا.
بشير منگي شاعر ۽ نثر نويس آهي جنهن جي شاعري توڙي نثر ۾ سنڌو جي لهرن جهڙي رواني آهي جنهن جو وهڪرو شعور جي روشني ڏيندڙ  آهي. ”ڪير ٿو مون کي سڏي“ بشير منگي جي شاعري جو تازو مجموعو آهي جيڪو سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ۱۹۲ صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ غزل، وايون، گيت، نظم،بيت، چوسٽا، ترائيل شامل آهن. هن جي شاعر جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي تاج بلوچ، حبيب ساجد، ضياء شاهه، آدرش، وفا گولو، ساجد سنڌي انصاف واري عينڪ سان رايا ڏنا آهن جيڪي خوبين کي به پڌرو ڪن ٿا ته فني، فڪري جهول تي به ٽيڪا ٽپڻي ڪري پنهنجو فرض نڀايو آهي.

همير چانڊيو ۽ سندس ڪتاب ”لٽيل تاريخ جو اداس شهر“ - حفيظ چانڊيو (Hafeez Chandio)

حفيظ چانڊيو
مون مٽي ٻيهر ڳوهي آ
همير چانڊيو ۽ سندس ڪتاب
”لٽيل تاريخ جو اداس شهر“

منهنجي ڪيفيت اڄڪلهه مي رقصم واري آهي، اڪيلي هوندي پاڻ کي ڪنهن هجوم ۾ ٿو ڀانيان، هر ماڻهوءَ سان نه چاهيندي به پيار ۽ پاٻوهه ما ڀاڪي پائي ملي رهيو آهيان، ان جو سبب نوجوان ليکڪ همير چانڊيو جي دوستيءَ جو دم آهي، هو ڪو مصنوعي ڏاتيارو ناهي، فطري طور هڪ پڙهيو ڳڙهيو، کاهوڙي ڪردار جو ڌڻي آهي.
سنڌ ڌرتيءَ جي چپي چپي جي هڪ الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ موجود آهي، شڪارپور ضلعي جو نانءُ کڄڻ سان اياز، سامي، َقيوم منگي شهيد ۽ شهيد الابخش سومرو جي تصوير نه چاهيندي به اکين آڏو تري ايندي آهي. ڪي ڪي شهر ڪن شخصيتن جي نالي سان ساهه کڻندا آهن، جن جي ذڪر بنا شڪارپور جو تعارف اڌورو ۽ ڇسو آهي. اهڙن سهڻن حوالن مان سنڌ جو يگانو ڪردار صحافي، سهڻو ليکاري ۽ دانشور همير چانڊيو پڻ آهي، جنهن جو جنم پڻ هن شهر جي ننڍڙي ڳوٺ نوتن ۾ اعتبار چانڊيو جي ڪکائين گهر ۾ ٿيو، سندس ٻالڪپڻ ڀلي کڻي سندس ڳوٺ جي ڪشادن پڌرن ۾ راند روند ڪندي ڇو نه گذريو هجي، پر شڪارپور جي بند ڳلين ۾ به سندس انيڪ ساروڻيون پڻ سمايل آهن، جيڪي سندس زندگيءَ ۾ لاتعداد خوشين جو سبب بڻجي، کيس عمل جي ميدان ۾ هڪ بردبار انسان طور هن سماج ۾ آڻي هڪ سياسي، سماجي اڳواڻ، هڪ سهڻي، برجستي ليکاري طور اسان سنڌ واسين آڏو بيهارين ٿيون.

30/12/2017

ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جي ”آتم ڪٿا“ - مسرور پيرزادو (Masroor Pirzado)

مسرور پيرزادو
ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جي ”آتم ڪٿا“

وڏن ماڻهن جي خوبين مان هڪ خوبي اها به هوندي آهي ته هو پنهنجي وڏائي ٻين تي ظاهر ناهن ڪندا. هو لطيف  جي لفظن ۾ ”لڪا ڀُڻن لوڪ ۾“ هوندا آهن، ۽ پنهنجي نِوڙت، نياز، عاجزي ۽ انڪساري سان پنهنجو پاڻ کي ”ڪجهه به نه“ ڪري پيش ڪندا آهن. ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو به اهڙو ئي وڏو ماڻهو آهي. هو پنهنجي ڪاميابين ۽ حاصلاتن کي الله سائين جو ڪرم چئي، ڄڻ ته لطيف سائين جي ان بيت جي مختصر ۽ تمام جامع  تشريح ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن بيت ۾ اسان جي روحاني هماليا فرمايو آهي ته:
ات ڪرت وارا ڪيترا، ڪرت ڪبو ڪوهه
جيڪو بندو ڪم ڪري، سو مڙيو ئي ڏوهه،
تون پارس آئون لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان.
ائين ئي ڊاڪٽر پيرزادي پنهنجي ڪرت ۽ ٽيلينٽ کي ”رب جي رضا“ سمجهندي هميشه اها ئي خواهش رکي آهي ته شل رب هن جي لوهه جهڙي وجود کي سڃي سون ڪري ڇڏي. ۽ رب پاڪ به پنهنجي ٻانهي جي خواهش پوري ڪري هن کي سراپا سونُ بڻائي ڇڏيو.