04/07/2020

ناول ”زينت“ جو تنقيدي جائزو - ڪامران رند (Kamran Rind)


ڪامران رند
مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو تنقيدي جائزو


ڪنهن بہ سماج جي ترقيءَ ۾ جيترو ڪردار تعليم جو ھجي ٿو اوترو ئي رھنما ڪردار ھڪَ ليکڪ پڻ ادا ڪري ٿو. ليکڪ پنهنجي دؤر جي سماجي، معاشي، ۽ سياسي حالتن جو اظھار ڪرڻ سان گڏ ان وقت موجود سمورن اصولن، ضابطن، قائدن ۽ سماجي قدرن کي بہ وائکو ڪري ٿو. ھڪ تحرير نہ فقط ڪنھن ليکڪ جي خيالن جي آئينادار ٿئي ٿي پر ان دؤر جو سمورو تاڃي پيٽو بہ پڌرو ڪري ٿي.
ڪتابن جي اھميت کان ڪو بہ سوچيندڙ ذھن انڪار نہ پيو ڪري سگهي، ڇو تہ تاريخ جي دريءَ ۾ ڪتابن جي اک سان ئي جهاتي پائي پئي سگهجي. تيئن ئي اگر سنڌ جي اوائلي تاريخ ۽ ادب تي نظر ڦيرائبي تہ ان دؤر ۾ سرجيل ادب ڏانهن ئي نھاربو. سنڌ جي ادبي تاريخ تي جڏھن ڪرڙي اک رکي مطالعو ڪجي ٿو تہ جو نالو نکٽن جيئان نڪري نروار ٿي ٿو بيهي سو آھي مرزا قليچ بيگ. مرزا قليچ بيگ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ھڪَ اهڙي چمڪندڙ ستاري جيئن اھميت ٿو رکي جنهن پنهنجي علمي روشنيءَ ذريعي ھزارين اونداھن ذهنن کي روشن ڪيو ۽ ڏيئي ڏيئي لاٽ مثل ھڪَ وسيع ادبي عمارت جو بنياد وڌو.

ممباسا شيدي باڇا ھمباشا - عاشق چانڊيو (Ashiq Chandio)


عاشق چانڊيو
ممباسا شيدي باڇا ھمباشا!
الطاف شيخ جو آفريڪا جو سفرنامو


لاڙڪاڻي جي لاڙڪاڻه سينٽر ۾ ويٺي ويٺي تنگ ٿي رھيو ھئس، سوچيم ڇو نه ڪو ڪتاب پڙھجي، سنڌ سلامت تي ڪتاب جانچڻ لڳس، سائين الطاف شيخ جو سفرنامو ممباسا شيدي باڇا ھمباشا نظر آيو، ڪلڪ ڪري مضمون جا عنوان ڏسي 'آفريڪا ۾ عورتن جي طُھر جو آزار' پڙھڻ لڳس. جيئن ته ھي مون لئه حيرت ڪُن ڳالھ ھئي ته ڪٿي عورتن جو طُھر به ٿئي ٿو! تنھنڪري دلچسپي سان پڙھڻ لڳم. مضمون پڙھي پورو ڪيم، ڊاڪٽر به آيو پنھنجي ڪم سان لڳي ويس، پاڻ ھيٺ مٿين مضمون بابت ڳالھائينداسين. تنھن ڏينهن کان مون کي سفرنامي پڙهڻ جي ھورا کورا لڳي ويئي. ڪتاب جاچڻ لڳس پر ڪتاب شايد مارڪيٽ مان ختم ٿيل ھو تنھنڪري ملي ڪونه پئي سگهيو پر پوءِ سائين الطاف شيخ پاڻ مھرباني ڪئي ۽ مون کي ڪتاب پڙھڻ لاءِ ملي ويو. ھاڻي پاڻ ڪتاب بابت ڳالھايون ٿا.

