28/01/2023

ڪتاب ”ساڻيهه سندي سڪ“ جو اڀياس - ناشاد شوڪت شنباڻي (Nashad Shoukat Shanbani)

 ناشاد شوڪت شنباڻي

ڪتاب ”ساڻيهه سندي سڪ“ جو اڀياس!

 سانجهيءَ جو ستارو آڪاس تي اُڀري ڌرتيءَ تي لهندڙ سرمائي شام جا رنگ ڏسي رهيو آھي. چنڊ جي هلڪي هلڪي روشني پوندڙ ڪوهيڙ جا منظر چٽي رهيو آھي ۽ سرنهن ڦولاريل گلن تي ماڪ جا ڦُڙا برسات جي بوندن جيان ڪِري رهيا آھن، مون ڪٿي پڙهيو هو ته، رات جو جڏهن سارو جڳ سمهي پوندو آھي، تڏهن هڪ تخليقڪار، هڪ شاعر، هڪ ليکڪ هڪ ترجمي نگار کي پنهنجو ادبي ڪم ڪرڻ لاءِ ڏاڍو پُرسڪون وقت ملندو آهي، ۽ وري اُها رات سياري جي هجي ته سندس تخليقي پورهئي ۾ بي پناھ اضافو اچي ويندو آھي. جڏهن رات جو وقت هجي ۽ هڪ شاهوڪار ڪتاب هجي ته اُڀرندڙ چنڊ به ڪتاب جي ورقن ۾ چانديءَ جهڙي روشني ڪندي سرهو محسوس ٿيندو آھي.

ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ جو مختصر اڀياس- امين جويو (Amin Joyo)

 امين جويو

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي ڪتاب

”سمن جي سلطنت“ جو مختصر اڀياس

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو هي بهترين تواريخي دستاويز سَمن جي حڪومتي دور تي ٻڌل آهي. هن ڪتابَ جو پهريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو وارن سن 1987ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪِتابَ کان اڳ ۾”سما دور“ تي ڪو به ننڍو يا وڏو ڪتاب ڇپيل ڪو نه هو. ڪتاب جي ليکڪ مطابق؛ ”هن کان اڳ ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ، سڀ کان پهريان ڊاڪٽر رياض الاسلام، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ايم. ايڇ پنهور ۽ سيد حسام الدين راشديءَ سَمن جي دور تي نمايان ڪم ڪيو.“

اوھان ”شنڪر ڀيل“ جي شاعري پڙھي آھي؟ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

مٺل جسڪاڻي

اوھان ”شنڪر ڀيل“ جي شاعري پڙھي آھي؟

 

شنڪر ڀيل کي مون سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو الھيار جي دستوري گڏجاڻين ۾ ڏٺو. سندس شاعري، سندس زباني ٻُڌي. کيس گهڻو نہ سڃاڻان. جڏھن کان سنڌي ادبي سنگت بہ عام رواجي سياسي سنگت مثل ٿي، ڌڙابندي ٿي، تہ گڏجاڻين ۾ منھنجو نہ برابر وڃڻ ٿيو، نہ وڃڻ جھڙو ٿيو. جڏھن کان ٽنڊو الھيار ۾ بہ ٻہ ڌار ڌار گڏجاڻيون ٿيڻ شروع ٿيون آھن، تہ بلڪل بہ وڃڻ نہ ٿيو آھي. سڀني سان تہ فاصلاتي رابطو ڪڏھن رھيو ئي نہ آھي، جن سان بہ ھو، انھن سان بہ ڄڻ تہ ھاڻي رابطو نہ آھي. شنڪر ڀيل سان سڌو رابطو نہ ھو، نہ آھي، پر اڄ اوچتو ذھن تي تري آيو، تہ ”ڪجهہ تہ ھيو“ رديف سان سندس ھي غزل ذھن تي تري آيو، ڳولا ڪيم، تہ سڄو پڙھي ورتم. اوھان بہ پڙھو:

