21/03/2020

شيخ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس - جامي چانڊيو (Jami Chandio)


جامي چانڊيو
شيخ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس!

شيخ اياز جديد سنڌي ادبي تاريخ ۾ رڳو هڪ فرد ناهي، هو هڪ وسيع موضوع آهي، جديد سنڌي ادب جو پورو هڪ دور آهي، ان ڪري جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جي  حيثييت بنيادي محور جي آهي. مون کي شيخ اياز جي شاعري، سندس لکيل نثري ادب ۽ غيرمعمولي تخليقي ڏات ۽ اُن جي حُسناڪ اظهار سان ٻاروتڻ کان وٺي محبت ۽ اُنسيت رهي آهي ۽ ان دلچسپيءَ جو رَنگُ ڪڏهن به ٻَاڙو نه ٿيو. اِهو رڳو منهنجو ڪو انفرادي احساس ناهي پراياز جي دورَ ۽ سندس شاعريءَ جي مداحن مان هرهڪ جي راءِ يقيني طور اهڙي ئي هوندي. اياز سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي اِتهاس جي حُسناڪين ۽ ڏاهپ جي روايتن جو يگانو تخليقي تسلسل آهي.

قومون ۽ سماجَ پنهنجيءَ فڪري، ذهني ۽ تخليقي سَگهَه جو اظهار عظيم روايتن، روين ۽ ڪلچر جي مثبت پاسن سان گڏوگڏ ڪجهه فردن جي صورت ۾ پڻ ڪندا آهن، پوءِ اُهي غيرمعمولي سِرجڻهارَ پنهنجي تخليقي وهيءَ چڙهي، هڪ اهڙي دور کي جنم ڏيندا آهن، جيڪو دور قومن کي تاريخ ۾ فڪر، فن ۽ ٻوليءَ جي واڌاري جي اؤج جون ٻِرانگهون ڀَرائي، اِتهاس ۾ اڳتي وٺي وڃڻ جو بنيادي محرڪ بڻبو آهي. ويهين صديءَ جي سنڌ جي ادبي ميدان ۾ شيخ اياز به هڪ اهڙو ئي فرد هو. هڪ فرد ڇا، هو جديد سنڌي ادب جي اوسر، تخليقي، روحاني ۽ جمالياتي ۽ مزاحمتي سگهه جو هڪ ڀرپور دور هو ۽ آهي. جديد سنڌي شعري ادب ۾ هونئن ته ڪشنچند بيوس، کيئل داس فاني، هري دلگير، هوندراج دُکايل، عبدالڪريم گدائيءَ، نياز همايونيءَ، تنوير عباسيءَ، استاد بخاريءَ، نارائڻ شيام، امداد حسينيءَ ۽ ابراهيم منشيءَ کان وٺي آڪاش انصاريءَ، اياز گُلَ ۽ حسن درس جي نسل ۽ ويندي هاڻي بِنهه نئين نسل تائين انيڪ باڪمال شاعر آهن پر شيخ اياز ويهين صديءَ جي پوئين اَڌَ ۾ رڳو هڪ وڏو جديد تخليقي شاعر ئي نه پر پاڻ سان گڏ هڪ مڪمل نئون ادبي دور کڻي آيو، جنهن جا گِهرا ۽ گهڻ طرفا اثر اڄ سُوڌو سنڌي ادب تي آهن ۽ شايد ڪيترا زمانا اڃا رهندا.  ڇاڪاڻ ته هر وڏو شاعر پنهنجي دور کان پوءِ هڪ رُجحان ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. رشيد ڀٽيءَ اياز جي اهڙي ڪردار تي لکيو آهي ته:
”سنڌي ادب ۾ فن ۽ فڪر جي لحاظ کان نوان موڙ ۽ قدر آڻڻ ۾  شيخ اياز جي شخصيت هڪ اهم ۽ ناقابل فراموش ڪردار ادا ڪيو هو. هن نه رڳو، پنهنجي وسيع عالمي ادب جي مطالعي ۽ پرک سبب، ملڪ جي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي حالتن ۽ تبديلين جي مشاهدي جي آڌار تي سنڌي شاعريءَ کي نوان موضوع ڏنا، پر پنهنجي شاعريءَ جي پراڻن موضوعن ۽ قدرن (عظيم فارسي ۽ سنڌي لوڪ ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي) تصوف، بي ريائي، انسانيت، محبت، صلحِ ڪُل، َسهپَ ۽ ساڻيهَه سان سِڪَ کي به مروج ڪيو، جن کي اسان جي انگريزي دور جي فارسي نقال شاعرن فراموش ڪري ڇڏيو هو.“1

ظاهر آهي ته شيخ اياز کان اڳ يا جديد سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کان اڳ سنڌي ٻولي ۽ سماج ڪلاسيڪل دور مان گذري آيو هو. جي ان ڪلاسيڪي دور ۾ روايتي شاعريءَ جون روايتون هيون ته ساڳئي وقت ان دور شاهه لطيف جهڙا عظيم شاعر پيدا ڪيا.  ان سموري ڪلاسيڪل دور کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ پنهنجي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ ۾ هينئن بيان ڪيو  آهي:
”قاضي قادن سنڌي شاعريءَ جي عمارت لاءِ کوٽائي ڪئي، شاهه ڪريم ان جي پيڙهه رکي، شاهه لطف الله قادري ۽ ميين شاهه عنات اوساري ڪري ان جو ڍانچو تيار ڪيو، ۽ شاهه لطيف ان کي رنگ روپ ڏئي، چِٽسالي ڪري، ان کي خوبصورت بنايو“2
جيئن شاهه لطيف سنڌيءَ جي ڪلاسيڪل دور کي عروج تي پُڄايو، تيئن شيخ اياز به جديد سنڌي ادب جو هڪ ڀرپور دور ثابت ٿيو. شيخ اياز جو شارح ۽ نقاد رسول بخش پليجو اياز جي ان دور جي ڪردار کي هيئن بيان ڪري ٿو:
”شيخ اياز جديد سنڌي قوم جي اَڏيندڙن مان آهي، سنڌي ٻولي، سنڌي شاعري ۽ سنڌي جاڳرتا جو شيخ اياز کان سواءِ تصور به نٿو ڪري سگهجي. شيخ اياز پاڻ انسان آهي ۽ انسان خطا جو پُتلو آهي، پر شيخ اياز جي شاعري فن توڙي مقصد جي خيال کان بدترين دور ۾ به بنيادي طرح سدائين بي عيب، بي خطا، باوقار ۽ بي بها ۽ بي مثال رهي آهي.“3
شيخ اياز جي ويجهي دوست ۽ پارکوءَ سائين محمد ابراهيم جويي هن لاءِ لکيو ته:
”اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ڪرشمو آهي، ٻولين جا اهڙا ڪرشما جُڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اُهي، ٻولين سان گڏ، پنهنجي پنهنجي دور جي ڪايا پلٽ جا داعي ۽ اٽل سبب بڻبا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي هن ڪرشمي پاڻ سان گڏ پنهنجي دور کي ٻيا شاعر ۽ ٻيا اديب به ڏنا آهن.“ 4
اياز سنڌ جي جديد ادبي اُفق تي ايئن نمودار ٿيو جيئن پاڻ چئي ويو آهي ته:
رات لَڙي هُو اچڻو آ،
تون ڇوڙِ نه پَايلِ پيرن جي.