ڪيم روح رهاڻ - مختيار راهو (Mukhtiar Rahoo)


مختيار راهو
ڪيم روح رهاڻ: ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي آتم ڪٿا
۽ عوامي تاريخ جي ڳولا


ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي آتم ڪٿا جو ھيءُ ڪتاب پڙهي پورو ڪيو. لنڊڪي جي زردارين مان پهريون پي ايڇ ڊي تائين گھڻو پڙهيو لکيو ماڻهو جيڪو موري شھر جي اسڪول ۾ مٿي تي پٽڪو ۽ ڪنن ۾ پاتل والين سان داخل ٿيو ۽ پوءِ شھر جي ڊگري ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو. ھن جي آتم ڪٿا ڪيئن آھي جو سوال کي ڏاڍي دلچسپ چئي ان جي پڙھڻ جي صلاح ڏئي سگھجي ٿي.

09/06/2020

”پنهون“ ناول جو تنقيدي جائزو - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
”پنهون“ ناول جو تنقيدي جائزو

ادب جا ڪيترائي قسم آهن. هڪڙو ادب رڳو عڪاسي ڪندو آهي ۽ ٻيو عڪاسي ڪرڻ سان گڏ مزاحمت به ڪندو آهي. مزاحمت سياسي ۽ سماجي به ٿيندي آهي ته فڪري، نظرياتي ۽ ثقافتي پڻ. منظور ٿهيم جو هي ناول به مزاحمتي آهي، جنهن ۾ مزاحمت جا سڀ ئي رنگ موجود آهن پر سياسي رنگ وڌيڪ نمايان آهي.
ڄام درڪ هڪ سڄاڻ نوجوان آهي جنهن جي يادگيري ۾ اهو ڀيانڪ منظر نقش ٿيل آهي جنهن ۾ ننڍي هوندي هن جي ڳوٺ تي بمباري ڪئي ويئي هئي. هن جي ملاقات هڪ ٻي نوجوان توڪلي سان ٿئي ٿي جيڪو هڪ محبتي، انقلابي ۽ مدبر ماڻهو آهي. توڪلي جي ڳوٺ مان هڪ نوجوان اچانڪ غائب ٿي وڃي ٿو جنهن جو نالو پنهون آهي. پنهون توڪلي جي ڳوٺ ۾ مهمان بنجي آيو هو ۽ ڪوئيٽا يونيورسٽي جو شاگرد هو. هو يونيورسٽي ۾ هر دلعزيز ۽ هڪ انقلابي جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو.

سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو تحقيق ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب:
سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام


سنڌي شعري ادب جِي تاريخ جي مطالعي سان معلوم ٿيندو ته ڪلاسيڪل دَور جي شاعرن کان وٺي ويهين صديءَ تائين، مختلف شاعرن جي شاعريءَ جا مجموعا، مختصر تعارفن توڙي مفصل مقدمن سميت ڇپيا آهن، جن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف سُوڌو سچل سرمست ۽ ساميءَ سميت مير عبدالحسين سانگي، بيدل ۽ بيڪس، حسين فقير ديدڙ، شاهه محمد ديدڙ وغيره شامل آهن. ان سلسلي هيٺ، ويجهڙ ۾ سيد پير علي شاهه جي متفرقه ڪلام جو مجموعو ”سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام“ جي نالي سان ڇپيو آهي، جيڪو سنڌ جي نامور محقق، لطيف شناس ۽ لوڪ ادب جي ماهر، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو تحقيق ۽ ترتيب ڏنل آهي. پاڻ ان ڪتاب جو ”مقدمو“ ۽ تعارفي ليک ”ڪلام جي سهيڙ“ پڻ لکيو اٿائين.

27/05/2020

موجوده سنڌي ناول جا فني مسئلا - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
موجوده سنڌي ناول جا فني مسئلا

