08/01/2020

روشنيءَ جو آبشار (مهاڳ) - ڊاڪٽر احسان دانش (Dr Ahsan Danish)


ڊاڪٽر احسان دانش
روشنيءَ جو آبشار
پروفيسر مختيار احمد سمي جي ڪتاب
”دنيا جون درسگاهون“ (ڀاڱو ٻيو) جو مهاڳ

ننڍي لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو ته ’علم روشني آهي....‘ ٿوري سمجھ وڌي ته خبر پئي ته روشني وقت جي پيمائش جو ذريعو به آهي، خاص طور خلا ۾ ترندڙ سيارن جي وچ واري فاصلي کي نوري سالن سان ماپيو ويندو آهي. اڳتي هلي ذهن جي کڙڪي اڃا به کُلي ته پتو پيو ته زندگيءَ ۾ ان روشني ۽ نور جي ڪيڏي اهميت آهي ــ سج جي روشني، چنڊ جي وجود کي روشن ڪري ٿي ۽ اک جو نور زندگيءَ کي. حاصل مطلب ته بي نور زندگيءَ سان نه وقت جي پيمائش ڪري سگھجي ٿي ۽ نه جهانِ رنگ و بو کي پَسي سگھجي ٿو..... ۽ هتي نور مان مراد علم ئي آهي، جنهن بابت ننڍي لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو هيو ته ’علم روشني آهي......‘

جادو ۽ سائنس (ڪتاب)


جادو ۽ سائنس (ڪتاب)

جادو ۽ سائنس (جلد پهريون ۽ ٻيو)
مصنف سرجيمس جارج فريزر، سنڌيڪار سومار علي سومرو؛
صفحا، ٻئي جلد، پوڻا يارهن سو؛
قيمت__پهريون جلد 8 روپيا، ٻيو 2 روپيا؛
ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ؛
ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، 3_ سول لائينز، حيدرآباد سنڌ، ۽ سڀني شهرن جا وڏا بڪ اسٽال.

وئتپتي ڪوش (ڪتاب) - سراج (Siraj)


سراج
وئتپتي ڪوش (ڪتاب تي تبصرو)

وئتپتي ڪوش: جوڙيندڙ جهمٽمل نارومل وسڻائي،
صفحا 81،
قيمت ڏيڍ روپيو،
ڇپائيندڙ ”سنڌي ادبي بورڊ“
ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، 3_سول لائنس حيدرآباد سنڌ، ۽ سنڌ جا سمورا وڏا بڪ اسٽال.
آزادي کان پوءِ، سنڌ جي اڳئين حڪومت طرفان، سنڌي ادب جي حفاظت ۽ اشاعت لاءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ڪيو ويو. سنڌي ادبي بورڊ هڪ اداري جي حيثيت ۾ ادب جي سڀ کان وڌيڪ خدمت ڪئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي ان خدمت لاءِ مختلف اسڪيمون عمل ۾ آنديون، جن مان لغت اسڪيم، سنڌ جي تاريخ  جي اسڪيم، لوڪ ادب اسڪيم، ۽ پراڻي ادب کي وري ڇپائڻ جي اسڪيم قابل ذڪر آهن. سنڌي پراڻا ڪتاب اسان جو اهڙو ورثو آهن، جنهن تي جيترو ناز ڪريون، اوترو ٿورو.
تازو سنڌي ادبي بورڊ، ان اسڪيم هيٺ، سرڳواسي جهمٽمل نارومل جو ”وئتپتي ڪوش“ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هي ننڍڙو ڪتاب علم لغت جو هڪ خزانو آهي.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ نظريو اهو به آهي ته اها سنسڪرت جي هڪ اُپڀرنش، وارچڊ ٻولي مان نڪتل آهي.
هِن ڪتاب ۾ اهي سنسڪرت جا ڌاتو گڏ ڪيا ويا آهن، جن مان، جهمٽمل جي خيال موجب، اڪثر سنڌي لفظ ڪڍي سگهجن ٿا.
هن ڪتاب تي جهمٽمل جا محنت ڪئي آهي، ان جو داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. هر ممڪن ڪوشش ڪري، ڪنهن هڪ ئي ڏاتوءَ سان لاڳاپيل سمورا لفظ هڪ ئي هنڌ گڏ ڪيا ويا آهن.
مثال طور، ”دڙ“ مولشبد مان ٽيهه لفظ نڪتل ڏيکاريا ويا آهن. ان مان نه رڳو اشتقاق جي خبر پوي ٿي، پر ٿوريءَ ڦير گهير سان ساڳيا لفظ ڪيئن معنيٰ بدلائين ٿا ۽ هڪ ئي ڪتب جا لفظ ڪهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهن، تنهن ڳالهه جي سڌ پڻ پئجي وڃي ٿي.
علم الغت سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ هيءُ هڪ املهه خزانو آهي. هيءُ ڪتاب، سٺي پني تي، ادبي بورڊ جي روايتي خوبصورت ڇپائيءَ سان شايع ٿيو آهي.