نوجوان ادبي پارکو ڊاڪٽر اسحاق سميجي جديد سنڌي ادب ۾ اياز جي ان آمد کي هينئن بيان ڪيو آهي:
”اياز اُن ڌُنڌَ ۾ سِجَ جو اُهاءُ ٿي اُڀريو، هُن جو شعر نئن جي تِکَ ۽ طوفان جي زورَ جيان آيو ۽ نه فقط پاڻ کان اڳ وارين سمورين ادبي روايتن کي اُڏائي کڻي ويو، پر همعصر دور کي به ايترو متاثر ڪيائين، جيترو شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر جي ڪلام پنهنجي دور کي متاثر ڪيو هجي.“5
مان سمجهان ٿو ته شيخ اياز جي گهڻَ-طرفي پرک ۽ اِڀياس لاءِ ضروري آهي ته  شيخ اياز جي شعري پس منظر يعني سنڌ جي ڪلاسيڪل دور جي شاعريءَ سان گڏوگڏ اوڀر ۽ اولهه جي جديد توڙي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو پڻ پورو ۽ ڳُوڙهو اِڀياس ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اياز جي شاعريءَ جو تاريخي فڪري، فني توڙي موضوعاتي تاڃي پيٽو ۽ پس منظر سمجهڻ تمام ضروري آهي. سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل دور پڻ انيڪ روايتن، رجحانن ۽ دورن مان گذري جديد آهنگ سان اياز تائين رَسيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪلاسيڪل شاعريءَ جون پڻ انيڪ روايتون رهيون آهن، جن جو جديد سنڌي شاعريءَ سان وڏو تاريخي، لسانياتي ۽ سڀ طرفو لاڳاپو آهي. ڇاڪاڻ ته هر ويندڙ دور ايندڙ دور تي ڪڏهن نظر ايندڙ ۽ ڪڏهن نظر نه ايندڙ اثر ڇڏي ٿو. ماضيءَ جون روايتون لازمي ناهي ته مڪمل طور متروڪ ٿين پر اُهي ادب ۽ فن ۾ خاص طور ڪلاسيڪل درجو حاصل ڪري نين اُڀرندڙ روايتن تي اثر ڇڏين ٿيون.  ان ۾ ڪمزورين سان گڏوگڏ هر روايت جي پنهنجي سُونهَن ۽ خوشبوءِ آهي. مثال طور سنڌي شاعريءَ جو سومرن ۽ سَمن جو دور ۽ ان ۾ ڀاڳو ڀانَ، سُمنگ چارڻ ۽ ٻين رزميه شاعرن جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو ڪمال ڏسجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي وُسعت ۽ گِهرائيءَ تي عقل دنگ رهجي ٿو وڃي. مون پنهنجي هڪ مقالي ۾ يوناني رزميه شاعر هومر ۽ اسلام کان اڳ عربيءَ جي وڏن رزميه شاعرن جو رزميه روايت جي خيال کان ڀاڳو ڀانَ، سُمنگ چارڻ ۽ ٻين سان تقابلي اڀياس پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن تي اڃا وڌيڪ ڪم ٿيڻ گهرجي.توهان ڏسندؤ ته سندن شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا اُٿل، رواني ۽ ثقافتي، محاوراتي ۽ لسانياتي حُسناڪي آهي، اُها باڪمال انداز ۾ بيان ڪيل آهي. سندن ٻوليءَ جي اُن وُسعت ۽ اميريءَ کي ڏسي ماڻهو حيران ٿيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ ۾ شاهه لطيف، اسان جو بجا طور نه رڳو سنڌ جو پر سڄي عالم جو، عالمي طور ايڏو وڏو مفڪر شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي سڀ طرفي وُسعت، معنويت  ۽ امرتا بخشي ڇڏي. پنهنجي فڪر سان، پنهنجي ٻوليءَ جي سُونهن ۽ وُسعت سان، فن جي ڪمال سان، لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ پورو هڪڙو دور ۽ نئون جهانُ کڻي آيو. ان ڪري اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ڪلاسيڪيت ۽ جديد ادبي روايتن جو پاڻ ۾ اڻ ٽُٽ لاڳاپو ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪا جديد ادبي روايت پنهنجي ڪلاسيڪي وِرثي کان ڪٽجي ويندي ته پوءِ اُها تاريخي طور جٽاءُ نه ڪري سگهندي ۽ نه وري اُن ۾ اُها وُسعت ايندي ۽ اُها تاريخي دور تي اثرانداز ٿي سگهندي. ادب ۾ ڪلاسيڪل ۽ جديد دورن جو پاڻ ۾ متوازن سُٻنڌ آهي، شرط اهو آهي ته ته اُهو سُٻنڌ تخليقي هجي نه ڪي تقليدي.  خود لطيف سائينءَ جو تڙ ڏاڏو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (1538-1623ع)، جيتوڻيڪ سندس موجود ۽ مليل شاعري کڻي ٿوري آهي، پر اُها تمام معياري آهي، سندس بيت اسان کي ڪتاب “بيان العارفين” ۾ ملن ٿا. سندس مشهور بيت آهي ته:
وَرُ سا سُڃي ويڙهه، جتي سڄڻ هيڪڙو،
سو ماڳو ئي ڦيرِ، جتي ڪُوڙ ڪماڙوئين.
ساڳيءَ طرح شاهه لطف الله قادري آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي انيڪ بي مثال بيت ۽ سِٽون آڇيون، مثال طور هو چوي ٿو:
ڪِني پاتو پيريان، اَپيريءَ ۾ پيرُ،
ايءُ اُونهو تڙ اگهور، گهڻو  ڪن اُتِ اُبتو پيرُ،
سِرُ مِٽيءَ سو نٿو سَهي، تنين ڪر پائي پيرُ،
اُن ڀونءِ سَندو ڀيرُ، ڪَوڙين منجهان ڪو لهي.