14/12/2022

”ننڍڙو چنڊ“ جو مھاڳ - محمد علي پٺاڻ (Muhammad Ali Pathan)

 محمد علي پٺاڻ

انور ابڙي جي ناول ”ننڍڙو چنڊ“ جو مھاڳ

ڪو به ٻارُ، ڪنھن به گهر ۾ جنم وٺي ٿو ته سندس سِکيا جو پھريون مرحلو گهَرَ جي ماحول کان ئي شروع ٿِئي ٿو - ۽ جيڪڏهن اھو ماحول مُھذب، ٻارَ جي عزت نفس ۽ معصوميت جو خيال ۽ احترام ڪندڙ آهي ۽ چِڙِچِڙو، ٻارَ کي دڙڪي دھمانَ ۾ رکندڙ ۽ ”مارَ“ کي ”سَنوارَ“ جي جاھِلاڻي سوچَ تي عمل ڪندڙ نه آهي ته اڳتي هلي اھڙو ٻارُ نه رڳو پنھنجي گهرَ، تَرَ ۽ پاڙي پنڀي ۾ ”يارَ، ھِي ٻارُ ڪيڏو نه صدورو آهي...“ يا ”اَئِي اَدي، ٻارڙو ماشاء اللھ ڏاڍو سمجهدار ۽ سلڇڻو اَٿَئِي...“ جھڙن سٺن جملن جي سڃاڻپ سان زندگيءَ جي عقلي ۽ شعوري شاھراھ تي اعتماد سان ننڍڙيون وِکون کڻي، اڳتي وڌي ٿو. اھڙو ٻارُ نه رڳو پنھنجي حياتيءَ جي سفر کي سڦلائتو بڻائڻ واري منزل طرف گامزن ٿِئي ٿو، پر سماج لاءِ به ھڪ سُڌارڪ، انسان دوست ۽ ”سَڀِئين وصفين سُھڻي“ شخص جو حوالو بڻجي ڪنھن نه ڪنھن اھڙي منزل کي ضرور رَسي ٿو، جيڪا ھُن جھڙو ھَڏُ ڪاٺُ رکندڙ انسانن لاءِ اتساھَ جو ڪارڻ ۽ عظمت جو معراج سمجهي ويندي آهي ۽ جنھن تي تاريخ رَشڪ ڪندي آهي.

13/10/2022

ميڊم مھتاب اڪبر راشدي جي ڪتاب ”سڄڻ ساڃاهه وند“ جو جائزو- زرار پيرزادو (Zarar Pirzado)

تحرير: زرار پيرزادو

ميڊم مھتاب اڪبر راشدي جي ڪتاب

”سڄڻ ساڃاهه وند“ جو جائزو

 ميڊم مھتاب راشدي انهن انتھائي ٿورين شخصيتن مان هڪ آهي جيڪي پنهنجي ذات ۾ پاڻ ”ادارو“ هئڻ سان گڏوگڏ عملي طور ”ادارن“ جون سربراهه به رهي چڪيون آهن.

اهڙيون شخصيتون ادارن وارو ئي ڪم ڪنديون رهنديون آهن. اها اسان جي الائي خوشنصيبي آهي الائي بدقسمتي ته اسان وٽ ”ادارن“ کان وڌيڪ انفرادي طور تي شخصيتون ڪم ڪنديون آهن پر ميڊم مهتاب ادارن ۾ به تحرڪ جو ماحول ٺاهيو ۽ ذاتي طور به ادارن وارا ڪم ڪندي رهي آهي.

 اهڙيون شخصيتون اصولن، قائدن ضابطن، مستقل مزاجي ۽ ثابت قدمي سان ڪم ڪنديون آهن.ميڊم مهتاب جنهن به اداري ۾ وئي ته هن شين کي ريڪارڊ ۽ دستاويز ڪرڻ تي زور پئي ڏنو. ان حوالي ۾ سندس اهڙن ڪمن جو وچور لکبو ته هي سڄو ڪالم ان تائين محدود ٿي ويندو. بهرحال اهي سڀ ڪم سندس شخصيت تي سهيڙيل ڪتاب ”ماهتاب“ ۾ موجود آهن.