امداد حسينيءَ جون ڪهاڻيون - نصير سومرو (Naseer Soomro)


نصير سومرو
امداد حسينيءَ جون ڪهاڻيون

ڪاليج جا ڏينهن هئا، پهريون پهريون فلم ڪنهن سينيما ۾ ڏٺم. فلم بينيءَ جو شوق يونيورسٽي جي شاگرديءَ تائين برقرار رهيو. ان کان پوءِ سئنيما واري گھرج ڊش ۽ ڪيبل ٽيليويزن جي ڳچ چئنلن مان پوري ٿيڻ لڳي. فلمي رومانس البت، جهڙو اڳ هو، تهڙو اڄ به آهي. رومانس، جيڪو گھڻا رومانس ڏيکاري ٿو. محبت جو رومانس، انقلاب جو رومانس... رومانس تي رومانس، خوابن وانگر آهي. خوابن جي ساڀيان پنهنجي حياتيءَ ۾ نه به ملي، منجھن ويساهه، اُتساهه ڏئي ٿو. اُتساهه ئي ته جيون رس آهي.
فلمي ڳالهيون ضروري نه آهي ته وڏيون هجن. ننڍيون ننڍيون ڳالهيون به حياتيءَ جي حسناڪين جا رنگ چٽين ٿيون. هوليءَ جي رنگن جيان حسناڪين جا چٽ پنهنجي چوڌاري ٽڙيل پکڙيل هوندا آهن، پر انهن ڏي ڌيان نه ويندو آهي. ڌيان لاءِ به تخليقي ڏات کپي. ڏات هوندي ته من اندر جو احساس اظهاري سگھبو. ڏات دل جو ڪڙو کڙڪائي ته ’امداد آهي رول‘ جهڙو تجربو ڪجي ٿو. سن 1976ع ڌاري ڇپجندڙ ان مجموعي، جنهن اياز جي شاعريءَ جهڙي ئي نوجوان ٽهيءَ ۾ مقبوليت ماڻي، جو خالق امداد حسيني آهي. سندس ٻيا مجموعا، ’هوا جي سامهون‘، ’ڪِرڻي جهڙو پل‘ پڙهندڙن کي مليا آهن.

30/07/2019

ڄيٺي لالواڻيءَ بابت روشن گولاڻيءَ جي تحقيق جو تنقيدي جائزو - پروفيسر محمد سليم ميمڻ (Prof Saleem Memon)


پروفيسر محمد سليم ميمڻ
ڄيٺي لالواڻيءَ بابت روشن گولاڻيءَ جي تحقيق جو تنقيدي جائزو
(ڪتاب بابت رايو)
هند سنڌ ۾، علم ادب، تحقيق، لوڪ ادب ۽ ناٽڪ جي حوالي سان سٺي ساک رکندڙ ”ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي زندگي، علمي ادبي جاکوڙ، لوڪ ادب، ٻاراڻي ادب“ بابت هڪ تحقيقي ۽ جامع ڪتاب سامهون آهي. دراصل اهو هڪ پي ايڇ ڊي جو مقالو آهي، جيڪو ڊاڪٽر روشن گولاڻي صاحب جي تحقيق جو ثمر آهي.

ڊاڪٽر روشن پنهنجي ليکي هڪ نوجوان ليکڪ، سٺو فنڪار، مترجم، ڪالم نگار ۽ سماجي ڪارڪن آهي. هن هندستان جي ڪيترن ئي سنڌي ساهتيه اڪيڊمين پاران ڪوٺايل سيمينارن ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پڙهيا آهن، جن کي وقت جي وڏن عالمن ۽ محققن پاران مڃتا ملندي رهي آهي ته ساڳئي وقت مختلف ادارن پاران کيس ستن اهم  ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو آهي، جنهن ۾ ”ماستر چندر ايوارڊ 2012ع“ پڻ شامل آهي.