جيتوڻيڪ ميئين شاهه عنات جو دور لطيف سائينءَ کان ٿورو اڳ جو آهي پر روايت آهي ته لطيف  سائين سندس دور ۾ نوجوان هو ۽ ساڻس ملندو پڻ رهندو هو. هيءُ پهريون ڪلاسيڪل شاعر هو، جنهن سڄو رسالو چيو/ لکيو ۽ انهيءَڪري ڊاڪٽر بلوچ صاحب کيس خراج ڏيندي لکيو هو ته، “ميئين شاهه عنات قالب گهڙيا ته ڀٽائي صاحب اُهي سُوڌي ۽ سنواري ڀريا. ميئين شاهه عنات ديوارون کنيون ته ڀٽائي صاحب عمارتون اَڏيون ۽ ميئين شاهه عنايت صورتون ايجاد ڪيون ته ڀٽائي صاحب اُهي روح ڦوڪي جاڳايون.” ميون شاهه عنات جنهن سنڌي ٻوليءَ کي اهڙي لاجواب سِٽَ ۽ انيڪ حَسين بيت ڏنا. چوي ٿو:
ڳُڻيين پرين رُٺام، اَوڳُڻَ رُسي سڀ ڪو.
انهن سمورن کان اڳ قاضي قادن، جنهن چيو هو ته:
ڪايا مُنهن ڏيئي، پيٺا جي درياهه ۾،
پَسندا سَي ئي، ماڻڪ اکڙين سين.
پوءِ اسان ڏسون ٿا ته سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ان دور سان گڏ صوفياڻه جيڪا روايت هئي، اُها ته پنهنجين سگهارين ۽ ڪمزور روايتن سميت هلندي رهي، پر سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪو ٻيو عروضي رجحان آيو، ان ۾ خليفي گل محمد گل ۽ ڪجهه شاعرن کي ڇڏي فارسي ايتري ته گهڻي سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿي وئي، جو سنڌي شاعري پنهنجي ٻوليءَ ۽ وطن سان، پنهنجي ماحول ۽ ماحول جي اهڃاڻن سان، پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب سان ۽ جيڪا پنهنجي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ موجود فڪري سُونهنَ سان پنهنجو سُٻنڌُ ڄڻ ته ڇِني ڇڏيو هو. اسان ڏسون ٿا ته اسان کي سنڌي شاعريءَ ۾ اِهي روايتون خاص طور ڪلاسيڪل دور کان پوءِ ملن ٿيون، جنهن ۾ خيال ۽ معياري فن گهٽ پر تُڪبندي ۽ بي معنيٰ سَکڻي لفاظي وڌيڪ نظر اچي ٿي، جنهن ۾ اهڃاڻ سنڌ جا پنهنجا ناهن، ترڪيبون پنهنجيون ۽ اصلوڪيون ناهن، جنهن ۾ علامتون پنهنجون ناهن، استعارا پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ماحول جا ناهن. يعني غيرتخليقي شاعريءَ جي روايت، جنهن جو سڄو زور تصنع، تتبع ۽ تقليد تي هو، هڪڙي ٺلهي ترڪيبي ۽ تُڪبند بي مغز ۽ بي روح شاعري، ۽ نتيجي ۾ اُهو هڪڙو اهڙو دور رهيو، جنهن ۾ اسان جي شاعريءَ جي جيڪا عظيم ڪلاسيڪل روايت هئي، اُها نه رڳو پنهنجي سماج، پنهنجي ٻوليءَ، پنهنجي وطن ۽ فطري توڙي سماجي ماحول کان ڪَٽجي، اوپرائپ جو شڪار ٿيندي نظر آئي، پر ان ۾ معنويت،  احساس جي گِهرائي، تخيل جي اُڏام ۽ فڪر جي معيار جا پڻ عنصر محدود ٿيندا ويا ۽ شاعريءَ جو مطلب رڳو بي معنيٰ لفاظي وڃي رهيو. اردو شاعري پڻ لڳ ڀڳ ٻه صديون ان جو شڪار رهي آهي. اردوءَ مان امير خسرو، مير تقي مير، مرزا غالب، نظير اڪبرآبادي، اقبال، جوش، فراق، ساحر، مخدوم محي الدين، فيض، ن.م راشد، فراز  ۽ ڪجهه ٻين کي پاسيرو ڪجي ته اردوءَ جو  به ساڳيو حشر وڃي بيهندو، سواءِ سندن ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعريءَ جي ڪجهه حصي جي. شعري يا نثري ادب ۾ تاريخي ۽ سماجي شعور ۽ تخليقي جوهر نه هوندو ته پوءِ اهڙو ادب بي چَسو ۽ بي روح ٿيو پوي. ٻوليءَ جي تخليقي حُسناڪي ۽ نِبارپڻو پڻ ان ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. سنڌ جي روايتي عروضي شاعري ۽ خاص طور ويهين صديءَ جي پهرين اَڌَ جي غزل گو عروضي شاعري اِهي سڀ محرڪ ۽ عنصر وڃائي ويٺي. اُڻويهين صديءَ جي عروضي شاعريءَ ۾ ته وري به سانگيءَ جي ڪري ڪجهه افعال هو پر ويهين صديءَ جي پهرين اڌ جي عروضي شاعري تتبع ۽ تقليد جون سڀ حدون اورانگهي چڪي هئي.  ساڳيو حال لطيف ۽ سچل سميت ڪجهه وڏن شاعرن کي ڇڏي تصوف جي شاعريءَ جو هو، جنهن ۾ روحانيت ۽ تصوف جي مُبهم الاهيات ايترو ته وڌي وئي جو انسان ۽ سماج کان شاعري پري ٿيندي وئي. اهو ئي سبب آهي جو جيئن عروضي شاعر ماڻهن کي گهڻو ياد نه آهن، ايئن ئي حد کان وڌيڪ روحانيت ۽ الاهيات ۾ ورتل شاعري ماڻهن کي گهڻو ياد ناهي، اُها مخصوص ۽ محدود صوفياڻن سُنگن ۾ ئي ڳائي وڃي ٿي. ان جو بنيادي سبب شعر جي ان روايت جو سماج ۽ انسان کان ڪَٽجي وڃڻ هو.
شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو اهو پهريون وڏو غير معمولي شاعر هو، جنهن سنڌي شاعريءَ جي روايتي فارسي آميزيءَ ۽ ٺلهي روحانيت ۾ ڦاٿل تصوف جي محدود ٿي ويل روايت مان جِندُ ڇڏائي. شيخ اياز نوجوان شاعرن جي شاعريءَ جي گڏيل ڪتاب ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ جي طويل مهاڳ ۾ پاڻ لکيو ته:
”مان اهو فخر سان چئي سگهان ٿو ته سنڌي غزل ۽ ٻي شاعريءَ کي ڌاري روايت مان مون ڪڍيو هو ۽ اُن جون جڙون سنڌي شاعريءَ سان ملايون هيون.“6
شيخ اياز انهيءَ تقليدي روايت کان بغاوت ڪري، جديد سنڌي شاعريءَ کي ڪلاسيڪل دور سان ڳنڍي، پنهنجي بي پناهه سگهاري تخليقي اُٿل سان، سنڌي شاعريءَ کي هڪ اهڙي دور ۾ وٺي آيو، جتي سنڌي شاعريءَ نه رڳو پنهنجو فڪري، فني ۽ لساني سَڱُ ڌرتيءَ، ان جي اِتهاس، ان جي فطري حسناڪيءَ، ڪردارن، ماڻهن ۽ مِٽيءَ سان ڳنڍيو پر هم عصر عالمي ترقي پسند تحريڪ ۽ يورپ جي رومانوي ۽ آزاد خيال تحريڪن ۽ سندن شعري روايتن سان پڻ جوڙيو. مان ڀانئيان ٿو ته اهو جديد سنڌي شاعريءَ جو اڳتي وڌيل ڀرپور دور هو، جنهن ۾ نه رڳو سنڌي شاعريءَ جا موضوع ۽ اهڃاڻ ڌرتيءَ مان اُڀريا پر اُها عالمي ڌارائن سان پڻ ڳنڍجي وئي ۽ اهو مختلف روايتن جو امتزاج ئي جديد سنڌي ادب جو بنياد بڻيو، جنهن ۾ شيخ اياز جو بنيادي ۽ مُهنداريءَ وارو ڪردار هو.
ان حقيقت کان ڪير به انڪار ڪري نه سگهندو ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اِهو شيخ اياز ئي هو، جنهن اِهو جمود ٽوڙيو، ان روايتي ۽ بي چَسي توڙي بي پاڙي شاعريءَ جي سامهون شيخ اياز هڪ نئون تخليقي، اُتساهيندڙ ۽ نِجُ نِبار شاعريءَ جو ڀرپور دور کڻي آيو، جنهن جا بنياد اڳ ئي پئجي چڪا هئا. شيخ اياز ان دور کي ڪمال درجي تي پنهنجي اؤج تي پُڄايو. اياز شناسيءَ جي حوالي سان اسان کي اُهو سمجهڻو پوندو ته اياز صاحب ڪهڙي دور، پس منظر ۽ حالتن مان اُڀري ٿو. هر وڏو شاعر جڏهن پنهنجي پوري تخليقي سَگهه ۽ همه گيريت سان اُڀري ٿو ته اُن ۾ هن جي نِجُ نِبار تخليقيت، خيال ۽ اظهار جي ڏانءَ توڙي يگاني فَنَ سان گڏوگڏ سندس پس منظر ۽ مٿس اثرانداز ٿيندڙ حالتن، فڪر ۽ فني روايتن جو اثر پڻ ٿئي ٿو. اياز صاحب هڪ اصلوڪو تخيلقي جينيئس هو پر يقيني طور هن تي به مختلف ادبي، فڪري، فني ۽ شعري روايتن جو اثر پڻ هو، جنهن جي اُپٽار سندس پرک جي لحاظ کان ضرور ٿيڻ گهرجي.
اهو ئي سبب هو ۽ آهي جو جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن به شاعر يا اديب پنهنجي هم عصر ۽ پاڻ کان پوءِ ايندڙ ادبي نسلن تي ايترا گهرا ۽ گهڻ طرفا اثر ڇڏيا. اصل ۾ شيخ اياز کي تاريخي طور اظهار لاءِ هڪ ڀرپور دور مليو. جي والٽيئر کي فرانس ۾ زوال پذير جاگيردارشاهي ۽ اُڀرندڙ سرمائيداريءَ جو ڀرپور دور نه ملي ها ۽ فلسفي ۽ سياست يا رياست ۾ فرد جي آزاديءَ جو تصور ايڏيءَ سَگهه سان نه اُڀري چڪو هجي ها ته ڇا والٽيئر ايتري مڃتا ماڻي سگهي ها؟ يا اهڙا موضوع شاعريءَ  ۽ ناٽڪن ۾ کڻي سگهي ها؟ خود ادب ۾ رومانوي تحريڪ لبرل فڪري روايت جي پيداوار هئي. جنهن جا فڪري بنياد روسو جي فطرت ڏانهن واپسي ۽ آزاد خياليءَ جي اثر مان جُڙيا هئا. ڪولرج ۽ ورڊس ورٿ هڪٻئي جا گِهرا دوست به هئا پر هو ان تحريڪ جا بنياد رکندڙ به هئا. فرانس جي انقلاب (1789ع) هنن کي بيحد متاثر ڪيو هو. ٻئي طرف هو سرمائيداريءَ جي اُڀرڻ ۽ صنعتي سماج سبب شهري زندگيءَ کان تنگ هئا، جتي آرٽ لاءِ سازگار حالتون نه هيون ۽ هنن ادب کي ٻهراڙين ۽ فطرت سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن ڪلاسيڪل دور سان بغاوت ڪئي ۽ نه رڳو شاعريءَ ۾ نوان لاڙا ۽ موضوع آندا پر شاعريءَ جي ڪارج جا بحث اُٿاريا، جو هو ادبي نقاد به هئا. ساڳيو ڪردار رومانوي تحريڪ جي سڀني کان وڏي شاعر لارڊ بائرن جو هو، جنهن رومانويت ۽ آزاد خياليءَ سان گڏوگڏ تنگ نظر چرچ کان بغاوت ڪري رياست کي مذهب کان جدا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ پادرين جي فرمان جي اُبتڙ انسان جي رومانوي ۽ فطري جذبن جي اظهار تي زور ڏنو. اُڻويهين صديءَ ۾ فرانس ۾ بالزاڪ جا ناول سماجي زندگيءَ جا نوان عڪس کڻي آيا. جيڪڏهن فرانس ۾ والٽيئر کي آزاد خياليءَ ٿي موهيو، رومانوي تحريڪ جي فطرت پسندي ورڊس ورٿ ۽ ڪولرج کي ٿي وڻي ته فرانس جي ايملي زولا سرمائيداريءَ جي بي رحمين کي وائکو ڪيو ۽ ادب ۾ سماجي انصاف، مزدورن جي حقن، عوام ۾ بُکَ ۽ جسم فروشيءَ جهڙا موضوع متعارف ڪرايا. اُڻويهين ۽ ويهين صديءَ ۾ روس جون اهڙيون حالتون نه هجن ها ته ڇا پشڪن، ٽالسٽاءِ، دوستو وِسڪي ۽ گورڪيءَ جهڙا تخليقڪار جنم وٺن ها؟ ان ڪري حقيقت اِها آهي ته ادب کي دور به متاثر ڪري ٿو، ان جا محرڪ پاڻ سان نوان موضوع آڻين ٿا ۽ عظيم تخليقڪار اُنهن جي اظهار جو ذريعو بڻجن ٿا. شيخ اياز سان به ايئن ئي ٿيو. سڀ کان پهرين ته هن کي ورهاڱي کان اڳ جديد سنڌي شاعريءَ جو تاريخي خال مليو. قليچ، سانگي، ڪشنچند بيوس، هري دلگير، فاني، گدائي ۽ ٻيا گڏجي به اُهو خال ڀري نه ٿي سگهيا. جديد سنڌي شاعريءَ کي ڄڻ ته اياز جي سطح جي ڪنهن غيرمعمولي شاعر جي اُڀرڻ جو انتظار هو. اياز کان اڳ جي جديد شاعرن سنڌي شاعريءَ کي روايتي شاعريءَ جي ورجاءَ مان ڪڍڻ لاءِ ابتدائي وِکون ضرور کنيون پر منجهن فڪري ۽ فني طور هڪ نئون دور اُڀارڻ جي سَگهه نه هئي. ورهاڱو خود وڏو تاريخي حادثو هو، جنهن اياز سميت ننڍي کنڊ جي ادب کي متاثر ڪيو ۽ ٻيو ته اياز کي ورهاڱي کان اڳ ئي عالمگير توڙي ننڍي کنڊ اندر ترقي پسند دور پڻ مليو. اياز جو گهڻو عروج ۽ اُڀار ون يونٽ جي دور ۾  ٿيو ۽ اهو دور سنڌي سماج لاءِ تمام گهڻي اهميت وارو هو. هڪ طرف سنڌ تاريخي طور ادبي ميدان تي پنهنجي دور جي محرڪن جي اظهار لاءِ ڪنهن وڏي تخليقي ترجمان جي اوسيئڙي ۾ هئي ۽ اياز صاحب ان جو دور جو آواز ۽ سمورن محرڪن جو ترجمان ثابت ٿيو ۽ ٽين ڳالهه ته اهو دور سنڌ ۾ قومي شعور سان گڏ ترقي پسند فڪر ۽ رجعت پسند ادبي روايت وچ ۾ تاريخي تضاد جو دور به هو ۽ جيئن ته رجعت پسند روايت پنهنجي جوهر ۾ متروڪ ۽ ڏُپُ ڏيئي ويل هئي ۽ ظاهر آهي ته تاريخي طور ان جدل ۾ فتح ترقي پسند ۽ روشن خيال جديد روايت جي ٿيڻي هئي ۽ ان جو ترجمان به شيخ اياز ثابت ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو ابن حيات پنهور، غلام محمد گرامي، رسول بخش پليجي، رشيد ڀٽي ۽ ٻين انيڪ پارکن شيخ اياز جي بچاءُ ۾ لکيو ۽ سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ادب جي روايت ايترو ته زور ۽ گِهرائيءَ سان اُڀري جو رجعت پسند ان آڏو پير کوڙي نه سگهيا.
شيخ اياز نه رڳو شاعريءَ ذريعي پر پنهنجين تقريرن ۾ ان تضاد ۾ هڪ وڏي للڪار ۽ روشن خياليءَ جي پُڪار بڻجي اُڀريو. اياز جي دوست ۽ همسفر رشيد ڀٽيءَ ان کي هينئن بيان ڪيو آهي:
”پنهنجي تقرير ’جهولَ ۾  گُلَ، هَٿَ ۾ مَشعل‘ ۾  هو جديد سنڌي ادب بابت ڳالهائيندي چوي ٿو ته هن وٽ رجعت پرستن ۽ قدامت پسندن جي مخالفت جي ڪا اهميت نه آهي، ڇو جو هو انهن کي اديب ئي نٿو سمجهي. جديد ادب حق ۽ باطل جو شعور آهي، ادب ۾ اجتهاد آهي، ادب ۾ اجتهاد زندگيءَ جي اجتهاد جي ابتدا آهي. اسان جو نئون ادب فرسوده ۽ ڀُتي ادب کي ريٽي رد ڪري نئين جي پيڙهه وجهي ٿو، نه ته اهو به فرسوده ۽ دقيانوسي ادب جيان مَسان جي چِٻري جي گهُورَ هجي ها. ادب ذهن جي تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ادب اديب جي روح جو اولڙو آهي. ان کي ڪو مقصد آهي، مقصد پنهنجي قوم لاءِ. جڏهن قوم جي زبان، تهذيب  ثقافت خطري ۾ هجن، ته مقصد انهن جي بچاءُ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو!  هر وقت سياسي ۽ سماجي موضوع به ادب ۾ ٺيڪ نه لڳندا آهن، پر مٿين حالتن ۾، سياسي ۽ سماجي مقصدن تي، انهن کي ترجيح ڏيڻ ضروري اهي. ادب سياست نه آهي، پر ادب جي سياسي ۽ سماجي ڪارج ۽ افاديت کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي.
ساڳي ئي تقرير ۾ هن اديبن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هيءُ دور نِهائينءَ جي نِينهَن وارو نه آهي، اندر نه پَڄرو، ٻاهه ٻافَ ڪڍو، ڦاٽو، ڇو جو وقت جي صدا کان ڪن لاٽار موت جي اڳڪٿي آهي. اِهو ئي اڄ جي سنڌي ادب جو فرض اهي. اِهو ادب جيئرو آهي ته سنڌ، موهن جو درو ۽ ڀٽائي جيئرا آهن. ان (نئين ادب) جا ويري سنڌ جا دشمن آهن، ملير جي مٽيءَ جا دشمن آهن. هن ڪوڙهيي سماج جو روح به ڪوڙهيو آهي. ڏاڍ ڏمر کان منهن موڙيندڙ ڪانئر، رجعت پرست ۽ فراريت پسند اديب کاري کُوهَه ۾ ڪُوڙَ جي ڪِنگري آهي. اُهي حق ۽ سچ چوندڙ  اديب کي اشتراڪيت، الحاد ۽ دهريت جا الزام ٿا هڻن. انڌن کي ڪهڙي خبر ته چانڊوڪي ڇا ڪندي آهي. فارسي بحر وزن ۾ شاعري يا تُڪ بندي ڪندڙ شاعر جديد بيت، گيت، دوهي ۽ وائيءَ جي رواني ڏسي حوصلا وڃائي ويٺا آهن ۽ موٽَ ۾ هوش عقل بجاءِ گار گند جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. هڪ ٻي تحرير ’اي تاريخ جي تسلسل جا پاسبانو‘ ۾ اياز ايئن سنڌي ادب ۾ اديب جي ڪردار تي ڳالهائيندي چيو ته جو سنڌ صدين ۾ نه ڪري سگهي، سو توهان اديبن، شاعرن ۽ دانشورن چند سالن ۾ ڪري ڏيکاريو. قومي شعور جي بيداريءَ ۾ جو ڪجهه اوهان ڪيو آهي، اُهو مستقبل جي تاريخ ٻُڌائيندي. فن جي اظهار لاءِ جا آزادي گهربل آهي، ان لاءِ جي توهان قربانيون ڏنيون آهن، جا جاکوڙ ڪئي آهي ان جو مثال برصغير ۾ ڪونه ٿو ملي. اديبن جي قومي ڏينهن ‘جشن روح رهاڻ’ بابت هن اُن تقرير ۾ چيو ته حُب الوطني، فني ديانتداري، عالمي امن، سماجي انصاف، اقتصادي برابريءَ لاءِ جدوجهد ۽ هر ترقي پسند قوم جي حمايت رڪاوٽن جي باوجود، اُهي مقصد آهن جن لاءِ اسان هر سال هتي ڪَٺا ٿيون ٿا. هن دور م جڏهن انعامن اڪرامن، سيرن سفرن ۽ وظيفن تي مخبر فروشيءَ جي بازار گرم آهي، تڏهن اسين ئي آهيون، ظلم، ڏاڍ ۽ جبر سَهڻ جي باوجود ايتري ادبي جنبش آندي اٿئون، جو ڪفر جا ڪوٽ لُڏي رهيا آهن، ۽ مورچن تي پهريدار پنهنجو توازن برقرار نٿا رکي سگهن، ڏڪن ۽ ٿِڙن پيا. تاريخ جي ڌارا کي وِڦلي ۽ وهلور وڃي ڪوبه روڪي نٿو سگهي، ارتقا جو وهڪرو رجعت پرستيءَ کي لوڙهي لَٽي ٿو ڇڏي.“7
اهو هو شيخ اياز ۽ سندس اهو تاريخي ۽ تخليقي ڪردار هو، جنهن ڪري سندس هم عصر آغا سليم شيخ اياز کي ”صدين جي صدا“ ڪوٺيو هو.  اِهو ئي سبب آهي جو شيخ اياز کي جديد سنڌي ادب ۾ هڪ تخليقي جينيس جو درجو مليل آهي ۽ اهڙو درجو ادب جي دنيا ۾ ان کي ئي حاصل ٿي سگهي ٿو، جنهن پنهنجي باڪمال فڪر، فن ۽ تخليقي ٻوليءَ سان هم عصر ادب جي ”مِٽي“ نئين سِر ڳوهي رڳو اعلى شاعري ۽ ادب ئي نه پر ڪو نئون دور تخليق ڪيو هجي. شايد اهو احساس هن جي تحت الشعور ۾ هو، تنهن ڪري ئي ته هن چيو هو ته، ”هي ڏوهه نه آ، هن ماڻهوءَ جو، مون مِٽيءَ ٻيهر ڳوهي آ“. اِهو ئي سبب آهي، جو هر غير معمولي شاعر ۽ آرٽسٽ جيان هو پنهنجي هم عصر دور ۾ بيحد تڪراري به رهيو آهي. ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي هم عصر ۽ پاڻ کان اڳ جي دورن جي تصورن، سوچن، قدرن، روين، لاڙن، فني بندشن ۽ محرڪن کي وڏيءَ تخليقي سگهه سان لوڏيندو ۽ ڌوڏيندو ته پوءِ اُهو تڪراري ڪيئن نه بڻبو؟ ماڻهو غيرمعمولي تخليقي ۽ جينيس به هجي ۽ تضادن ڀريي سماج ۾ تڪراري به نه بڻجي، اِهو ڪيئن ممڪن آهي! پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ته هن سامراج کي ”لوڏڻ“ ۽ ڌوڏڻ جو سَنيهو ڏنو پر دراصل هن پاڻ به پنهنجي شاعريءَ ذريعي سنڌي سماج جي مُدي خارج ادبي روايتن ۽ روايتي بي روح فن جي صدين کان ورجايل صورتن کي پنهنجي فنڪارانه سگهه سان اهڙو ته لوڏيو ۽ ڌوڏيو، جو اُها مُدي خارج ۽ تقليد پرست روايت وري پنهنجا فڪري ۽ فني پير جهَلي نه سگهي. اِهو ئي سبب هو جو پنهنجي هم عصر دور  هن کي تڪراري هجڻ جو انعام ڏنو. اهم سوال اِهو نه آهي ته هو تڪراري ڇو هئو؟ پر بنيادي سوال اِهو هو ته هو ان دور ۾ ڪنهن جي وِچَ ۾ ۽ ڇو تڪراري هو؟ مان ان دور جي نسبت سان هن جي تڪراري هجڻ کي به هن جي شاعراڻي عظمت جو اهڃاڻ ۽ سندس ڀاڳ سمجهان ٿو. افسوس جو آخري ڏهاڪي ۾ سندس اُهو تڪرار ترقي پسند فڪر ۽ قوتن سان اُڀريو، جنهن جو ڪيترا ڏهاڪا هو ترجمان ۽ محافظ رهيو هو. پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ هن جي خواهش هئي ته هو تڪراري نه رهي ۽ سڀني حلقن وٽ هڪ جيتري مڃتا ماڻي، جيڪا ممڪن نه هئي پر پنهنجي باغيانه شاعريءَ جي عروج وقت هن کي رجعت پسندن وٽ تڪراري هئڻ تي وڏو فخر هوندو هو، جنهن جو اظهار پنهنجي نثري تحريرن سان گڏوگڏ شعرن ۾ پڻ ڪندو رهيو. مثال طور هن هڪ دوهي ۾ چيو هو ته:
پريت ڪئيسين، گيت چياسين، ٿيو اِهو انجام،
ڳَليءَ ڳَليءَ ۾ ڳالهه اسان جي، نَگرَ نَگرَ  بدنام.

