10/10/2021

ڊاڪٽر احسان دانش جو ڪتاب ”شاهه لطيفَ جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ - محمد عثمان جوڻيجو (Muhammad Usman Junejo)

 تبصرو: محمد عثمان جوڻيجو

ڊاڪٽر احسان دانش جو لکيل ڪتاب

”شاهه لطيفَ جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“

”ڏکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچن.“

دنيا ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا اڻ ڳڻيا شيدائي ۽ پارِکُو موجود آهن، پر سنڌ ۾ شاهه سائينءَ جا جيڪي شارِحَ ۽ پارِکُو آهن، انهن مان محترم ڊاڪٽر احسان دانش به هڪ آھي. ھن  ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي آهي، گڏوگڏ لطيفيات تي ٻيا به ڪتاب لکيا اٿائين. سندس تازو ڪتاب ”شاهه لطيفَ جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي. جنھن ۾ درد جي موضوع تي لکيل سندس تحقيقي مقالا ڏنل آهن. ”شاهه لطيف، دردَ جي حقيقت، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جا لفظي روپ، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جون ڪيفيتون، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سورَ جي سونھن، شاهه لطيف جي سورمين وٽ درد جا انواعَ، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد ۽ عشق جو لاڳاپو ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو سماجي ڪارج“ اهي موضوع آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾ ڏنل آهن.

02/10/2021

ڪتاب ”ناوَ ۽ ناکُئا“ تي هڪ نظر - پروفيسر ستار سومرو (Prof. Sattar Soomro)

 پروفيسر ستار سومرو

منصور ٿَلهي جي تحقيقي ڪتاب

”ناوَ ۽ ناکُئا“ تي هڪ نظر


دنيا جي تاريخي ۽ قديم ڪتابن مان رگويد جي اسلوڪ ۾ سنڌو ندي جو ذڪر هن انداز ۾ ملي ٿو ته (اجھل اڻ موٽ سنڌو ٻل واري سگهاري سنڌو، ڏينھن رات ميدانن مان اپار پاڻي جو ڦهلائي جرڪندي ۽ ڪڙڪاٽ ڪندي وهندي رهي ٿي.) پاڻي زندگي آهي ۽ پاڻيءَ تي زندگي پلجي ٿي. انسان ذات جو پاڻي سان تعلق ابتدائي آهي، ڇو ته انساني زندگيءَ جا شروعاتي نشان ۽ آثار پاڻي وارن هنڌن تي مليا آهن. انسان پنھنجي گذر معاش ۽ واپار جو ذريعو به دريائن ۽ سمنڊن جي هنڌن تي ڳولي لڌو، ۽ اهو واپار وارو تسلسل دراوڙي نسل کان وٺي موجوده دور تائين جاري ساري رهندو آيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي قديم تھذيبن جو بڻ بنياد به پاڻي آهي. انهن ئي دريائن ۽ سمنڊن جي ڪنارن تي انساني تھذيب جو جنم ٿيو آهي. دنيا جي مختلف تھذيبن ۾ پاڻي جي پوڄا به ڪئي وئي آهي، جنھن کي (جل پوڄا) چيو وڃي ٿو. نديون، درياءَ ۽ سمنڊ انساني جياپي، وجود جي بقا ۽ خوشحالي جي اهڃاڻ آهن. ندين ۽ دريائن کي ماڻهو پاڪ ۽ پوتر سمجهندي دريائن کي ديوتائن جو درجو ڏنو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻي، سمنڊ، دريائن ۽ دريائي جيوت تي سُر رچيندڙ اسان جو قومي ۽ محبوب شاعر لطيف سر سامونڊي، سر سريراڳ، سر گهاتو ۽ سر ڪاموڏ جھڙا پاڻيءَ جي موضوع تي سر ڳائي پاڻي جي اهميت ۽ افاديت ظاهر ڪندي سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافتي اتھاس رقم ڪري ٿو. ڀٽائي اهڙين روايتن، سنئوڻ ساٺ ۽ جل پوڄا جو ذڪر هن انداز ۾ پيش ڪري ٿو:

اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَھُون وَڻجارنِ جون؛

آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي، سمُونڊ کي. (سر سامونڊي)

جَرَ تڙَ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُٽِيُون؛

اَلا! ڪانڌُ اچي، آسائِتِي آهيان! (سُر سامونڊي)

 سنڌي شاعريءَ ۾ ڀٽائيءَ کان علاوه ٻين شاعرن، اديبن، ليکڪن ۽ ڪھاڻيڪارن پنھنجي لکڻين، تحريرن ۽ تخليقن ۾ پڻ پاڻي جو ذڪر خوبصورت انداز ۾ ڪري ڄڻ ڀٽائي جي روايتن کي دهرايو آهي. اهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر شيخ اياز پاڻيءَ جو ذڪر هن انداز ۾ ڪري ٿو:

 تون به پاڻي، مان به پاڻي، آ ته پرچون پاڻ ۾.

تار ۾ آ تک ڏاڍي، ناوَ منھنجي آ پراڻي

آ ته پرچون پاڻ ۾.

تون به آهين ڪا ڪھاڻي، مان به آهيان ڪا ڪھاڻي،

آ ته پرچون پاڻ ۾.

رات کي ٿي رات ڳولي، ڪو ستارو ناھ ساڻي،

آ ته پرچون پاڻ ۾.

لھر پنھنجا پھر جهاڳي، سير ۾ آخر سماڻي،

آ ته پرچون پاڻ ۾.

سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ٻي مشھور ۽ قومي شاعر ابراهيم منشي به درياءَ جي دهشت، ٻيل ٻيلاٽيون ۽ ناوَ جو ذڪر انتھائي خوبصورت انداز ۾ ڪري ٿو ته:

ويندو درياءُ ڇڏي دهشت بڻائي ٻيلا ٻيلاٽيون،

چڙهي ڪنھن ناوَ ننڍڙي تي انهن ٻيٽن ۾ ملندا سين.

شيخ اياز ۽ ابراهيم منشي کان پوءِ اسان کي الطاف شيخ جو نالو ملي ٿو جيڪو سفرنامن جو بادشاھ ليکڪ آهي، جنھن تاريخي سفرناما لکيا آهن ۽ انهن سفرنامن جو واسطو تقريبن پاڻيءَ جھڙي موضوع سان گهڻو رهيو آهي ۽ پاڻيءَ سان لاڳاپيل ڪردارن جھڙوڪ ٻيڙائتن، ناکئن، مير بحر ۽ ملاحن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ۽ عظيم ڪھاڻيڪار علي بابا جو يادگار ۽ تاريخي ڊرامو (دنگي منجهه دريا) پڻ دريائي جيوت سان لاڳاپيل آهي، جنھن کي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو هيو. موجوده دور ۾ اهڙي موضوع تي قلم کڻندڙ دريائي جيوت، بندرن، ٻيڙائتن ۽ ميرن ملاحن سان پيار ڪندڙ سڄاڻ ليکڪ، تخليقڪار ۽ محقق منصور ٿلهو به آهي جنھن تازو (ناوَ ۽ ناکُئا)  ڪتاب لکي جنھن عشق جو اظھار ڪيو آهي ان مان منصور مون کي ڀٽائيءَ جي سر سامونڊي جو ڪردار ۽ سر گهاتو جي هيرو ۽ مورڙي جي روايتن کي برقرار رکي ۽ سامونڊي بندرن تي رهندڙ ميرن، ڪوجهن، ناکئن، ٻيڙائتن ۽ ملاحن جي ترجماني ڪري ڄڻ ته ڀٽائي جا پنڌ ۽ پيچرا لتاڙيا آهن.  منصور جي اهڙي سامونڊيڪو سڱ جو اظھار ڀٽائيءَ جي هنن بيتن جھڙو لڳي ٿو:

سامُونڊِيَڪو سَڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون؛

اَنگُن چاڙھي اَنگُ، ويو وَڻِجارو اوھِري!


سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان،

مون کي ٿي ماري، انين سندي ڳالهڙي!

هونئن ته ڀائُو منصور سنڌي ادب جي جهولي ۾ مختلف موضوعن جھڙوڪ ڪھاڻيون، ناول، لاڙ پٽن جي لغت ۽ سنڌي اسڪرپٽ جھڙن موضوعن تي چوڏهن ڪتابن جو ذخيرو ڏئي چڪو آهي. سندس هي پندرهون ڪتاب ناوَ ۽ ناکُئا آهي، جيڪو تحقيق جي پاسي ۾ سگهارو، ڳورو، لاڀائتو ۽ تاريخي ڪتاب ثابت ٿيندو. ڀائو منصور هن ڪتاب ۾ قديم ۽ قومي روايتن کي پنھنجي فن جي ذريعي جديد انداز ۾ پيش ڪري ڀٽائي واري کاڙي کيڙائو جھڙو کاهوڙي ليکڪ ۽ سٺو محقق نظر ٿو اچي. هي اهو منصور آهي جيڪو لطيفي روايتن کي دهرائيندي سامونڊي بندرن، تڙن تي ويھي ناکئن جي ناوَ جو ونجهه هلائي ٿو ۽ انهن ٻيڙاتئن ملاحن ۽ ميربحرن جي سڏڪن، دردن ۽ اهنجن کي پنھنجو درد سمجهي روح رچنديون ٿو ڪري.

اهڙو تحقيقي ڪم ڊرائنگ روم ۾ ويٺل اديب ۽ سرڪاري ليکڪ کان ڪونه پڄي سگهندو؟!

سکن واري سڌ متان ڪا مون سين ڪري،

اندر جنين اڌ ڏونگر سي ڏورينديون.

هي عملي ۽ جاکوڙ ڪندڙ محقق آمريڪا جھڙي رنگين ملڪ ۾ رهندي به اتان جي روشنين جي ور ناهي چڙهيو پر سندس اڄ به تڙپ، تانگهه، سڪ ۽ ڇڪ پنھنجي ڌرتي، وطن، ٻولي ۽ ماڻهن سان آهي. سندس روح مارئيء جيان سنڌ وطن لاءِ روئي ۽ رڙي ٿو.

سَنِھِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُ؛

ويٺي سارِيان سُومرا! گولاڙا ۽ گاهُ؛

ھِنئو مُنھِنجو ھُتِ ٿِيو، ھِتِ مِٽِي ۽ ماهُ؛

پَکَنِ منجهه پَساهُ، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾. (سُر مارئي)

ڀائو منصور جون شھر نصير آباد اندر علمي ادبي خدمتون پڻ آهن. پاڻ 1974 جي زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ نصيرآباد جو سيڪريٽري هجڻ دوران ٻاراڻي ادب ۾ لطيف پبليڪيشن قائم ڪري روشني نالي علمي ادبي پرچو ڪڍيو هيو. اڄ اها سنڌي ادب سنگت شاخ نصيرآباد قائم دائم ۽ متحرڪ آهي ته ان ۾ ڀائو منصور جھڙن جاکوڙي اديبن ۽ ٻين شاعرن ۽ ليکڪن جو رت ست شامل آهي.

30/09/2021

ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ درد جو فلسفو“ تي هڪ نظر - شھزادو شيخ (Shahzado Shaikh)

 ليکڪ: شھزادو شيخ

 ڊاڪٽر احسان دانش جي ڪتاب

”شاهه لطيف جي شاعري ۾ درد جو فلسفو“ تي هڪ نظر


سنڌي ٻوليءَ ۾ روزانو ڪو نه ڪو ڪتاب ڇپجي ٿو، پر انهن مان ٿورا ڪتاب پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندا آهن. تازو ئي اهڙو هڪ ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ عنوان سان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق، نقاد ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر احسان دانش جو لکيل آهي.

