03/04/2021

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي ۽ سندس جوڙيل ڪتابَ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr Riazat Buriro)

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۽ سندس جوڙيل ڪتابَ

(ديوان ڪيولرام آڏواڻيءَ جي لکيل ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي سنواريل ڪتاب ”سوکڙي ڳالهين جي“ جو مقدمو)


سنڌ تي، ۱۸۴۳ع ۾ برطانوي انگريزن جي قبضي کان پوءِ، سندن حاڪميت جي پڄاڻي، ۱۹۴۷ع ۾، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي ٺھڻ سان ٿي. انگريز-دور (۱۸۴۳-۱۹۴۷ع) ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي جيڪي فائدا ۽ نقصان پلئه پيا، تن جي ڪَٿ گهڻن ئي ڪتابن ۽ مقالن ۾ ڪيل آهي، جن جو ذڪر هِن ”مقدمي“ جي دائري کان ٻاهر آهي. ۱۰۴ ورهين تي پکڙيل اهو دَور، سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ تعليم جي لاءِ مجموعي طور تي لاڀائتو ثابت ٿيو، سواءِ ان تمام وڏي ۽ تلافي نه ٿِي سگهندڙ نقصان جي، ته پاڪستان جي قيام ۽ سنڌ پاران منجهس شامل ٿيڻ وقت، سياسي ۽ سماجي حالتن جي غير يقينيءَ، غير رواداريءَ ۽ مذهبي جهيڙن جي ڪري، عام هِندن سان گڏ، سنڌي اديبن ۽ عالمن جو وڏو تعداد، لڏپلاڻ ڪرڻ ۽ پنهنجي ڏيهه کان مستقل طور ڌار ٿيڻ تي مجبور ٿيو، جنھن سان سنڌ جي سماجي، علمي، ادبي ۽ ٻوليائي دنيا ۾ وڏا خال پيدا ٿي پيا. بهرحال، انگريزن جو سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ وڏو ڪم، فارسيءَ کي ترڪ ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي اُن جِي جڳهه تي سرڪاري حيثيت ڏيڻ، سنڌي لپيءَ کي مقرر ڪرڻ ۽ تعليمي ذريعي طور لاڳو ڪرڻ هو. جنهن سان سنڌي ٻوليءَ ۾، ڪتابن جي لکجڻ ۽ ڇپجڻ سان، هڪ نئين سجاڳيءَ جي شروعات ٿي. ان نئين سجاڳيءَ کي آڻڻ ۾، ۱۸۵۰ع کان پوءِ، جن اولين عالمن ۽ اديبن لوڪ ڏاهپ ۽ لوڪ ادب جي ترتيب، تدوين ۽ تخليق ۾، پنھنجي مائيدار ٻوليءَ ۽ ميٺاڄ ڀرئي اندازِ تحرير سان، پنھنجن ڪتابن ذريعي، پُر اثر ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ جو نالو اهم ۽ نمايان آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکي ٿو: ”ديوان ڪيولرام جو انداز بيان دلنشين ۽ وڻندڙ آهي. بيجوڙ جملن، ڪچين ڦڪين ترڪيبن ۽ غير فصيح ۽ من-گهڙت لفظن کان سندس اسلوب آزاد آهي... هن جي اسلوب ۾ سادگي ۽ پختگي به آهي، ته ان سان گڏوگڏ شيريني ۽ ميٺاڄ پڻ آهي... اصلاحي ۽ اخلاقي مضمون جي رنگ ۾ اول اول ديوان ڪيولرام جو اسلوب ملي ٿو. ڀڳتي ۾ ڌرم سان رغبت ۽ درويشانه طبع جو رنگ سندس تحرير مان صاف طرح سان پيو بکي. ان ڪري ئي سندس اسلوب بيان ۾ حليمائي ۽ انڪساري ججهي آهي. عربي فارسي کان علاوه پنجابي، هندي ۽ سرائڪي پھاڪن، چوڻين ۽ مثالن سندس عبارت کي ڪافي مائيدار بڻايو آهي. اها سندس فارسيداني ۽ ديسي زبانن جي ڄاڻ ئي آهي جنھن سندس اسلوب کي شيرين ۽ رس ڀريو بڻايو آهي.“[عرساڻي، ۲۰۰۹: ۳۷۸-۳۸۰]