شيخ اياز جي ڪيترن ويچارن سان فڪري طور اختلاف ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو سندس هم عصر اديبن کان وٺي اسان جي نسل تائين ٿيندو به رهيو آهي، خاص طور تي سندس آخري ڏهاڪي ۾ نثري تحريرن ۾ پيش ڪيل ويچارن يا راين ۽ علمي ۽ فڪري تجزين تي اختلاف رهيو ۽ ٿي سگهي ٿو پر ان باوجود هو جيئن ته هڪ وڏو صاحبِ خيال ماڻهو هو، اُن ڪري هو هميشه مختلف ادبي ۽ فڪري حلقن ۾ تڪراري رهيو، جنهن کي مان بنيادي طور هن جي ڪمزوري نه پر هن جي تخليقي ۽ دانشورانه سَگههَ سمجهان ٿو. انسان جا خيال، نظريا ۽ سماج يا زندگيءَ بابت رايا پڻ جامد ۽ قطعي نه پر بنيادي طور متحرڪ ٿين ٿا ۽ اُنهن ۾ به تبديليون توڙي عروج ۽ زوال ايندا رهن ٿا. پر هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هڪ فلسفيءَ، دانشور ۽ شاعر جي خيالن جي ارتقا کي ساڳين اُصولن يا معيارن تي پرکي نه ٿو سگهجي. علامه اقبال جيتوڻيڪ هڪ وڏي شاعر هئڻ سان گڏ هڪ فيلسوف به هو پر هن جا فڪري لاڙا ۽ انيڪ بنيادي موضوعن بابت رايا هميشه ۽ مسلسل تبديل ٿيندا رهيا، جيڪا هن جي شعوري طور متحرڪ هئڻ  جي ثابتي ۽ هن جي دانشورانه جستجوءَ جي علامت هئي. ويندي جنهن موضوع تي هن فلسفي ۾ ميونخ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي، هو اُن جي پاڻ نفي ڪندو رهيو ۽ چوندو هو ته هن جي زندگيءَ جو سڀ کان اهم پاسو هن جي خيالن جي مسلسل ارتقا آهي. هو مذهبيت کان وحدت الوجود ۽ عقليت جا فڪري دائرا تبديل ڪندو رهيو، ۽ هن کي پنهنجي شاعريءَ کان وڌيڪ پنهنجي متحرڪ شعور تي فخر هوندو هو. ان ڪري شيخ اياز جا تاريخي، فڪري ۽ سياسي لقائن بابت رايا يقيني طور مختلف به رهيا ۽ تضادن جو شڪار به رهيا، جنهن کي هن پنهنجي هڪ شعر ۾ هينئن اظهاريو آهي ته:
عمر گذري وئي، اَياز اَلا،
مون نه ڄاتو ته نيٺ ڇا آهيان مان!