ڊاڪٽر دانش هن ڪتاب ۾ لاکيڻي لطيف سائين جي شاعري ۾ درد جي فلسفي کي موتين جھڙن لفظن ۾ پوئي سمجهايو آهي. سچ ته هي ڪتاب ساڃھوندن توڙي ادب دوستن لاءِ انمول تحفو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ لطيف سائين جي ڪلام ۾ موجود دردن ۽ ڏکن جو گهڻ رخو مطالعو سولي ۽ سهنجي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي.

29/09/2021

ڪتاب ”انوارالاولياءِ لُواري شريف“ جو سرسري جائزو - قير محمد سنڌي (Faqeer Muhammad Sindhi)

 تبصرو ڪندڙ: فقير محمد سنڌي

ڪتاب ”انوارالاولياءِ لُواري شريف“ جو سرسري جائزو

ايمان سلامت هر ڪوئي منگي، عشق سلامت ڪوئي هو،

منگين ايمان، شرماون عشقون، دل نون غيرت هوئي هو،

جس منزل نون عشق پچاوي، ايمان نون خبر ڪوئي هو،

ميرا عشق سلامت رکين باهُو، ايمان نون ديان ڌورئي هو. (سلطان باهو)

سنڌ ڌرتيءَ تي تصوف جو رنگ عشق جي پوئواري ڪري ٿو، جو وڏي رياضت، عبادت ۽ شاعريءَ ۾ فن ڪاريگري سان پنهنجو پيغام پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو رهي ٿو ۽ ٿيندو رهندو. تصوف جو هر نڪتو دانائي ۽ پنھنجو پاڻ سڃاڻ تي آهي. جنهن پنهنجو پاڻ سڃاتو تنهن ڄڻ يار کي سڃاتو. ”انوارالاولياءِ لُواري شريف“ به تصوف جي رمزن کي ظاهر ڪري ٿو. ممتاز مرزا جون خدمتون قابل احترام آهن جنهن وقت به وقت عشق جي ثمر مان ڪجھ موتي مهيا ڪيا آهن. اهو عشق ئي آهي جنهن سائين بخش قبولائيءَ کي هن پاسي پاڻ پرکڻ جو موقعو ڏياريو. ممتاز مرزا کي به لواري جي گادي ڌڻي پنهنجي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. سٺو ٿيڻ به ڪنهن ڪنهن جي طبيعت ۾ شامل هوندو آهي، ڪنهن کي پري کان ڏسي، لبن تي مسڪراهٽ اچي، سمجهجي ته اهو چهرو تنهنجو محبوب آهي. تڏهن لواري شريف کي شيراز جي شهر سان تشبيهه ڏني اٿس.

20/08/2021

ناول 'يوٿوپيا' جو جائزو - علي اڪبر نهڙي (Ali Akbar Nahri)

 علي اڪبر نهڙي

ناول 'يوٿوپيا' جو جائزو


پوسٽ ماڊرن ادب ۾ ڊسٽوپيائي فڪشن پنهنجي الڳ معني رکي ٿو، جنهن کي پوسٽ ماڊرن ڊسٽوپيا به چئبو آهي. ۽ ڊسٽوپيائي فڪشن ۾ ڊسٽوپيائي ناولن جو پنهنجو مقام آهي. اهي ناول دنيا ۾ اڳ به لکيا ويا پر جديديت پڄاڻان انهن جي موضوعن ۾ نواڻ ۽ تبديلي آئي. ڊسٽوپيائي فڪشن انسان جي زندگي جي هڪ اهڙي پهلوءَ جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن ۾ انساني زندگي رياستي جبر ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي چنبي هيٺ بيوس بڻيل نظر ايندي آهي. ڊسٽوپيائي ناولن لاءِ اڪثر ائين چيو ويو ويندو آهي ته اهي مستقبل جي اڳڪٿي ڪن ٿا، انهي بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي پر انهن ناولن جو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ حال سان ضرور تعلق هوندو آهي. جيئن جارج آرويل سندس جڳ مشهور ڊسٽوپيائي ناول 1984 بابت ڳالهائيندي هڪ جڳهه چيو ته 1984 جي دنيا لازمي طور تي ممڪن ڪونهي ۽ سندس ناول تنقيد ۽ انتباھ آهي نه ئي اڳڪٿي.