پهرين سنڌي ناول، تعداد ۾ ته گھٽ هئا پر فني لحاظ کان ڪافي پختا هئا. اڪيهين صدي جي شروع ٿيڻ سان ناول لکجڻ ۾ تيزي اچي ويئي ۽ کوڙ سارا ناول مارڪيٽ ۾ اچي ويا. جتي هيترا ناول ڏسي خوشي ٿي، انهن کي پڙهڻ کان پوءِ اها مايوسي به ٿي ته ناول جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ مقدار تي وڌيڪ ۽ معيار تي گھٽ توجه ڏني وئي آهي. اڄڪله لکجندڙ، سنڌي ناول جا ڪجه مسئلا هن ريت آهن:
پروف ۽ ايڊيٽنگ
ناول پڙهندڙ کي پهريون مسئلو اهو ٿو سامهون اچي ته، اڪثر ناولن ۾ پروف جون بيشمار چڪون هونديون آهن. ٻه چار چڪون ته در گذر ڪري سگهجن ٿيون پر چڪن جي ڀرمار پڙهڻ جو لطف غارت ڪري ڇڏيندي آهي. ساڳيو مسئلو ايڊيٽنگ سان به آهي. مونث مذڪر ۾ فرق نه ڪرڻ ۽ جملا گرامر مطابق نه لکڻ به جهڙوڪر معمول بنجي ويو آهي. ڪيترن ئي مسودن ۾ ترتيب جو فقدان به ڏسڻ ۾ اچي ٿو يعني ڪهڙي ڳاله پهرين چئجي ۽ ڪهڙي ڳالھ پوءِ ۽ ڪهڙي ڳالھ بلڪل لکجي ئي نه. ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڳاله نه لکڻ به فن هوندوآهي.

شيخ اياز جي لوڪ گيتن ۾ جمالياتي خوبيون - ڊاڪٽر فياض لطيف (Dr. Fayaz Latif)


ڊاڪٽر فياض لطيف

شيخ اياز جي لوڪ گيتن ۾ جمالياتي خوبيون

گيت ۽ سنگيت جو رشتو، جسم سان روح جي تعلق وانگر ازلي ۽ گهرو رهيو آهي. قديم دؤر کان وٺي لوڪ گيتَ، لکت ۽ تحرير طور نه، پر ’ڳائجڻ‘ طور مختلف سماجن ۾ رائج رهيا آهن. اوائلي توڙي جديد معاشرتي اتهاس کي مطالعاتي اک سان جانچي ڏسنداسين ته، چٽائيءَ سان معلوم ٿيندو ته سماجي زندگيءَ جي عام ڪار وهنوار کان وٺي مذهبي ۽ ڌرمي رسمن جي ادائگيءَ تائين ڪيترن ئي سماجن ۾’گيت‘ راڳ، رقص، ڀڄن ۽ ڳائڻ جي شيءِ رهيا آهن. خاص ڪري هندو ڌرم ۾ راڳ کي نه فقط روح جي غذا تصور ڪيو ويندو آهي، پر ان کي صدين کان عبادت جو درجو ڏئي اَپنايو ويندو رهيو آهي. هندن جي مقدس ڌرمي ڪتاب ’گيتا‘ ۽ ’گيت‘ جي لفظن ۾ نه صرف وڏي لفظي مماثلث ملي ٿي، پر معنوي ۽ احساساتي لحاظ کان پڻ انهن ۾ تمام گھڻي ويجهڙائي نظر اچي ٿي. ساڳيءَ ريت سنڌي لوڪ شاعريءَ جي صنف ڳيچ ۽ سنسڪرت جي لفظن ’گي‘ يا ’گيه‘، جن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته انهن لفظن مان ’گيت‘ جنم ورتو آهي، ۾ پڻ يڪتائي ملي ٿي ۽ انهن جي مطلب  توڙي مفهوم  مان پڻ ’ جهونگار ۽ ڳائڻ‘ جا اشار ۽ اهڃاڻ ملن ٿا .

20/05/2020

ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر“ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
ڪتاب جو تعارف:
”سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر“

