29/03/2020

ناول: ماتم ھڪ عورت جو - ولي محمد خاصخيلي (Wali Muhammad Khaskheli)


تبصرو: ولي محمد خاصخيلي
ناول: ماتم ھڪ عورت جو
ناول نگار: عمر ريوابيلا
سنڌيڪار: ننگر چنا

لاڪ ڊائون دوران گھٽ، ٻوسٽ ۽ ڪرونا وائرس جھڙي موتمار وائرس جي خوف جتي سڄي دنيا کي حيران پريشان ۽ دھشت واري ماحول ۾ مبتلا ڪري رکيو آھي. انھي صورتحال ۾ ماڻھو پنھنجي گھر ۾ موجود رھندي ئي پاڻ، دوستن، عام خلق ۽ خود پنھنجي گھر وارن کي پنھنجي گھر ۾ موجودگي ۽ ٻاھر نه وڃڻ ڪري، ھن مرض ۾ وٺجڻ کان بچائي سگھي ٿو ته اھا به سمجھداري واري سوچ سمجھڻ گھرجي. جڏھن ماڻھو ٻاھرجي ڪمن ڪارين کان مجبورن واندو ٿيو گھر ۾ ويٺو آھي ته ان دوران سندس واسطو ٽي وي، فيس بوڪ ۽ نيٽ ته اخبارون وغيره ٿي سگھن ٿا، جتان سڄي دنيا جي گھر ويٺي معلومات پئجيو وڃي. اھڙي صورتحال ۾ ذھني مونجھ ۽ پريشاني ۾ ذھن جي ھم آھنگي سان جي ڪجھ لکي نٿو سگھجي ته ان وقت جو بھترين تصرف ھڪ علموَند لاء مختلف ڪتابن جي وندرئي ھوندو آھي ۔۔ پوء مختلف علمي ادبي،شاعري، تاريخي ۽ ديني ڪتابن کان ويندي، علم سائنس، ڪھاڻين، فلسفي ۽ ناولن جا ڪتاب به زير مطالع اچن ٿا. ڪتاب ته ھُونئن به انسانن جا سٺا دوست ئي رھيا آھن، پر شرط اھو آھي ته توھان انھن سان ڪيتري حد تائين دوستي نڀايو يا ساڻن ڪچھري ڪيو ٿا. انھيءَ پس منظر ۾ مون ٻين ڪتابن سان گڏ ھي ناول ”ماتم ھڪ عورت جو“ جنھن جو سنڌيڪار ننگر چنا ۽ ناول نگار عمر ريوابيلا آھي، پڙھي ورتو.

رڃ: ج ع منگهاڻي صاحبه جو شاندار ناول - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
رڃ:  ج ع منگهاڻي صاحبه جو شاندار ناول

سنڌي ٻولي ۾ لکيل چند ضخيم ۽ وڏن ناولن ۾ رڃ، نه صرف محبت جو لازوال داستان آهي، پر هي سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي ڪوهستاني پٽي تي رهندڙ سنڌين جي ثقافتي ۽ سماجي زندگي جو مستند دستاويز پڻ آهي.
حمل خان جي خاندان ۾ سندس زال امير بيگم، ٻه پٽ ستار ۽ جبار ۽ ٻه ڌيئرون، تاج بيبي ۽ جان بيبي آهن. ڪوهستان جي حوالي سان هي خاندان ماني مڇي وارو، گاڏين، موٽرن ۽ زمينن جو مالڪ آهي. شاهه جو رسالو، هن گھر ۾ وڏي اهتمام ۽ شوق سان پڙهيو وڃي ٿو. حمل خان جو ڀاڻيجو رئيس محراب خان، قبيلي جو سردار آهي. محراب خان جي شادي تاج بيبي سان طئه ٿيل آهي پر هو جان بيبي ۾ دلچسپي وٺي ٿو ۽ ماءُ کي منٿ ٿو ڪري ته سندس شادي، تاج بيبي جي بجاءِ، جان بيبي سان ڪرائي، جنهن کي سندس ماءُ سختي سان رد ڪري ٿي ۽ سندس شادي تاج بيبي سان ٿي وڃي ٿي. شادي جي دوران، محراب خان جو ويجهو دوست، رئيس طارق خان، گھوٽ سان گڏجي لانئن جي رسم لاءِ جڏهن حمل خان جي گھر ۾ اچي ٿو ته جان بيبي سندس شخصيت جي سحر ۾ گم ٿي وڃي ٿي.

21/03/2020

شيخ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس - جامي چانڊيو (Jami Chandio)


جامي چانڊيو
شيخ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس!

شيخ اياز جديد سنڌي ادبي تاريخ ۾ رڳو هڪ فرد ناهي، هو هڪ وسيع موضوع آهي، جديد سنڌي ادب جو پورو هڪ دور آهي، ان ڪري جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جي  حيثييت بنيادي محور جي آهي. مون کي شيخ اياز جي شاعري، سندس لکيل نثري ادب ۽ غيرمعمولي تخليقي ڏات ۽ اُن جي حُسناڪ اظهار سان ٻاروتڻ کان وٺي محبت ۽ اُنسيت رهي آهي ۽ ان دلچسپيءَ جو رَنگُ ڪڏهن به ٻَاڙو نه ٿيو. اِهو رڳو منهنجو ڪو انفرادي احساس ناهي پراياز جي دورَ ۽ سندس شاعريءَ جي مداحن مان هرهڪ جي راءِ يقيني طور اهڙي ئي هوندي. اياز سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي اِتهاس جي حُسناڪين ۽ ڏاهپ جي روايتن جو يگانو تخليقي تسلسل آهي.

سنڌ جو سراپا رومانوي شاعر: اشفاق آذر - جامي چانڊيو (Jami Chandio)


جامي چانڊيو
سنڌ جو سراپا رومانوي شاعر: اشفاق آذر


گذريل ڏيڍ سئو سالن کان جديد سنڌي شاعريءَ وڏو پَنڌُ ڪيو آهي. مذهبي رزميه، ڪلاسيڪل ۽ لوڪ شاعريءَ کان وٺي جديد، ترقي پسند، روشن خيال، انقلابي ۽ ويندي هڪ حد تائين روايتي شاعريءَ جي ڪجهه پاسن پڻ سنڌي ٻوليءَ کي ٻوليءَ، فن، اظهار، خيال، تخيل، تفڪر، حَساسيت ۽ اَنيڪ حوالن سان بيحد مالامال ڪيو آهي ۽ اِهو سفر نه رُڪيو آهي ۽ نه هن موجوده نام نهاد ”جديديت پُڄاڻان“ دور ۾ رُڪڻو آهي. موجوده سنڌ ۾ شاعرن جي وڏي هُجوم ۾ گهڻا اهڙا به آهن، جيڪي جيڪو لکن ٿا، ان کي سچ پچ به شاعري سڏي سگهجي ٿو. موجوده دور ۾ اشفاق آذر به اهڙن اهم شاعرن مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ هن جو گهڻو تعارف هڪ برک صحافيءَ ۽ ڪالم نگار جو آهي پر منهنجيءَ نظر ۾ هن جو بنيادي حوالو شاعريءَ جو آهي ۽ شاعر جي حيثيت جو آهي.