03/04/2021

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي ۽ سندس جوڙيل ڪتابَ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr Riazat Buriro)

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۽ سندس جوڙيل ڪتابَ

(ديوان ڪيولرام آڏواڻيءَ جي لکيل ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي سنواريل ڪتاب ”سوکڙي ڳالهين جي“ جو مقدمو)


سنڌ تي، ۱۸۴۳ع ۾ برطانوي انگريزن جي قبضي کان پوءِ، سندن حاڪميت جي پڄاڻي، ۱۹۴۷ع ۾، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي ٺھڻ سان ٿي. انگريز-دور (۱۸۴۳-۱۹۴۷ع) ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي جيڪي فائدا ۽ نقصان پلئه پيا، تن جي ڪَٿ گهڻن ئي ڪتابن ۽ مقالن ۾ ڪيل آهي، جن جو ذڪر هِن ”مقدمي“ جي دائري کان ٻاهر آهي. ۱۰۴ ورهين تي پکڙيل اهو دَور، سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ تعليم جي لاءِ مجموعي طور تي لاڀائتو ثابت ٿيو، سواءِ ان تمام وڏي ۽ تلافي نه ٿِي سگهندڙ نقصان جي، ته پاڪستان جي قيام ۽ سنڌ پاران منجهس شامل ٿيڻ وقت، سياسي ۽ سماجي حالتن جي غير يقينيءَ، غير رواداريءَ ۽ مذهبي جهيڙن جي ڪري، عام هِندن سان گڏ، سنڌي اديبن ۽ عالمن جو وڏو تعداد، لڏپلاڻ ڪرڻ ۽ پنهنجي ڏيهه کان مستقل طور ڌار ٿيڻ تي مجبور ٿيو، جنھن سان سنڌ جي سماجي، علمي، ادبي ۽ ٻوليائي دنيا ۾ وڏا خال پيدا ٿي پيا. بهرحال، انگريزن جو سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ وڏو ڪم، فارسيءَ کي ترڪ ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي اُن جِي جڳهه تي سرڪاري حيثيت ڏيڻ، سنڌي لپيءَ کي مقرر ڪرڻ ۽ تعليمي ذريعي طور لاڳو ڪرڻ هو. جنهن سان سنڌي ٻوليءَ ۾، ڪتابن جي لکجڻ ۽ ڇپجڻ سان، هڪ نئين سجاڳيءَ جي شروعات ٿي. ان نئين سجاڳيءَ کي آڻڻ ۾، ۱۸۵۰ع کان پوءِ، جن اولين عالمن ۽ اديبن لوڪ ڏاهپ ۽ لوڪ ادب جي ترتيب، تدوين ۽ تخليق ۾، پنھنجي مائيدار ٻوليءَ ۽ ميٺاڄ ڀرئي اندازِ تحرير سان، پنھنجن ڪتابن ذريعي، پُر اثر ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ جو نالو اهم ۽ نمايان آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکي ٿو: ”ديوان ڪيولرام جو انداز بيان دلنشين ۽ وڻندڙ آهي. بيجوڙ جملن، ڪچين ڦڪين ترڪيبن ۽ غير فصيح ۽ من-گهڙت لفظن کان سندس اسلوب آزاد آهي... هن جي اسلوب ۾ سادگي ۽ پختگي به آهي، ته ان سان گڏوگڏ شيريني ۽ ميٺاڄ پڻ آهي... اصلاحي ۽ اخلاقي مضمون جي رنگ ۾ اول اول ديوان ڪيولرام جو اسلوب ملي ٿو. ڀڳتي ۾ ڌرم سان رغبت ۽ درويشانه طبع جو رنگ سندس تحرير مان صاف طرح سان پيو بکي. ان ڪري ئي سندس اسلوب بيان ۾ حليمائي ۽ انڪساري ججهي آهي. عربي فارسي کان علاوه پنجابي، هندي ۽ سرائڪي پھاڪن، چوڻين ۽ مثالن سندس عبارت کي ڪافي مائيدار بڻايو آهي. اها سندس فارسيداني ۽ ديسي زبانن جي ڄاڻ ئي آهي جنھن سندس اسلوب کي شيرين ۽ رس ڀريو بڻايو آهي.“[عرساڻي، ۲۰۰۹: ۳۷۸-۳۸۰]