هيءُ ڪتاب نامياري محقق ۽ لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل آهي. ان ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2010ع ۾، مجلد، ڊبل ڪرائون سائز ۾، 1000 جي تعداد ۾، 353 صفحن تي مشتمل، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ مان ڇپجي، پڌرو ٿيو.
هن ڪتاب ۾، ”ناشر پاران“ ڊاڪٽر فھميده حسين (تنھن وقت اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن) جو لکيل آهي، جنھن ۾ هوءَ لکي ٿي: ”ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته سنڌي ٻوليءَ جي پنھنجي ساخت جا قاعدا ۽ اصلوڪيون خوبيون اجاگر ڪندڙ ڪو تشريحي گرامر هجي ۽ اسان کي خوشي آهي ته اهو اهم فرض سنڌي ٻوليءَ جي عالم ۽ لسانيات جي ماهر محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا پورو ڪيو.“
الانا صاحب هِن ڪتاب جو انتساب، پنھنجي استاد محمد يعقوب ميمڻ جي نالي ڪيو آهي، جنھن کان گرامر جا گُر سکيائين.
الانا صاحب ”ڪروڙين ڪرم، منھنجي مولا جا“ عنوان سان، پنھنجي پاران ڪجهه ويچار ونڊيا آهن، جن ۾ هُو لکي ٿو: ”سنڌي ۽ عربي ٻولين جو، تاريخي لسانيات جي لحاظ کان هڪ ٻئي سان پري جو به ڪو واسطو ڪونهي، البت اٺ سؤ سالن جي حڪمرانيءَ واري زماني ۾ پھرين عربي ٻوليءَ ۽ ان کان پوءِ فارسي ٻوليءَ جي معرفت، هزارن جي تعداد ۾ عربي لفظ، سنڌي ٻوليءَ جي لغات ۾ شامل ٿي ويا.“ الانا صاحب وڌيڪ لکي ٿو: ”جديد مطالعي جي مدد سان، سنڌي وياڪرڻ جي اڀياس لاءِ هن ڪتاب ۾ بيشمار نوَن نوَن پھلوئن جو اڀياس پيش ڪيو ويو آهي.“
سنڌي گرامر جي هن ڪتاب ۾، 327 صفحن تي مشتمل ’متن‘ کي چئن ڀاڱن، ڪيترن ئي بابن ۽ ذيلي عنوانن ۾ ورڇيو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ”ڳالهائڻ جا لفظ ۽ انهن جو اڀياس“ ۾ هيٺيان باب شامل آهن: (1) ڳالهائڻ جا لفظ، (2) اسم جا عدد (Numbers) ۽ انهن جا قسم، (3) رائج حالتون (cases)، انهن جا قسم ۽ اسمن، ضميرن ۽ صفتن جا حالتن مطابق ڦيرا/گردان، (4) ضمير ۽ انهن [ان] جا قسم، (5) حرف جر، (6) صفت، (7) ظرف، (8) فعل، (9) فعل جا ڪردنت يا مشتق، (10) مرڪب فعل، (11) زمانن جو اڀياس، (12) فعل جون معروفي ۽ مجھولي صورتون/فعلن جا پريوگ، (13) حرف جملو، ۽ (14) حرف ندا. ٻئي ڀاڱي ”علم صرف جو اڀياس“ ۾ هڪ ئي باب شامل آهي: (1) علم صرف جي وصف، ڪارج ۽ مفھوم. ان باب ۾ ”لفظن جا گهاڙيٽا ۽ انهن جا اصول“ پڻ بيان ڪيل آهن. ٽئين ڀاڱي ”علم نحو جو اڀياس“ ۾ هيٺيان باب شامل آهن: (1) علم نحو جي وصف ۽ ان جا اصول، (2) جملي يا فقري جا مکيه ڀاڱا (Immediate Constituents)، (3) جملن جا قسم، (4) عبارت/اُسلوب (Style) جي لحاظ کان جملن جا قسم ، (5) ضمير متصل جو استعمال، ۽ (6) ٻِٽا ضمير متصل. چوٿين ڀاڱي جو الڳ عنوان ڪونهي. منجهس هيٺيان باب شامل آهن: (1) ترڪيب، (2) تفريق يا ڇيد ڪرڻ، (3) بيھڪ جون نشانيون، ۽ (4) سنڌي وياڪرڻ جون ڪي خاص ۽ اهم خصوصيتون.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي هن تشريحي گرامر ۾، وضاحتن ۽ مثالن سان، سنڌي گرامر کي مفصل طور سمجهايو ويو آهي. هن گرامر جو اڀياس سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي شاگردن، تدريسي ادارن ۾ پاڙهيندڙ استادن سميت محققن ۽ اديبن لاءِ ضروري آهي، ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي خوبين کي ڄاڻڻ سميت، ان جي صرفي، نحوي ۽ ٻين لاڳاپيل اُونهائين ۽ ڳوڙهائپن کي سمجهي سگهجي.