پر هن جا وطن دوستيءَ، انسان دوستيءَ، روشن خياليءَ ۽ آزاد خياليءَ جا ويساهه هميشه ساڳيا رهيا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن جا سماجي، سياسي ۽ نظرياتي بنياد ۽ ويچار ته تبديل ٿيندا رهيا پر هن جا بنيادي ويساهه، انساني، قومي قدر هميشه ساڳيا رهيا. البته هن پنهنجي آخري دور ۾ باغيانه يا مزاحمتي ڪردارن تان هٿ کڻي ڇڏيو هو. آخري دور ۾ هن ڪنهن به نالي ۾ ۽ ڪنهن به قيمت تي جنگ، رَتُ وهائڻ يا تضاد کي اهميت نه ٿي ڏني، جنهن جي وڏي واڪي ٻه ٽي ڏهاڪا هن پنهنجي شاعريءَ ۾ پرچار ڪئي هئي. سبب شايد اهو به هو جو سندس زندگيءَ جي آخري دور ۾ ملڪ جون حالتون تبديل ٿي چڪيون هيون، ملڪ ۾ ڪو ون يونٽ ڪونه هو ۽ ضياءَ جي آمريت به وڃي چڪي هئي. عملي طور به روس جي زوال نه رڳو اياز پر دنيا جي گهڻن ماڻهن کي انقلابيت کان پري ڪري جمهوريت ڏانهن مائل ڪري ڇڏيو هو.
شيخ اياز ان لحاظ کان جديد سنڌي ادب ۾ منفرد ۽ شايد سڀني کان وڏو درجو ماڻيو جو هن تخليقي ۽ خاص طور شعر ۽  ادب ۾ سڀني کان وڌيڪ لکيو ۽ هن تي پنهنجي هم عصر دور ۾ سڀني کان وڌيڪ لکيو به ويو. اياز جو ادب ڪو رڳو مقدار جو معاملو نه هو پر معيار سوال هو. هم عصر دور ۾ ڪنهن به تخليقڪار تي ايترو تڏهن ئي لکيو ويندو آهي جڏهن هن پنهنجي دور تي غيرمعمولي اثر وڌا هجن. منهنجيءَ نظر ۾ اِهو ئي سبب هو، جو سنڌي ادب ۾ لطيف سائينءَ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ شيخ اياز تي لکيو ويو. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته هن تي هر فڪر ۽ روايت جي ماڻهن مختلف دورن ۾ تعريفي ۽ تنقيدي طور لکيو. انهن روايتن ۾ ترقي پسند، آزاد خيال لبرل، انقلابي ۽ قومي سوچ رکندڙ توڙي مذهبي ڌريون اچي وڃن ٿيون. اُڻويهين صديءَ جي اولهه جي هڪ وڏي انگريزي ادبي نقاد ميٿيو آرنالڊ (1888-1822ع) گوئٽي جي عظمت جا ڳڻ ڳائيندي اِهو به چيو هو ته، ”وڏو شاعر ۽ اديب اُهو آهي، جيڪو پنهنجي دور ۾ وڏي اُٿَل پُٿَل پيدا ڪري سگهي“ ۽ شيخ اياز جي شاعري پنهنجي دور ۾ هميشه وڏيءَ اُٿلَ پُٿلَ جو محرڪ رهي. زندگيءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ سندس مذهبيت ۽ عقيده پرستيءَ ڏانهن لاڙي سبب سندس فڪر جي آخري دور جو پنهنجي سماج تي اُهو اڳوڻو اثر نه پيو، پر ان مختصر دور سان سندس مجموعي ادبي ۽ تخليقي عظمت گهٽجي نه ٿي سگهي.  ڇاڪاڻ ته هن اُهي ويچار بنيادي طور پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪرڻ بدران نثري تحريرن ۾ پيش ڪيا، جنهن جو هن جي شخصيت سان ته تعلق آهي پر شاعراڻي عظمت سان نه! شيخ اياز پنهنجي شاعراڻي عظمت زندگيءَ جي آخري پل تائين برقرار رکي. دعائون هڪ صنف طور شاعرن هميشه هر زماني ۾ لکيون آهن ۽ اياز جون لکيل دعائون به سطحي مذهبيت جي رنگ ۾ نه پر صوفياڻي انداز ۾ تخليقيت ۽ گِهرائيءَ سان لکيل آهن. جيڪڏهن ڪو سندس تخليقي سفر جي ان پاسي سان اختلاف به ڪري تڏهن به اِهو لازمي ناهي ته ڪنهن جينيس شاعر يا اديب جو سمورو ادب غير معمولي ۽ عظمت جي چوٽين تي پهتل هجي. دنيا جي هر وڏي شاعر ۽ اديب جي تخليقي پورهئي ۾ ڪجهه عنصر روايتي ۽ مڙئي ڀرتيءَ وارا پڻ هوندا آهن، ويندي لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ به ائين آهي، ڇو ته تضاد ڪائنات ۽ فطرت توڙي سماج جي هر مظهر ۾ آهي ته پوءِ اِهو انسان جي فڪر ۽ فن ۾ ڪيئن نه هوندو! ڏسڻ اِهو گهرجي ته ڪنهن به غير معمولي شاعر ۽ اديب جي فڪر ۽ فن جو بنيادي جوهر ڇا آهي، ان جو ڪارج ۽ پنهنجي دور يا ايندڙ دورن تي اثر ڇا آهي؟ ان معيار مطابق شيخ اياز جي عظمت گهٽجي نه ٿي سگهي ۽ هو هميشه ويهين صديءَ۾ جديد سنڌي ادب جو اهڃاڻ رهندو.
جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته شيخ اياز جو ان حوالي سان هڪ وڏو ڪارنامو اِهو به آهي ته هن موضوعاتي، فڪري، فني، ترڪيبي، لسانياتي ۽ نون محرڪن تي ٻڌل گهڻ طرفي جدت (Modernity) کي پنهنجي ڪلاسيڪل روايت سان جوڙيو. رڳو اهو نه ته هن فني ۽ فڪري طور سنڌ ۽ اوڀر جي ڪلاسيڪل ۽ جديد روايتن جو تخليقي امتزاج ڪيو پر شيخ اياز تصوف، رومانويت، يورپ جي جديد لبرل روايتن، ترقي پسند روايت توڙي مزاحمتي ۽ قومي شاعريءَ جي مختلف روايتن جي جوهر کي پڻ هڪ ڌارا ۾ تخليقي ۽ فڪري توازن سان پيش ڪيو. اسان کي اياز جي همعصر دور ۾ اهڙو وسيع ۽ همه گير تخليقي، فڪري ۽ فني امتزاج تمام گهٽ شاعرن ۾ ملي ٿو. ويندي فيض احمد فيض، محمود درويش ۽ ناظم حڪمت ۾ به اهڙي همه گيريت نظر نه ٿي اچي. ايڏو همه گير حَسين امتزاج اسان کي 40ع ۽ 50ع جي ڏهاڪي ۾ ۽ ويندي ان کان پوءِ به ننڍي کنڊ ۾ تمام گهٽ شاعرن ۾  ٿو ملي.ممڪن آهي ته فڪري گِهرائيءَ ۾ ڪجهه نقطن تي اقبال ۽ فيض ۾ گِهرائي اياز صاحب کان وڌيڪ هجي پر اياز جي شاعراڻي وُسعت (موضوعاتي  ۽ فني) ويهين صديءَ جي ننڍي کنڊ جي ڪنهن به ٻئي شاعر کان وڌيڪ آهي. ٽئگور کي ڪجهه خاص سببن ڪري مغربي دنيا ۾ وڏي پذيرائي ملي ۽ کيس نوبيل انعام پڻ مليو پر حقيقت اِها آهي ته ٽئگور جو شاعراڻو قد اياز کان مٿي هرگز ناهي.  انهيءَ ڪري وڏي اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته اياز صاحب سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جو اهو واحد جديد شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن سڀني روايتن جو تخليقي انداز سان امتزاج ڪيو ۽ هڪڙي نئين دور کي پاڻ سان کڻي آيو، جنهن کي اسان جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جو دور سڏيون ٿا. اياز جي هڪ غيرمعمولي خوبي اها به هئي ته هن ادب کي زندگيءَ ۽ سماج سان جوڙي ان ۾ مقصديت ۽ ڪارج جو هڪ نئون جهان تخليق ڪيو.  هن کي اڪارج ٺلهي بي روح شاعريءَ کان نفرت هئي. اردوءَ جي اڪثر مشاعري باز شعري روايت تي هن نه رڳو پنهنجي نثري تحريرن ۾ پر پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي جرح ڪئي. ”وڄون وَسڻ آئيون“ ۾ هو چوي ٿو:  
اڄڪلهه اُردو شعرا –
جئن ڪا وِڌوا وئشيا ٿي،
ڏک ۾ ٿورو وقت ڏَجهي،
۽ پو سُرمو سينڌ ڪَري،
کَٽَ تي ويهي واجههَ وِجهي،
کَڙ کَڙ سڪي تي کِجڪي،
گاَهڪ گاَهڪ کي تاڙي –
۽ جي ٿاڻيدارُ، ڏِسي،
مُرڪي اُن جي لاءِ جهُڪي،
ڪنهن به سَتيءَ پَت- ورتا کي،
مُور نه پنهنجو مَٽُ سمجهي-
هُونءَ ته ٽَهه ٽَهه ۾ ٽهلي،
رنگبرنگي ٿي نڪري،
عاشورا جنهن وقت ڏِسي،
پِٽڪي ڪُٽڪي ۾ پنهنجي

           پائي ڪارا جوڙا،
اڄڪلهه اُردو شعرا...