فياض ڏاهريءَ جي شعري مجموعي ”هينگ اوور“ جو مهاڳ - ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري (Dr Mubarak Lashari)


ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

فياض ڏاهريءَ جي شعري مجموعي ”هئنگ اوور“ جو مهاڳ

1982ع ۾ زاڪ ڊيريڊا کان هڪڙي انٽرويو ڪندڙ پڇيو ته ”اوهان جي فلسفي ۾ ماءُ ڪير آهي؟“ ڇو ته زاڪ ڊيريڊا رد تشڪيل يا جديديت پڄاڻان واري فلسفي واري لاڙي جو سڀ کان منفرد ۽ انوکو فلسفي رهيو آهي، جنهن پنهنجي ساختيات پڄاڻان واري لاڙي ۾ رد تشڪيل جي ٽيڪنيڪ تحت ڳالهين، ڊسڪورس ۽ شين جو رد تشڪيل يعني خيال جا ٻيا ڪيترائي لڪل رخ پيش ڪري، سوچڻ ۽ فڪر جا انتهائي نوان ۽ اڻ ڇهيل زاويا ڏنا آهن. انهن زاوين سبب سموري دنيا جي ڊسڪورس جو محور ئي تبديل ٿي ويو آهي. ڄڻ ته روايتي طرح جيڪڏهن سج اوڀر کان اڀري رهيو هو ته بنهه گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته اهو سج اولهه، ڏکڻ يا اتر کان به اڀري سگهي ٿو. هي اُهو زاويو هو جيڪو ماڻهو صرف روايتي طرح رهي رهي ٻيو رخ ڀلجي ويا هئا ڄڻ ته انهن کي (رد تشڪيل ذريعي) نئين انداز ۾ سوچڻ جو رينائسان يعني نئين جاڳرتا ملي هجي. بيشڪ ته رد تشڪيل، پوسٽ ماڊرنزم ۽ ساختيات پڄاڻان سوچ ۽ فڪر جا هڪڙا نوان رينائيسان Renaissance  يعني نئين جاڳرتا جا پنڌ آهن.

26/07/2019

ڪتاب ”وقت بيهي نٿو...“ ــــــ هڪَ درد-ڪٿا - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

رياضت ٻرڙو
محمد علي پٺاڻ جو ’طويل نظم‘ تي مشتمل ڪتاب
”وقت بيهي نٿو...“ ــــــ هڪَ درد-ڪٿا 

هن جو قلمي سفر ته گذريل 44 سالن تي پکڙيل آهي، پر ان سفر ۾ صدين جون ڳالهيون ۽ واقعا آندل آهن. انهن صدين مان ڪي صديون گذري ويون آهن ۽ ڪي اڃا گذرڻيون آهن: ڇاڪاڻ ته وقتُ نه اڳُ ڪڏهن بيٺو آهي، نه آئنده ڪڏهن بيهڻو آهي ۽ نه ئي هلندڙ ٽاڻي بيٺل آهي. اها وقت جي خوبي به آهي ته خامي به، ته وقت کي بيهڻو آهي ئي نه!؟ جيڪڏهن وقت بيهجي ويو، ته ڪائنات ڪيئن هلندي؟ اها به بيهجي ويندي! شايد اُهو ئي سندس انجام هجي!
پر، ڇا سائنسي طور اهو ممڪن آهي، ته ڪائنات، يعني مادو ۽ توانائي بيٺل ۽ ڄميل هجن ۽ وقت هلندو هلي؟ اهو اڃا تائين ته ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته مادي ۽ توانائيءَ جو مسلسل چرپر ۾ هجڻ ئي، اصل ۾ سندن وجود جو بقاءُ آهي، ۽ انهن جي چرپر منجهان ئي وقتُ پنهنجي موجودگيءَ کي محسوس ڪرائي ٿو. دنيا جا ٻه وڏا ڏاها انسان ۽ سائنسدانَ، ارسطو ۽ نيوٽن، مطلق وقت (absolute time) ۾ يقين رکندڙ هئا يعني منجهس گهٽ وڌائيءَ (variation) کي نه مڃيندا هئا. سندن ان يقين کي، ويهين صديءَ جي مَها سائنسدان ۽ مفڪر البرٽ آئنسٽائن اچي ٽوڙيو، جڏهن هن ’خاص نسبتي نظريو‘ (Special Theory of Relativity) پيش ڪيو. ان نظرئي موجب: وقتُ مطلق يا مستقل (constant) نه آهي، پر منجهس گهٽ وڌائي ممڪن آهي، جنهن جو دارومدار مادي جي رفتار تي آهي، يعني وقت جي خاصيت ۾ ساڳيائپ يا هِڪَ ڪَرائي نه آهي. هُن اهو پڻ ٻڌايو ته مادو ۽ توانائي ڪي ڌار ڌار ’هستيون‘ ناهن، پر هڪٻئي ۾ بدلجندڙ آهن. مادي ۽ توانائيءَ جي چرپر ۽ تبديل جي لقائن منجهان ڦُٽي نڪتل، هڪ ’شيءِ‘ جيڪا اڳتي ئي اڳتي هلندي رهي ٿي، ان کي سادن لفظن ۾ وقت سڏجي ٿو.