18/01/2021

مصور طرفان چٽيل صدين جي ڪھاڻي ”چچريل لاش“ - شھباز پيرزادو (Shahbaz Perzado)

 شھباز پيرزادو

مصور طرفان چٽيل صدين جي ڪھاڻي

”چچريل لاش“

جنوريءَ جي سرد رات لڙي چڪي آهي ، پوڙها ماڻهو سج لٿي سان ئي بستر کي ڀيڙو ٿي چڪا، گهر جي چرخي کي ڀرٿ ڀري هلائيندڙ ڪنوارين ڇوڪرين کي به هاڻ ڀرٿ جي سئي آڱر ۾ لڳي رهي آهي ۽ هو ڳوٽن جي ڇٻي بنا در واري دريءَ ۾ رکي پنهنجن امڙين جي ڀر ۾ اچي ويٺيون آهن، ڳوٺ جي رولاڪ ڇوڪرن به محبوب جي ياد ۾ دکايل سگريٽ کي وڏا ڪش هڻي ڇاتي گرم پئي ڪئي، ڪوهيئڙي جو ڄار ڪڻڪ جي تازي پوکيل فصل مٿان ڇائنجي چڪو هئو ۽ مان ڪوهيئڙي جو سيني چيري جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سنڌ جي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ احمد شاڪر جي تازي ڇپيل ناول  ”چچريل لاش“ جو خيال دماغ ۾ ائين اچي لٿو جيئن  جلاوطن ٿيل نوجوان کي پنهنجي وطن جي ڪچي رستي مٿان ٿيل ڇنڪار جي هڳاءُ جو خيال ايندو آهي .

ستار رند جو ناول ”يادن کي الوداع“ - منوج ڪمار (Manooj Kumar)

 منوج ڪمار

ستار رند جي ناول

”يادن کي الوداع“ جو اڀياس

ستار رند پنھنجي دور ۾ وڏي عرصي تائين سنڌ جي قوم تحريڪ ۽ کاٻي ڌر سان سھلاڙيل رھيو. بعد ۾ ھُن جو تعلق پيپلز پارٽي جي وڏي سطح جي قيادت سان رھيو. ھُن مختلف غير سماجي تنظيمن سان بہ ڪم ڪيو. ھُو ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالمسٽ بہ ھو. ھُن کان اڳ سندس شاعري جا ٻہ ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن. 2016 ۾، چوونجاھہ سالن ۾، دل جي دوري ۾ سندس اوچتي وفات ٿي وئي. يادن کي الوداع ستار رند جو پھريون ۽ آخري شايع ٿيل ناول آھي جيڪو سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ شايع ٿي پڙھندڙ جي ھٿن ۾ پھتو آھي.