ايئن ئي هن ساڳئي ڪتاب ۾ روايتي عروضي شاعريءَ تي چيو هو:
هُو ڪري ٿو ڏينهن رات،

فاعلاتن فاعلات-
۽ اُڏامي ٿي حيات،
عمر کي ڪهڙي ثبات!
ناهه هُڻ کي تانگهه تات،
ديس جي ڇا ۾ نجات،
ديس جو واڳونءَواتِ،
جا اسان وٽ آهه ڏاتِ،
لُونءَ جي ڪانڊارَ لات،
موت سان ٿيندي نه ماتِ،
ٿو گهَڙي تنهن لاءِ گهاتِ،
ڇو ته ڪانئَر ڪائنات-
فاعلاتن فاعلات
فاعلاتن فاعلات.
نه رڳو ادب ۾ شعور ۽ شعار يا مقصديت جو سوال پر اياز شاعريءَ کي انسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ضمير جي آواز سان مشروط سمجهي ٿو، جڏهن هن چيو:
هي شاعر جي لهرائن ٿا،
هي جيڪي آداب عرض ڪن،
جن کي ڪوبه ضمير نه آهي-

سَچَ چوڻ کان ڪيٻائن ٿا،
ڏاڍ ڏَمر کان گهٻرائن ٿا،
بي درديءَ کان داد گهُرن ٿا،
بي شرميءَ سان شرمائن ٿا،
ڪورُ ڪورُ تي جئن ڪي ڪُتا،
جِن جي چيلهه ڀَڄي پوندي آ،
ڪنهن جي اوبر ڏانهن نهارِي،
رڙهندا آهن پيٽَ سهاري،
هي به ائين ئي واجهائن ٿا،
پنهنجي جهولي ڦهلائن ٿا -

هي شاعر جي ڪانئر آهن،
جن ٻوليءَ جي سگههَ وِڪي آ،
جن کي ڪوبه ضمير نه آهي.

۽ ايئن هو پنهنجي باري ۾ وڏي اعتماد سان چوي ٿو:
اڄ زندان جي تنهائيءَ ۾،
مان ڳولي تَڙڪا تارَن جا،
سي دولهه بيٺو دُور ڏسان،
جن دَنگَ ڀَڳا ديوارن جا-

هن ات اُڃايل ڌرتيءَ جا،
جن چپ چُميا درياهن جان،
ٿي ڄڻ ته لهوءَ جا لال لڳهه،
جن وس ڪئي ويساهن جان.

پو زنجيرن جي کَڙَ کَڙَ تي،
مان پنهنجا پيرَ نچايان ٿو،
۽ بيوس بندي خاني ۾،
ڪو گيت نئون مان ڳايان ٿو.

‘اي چنڊ ستارو! ساکِي ٿيو،
‘اڄ رات لهوءَ جي ڇوليءَ ۾،
‘ڪجهه آهن منهنجون رت ڦُڙيون،
‘جي گيت لڳن ٿيون ٻوليءَ ۾.

‘اي چنڊ ستارو! ساکي ٿيو،
‘جي آءٌ اُجهامان اوجهَڙ ۾!
‘مون گيت چيا پر شاعر جئن،
‘مون عمر نه گهاري بَڙَ بَڙَ ۾.

‘اي چنڊ ستارو! ساکِي ٿيو،
‘مون جو ڀي گيت چيو آهي،
‘تنهن آزاديءَ جي رستي تي،
‘هڪ لنبو پنڌ ڪيو آهي.’

اياز ادب ۽ فن کي تاريخ جي تڏهن وڏي هڪ محرڪ تخليقي قوت سمجهي ٿو، جڏهن اهو سچ سان سلهاڙجي ٿو. هو چوي ٿو:
ڏاتِ وڏي شيءِ ناهي،
پر سَچُ وڏي شيءِ آهي،
۽ جو سَچُ مچائي،
سو مَچُ وڏي شيءِ آهي!

هونئن ته شيخ اياز پنهنجي هڪ جدا لهجي، سوچ، اسلوب ۽ فڪري روايتن جو شاعر هو پر جي هن جي شاعريءَ جو گِهرائيءَ سان ڳُوڙهو مطالعو ڪيو وڃي ته چئي سگهجي ٿو ته حقيقت ۾ هن تي چئن روايتن جو بنيادي ۽ گِهرو اثر آهي.  هر ماڻهوءَ جي شعورسازيءَ تي مختلف عنصر اثرانداز ٿين ٿا، جن ۾ شخصي طبعي لاڙن سان گڏ هن جو گهر، خاندان، شهر، علائقو، سماج، طبقو، قوم، تربيت، تعليم ۽ دور سان گڏوگڏ انيڪ علمي، فڪري ۽ ثقافتي عنصر پڻ شامل هجن ٿا. ڪوبه ماڻهو اها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي ته سندس شعور خالص هن جو پنهنجو شعور آهي. انساني شعور نظر ايندڙ ۽ نظر نه ايندڙ گهڻن عنصرن، محرڪن ۽ عوامل جو متحرڪ مرڪب آهي. اها ساڳي ڳالهه عالمن، اديبن، مفڪرن، شاعرن، فنڪارن، سُورمن، اڳواڻن، سائنسدانن تي پڻ لاڳو ٿئي ٿي. شيخ اياز به ايئن انيڪ مرحلن ۽ تجربن مان گذريو، مٿس اڪيچار ڳالهين گِهرا اثر وڌا ۽ جيئن ته اياز هڪ تخليقي ذهن ۽ متحرڪ شعور جو حامل وڏو شاعر ۽ ادبي دانشور هو، ان ڪري هن جو شعور به مسلسل نه رڳو متغير رهيو پر پنهنجا فڪري ۽ شاعراڻا فني تجرباتي دائرا پڻ بدلائيندو رهيو. هن تي پنهنجي والد ۽ گهَرو ماحول جو اثر هو، هن جو والد غلام حسين شيخ پاڻ به نه رڳو هڪ شاعر هو پر فارسي، هندي، سنڌي ۽ اردو شاعريءَ جو وڏو ڄاڻو هو. هن تي شڪارپور جهڙي جديد ۽ ادبي روايتن جي هندوري جهڙي شهر جي ادبي ماحول جو اثر هو. هن هميشه شڪارپور کي نه رڳو ساريو پر ان جي ادبي ماحول جو سندس ادبي تربيت ۾ بنيادي هٿ سمجهيو. هن تي ٻاروتڻ کان ادبي مطالعي جي عادت جو وڏو اثر هو. هن تي ننڍي کنڊ جي ترقي پسند تحريڪ جو اثر هو، ابتدائي طور هن تي انقلابيت جو اثر گهڻو هو ۽ پوءِ هن انقلابيت تي باغيانه مزاج ۽ روايت کي اوليت ڏني، جو هن جو خيال هو ته باغيانه مزاج جو فڪري ضابطو ناهي هوندو. جڏهن ته انقلابيت جا ضابطا هوندا آهن. اڳتي هلي هن تي قوميت جي لهر جو اثر ٿيو ۽ ايئن آخري دور تائين مسلسل انيڪ روايتن کان متاثر ٿيندو رهيو پر جي هن جي ڪَٿَ ڪجي ته هن تي چئن روايتن جو بنيادي اثر هو، يعني اوڀر جي شاعري، ٻيو ڪلاسيڪل سنڌي شاعري ۽ خاص طور شاهه لطيف، ٽيون اولهه جي لبرل يا آزاد آزاد خيال فڪري ۽ ادبي روايت ۽ چوٿون ترقي پسند روايت جو اثر، جنهن کي هن پهرين انقلابيت ۽ پوءِ باغيانه مزاحمتي شاعريءَ جي صورت ۾  اظهاريو. اوڀر جي فارسي ۽ هندي شاعريءَ جو مطالعو هن ٻاروتڻ کان شروع ڪيو هو ۽ شيخ اياز جو فارسي ۽ خاص طور هندي ادب جو اڀياس تمام ڳُوڙهو هو. جنهن جو اندازو هن جي شاعريءَ سان گڏوگڏ هن جي نثري تحريرن مان خاص طور ٿئي ٿو، پر ڪمال جي ڳالهه اِها آهي ته هن فارسي ۽ هندي شاعريءَ جي ڪڏهن به تتبع ۽ تقليد نه ڪئي. ڪوبه عظيم شاعر مختلف فڪري ۽ فني روايتن کان متاثر ته ٿي سگهي ٿو پر ان جي تقليد نه ٿو ڪري سگهي. هو جيڪڏهن ڪي عنصر ڪن روايتن مان کڻندو ته به بيحد تخليقي انداز ۾، جنهن ۾ خيال، احساس جا اظهار، فني ترڪيبون ڄڻ ته هن وٽ اچي نئون جنم وٺنديون آهن. سنڌ ۾ شيخ اياز جديد سنڌي ادب ۾ ان تخليقي امتزاج جو اهڃاڻ هو. فارسي شاعريءَ ۾ جيڪا عاشقي، حُسن پروري، بي باڪي، احساس جو بي ساخته ۽ نفيس اظهار ۽ تخيل جي گِهرائي ۽ ويندي تصوف جي ڳُوڙهي روايت آهي، ان جو شيخ اياز جي شاعريءَ تي نمايان اثر نظر اچي ٿو.  ايئن ناهي ته اهو تخليقي اثر رڳو شيخ اياز رڳو فارسيءَ مان قبوليو هو پر مجموعي طور سموري اوڀر جي شاعري، جنهن ۾ خاص طور فارسي، هندي، اردو ۽ سنسڪرت توڻي پنجابي، سرائيڪي ۽ ٻين ٻولين جو ڪلاسيڪي ادب اچي وڃي ٿو. اُنهن سمورين ٻولين جي ڪلاسيڪي ۽ ادبي روايتن جا عڪس ۽ حوالا شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ مجموعي ادب ۾ اُتساهيندڙ انداز ۾ بار بار ملن ٿا.
شيخ اياز تي ٻيو اثر پنهنجي ڪلاسيڪل ادبي روايت جو به هو، جنهن جو ذڪر اسان مٿي شروع ۾ ڪري آيا آهيون. شيخ اياز جو ڪمال اِهو هو ته هن سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي لاجواب مثبت ۽ تخليقي روايتن سان به پنهنجو ناتو بِنهه نه ٽوڙيو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي شاعرانه نرگسيت ۾ اچي هو سنڌ جي ڪلاسيڪل دور تي ڇوههَ پڻ ڇنڊيندو هو پر لطيف سائينءَ جي صورت ۾ هن هميشه ان دور سان پاڻ کي سلهاڙڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي. ادب جي هڪ وڏي ڄاڻوءَ طور هن چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي ته ڪابه جديد شعري روايت جيڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل دور يا مجموعي طور عالمي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي روايتن کان ڪٽجي سامهون ايندي ته پوءِ اُها ٻوليءَ جي وُسعت، تاريخيت، اڳ ٿيل فني تجربن توڙي تخيل جي بيهڪ کان به ڪٽجي ويندي ۽ پوءِ اُها دوام ماڻي به ناهي سگهندي. جدت جي نالي ۾ ويهين صديءَ ۾ اهڙا انيڪ تجربا دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ٿي به چڪا آهن پر اُهي جٽاءُ ڪري نه سگهيا. شيخ اياز کي پنهنجي وسيع ادبي مطالعي سبب اهو چڱيءَ ريت معلوم هو، ان ڪري هن پنهنجي منفرد جدت کي سنڌي ٻوليءَ جي عظيم ڪلاسيڪل روايتن سان مڪمل طور ڳنڍي رکيو. هن ڄاتو ٿي ته تاريخيت ۽ ڪلاسيڪيت کان ڪٽجي ٺلهي نالي ماتر جديد شاعري نه رڳو پنهنجي ماضيءَ سان ناتو جوڙي نه سگهندي پر اُها حال ۽ آئيندي ۾ به گِهريون پاڙون نه هڻي سگهندي. ڪلاسيڪل روايتن مان شيخ اياز سڀني کان وڌيڪ سنڌ جي عظيم شاعر لطيف سائينءَ جو مداح هو. لطيف سائينءَ تي شيخ اياز جون ڪيل تقريرون ۽ ٻين نثري تحريرن ۾ ڪيل ذڪر لطيف شناسيءَ جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو. سندس اِهي رايا پڙهي مون کي هميشه خواهش ٿيندي آهي ته ڪاش شيخ اياز لطيف سائينءَ جي فڪر ۽ فن تي ڪو جامع ڪتاب لکي ها. سنڌي ادب ۾ اها کوٽ هميشه محسوس ڪئي ويندي ته لطيف جا ٻه وڏا ڄاڻو ۽ پارکو شيخ اياز ۽ رسول بخش پليجو مٿس ڪو ڪتاب لکي نه سگهيا. شيخ اياز نثري تحريرن سان گڏ لطيف سائينءَ جو فڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ به بار بار ڪيو آهي. مثال طور سندس هڪ نظم جون هي سٽون پڙهو، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته:
اڄ آءٌ ڀٽائيءَ جو ڀيدي،
تنهن پيار مٿان پُل ٺاهيان ٿو.