14/07/2019

رسول ميمڻ جو ناول ”‌نجومي“ - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
رسول ميمڻ جو ناول ”‌نجومي“ ـــ هڪ ڏاهپ جو ڪتاب


هي ناول زخمي دلين، لتاڙيل ذهنن ۽ جهنم ۾ رهندڙ ماڻهن جي درد ڪهاڻي آهي. اهو جهنم جيڪو اڪثر ڪري انهن پاڻ ئي پنهنجي لاءِ تخليق ڪيو آهي. ڪٿي ڪثير وهمي ته ڪٿي قليل فهمي آهي. ڏوه ڪنهنجو آهي؟ معاشري جو، تربيت جو، حالتن جو يا فردن جو؟ پر سزا سڀني کي ملي پئي. ڀوڳين سڀ پيا. ڪيل توڙي نه ڪيل گناهن جي سزا.
هن ناول جا ڪردار بي نام آهن. نجومي، دفتري، فقير، ساڌو، اديب، قيدي، سبزي فروش وغيره. مصنف انهن جي سڃاڻپ نالن جي ڪري شايد ان ڪري نه ڪرائي آهي جو ماڻهو جي اصل سڃاڻپ انهن جي ڪم ۽ ڪردار جي ڪري ٿئي ٿي.

آرٿر ڪوئسلر جو ڪتاب ”تيرنهون قبيلو“ - رئوف نظاماڻي (Rauf Nizamani)


رئوف نظاماڻي
آرٿر ڪوئسلر جو ڪتاب ”تيرنهون قبيلو“

تاريخ، ڏند ڪٿا ۽ قصن ڪهاڻين ۾ فرق ڪرڻ هڪ ڏکيو عمل رهيو آهي. ساڳي ريت گھڻن مذهبي ڪتابن وغيره ۾ بيان ڪيل قصن کي پڻ هڪ تاريخ جي حيثيت ڏني ويئي آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اهي ڄڻ مستند حيثيت جا حامل ۽ تاريخي ڄاڻ جو هڪ ذريعو ٿي ويا آهن. ساڳي ريت يهودين متعلق جيڪي پراڻي بائبل ۾ ڏنل آهي ته اٽڪل ٻه هزار سال اڳ يروشلم ۾ سندن سلطنت کسجڻ کان پوء کين اتان نڪرڻو پيو هو. ان حوالي سان ٻارنهن قبيلن جو ذڪر ملي ٿو جيڪي دنيا جي مختلف حصن ۾ پناه جي ڳولا ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ سندن يروشلم موٽڻ جي جستجو جاري رهي. ان سلسلي ۾ انهن کان سواء هڪ اڌ وڃايل قبيلي متعلق به مختلف اندازا لڳايا وڃن ٿا. ڪجھ محقق پٺاڻن جي حوالي سان به اها ڳالهه ڪن ٿا ۽ سندن خيال ۾ پشتو ۾ عبراني جي ڪجھ لفظن کي ان جي ثبوت طور پيش ڪري سگھجي ٿو. بهرحال مستند طور تي ان سلسلي ۾ ڪجھ به نه ٿو چئي سگھجي. ان ڪري يهودين جي عام طور تي انهن ٻارنهن قبيلن سان تعلق جي حوالي سان نسلي طور سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي.

خادم گهراڻي جو ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ - اظهر امر (Azhar Amar)


اظهر امر
خادم گهراڻي جو ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“

مان شروعاتي ڏينھن کان ڪوشش ۾ هوس ته ادبي جهان ۾ جيڪي به سرجڻهار آھن جن پنهنجي قلم سان ادبي حلقن جي بي باھه خدمت ڪئي آھي انهن شخصيتن کي ياد ضرور ڪيان، سندن ادبي خدمتن توڙي ادبي دنيا ۾ ڪيل قلمي پورهئي تي ٿورو گهڻو ضرور لکان. اڄ مان جنهن شخصيت جي ڪتاب تي لکي رهيو آھيان اُھو نه رڳو منهنجو محسن آھي، پر خبر نه آهي ڇو مان کيس پنهنجي پاڻ کان تمام ويجهو محسوس ڪندو رهيو آھيان.