ناقابل برداشت وجود جي هلڪڙائپ - ڊاڪٽر غفور ميمڻ (Dr Ghafoor Memon)

 ڊاڪٽر غفور ميمڻ

ناقابل برداشت وجود جي هلڪڙائپ

(Unbearable Lightness of Being)

ميلان ڪنڊيرا جي ناول ۽ ٺهيل فلم جو جائزو

ميلان ڪنڊيرا اپريل جي پهرين تاريخ 1929ع چيڪوسلواڪيا ۾ ڄائو. چيڪو سلواڪيا جو مشهور ڪميونسٽ انقلاب 1948ع ۾ آيو هو. ان کان پوءِ ميلان ڪنڊيرا فرانس ۾ جلاوطن ٿي ويو هو. ميلان ڪنڊيرا ڪيترائي ناول ۽ ادبي تنقيد جا ڪتاب لکيا هئا، پر سندس اهم ۽ مشهور ڪتاب “unbearable lightness of being” آهي. هن ناول تي فلم به ٺهي چڪي آهي.

11/01/2021

ڪتاب ”سروس بخير“ - اعظم ڀٽي (Azam Bhatti)

 اعظم ڀٽي

چاليهه سالا نوڪري واري عرصي جي شاهڪار شاهدي:

ڪتاب ”سروس بخير“

انگن ۽ اکرن جي دنيا جو ماڻهو، حساب ڪتاب ۽ ليکي چوکي واري سفر جو مسافر، جيڪڏهن لفظن جي لات لنوي، جُملن جا جبل جهاڳي، ڪتابن جي ڪَٿ ڪري ته حيرانگيءَ جي ڪا حد نٿي رهي. ڳالهه جو حقيقي مقصد اهو آهي ته منهنجي معلومات مطابق آڊٽ ۽ اڪائونٽس جهڙي خُشڪ شعبي ۾ اديب، دانشور يا شاعر جو وجود نه هئڻ برابر رهيو آهي، اُتي اڱرين تي ڳڻڻ وارو اصطلاح به پنهنجي پوري معنى برقرار نه رکي سگهيو آهي. تاج بلوچ، محمد ملوڪ لُنڊ، جاويد سومرو ۽ اسان جي محبوب ساٿي، پُراسرار مسڪراهٽ جي مالڪ اقبال بلوچ کان سواءِ سموري سنڌ جي خزاني کي سرڪاري سطح تي هيڏانهن کان هوڏانهن ڊوڙائڻ واري ڊوڙ ۾ شامل هزارين ماڻهن مان بس اهي ئي چار فرد نڪري، نروار ٿي، نمايان نالو ڪڍي، سنڌي ادب، سنڌي شاعري، سنڌ جي صحافت ۽ تاريخ ۾ پاڻ کي منفرد بڻائي ظاهر ٿي سگهيا آهن. ڇا سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي تاريخ ۾ اها هڪ وڏي ۽ منفرد خبر ناهي؟ ڇا اهو ڪارنامو ڪو غير معمولي ڪارنامو ناهي؟ انگن جي انگڙاين ۾ ڦاٿل هوندي به لفظن جي راند سان رومانس ڪرڻ واري تمام مختصر تاريخ رکندڙ روايت ڪنهن به اعلى تجسُس کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي. صحافتي اصولن سان سلهاڙيل هڪ جملو ياد ٿو پوي ته ”ڪنهن اديب جو صحافي هُجڻ ضروري ناهي، پر هڪ صحافي لاءِ اديب هجڻ انتهائي ضروري آهي“. ان نسبت سان آئون واضع ڪرڻ چاهيندس ته ”لفظن جي رانديگر لاءِ اهو ضروري ناهي ته اهو انگن جو به رانديگر هُجي، پر انگن جي رانديگر لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته اهو لفظن جو به سُٺو رانديگر هجي“، ڇاڪاڻ جو لفظن جي رانديگر جو گهڻو ڪري تعلق يا واسطو پڙهيل، لکيل ۽ شعور رکندڙ حلقي سان ئي رهي ٿو پر آڊٽ ۽ اڪائونٽس جي شعبي سان سلهاڙيل انگن جي رانديگر جو تعلق سماج جي هر شعبي جي فرد سان جُڙيل رهي ٿو.