 مهتاب اڪبر راشدي حقيقي ۾ پاڻ به هڪ تاريخ آهي جنهن کي سهيڙڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو ڏسي تمام گهڻي سرهائي محسوس ٿي رهي آهي ته ميڊم مهتاب پنهنجي حصي جي تاريخ کي پاڻ قلمبند ڪرڻ لڳي آهي. پاڻ ان ڪري جو هوءَ پاڻ ادارو آهي سو ڪنهن ٻئي کي چوڻ يا اوڏانهن واجهائڻ بدران هن شخصي اداري پاڻ پنهنجي حصي جي تاريخ کي ريڪارڊ ڪرڻ شروع ڪيو آهي.

 سندس شخصيت تي لکيل مضمونن تي ٻڌل ڪتاب ” مهتاب“ کان پوءِ  سندس ڪالمن جو ڪتاب ” اڄ، ڪالهه ۽ سڀاڻي“  شايع ٿيو جيڪو سنڌ جي هڪ سياسي، سماجي، ادبي، ماحولياتي ۽ حڪومتي دور جي اپٽار آهي.

 ايئن هاڻي 37 مختلف شخصيتن متعلق خاڪن ۽ تاثراتن تي ٻڌل سندس ڪتاب ”سڄڻ ساڃاهه وند“ جي سري هيٺ شايع ٿي ادبي ۽ علمي مارڪيٽ جي زينت بڻجي چڪو آهي.

 ميڊم هن ڪتاب ۾ جن شخصيتن تي لکيو آهي سو مواد انهن شخصيتن جي سالگراهن، ورسين ۽ پروگرامن جي مناسبت سان آهي جن کي سهيڙي ڪتاب شڪل ڏني وئي آهي. يعني اهي ليک مختلف وقتن، تاريخن ۽ ماحول ۾ لکيا ويا آهن ايئن ناهي ته اهي خاص طور هن ڪتاب لاءِ لکيا ويا آهن.

هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل انهن شخصيتن جا پروفائيل ته ممڪن آهي ته دستياب هجن پر انهن شخصيتن کي ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ (جيڪا پاڻ به انهن سڀني شخصيتن لاءِ احترام لائق هئي) ڪيئن ڏٺو سا خاص ڳالهه آهي. خود انهن شخصيتن جو روح به سرهو ٿيو هوندو ته ميڊم مهتاب دل جي گهراين سان کين يادگار ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

ڪتاب ۾ ڄاڻايل شخصيتن سان ميڊم مهتاب جو واسطو ڪهڙي نوعيت جو هو، ساڻن ڪهڙا واقعا ۽ ساروڻيون سلهاڙيل آهن سي واقعا ۽ ساروڻيون خود تاريخ جو هڪ حصو آهن جيڪي ريڪارڊ تي آندا ويا آهن، خاص ڪري ريڊيو جي شخصيتن تي ميڊم جيڪي مضمون لکيا آهن تن ۾ ريڊيو جو اهو دور قلمبند ٿي وڃي ٿو جنهن کي ماضي جو  يادگار ۽ سونهري دور چئجي ٿو. انهن شخصيتن سان گڏ ميڊم مهتاب راشدي جي شخصيت جا پنهنجا به ڪيترائي نوان حصا نروار ٿين ٿا. ان لحاظ کان اهي لکڻيون ۽ سندس هي ڪتاب ساڳي  وقت سندس آتم ڪٿا جو به مواد مهيا ڪن ٿا.

هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل ڪيترن شخصيتن کان نئون نسل مممڪن آهي ته واقف به نه هجي تن لاءِ ۽ هر دور جي ايندڙ نسل لاءِ هي ڪتاب ريفرنس طور ڪتب  ايندو ۽ جيڪو ڪتاب ريفرنس طور ڪتب اچي سو ئي ڪامياب ڪتاب سمجهيو ويندو آهي.