ڪتاب ”سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو“ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
”سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو“ ڪتاب جو تعارف

هيءُ ڪتاب موجوده دَور جي نامياري محققه ۽ اديبه ڊاڪٽر فھميده حسين جي مختلف يارهن مقالن جو ڳُٽڪو آهي، جيڪي ٻوليءَ، گرامر، لکيت، لغت ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن تي لکيل آهن.
ان ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2012ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 1000 جي تعداد ۾، 217 صفحن تي مشتمل، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران، پيڪاڪ پرنٽرس ڪراچيءَ مان ڇپجي، پڌرو ٿيو.
هن ڪتاب ۾، ”ناشر نوٽ“ (تنھن وقت اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن طور) ۽ ”پنھنجي پاران“ مصنفه پاران لکيل آهن. ”ناشر نوٽ“ ۾، ڊاڪٽر فھميده حسين لکي ٿي: ”هي ڪتاب عمومي طور سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيق ڪندڙن لاءِ ۽ خصوصي طور يونيورسٽين ۾ تحقيق لاءِ نوان موضوع تلاش ڪندڙن لاءِ هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي.“ ”پنھنجي پاران“ ۾ ڊاڪٽر فھميده حسين لکي ٿي: ”هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ڪيترن ئي حوالن سان بحث ڪري ڪن اهم پھلوئن ۽ مختلف مسئلن تي روشني وڌي وئي آهي.“
هن ڪتاب ۾ هيٺيان مقالا ڏنل آهن: (1) سنڌي گرامر جا مسئلا، (2) سنڌي ٻوليءَ جون فطري خوبيون ۽ سنڌي گرامر، (3) ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جو سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ـــــ هڪ جائزو، (4) بيھڪ جون نشانيون، (5) سنڌي صورتخطيءَ جا ڪي حل طلب مسئلا، (6) صورتخطي ۾ هِجي جو علم Orthography، (7) علم اللغات ۽ سنڌيءَ ۾ لغت سازيءَ جي روايت، (8) شاهه لطيف جي ٻولي: هڪ نقطه نظر، (9) ادب ۾ لفظ جي اهميت، (10) فيمنزم جو لساني پھلو، ۽ (11) آٽوميٽڪ رومن ٽرانسلٽريشن.
هن ڪتاب جي انهن مقالن ۾، لسانيات ۽ ان جي لاڳاپيل شاخن بابت، جن جو اندازو مٿين عنوانن مان به ڪري سگهجي ٿو، ڪيئي تمام گهڻيون اهم ۽ ڪم جون ڳالهيون ونڊيل ۽ تجزئي هيٺ آندل آهن.
لسانيات جو اڀياس ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ هن ڪتاب ”سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو“ جو مطالعو ضروري آهي.

19/05/2020

ناول: مون کي ڪڏهن به وڃڻ نه ڏجانءِ - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
ناول: مون کي ڪڏهن به وڃڻ نه ڏجانءِ


نوبل انعام يافته ليکڪ، ڪازوئو اشيگرو جو هي ڊسٽوپيائي ناول ”Never Let Me Go“ هڪ اهڙي نام نهاد مهذب دنيا متعلق آهي جنهن ۾ سفاڪيت ۽ غير انساني عمل کي خوبصورت تهذيبي لباس پارائي پنهنجي خاص مقصدن جي پورائي ڪئي ويندي آهي. جتي افاديت کي انسانيت مٿان ترجيح ڏني وڃي ٿي.
انگلئنڊ جي هڪ دور دراز علائقي ۾، هيلشئم نالي هڪ بورڊنگ اسڪول آهي جنهن ۾ ڏاڍا پيارا خوبصورت ۽ صحتمند ٻار پڙهن ۽ رهن پيا. اسڪول جو ماحول ڪافي سخت آهي. ٻار پڙهڻ کان پوءِ راند روند ڪن ٿا. ٽن ٻارن جي پاڻ ۾ گھري دوستي آهي، ٽامي، رٿ ۽ ڪيٿي. سندن عمر تيرهن سال آهي.