19/06/2019

سچل سرمست وٽ جلال جو تصور - ڊاڪٽر شير مهراڻي (Dr Sher Mehrani)


ڊاڪٽر شير مهراڻي
سچل سرمست وٽ جلال جو تصور


فطرت جي سونهن جا ٻه وڏا مظهر آهن، هڪ جمال ٻيو جلال! جمال تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي، بحث مباحثا به ٿيا آهن. پر جلال تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. پهريون ڀيرو مشهور ڏاهي لائنجائس (۲۷۳_۲۱۳ع)  ”آن دي سبلائيم“ يعني ”جلال بابت“ ڪتاب لکي جلال کي جمال جو حصو سڏيو. هن چيو هو، سبليميشن (جلال) روح جي عظمت جو پاڇولو آهي ۽ جلال کي ئي سونهن جو اصل محور ۽ مرڪزآهي.

ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو ڪتاب ”ٻني ثقافت“ - ابو رافع (Abu Rafiu)


ابو رافع (Abu Rafiu)
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو ڪتاب ”ٻني ثقافت“

سنڌ تهذيبي طور ڪيتري قديم آهي، اهو اڄ دنيا جو هر ڏاهو ماڻهو مڃي چڪو آهي. سنڌو تهذيب جي عمر ڪٿڻ لاءِ شايد اڃا وقت جي گهرج آهي، تنهن هوندي به سنڌو تهذيب اهڃاڻوي طور هاڻ موهن جي دڙي جي تهذيب کان گهڻو اڳ جي آهي، اهو نون علمن سان ظاهر ٿي رهيو آهي. سنڌو تهذيب جو دائرو هر ايندڙ وقت ۾ ويڪرو ٿي رهيو آهي، اهڙو اشارو آرڪيالاجيءَ جا ڄاڻو ڏيئي رهيا آهن.
ويجهڙ ۾ ئي، جڏهن ڍولا ويرا جي تهذيب سڃاڻپ ۾ آئي ته سنڌو تهذيب جي قدامت جو وڌيڪ هڪ چٽو مثال ظاهر ٿيو. ڍولا ويرا بابت سنڌيءَ ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو اهو مقالو جيڪو هُن سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو سنڌ ۾ پڙهيو هيو، اهو نهايت اهم مقالو هئو، جيڪو هڪ سنڌي عالم پاران پهريون ڀيرو ئي شايد پيش ڪيو ويو هئو.

18/06/2019

تبصرو ”سَلا سچائيءَ جا!“ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻي
تبصرو ”سَلا سچائيءَ جا!“
اوھان ڇا ٿا سمجھو ته ”سَلا سچائيءَ جا!“، ڪھڙي ٻوٽي يا وڻ جا سلا ھوندا؟ اُھي ڪنھن پوکيا، ڪيئن پوکيا، ڪيئن پرورش ڪري، نپايا، اُپايا؟
”سلا سچائيءَ جا!“ دراصل ڪتاب جو نالو آھي. اوھان ڇا ٿا سمجھو ته اھو ڪتاب ڪھڙي معروف ۽ مقبول ليکڪ جو ۽ ڪھڙي صنف ۾ ڪتاب آھي؟
”سلا سچائيءَ جا!“ ڪتاب، مون کي فقير محمد ڍول سوکڙيءَ طور، مطالعي لاءِ عنايت ڪيو.
ان کان اڳ منھنجي وڏي پٽ اظھار جي دوست زحيب اسلم جروار مون کان پڇيو ھو، ته ”اوھان کي منھنجي مامي جو ڪتاب مليو؟“
نه ملڻ سبب مون ”نه“ ۾ جواب ڏنو، ته ھن چيو ”مون سمجھو اوھان کي فقير محمد ڍول ڪتاب ڏنو ھوندو، پر خير آھي، آئون اوھان کي ڪتاب ڏئي ويندس، پڙھجو.“

عاشق منگي جو ڪتاب ”نئون ديرو دل وارن جو ديرو“ - وحيد محسن (Waheed Mohsin)