ميڊم مهتاب راشدي جي ڪالمن واري ۽ هن ڪتاب مان هوءَ هڪ طاقتور ۽ منفرد نثر رکندڙ ليکڪا طور پڻ دريافت ٿي آهي. مان ذاتي طور ذهين ترين ليکڪن جي نثر مان متاثر رهيو آهيان. انهن ذهين ليکڪن جي سگهاري سوچ نثر جو پاڻ گهاڙيٽو بڻجي ويندي آهي ۽ اهڙن ليکڪن جي خاص ڳالهه راءِ عامه جوڙڻ جي طاقت هوندي آهي جيڪا ميڊم جي لکڻين مان رهنمائي طور پڻ ملي ٿي.

ميڊم جي شاعراڻي دل جو اظهار سندس مضمونن تي ڏنل عنوانن مان واضح طور نظر اچي ٿو جنهن جي واکاڻ نصير مرزا صاحب به پنهنجي هڪ تبصري ۾ ڪئي آهي. اهڙن عنوانن ۾ ”اونداهي ۾ لاٽ محمد ابراهيم جويو“، ”عشق هو، چرچو نه هو، رونشو نه هو قاضي فيض محمد“، ”مهربان اکين جو وڇوڙو جمال ابڙو“، ”استاد وڏو ”استاد“ آهي: استاد بخاري“، ”سڪ جو سڳو: لڇمڻ ڪومل ۽ ”وهي کاتي جا پنا“، ”عنايتون ڪرڻ ۽ گهرڻ وارو عنايت بلوچ“، ”وارياسي ٿر جو سيراب مسافر عبدالقادر جوڻيجو“، ”ايف آءِ آر در حضور ڀٽ ڌڻي: انور پيرزادو“، ”لهر لهر زندگي حرف حرف روشني! هدايت بلوچ“، ”سونن هٿن واري سلطانه، سحر جو سحر: سحر امداد“، ”آواز جو مصور، سيد صالح محمد شاهه“، ”ڍنڍ جي گهرائيءَ جهڙو ماڻهو: مراد علي مرزا“ وغيره وغيره شامل آهن.

 ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ ڪافي ڪتابن تي مهاڳ ۽ تبصرا به لکيا آهن جيڪي جديد ادبي تاريخ جو هڪ حصو آهن سي پڻ ڪتابي شڪل ۾ اچڻ لاءِ تيار آهن ۽ پڙهڻ وارا ان کي پڙهڻ لاءِ بي چين آهن.

 سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جا اهڙا اڃا گهڻا ڪتاب آهن جيڪي پائيپ لائين ۾ موجود آهن پر اڄ جي اشاعتي ادارن جي اسپيڊ ايڏي تيز ناهي جيڏي ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي ڪتابن جي سرجڻ جي برق رفتار آهي.

08/10/2022

ميري دنيا: ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي آتم ڪٿا - رئوف نظاماڻي (Rauf Nizamani)

 رئوف نظاماڻي

ميري دنيا: ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي آتم ڪٿا

تازو ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا جي ٻي جلد ”ميري دنيا“ پڙهڻ جو موقعو مليو. پهرين جلد ”در در ٺوڪر کائي“ گھڻو عرصو اڳ پڙهي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي 1952ع ۾ يارنهن سالن جي عمر ۾ ڀارت جي ٽونڪ شهر مان حيدرآباد اچي رهڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت هن سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اتي تاريخ جي استاد طور پڙهائڻ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هن يونيورسٽي جي ماحول، شاگردن جي ساڻس ورتاءُ  ۽ خاص طور ٻن وائس چانسلرن غلام مصطفيٰ شاهه ۽ شيخ اياز سان سندس ناتن جو ذڪر ڪيو آهي. ٻي جلد ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جي مختلف موضوعن کي کنيو آهي.