يا هو هڪ بيت ۾ ڀٽائيءَ لاءِ لکي ٿو:
سنڌڙي شاهه لطيفَ جي، لَهَر نه ڪو لوڏو،
اکڙين کان آڏو مون کي منهنجو ڀِٽَ ڌڻي.

يا پنهنجي ڪتاب ”ڀنئور ڀري آڪاس“ ۾ چيائين:
”ڀرسان تنهنجي ڀِٽَ ڌڻي، جهَلي بيٺس جهولَ،
ڏنئي ٻه ٽي ٻولَ، سخي منهنجي ساههَ کي.“
جيتوڻيڪ اياز جي شاعريءَ تي لطيف سائينءَ جو ڪو خاص فڪري اثر نظر نه ٿو اچي پر هو لطيف جي شاعراڻي عظمت جو دل جي گِهرائين سان قائل هو. ان ڏس ۾ هن جو لطيف سائينءَ جي اردو ترجمي تي لکيل مهاڳ ۽ فلاسافيڪل ڪانگريس ۾ اسلام آباد ۾ ڪيل مختصر صدارتي تقرير ضرور پڙهڻ گهرجي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته هو ان روايت کان ڪيترو نه متاثر هو. مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن شيخ اياز لطيف سائينءَ جي فڪري ۽ فني سرچشمن مان فيضياب نه ٿئي ها ته شايد شاعريءَ جي انهن بلندين تي نه رَسي ها ۽ هو هميشه ان جو اعتراف ڪندو رهيو. لطيف سان هن کي عقيدت جي حد تائين محبت هئي ۽ هو لطيف جي شاعرانه عظمت جو داعي هو. مان نه ٿو سمجهان ته شيخ اياز لطيف کان وڌيڪ دنيا جي ڪنهن به شاعر يا شاعرانه روايت سان ايتري محبت جو کُليل اظهار ايتريءَ نهٺائيءَ سان ڪيو هجي. اهڙيءَ طرح هو سچل سرمست جي فڪري ارڏائيءَ ۽ صوفيانه سَر مستيءَ کي هميشه ساراهيندو هو ۽ هڪ حد تائين سچل جو سندس باغيانه مزاج تي اثر نظر اچي ٿو. سچل لاءِ هو چوي ٿو:
دُور ڀٽائيءَ جي بستيءَ ۾،
سَچَل پنهنجي سرمستيءَ ۾،
بيٺو مون کي تاڙي ٿو؛

يا سچل بابت سندس هيءُ دوهو پڙهو:
ڪافر ناهي، مومن ناهي، ”سچُو“ پوءِ به سَچُ،
سَچُ چوي ٿو، ”اَچُ، اَچِي سُوريءَ تي لَڙڪِي نَچُ“
ٽين روايت، جنهن تي تمام گهٽ لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي، سا اِها آهي ته، جيتوڻيڪ شيخ اياز ترقي پسند تحريڪ کان به متاثر رهيو ۽ هن ان جا هڪ دور ۾ وڏا اثر قبول ڪيا پر جي گِهرائيءَ سان ڏسبو ته شيخ اياز تي بنيادي طور يورپ جي لبرل شاعريءَ جو به وڏو اثر هو. جيتوڻيڪ ترقي پسند ۽ لبرل روايتن جا فڪري ۽ تاريخي پس منظر ۽ بنياد مختلف هئا. يورپ جي لبرل ادبي روايت جاگيرداريءَ جي خاتمي کان پوءِ يورپي سماج ۾ سرمائيداريءَ ۽ جمهوريت جي پيداوار هئي، جنهن جو سڄو زور فرد جي آزاديءَ تي هو. ارڙهين صديءَ جو والٽيئر، اڻويهين صديءَ جو وڪٽر هيوگو، اڻويهين صديءَ جو مشهور اديب ۽ ناٽڪ نويس هنرڪ اِبسن، جنهن کان جارج برنارڊ شا ۽ چيخوف پڻ بيحد متاثر هئا ۽ ٻيا انيڪ اديب، شاعر ۽ ناٽڪ نويس ان لبرل روايت جا علمبردار هئا. جڏهن ته ترقي پسند ادب جي روايت  اُڻويهين صديءَ ۾ اُڀري ۽ خاص طور ان جو اُڀار اُڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ڪميونسٽ پڌرنامي کان پوءِ ٿيو، جنهن ۾ ادب کي گِهري سماجي ۽ طبقاتي ۽ انقلابي شعور سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. لبرل روايت جو زور فرد جي آزاديءَ تي هو ته ترقي پسند ادبي روايت جو زور سماج واديت ۽ غيرطبقاتي سماج تي هو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اياز تي ٻنهي روايتن جو هڪ جيترو اثر نظر اچي ٿو. اياز صاحب پاڻ به لکيو آهي ته:
”جيستائين اسان جا اديب خصوصاً ڪري يورپ ۽ آمريڪا جي جديد ۽ قديم ادب جو مطالعو نه ڪندا، تيسين هنن کي چڱي ۽ بُري جي صحيح پرک نه پوندي.“ 8
آزاد خيالي هن جي فڪر جي رڳ رڳ ۾ هئي ۽ شيخ اياز جا موضوع، احساساتي رويا، سماجي تصور ۽ اظهار جو ڏانءُ ٻڌائين ٿا ته هو يورپ جي آزاد خيال شعري روايت کان گهڻو متاثر هو. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته مٿي بيان ڪيل چار مختلف روايتون هيون، جن جو شيخ اياز تي گِهرو اثر به نظر اچي ٿو ۽ اهي سموريون مختلف روايتون هڪ حسين ۽ تخليقي امتزاج سان شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ چِٽيءَ طرح گڏ نظر اچن ٿيون. شيخ اياز جي شاعري ۽ فن، ٻوليءَ، فني بندشن ۽ شعري رجحانن يا تخيل جي محرڪن جي ڇنڊ ڇاڻ ان بنياد تي پڻ ٿيڻ گهرجي ۽ اهو اياز شناسيءَ جو هڪ اهم موضوع بڻجي سگهي ٿو. مثال طور سندس هيءُ مشهور نظم ڏسو. هن قسم جي شاعري، اهو تخيل، خيال، نظم جي صنف جي بيهڪ اسان کي اياز کان اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ ڪٿي به نظر نه ٿي اچي. سندس هيءُ شاهڪار نظم ڏسو:
اسان ننڊَ جا نيڻَ آهيون، پرين!
سُتي ساهه جاڳي،
وڃي دُور دُور،
ستارا لَتاڙي اسان جو شعور،
سوين چنڊَ ساٿي،
ڪَتين جا سوين قافلا رهگذر ۾،
سفر ۾،
سوين ڪائناتون،
نه آغاز جن جو نه انجام جن جو،
زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون،
ازل کان ابد تائين سُکَ جون براتون:
جڏهن موٽَ کائون،
سوين راز آڻيون،
سوين سازَ جي لاءِ آواز آڻيون،
سوين چنڊ چايون،
سِتارا تِڳايون،
انهن سان اَچِي جڳ سڄو جڳمڳايون،
اسان جاڳَ جا ڀاڳَ آهيون پرين!
هن نظم ۾ جنهن آدرشي انسان جي تخيل، وَڙَ ۽ ڪردار جو حَسين تصور پيش ڪيو ويو آهي، اياز کان اڳ اهو سنڌي شاعريءَ ۾ لطيف سائينءَ کي ڇڏي ڪري سموري سنڌي شاعريءَ ۾ نه ٿو ملي. اهو ئي سبب هو جو اياز جي شاعري ان دور ۾ سنڌي سماج ۾ ”جاڳَ جو ڀاڳُ“ ثابت ٿئي ٿي.
سندس اهڙو ئي هڪ ٻيو شاندار نظم ڏسو:
هرڻ هٺيلا،
ڊوڙي ڊوڙي، ٿڪجي ٿڪجي،
وڻ جي هيٺان بيٺا سوچن!
”ساري هستي ريتيءَ تي رُڃ،
”اُڃ جي وهه بن ڪجهه به نه حاصل!
”هاءِ ستم، جو عمر گذاري،
”بوند بوند لَيءِ ڀَٽڪِي ڀَٽڪِي،
“ڊوڙي ڊوڙي، ٿڪي ٿَڪجي!“
هرڻ هٺيلا،
بيٺا سوچن.
جنهن هن واريءَ جي وينڊي ۾،
لَهندي سج جي ٽِڪَ جڙي آ،
آهه ڪٿي سو ازلي وينجهر؟
نيري اُڀ مان چنڊ ستارا،
ڪرن اشارا،
ساهه سَنيِها پائي تِن جا،
ڇالَ هڻي مَن پهچي تِن وٽ،
بسنت- رُت جي باک- ڦُٽيءَ ۾
هِيرَ ڏکڻَ جي هَنجَ ۾ پنهنجي
اَهنج مٽائي، مَنُ رِيجهائي:
گهڙِي نه گذري- ساڳا ڪِرڻا،
سجَ جون بَڙڇيون،
رُڃَ جو اَولو،
اُڃَ جو جهولو،
ساڳيو رولو،
هر شيءِ آهي ساڳي  ساڳي،
بوند بوند لَيءِ ڀٽڪي ڀٽڪي،
ڊوڙي ڊوڙي، ٿڪجي ٿڪجي،
هرڻ هٺيلا،
بيٺا سوچن!