تبصرو : وحيد محسن
عاشق منگي جو ڪتاب ”نئون ديرو دل وارن جو ديرو“


ڪتاب اسان جا دوست ھوندا آهن اڄ منهنجي تبصري ھيٺ عاشق منگي جو ڪتاب ”نئون ديرو دل وارن جو ديرو“ جنهن کي نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي مئي 2012 ۾ شايع ڪيو جيڪو ساروڻين تي مشتمل ھڪ بھترين ڪتاب آهي، ان جي اوھان سان آشنائي ڪرايان پيو.
عاشق منگي جو تعلق انهيءَ شھر نئين ديري سان آهي جنهن پنهنجي سڄي حياتي پڙهڻ ۽ پڙھائڻ ۾ گذاري آهي علم، ادب، ٻولي ۽ سياست سان ان جو سٻنڌ مضبوط قسم جو آهي انهيَ ٻل تي لکندو رھي ٿو. شروعاتي دؤر ۾ ڪجهه شاعري به تخليق ڪئي اٿائون ۽ شاعري سان ان جي تعلق ۽ پيار جو اندازو ھن ڪتاب پڙهڻ کان پوء مون کي ٿي ويو، ڇو ته ھن ڪتاب ۾ عاشق منگي سنڌ جي عظيم آفاقي شاعر شاھ لطيف جي شاعري مان ڪافي شعر ھن ڪتاب ۾ مضمون جي نوعيت سان ڏنا آهن ۽ ڪجهه ٻين شاعرن جا چونڊ شعر به ڏنا آهن، پنهنجي شاعري مان به ڪجهه شعر شامل ڪيا آهن جيڪي ڪتاب جي سونهن کي وڌائڻ سان گڏ دلچسپي به پيدا ڪن ٿا.

ڪتاب ”مُونا طُورِ سينا“ جو اڀياس - علي ڏنو جروار (Ali Dino Jarwar)


علي ڏنو جروار
ڪتاب ”مُونا طُورِ سينا“ جو اڀياس

هونئن ته سنڌي ٻولي ۾ روزانو ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، پر ڪي ڪتاب اهڙا به آهن جن جي تمام گهڻي اهميت آهي. زير نظر ڪتاب ”مُونا طُورِ سينا“ لطيفيات بابت آهي، جيڪو فقير حاجن نظاماڻيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ لطيف بابت تمام گهڻي تحقيق ۽ ڄاڻ شامل آهي. هي ڪتاب سمبارا پبليڪشن حيدرآباد پاران مئي 2019ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو 256 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ جيڪي به مضمون شامل آهن سي روزاني ”عبرت“ جي ايڊيٽوريل پيج تي ۽ ”عبرت مئگزين“ ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

13/06/2019

ڊراما سيريل تي ٻڌل ڪتاب ”سامين سمر سور“ تي هڪ نظر - زرار پيرزادو (Zarar Pirzado)


زرار  پيرزادو (Zarar Pirzado)
محمد علي پٺاڻ جي ٽي وي ڊراما سيريل تي ٻڌل ڪتاب
”سامين سمر سور“ تي هڪ نظر


نامياري اديب محمد علي پٺاڻ جي ٽي وي ڊراما سيريل تي ٻڌل ڪتاب ”سامين سمر سُور“ منهنجي هٿن ۾ آهي.
مان چوندو آهيان ته هڪ جنم ۾ ته ماڻهو هڪ ئي ڪم ڪري سگهي ٿو، ڪو ماڻهو ڪرڪيٽر ئي ٿي سگهي ٿو، هاڪي جو رانديگر ٿي سگهي ٿو، انجنيئر، ڊاڪٽر ٿي سگهي ٿو، راڳي يا اداڪار ٿي سگهي ٿو پر محمد علي پٺاڻ ۽ اسانجن اديبن ۾ اها ڪمال جي صلاحيت آهي ته اُهي ڪيترن ئي محاذن تي ڪم ڪن ٿا ۽ هڪ جنم ۾ ڪيترن ئي جنمن جو ڪم اڪلائي وجهن ٿا.
ڪتاب ”سامين سمر سُور“ ۾ محمد علي پٺاڻ هڪ ڊراما نگار طور نظر اچي ٿو جڏهن ته ان جي سڃاڻپ جا ڪيترا ئي سگهارا حوالا آهن. پاڻ ڪهاڻيڪار، شاعر، ڪالم نگار، ناول نويس، سفرناما نويس، نقاد، ادبي ڪارڪن ۽ سنڌي ادب جي شعبي جا استاد آهن.

هيڻن جو الله تبصرو: حسيب ڪانهيو (Haseeb Kanhyo)