03/09/2022

علي زاھد جي شاعريءَ جي ڪتاب ”عدم کان اڳتي“ جو تحقيقي جائزو - جسارت الياس جوکيو (Jassart Eliyass Jokhiyo)

 جسارت الياس جوکيو

 

وري وسڻ آئيو، ڪينجھر پيتو کِير

(علي زاھد جي شاعريءَ جي ڪتاب ”عدم کان اڳتي“ جو تحقيقي جائزو)

 


ڪائنات ۾ ڌرتيءَ وانگر ٻيا به ڪيترائي گرھ ۽ سيارا ڳوليا ويا آھن، جن مان ھر ھڪ کي پنھنجو ھڪ يا گھڻا الڳ چنڊ آھن، جڏھن ته تارن ۽ ڪھڪشائن جو تعداد ڳڻپ کان ٻاھر آھي. ائين ئي موھن جي دڙي جي ديس جي علمي ۽ ادبي آسمان تي پڻ ڪيترائي گرھ ۽ سيارا ڇانئيل آھن، جن جا پنھنجا پنھنجا چنڊ ۽ تارا آھن. اھا ڳالھ عالم آشڪارا آھي ته شاھ لطيف سنڌي شاعريءَ جو سج آھي، جنھن جي روشني، سنڌي ادب جي ھر گرھ ۽ انھن جي اڻ ڳڻين چنڊن تائين پھتل آھي. وري به جيئن ڌرتيءَ تي جيون گھارڻ جو پنھنجو رنگ ۽ ڍنگ آھي (۽ ھاڻي مريخ تي به زندگيءَ جا آثار ملن پيا)، تيئن شاھ لطيف جي فلسفي کي پڙھي ۽ سمجھي، ان مان متاثر ٿي ڪجھ شاعرن سنڌي شاعريءَ کي ھڪ نئون دڳ ڏَسيو آھي.

20/08/2022

سردار ٻرڙي جي ڪتاب ”آڪٽوبر انقلاب“ تي هڪ نظر - رياض ابڙو (Riaz Abro)

 

رياض ابڙو

 

سردار ٻرڙي جي ڪتاب ”آڪٽوبر انقلاب“ تي هڪ نظر

 


ادب جيڪو ٻين ٻولين مان انگريزي ۾ ترجمو ٿيندو هجي يا جيڪو ادب انگريزي ٻولي ۾ سرجندو هجي ته اهو دنيا جي سڌريل يا اڻ سڌريل ملڪن ۾ هڪ ئي رجحان سان پڙهيو ٿو وڃي، ان ڪري ته دنيا جي 60 سيڪڙو آبادي انگريزي ٻولي پڙهي، لکي ۽ ڳالهائي سگهي ٿي يا سمجهي به سگهي ٿي. ان ڪري انگريزي ٻوليءَ ۾ سرجيل ادب مان ٻيون سڀ ٻوليون لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿيون. ان ۾ هڪ ڪتاب جون ملين ڪاپيون کپائي به سگهجن ٿيون، ان ادب مان پبلشر به ڪمائي ٿو ته رائيٽر به ڪجھه لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿو. ٻين ٻولين مان جيڪو ادب روسي، فرانسيسي، جرمن، اطالوي، عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيندو رهي ٿو ان اسپيڊ سان انگريزي، عربي ۽ اردو ڪتاب وڏي اسپيڊ سان سنڌيءَ ۾ ترجمو به ٿيندا رهن ٿا (جيڪي ادب دوست خريد به ڪن ٿا يا پڙهن به ٿا) ان ڪري انهن جو ڪاپيون گھڻيون وڪرو به ٿينديون رهن ٿيون، پر اسان وٽ اهڙيون پريڪٽسز نه ٿيون ٿين، ڇو ته اسان وٽ پڙهندڙن جو ريشو نسبتن گھٽ آهي، ان ڪري ادب اسان وٽ پيٽ پوڄا قطعن ناهي يا ڪو ”آسڪر ايوارڊ يا نوبل پرائيز“ نه ٿو کڻي اچي پر مڙئي هڪ ”هابي“ ضرور آ يا ڪجھ پارٽ ٽائيم يا ڪا ڪرت ضرور آ پر جس لهڻن اهي ادب دوست جيڪي پوءِ به خدمت ۾ پيش پيش آهن.