تبصرو: حسيب ڪانهيو (Haseeb Kanhyo)
هيڻن جو الله
The God Of Small Things
ليکڪه: ارونڌتي راءِ
مترجم: منور سراج
جيڪڏهن هينئر تائين اوهان ارونڌتي راءِ جو هي ناول نه پڙهيو آهي ته ممڪن آهي ته اوهان هن جي مشهوري مان اهو اندازو لڳائيندا ته شايد انهي ناول جي ڪهاڻي بنهه نئين ۽ ڪمال جي هوندي يا اوهان سمجهندا هوندا ته ليکڪه شايد ڪو اڻ ڇهيل موضوع کنيو هوندو يا اوهان اهو اندازو لڳائيندا ته شايد هن ناول جي ترتيت يا اسلوب ڏاڍو خوبصورت هوندو. پر سائين منهنجا هن ناول ۾ اهڙو ڪجهه به ڪونهي. هن ناول جي جهلڪ اوهان ڏسڻ چاهيو ٿا ته ليکڪه جو پنهنجو حُليو ئي ڏسي وٺو. هن ناول جي حالت سندس وارن جهڙي ئي بي ترتيب آهي، هن ناول جا باب به سندس شرٽ جي بٽڻن جيان هيٺ مٿي ٿيل آهن ۽ هن ناول جي ڪهاڻي به هن جي چهري جهڙي آهي، بس نارمل.

16/04/2019

”شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


رياضت ٻرڙو
انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي مرتب ڪيل ڪتاب
”شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو“ جو
پيش  لفظ

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل هڪَ مُلهائتي مُوڙيءَ مثال آهي: اها مُوڙي، جنهن جو قدر وقت گذرڻ سان وڌندو ئي رهي ٿو ۽ جنهن ۾ سمايل فڪر ۽ فن جي اهميت اڳي کان اڳري ۽ وقت جي تقاضائن سان مُنهن ڏيندڙ ثابت ٿي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، ته ”شاهه جو رسالو“ فقط شعرن جو رواجي ميڙو نه آهي، پر انساني سماج کي بهتريءَ، ڀلائيءَ ۽ چڱائيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ مٿانهَن قدرن جو مجموعو آهي. شاهه جي شعرن ۾ سمايل خيال سماجي تقاضائن کي نبيريندڙ به آهن ته انهن جي عڪاسي ڪندڙ به. ڏسجي، ته شاهه جي رسالي ۾، انيڪ اهڙيون سٽون بيحد خوبصورتيءَ سان اُڻيل آهن جيڪي اسان جي سماجي وهنوار ۾ عام جام ڪتب اينديون رهن ٿيون، جهِڙوڪ:
ٻِيائيءَ کي ٻَک، جن وڌو سي ورسيا.                 (ڪلياڻ)
جي ورق وارين وِيهه، ته اکر اهو ئي هيڪڙو.       (يمن ڪلياڻ)
دنيا سڀ درياهه، ڪو ڪو تارُو تنهن ۾.              (سري راڳ)
عقل مَت شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.                  (سهڻي)
پيرين پنڌ وسار، هل هنئين سين ھوت ڏي.          (سسئي آبري)
تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.              (حسيني)
ڏک سُکن جي سونهن، گھوريا سُک ڏکن ري.      (حسيني)
اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائينِ سون تي.        (مارئي)
مُنهن ۾ موسى جهِڙو، اندر ۾ ابليس.                (آسا)
گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.                 (ڪيڏارو)
ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.         (بروو سنڌي)
ويا مورَ مرِي، هنجُ نه رهيو هيڪڙو.                  (ڪارايل)
ڏات نه آھي ذات تي، جو وھي سو لھي.              (پرڀاتي)
ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري.                   (ڏهر)
اِهي ۽ اهڙيون ٻيون اڻ ڳَڻيون ”شاهه جون سِٽون“، صرف سِٽون ئي نه رهيون آهن، پر ”شاهه جا پهاڪا ۽ چوڻيون“ بڻجي چڪيون آهن، جيڪي سماج ۾ پنهنجو ڪارج ۽ ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿيون ۽ انساني جذبن، احساسن، امنگن، خوابن، خيالن، ڪيفيتن ۽ عملن جون ترجمان بڻجن ٿيون. ان ڪري ئي، اسين مختلف حالتن ۾، پنهنجي پاران ڪي جملا جوڙڻ بدران، شاهه سائينءَ جي انهن ”سونَ ورنن پهاڪن ۽ چوڻين“ کي، پنهنجي پاران ڪتب آڻيندا آهيون.
شاهه سائينءَ جي انهن پهاڪن ۽ چوڻين جو واهپو ته سماج ۾ ٿيندو رهيو آهي، پر شاهه جي انهن پهاڪاتي سِٽن ۽ بيتن تي تحقيقي ۽ علمِي ڪم تمام گهٽ ٿيو آهي. جڏهن ته ان جي ضرورت تمام گهڻي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾، پهاڪن ۽ چوڻين تي، گذريل ٽيهارو کن سالن کان، نامور محقق، انجنيئر عبدالوهاب سهتي انتهائي ڪارائتو ڪم تسلسل سان پئي ڪيو آهي، جنهن جي شاهدي سندس پهاڪن ۽ چوڻين جا تحقيق، تاليف ۽ تدوين ڪيل ۱۵ ڇپيل ڪتاب آهن ۽ هاڻي ۱۶-هون ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو“ ڇپيو آهي. خوشيءَ جي ڳالهه، ته انهن ۱۶ ڪتابن مان ۱۰ ڪتاب، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
انجنيئر عبدالوهاب سهتي، شاهه جي رسالي مان مروج ٿيل پهاڪن ۽ چوڻين توڙي ورجيسن ۽ اصطلاحن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ چاهيو پئي، پر هن ضروري سمجهيو ته نئين ڪم جي ابتدا کان اڳ، پهرين ٿيل ڪم کي به سهيڙجي. ان نيت هيٺ، سهتي صاحب هيءُ ڪتاب سهيڙيو آهي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ممڪن ڳولا بعد، اهي سڀ ميسر ٿي سگهيل مقالا ۽ مضمون ڪَٺي ڪيا ويا آهن، جيڪي شاهه جي شاعريءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين تي لکيا ويا آهن. ان ريت، ڄاڻايل موضوع تي هيءُ پهريون مرتب ڪيل ڪتاب چئي سگهجي ٿو. هِن ڪتاب جي اڳڀري وِک طور، اسان کي سهتي صاحب جي ان ڪم جو به انتظار رهندو جيڪو هُو شاهه جي پهاڪن ۽ چوڻين تي مستقبل قريب ۾، اميد ته، ضرور ڪندو.
سدائين گڏ.
رياضت ٻرڙو
۲۳-آڪٽوبر ۲۰۱۸ع

16/12/2018

مان اڪيلو واڪُ - ابورافع (Abu Rafiu)


ابورافع
ناميارو ڪهاڻيڪار اخلاق انصاري چوي ٿو: مان اڪيلو واڪُ!

ڪهاڻيڪار جو نوٽ بوڪ، جيڪو پنهنجي اندر ۾ هڪ تخليقي ڪائنات سانڍي ويٺو آهي. ساڍا ٽي ڏهاڪا اڳ لکيل هن نوٽ بڪ ۾ هڪ ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڪوتاڪار موجود آهي، جنهن جون تخليقون يادگيريون، سفر عشق، ڀوڳ ۽ غصو گڏوگڏ هڪ برادريءَ وانگر رهيل آهن ۽ هڪٻئي سان دوستاڻو وهنوار ڪري رهيا آهن. اهڙا تجربا جيتوڻيڪ سنڌي ادب ۾  ٿيا آهن پر اهي ٻين ڪيترن ئي قصن، ڪهاڻين، نظرين ۽ احوالن تي ٻڌل آهن، جڏهن ته هن نوٽ بوڪ جو وڏو حصو اهڙين احساساتي تصويرن تي ٻڌل آهي، جيڪي پڙهڻ کان پوءِ شخص کي گهڻو گهڻو ويچارڻ ڏانهن، ماڻڻ ڏانهن يا ڀوڳڻ ڏانهن وٺي وڃن  ٿيون. هن ڪتاب (نوٽ بوڪ) جو نالو آهي ”مان اڪيلو اواڪُ“.

ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا تي تبصرو - رکيل مورائي (Rakhyal MOrai)


رکيل مورائي
نامياري ليکڪ ۽ نوجوان نقاد، خليق ٻگهيو جي ڪتاب
”ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا“ تي تبصرو

اهو سچ آهي ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ تنقيد جي گهٽائي شدت سان محسوس ڪئي وئي آهي، اهو سچ نه آهي ته اڄڪلهه غضي ۾ ۽ اڻ سهپ جي بنياد تي جيڪو ڪجهه لکجي رهيو آهي، اهو تنقيد آهي. تنقيد نه هجڻ سبب سنڌي تخليقي ادب جي ڪٿ نه ٿي سگهي آهي پوءِ به، الڳ الڳ حلقن ۾ جيڪو ڪجهه اڀياسن جي صورت ۾ اچي رهيو آهي ان سڀ کي تنقيد قبولڻ ڏکيوآهي؛ پر اها تنقيد تائين رسائي جي هڪ ڪوشش ضرور آهي. اڄ ته ادب ۾ سينيئر/جونيئرن جون حدون ڊاهي جنهن نيچ پڻي جي سطح تي لکيو ۽ ڳالهايو پيو وڃي، ان جو ذڪر ادبي تنقيد ته ڇا، شخصي لڄاداريءَ جون حدون به لتاڙي ويو آهي. اهڙي ادبي/غير ادبي ماحول ۾ جيڪي نوجوان سچ پچ شخص/ذات کان بنهه الڳ يا پري بيهي تنقيد لکي رهيا آهن انهن ۾ خليق ٻگهيو به شامل آهي.