10/10/2021

ڊاڪٽر احسان دانش جو ڪتاب ”شاهه لطيفَ جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ - محمد عثمان جوڻيجو (Muhammad Usman Junejo)

 تبصرو: محمد عثمان جوڻيجو

ڊاڪٽر احسان دانش جو لکيل ڪتاب

”شاهه لطيفَ جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“

”ڏکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچن.“

دنيا ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا اڻ ڳڻيا شيدائي ۽ پارِکُو موجود آهن، پر سنڌ ۾ شاهه سائينءَ جا جيڪي شارِحَ ۽ پارِکُو آهن، انهن مان محترم ڊاڪٽر احسان دانش به هڪ آھي. ھن  ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي آهي، گڏوگڏ لطيفيات تي ٻيا به ڪتاب لکيا اٿائين. سندس تازو ڪتاب ”شاهه لطيفَ جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي. جنھن ۾ درد جي موضوع تي لکيل سندس تحقيقي مقالا ڏنل آهن. ”شاهه لطيف، دردَ جي حقيقت، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جا لفظي روپ، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جون ڪيفيتون، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سورَ جي سونھن، شاهه لطيف جي سورمين وٽ درد جا انواعَ، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد ۽ عشق جو لاڳاپو ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو سماجي ڪارج“ اهي موضوع آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾ ڏنل آهن.

02/10/2021

ڪتاب ”ناوَ ۽ ناکُئا“ تي هڪ نظر - پروفيسر ستار سومرو (Prof. Sattar Soomro)

 پروفيسر ستار سومرو

منصور ٿَلهي جي تحقيقي ڪتاب

”ناوَ ۽ ناکُئا“ تي هڪ نظر


دنيا جي تاريخي ۽ قديم ڪتابن مان رگويد جي اسلوڪ ۾ سنڌو ندي جو ذڪر هن انداز ۾ ملي ٿو ته (اجھل اڻ موٽ سنڌو ٻل واري سگهاري سنڌو، ڏينھن رات ميدانن مان اپار پاڻي جو ڦهلائي جرڪندي ۽ ڪڙڪاٽ ڪندي وهندي رهي ٿي.) پاڻي زندگي آهي ۽ پاڻيءَ تي زندگي پلجي ٿي. انسان ذات جو پاڻي سان تعلق ابتدائي آهي، ڇو ته انساني زندگيءَ جا شروعاتي نشان ۽ آثار پاڻي وارن هنڌن تي مليا آهن. انسان پنھنجي گذر معاش ۽ واپار جو ذريعو به دريائن ۽ سمنڊن جي هنڌن تي ڳولي لڌو، ۽ اهو واپار وارو تسلسل دراوڙي نسل کان وٺي موجوده دور تائين جاري ساري رهندو آيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي قديم تھذيبن جو بڻ بنياد به پاڻي آهي. انهن ئي دريائن ۽ سمنڊن جي ڪنارن تي انساني تھذيب جو جنم ٿيو آهي. دنيا جي مختلف تھذيبن ۾ پاڻي جي پوڄا به ڪئي وئي آهي، جنھن کي (جل پوڄا) چيو وڃي ٿو. نديون، درياءَ ۽ سمنڊ انساني جياپي، وجود جي بقا ۽ خوشحالي جي اهڃاڻ آهن. ندين ۽ دريائن کي ماڻهو پاڪ ۽ پوتر سمجهندي دريائن کي ديوتائن جو درجو ڏنو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻي، سمنڊ، دريائن ۽ دريائي جيوت تي سُر رچيندڙ اسان جو قومي ۽ محبوب شاعر لطيف سر سامونڊي، سر سريراڳ، سر گهاتو ۽ سر ڪاموڏ جھڙا پاڻيءَ جي موضوع تي سر ڳائي پاڻي جي اهميت ۽ افاديت ظاهر ڪندي سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافتي اتھاس رقم ڪري ٿو. ڀٽائي اهڙين روايتن، سنئوڻ ساٺ ۽ جل پوڄا جو ذڪر هن انداز ۾ پيش ڪري ٿو:

اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَھُون وَڻجارنِ جون؛

آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي، سمُونڊ کي. (سر سامونڊي)

جَرَ تڙَ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُٽِيُون؛

اَلا! ڪانڌُ اچي، آسائِتِي آهيان! (سُر سامونڊي)

 سنڌي شاعريءَ ۾ ڀٽائيءَ کان علاوه ٻين شاعرن، اديبن، ليکڪن ۽ ڪھاڻيڪارن پنھنجي لکڻين، تحريرن ۽ تخليقن ۾ پڻ پاڻي جو ذڪر خوبصورت انداز ۾ ڪري ڄڻ ڀٽائي جي روايتن کي دهرايو آهي. اهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر شيخ اياز پاڻيءَ جو ذڪر هن انداز ۾ ڪري ٿو:

 تون به پاڻي، مان به پاڻي، آ ته پرچون پاڻ ۾.

تار ۾ آ تک ڏاڍي، ناوَ منھنجي آ پراڻي

آ ته پرچون پاڻ ۾.

تون به آهين ڪا ڪھاڻي، مان به آهيان ڪا ڪھاڻي،

آ ته پرچون پاڻ ۾.

رات کي ٿي رات ڳولي، ڪو ستارو ناھ ساڻي،

آ ته پرچون پاڻ ۾.

لھر پنھنجا پھر جهاڳي، سير ۾ آخر سماڻي،

آ ته پرچون پاڻ ۾.

سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ٻي مشھور ۽ قومي شاعر ابراهيم منشي به درياءَ جي دهشت، ٻيل ٻيلاٽيون ۽ ناوَ جو ذڪر انتھائي خوبصورت انداز ۾ ڪري ٿو ته:

ويندو درياءُ ڇڏي دهشت بڻائي ٻيلا ٻيلاٽيون،

چڙهي ڪنھن ناوَ ننڍڙي تي انهن ٻيٽن ۾ ملندا سين.

شيخ اياز ۽ ابراهيم منشي کان پوءِ اسان کي الطاف شيخ جو نالو ملي ٿو جيڪو سفرنامن جو بادشاھ ليکڪ آهي، جنھن تاريخي سفرناما لکيا آهن ۽ انهن سفرنامن جو واسطو تقريبن پاڻيءَ جھڙي موضوع سان گهڻو رهيو آهي ۽ پاڻيءَ سان لاڳاپيل ڪردارن جھڙوڪ ٻيڙائتن، ناکئن، مير بحر ۽ ملاحن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ۽ عظيم ڪھاڻيڪار علي بابا جو يادگار ۽ تاريخي ڊرامو (دنگي منجهه دريا) پڻ دريائي جيوت سان لاڳاپيل آهي، جنھن کي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو هيو. موجوده دور ۾ اهڙي موضوع تي قلم کڻندڙ دريائي جيوت، بندرن، ٻيڙائتن ۽ ميرن ملاحن سان پيار ڪندڙ سڄاڻ ليکڪ، تخليقڪار ۽ محقق منصور ٿلهو به آهي جنھن تازو (ناوَ ۽ ناکُئا)  ڪتاب لکي جنھن عشق جو اظھار ڪيو آهي ان مان منصور مون کي ڀٽائيءَ جي سر سامونڊي جو ڪردار ۽ سر گهاتو جي هيرو ۽ مورڙي جي روايتن کي برقرار رکي ۽ سامونڊي بندرن تي رهندڙ ميرن، ڪوجهن، ناکئن، ٻيڙائتن ۽ ملاحن جي ترجماني ڪري ڄڻ ته ڀٽائي جا پنڌ ۽ پيچرا لتاڙيا آهن.  منصور جي اهڙي سامونڊيڪو سڱ جو اظھار ڀٽائيءَ جي هنن بيتن جھڙو لڳي ٿو:

سامُونڊِيَڪو سَڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون؛

اَنگُن چاڙھي اَنگُ، ويو وَڻِجارو اوھِري!


سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان،

مون کي ٿي ماري، انين سندي ڳالهڙي!

هونئن ته ڀائُو منصور سنڌي ادب جي جهولي ۾ مختلف موضوعن جھڙوڪ ڪھاڻيون، ناول، لاڙ پٽن جي لغت ۽ سنڌي اسڪرپٽ جھڙن موضوعن تي چوڏهن ڪتابن جو ذخيرو ڏئي چڪو آهي. سندس هي پندرهون ڪتاب ناوَ ۽ ناکُئا آهي، جيڪو تحقيق جي پاسي ۾ سگهارو، ڳورو، لاڀائتو ۽ تاريخي ڪتاب ثابت ٿيندو. ڀائو منصور هن ڪتاب ۾ قديم ۽ قومي روايتن کي پنھنجي فن جي ذريعي جديد انداز ۾ پيش ڪري ڀٽائي واري کاڙي کيڙائو جھڙو کاهوڙي ليکڪ ۽ سٺو محقق نظر ٿو اچي. هي اهو منصور آهي جيڪو لطيفي روايتن کي دهرائيندي سامونڊي بندرن، تڙن تي ويھي ناکئن جي ناوَ جو ونجهه هلائي ٿو ۽ انهن ٻيڙاتئن ملاحن ۽ ميربحرن جي سڏڪن، دردن ۽ اهنجن کي پنھنجو درد سمجهي روح رچنديون ٿو ڪري.

اهڙو تحقيقي ڪم ڊرائنگ روم ۾ ويٺل اديب ۽ سرڪاري ليکڪ کان ڪونه پڄي سگهندو؟!

سکن واري سڌ متان ڪا مون سين ڪري،

اندر جنين اڌ ڏونگر سي ڏورينديون.

هي عملي ۽ جاکوڙ ڪندڙ محقق آمريڪا جھڙي رنگين ملڪ ۾ رهندي به اتان جي روشنين جي ور ناهي چڙهيو پر سندس اڄ به تڙپ، تانگهه، سڪ ۽ ڇڪ پنھنجي ڌرتي، وطن، ٻولي ۽ ماڻهن سان آهي. سندس روح مارئيء جيان سنڌ وطن لاءِ روئي ۽ رڙي ٿو.

سَنِھِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُ؛

ويٺي سارِيان سُومرا! گولاڙا ۽ گاهُ؛

ھِنئو مُنھِنجو ھُتِ ٿِيو، ھِتِ مِٽِي ۽ ماهُ؛

پَکَنِ منجهه پَساهُ، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾. (سُر مارئي)

ڀائو منصور جون شھر نصير آباد اندر علمي ادبي خدمتون پڻ آهن. پاڻ 1974 جي زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ نصيرآباد جو سيڪريٽري هجڻ دوران ٻاراڻي ادب ۾ لطيف پبليڪيشن قائم ڪري روشني نالي علمي ادبي پرچو ڪڍيو هيو. اڄ اها سنڌي ادب سنگت شاخ نصيرآباد قائم دائم ۽ متحرڪ آهي ته ان ۾ ڀائو منصور جھڙن جاکوڙي اديبن ۽ ٻين شاعرن ۽ ليکڪن جو رت ست شامل آهي.