ادب جي پرک جو هڪ مک معيار ادب جا فڪري محرڪ پڻ هوندا آهن ۽ ان ڏس ۾ شيخ اياز کي پرکجي ٿو ته شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ فڪري محرڪن جون نه رڳو مختلف روايتون گڏ گڏ نظر اچن ٿيون پر اُهي وقت ۽ دورن سان گڏ مَٽجندي به نظر اچن ٿيون ۽ اهو لقاءُ اڪثر وڏن شاعرن سان رهيو آهي، رومي، اقبال ۽ ٻيا انيڪ وڏا شاعر ان جو مثال آهن. مثال طور شيخ اياز ورهاڱي کان پوءِ جيڪا طبع زاد اردو شاعري ڪئي، ان ۾ داخلي ويڳاڻپ، ترقي پسنديءَ ۽ باغيانه مزاحمت جا اُهڃاڻ گڏ گڏ ملن ٿا. ان کان پوءِ سندس شاعريءَ جو دور، جيڪو گهڻي ڀاڱي ”ڀنئور ڀري آڪاس“ ۾ ملي ٿو، ان ۾ اياز تي رومانويت، عاشقيءَ ۽ حسن پروريءَ جا لاڙا وڌيڪ حاوي نظر اچن ٿا، جنهن سبب هو پاڻ کي ان دور ۾ ”شاعرِ محبت“ سڏي ٿو.
سندس ڪتاب ”ڀنور ڀري آڪاس“ جي هڪ غزل جو هيءُ آخري بند ڏسو:
اڙي! اڙي! تَرسُ تَرسُ، ڪنهن کي مِٽائين ٿو بي خبر، نظر ڪر،
‘اياز’ آ شاعرِ محبت، اڙي زمانا، اڙي زمانا!

ان دور ۾ هن جي غزل ۽ ٻي شاعريءَ تي پڻ فارسي شاعريءَ جو اثر چِٽو نظر اچي ٿو، جنهن جو هڪ مثال سندس شاعريءَ ۾ زيرِ اضافت ۽ فارسي آميز ٻوليءَ جو گهڻو استعمال آهي. سَٺ جي ڏهاڪي ۽ ون يونٽ جي دور ۾ اياز جي مزاحمتي، وطن ۽ قوم سان محبت سان سرشار شاعري ملي ٿي، جنهن ۾ آزاديءَ جو احساس ۽ خيال مٿس گهڻو حاوي آهي ۽ جنهن سبب هو نوجوان نسل لاءِ ديومالائي ڪردار بڻجي ويو هو،  جنهن سڄي جديد سنڌي شاعريءَ جو مزاج ئي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ مان سمجهان ٿو ته اياز صاحب جي پنهنجي دور ۽ ايندڙ نسلن تي اثر جا بنياد گهڻي ڀاڱي ان دور ۾ پيا  ۽ ”شاعرِ محبت“ اياز سنڌ جو ”قومي شاعر“ ٿي اُڀريو. هو ان دور ۾ مزاحمتي ۽ باغيانه شاعريءَ جي وڏي سگهاري علامت ٿي اُڀريو. سندس ڪتاب ”وِڄون وَسڻ آيون“ ان دور جو ڀرپور اظهار آهي ۽ سندس باغيانه ۽ مزاحمتي شاعريءَ جو معراج ان ڪتاب ۾ نظر اچي ٿو. اچو ته سندس ان اسلوب، خيال، لهجي ۽ وِڄُ جيان ڪڙڪندڙ باغيانه شَعُورَ جا جلوا ڏسون:
مَرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي، جُڙندا ڪيئي جام،
نوان نوان متوارا ايندا، هڻندا تِن جي هام.

*

مَرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي، ڦُٽندا سُرخ گلابَ،
کِڙندا ٽِڙندا جَن ۾ پنهنجا، بَسنت رُتِ جا خوابَ.

*

مَرنداسين ته مٽيءَ تي پنهنجي چنڊُ ڪندو چانڊاڻ،
ساههَ اسان جي سانڀِي جا، سا سُونهَن ڪنديِ سُرهاڻ.

هنن بيتن ۾ اياز پنهنجي فڪري جوڀنَ جا جلوا پَسائيندي نظر اچي ٿو، جنهن ۾ هو جدوجهد کي هڪ تسلسل سمجهي ٿو ۽ ان راههَ ۾ فرد جي قربانيءَ کي اُن راههَ جو ثمر سمجهي ٿو. هو فرد جي راههَ هلندي قربانيءَ کي ان جدوجهد جي تسلسل سان ڳنڍي اُن مان اُميد ۽ رجاعيت جو ڀرپور احساس اُڀاري ٿو. هو جدوجهد دوران قربانيءَ کي ڪاميابين جي بشارت سمجهي ٿو ۽ چئي سگهجي ٿو ته هتي هن وٽ لطيف جي سورهيائيءَ جي تصور جو اثر صاف نظر اچي ٿو.


وِڌمُ ڏکن ڏاڻُ، سُکَ نه سَنڀران سُپرين،
سوچي هن سماج تي، ڪڍِي ڄِڀيون ڄاڻَ،
ڊاهي ڪريان ڍيرُ هي، بي معنيٰ مانڊاڻُ،
سڄڻ اَچُ مون ساڻ، ته اٽڪون اڄ اَنياءَ سان.

*

رَتي ناهي رَتُ، ڄُورون مِڙيون ڄندڙيءَ،
ساٿي اُٿ سُتت، ته ساڙيون هِنَ سماجَ کي.

هنن بيتن ۾ اياز تي انقلابيت ۽ مزاحمت جا عنصر گڏ گڏ نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته جتي هو انياءَ سان اٽڪڻ يعني مزاحمت جي ڳالهه ڪري ٿو، اُتي هو هن مُدي خارج ۽ ڦورو ”سماج“ کي ساڙڻ جي ڳالهه پڻ ڪري ٿو:


اُٿ اُٿ تَندون ٽوڙِ، سيني منجهان سازَ جُون،
راحت آ رَتُ ڇاڻ ۾، ويٺو خون وِلوڙ،
ڌَڙُ ڳولي لَههُ ڌوڙ مان، جن تي جَڳَ کي جوڙ،
ماڻهو مورکَ موڙِ، پُٺِ تي واڳَ وَرهين جي.

*

ڳوڙها ڳاڙهي رَت جا، پيلا ڳَل لڪاءِ،
اُف انهن تي جي اَچي، چَپَ ڪَپي اُڇلاءِ،
تِن وٽ وَوءِ نه واءِ، جن وٽ نعرا نينهن جا!

*

ڪاتيءَ هيٺان ڪَنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا؛
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌُ، مرنداسين پر مُرڪندي!

انقلابيت ۽ مزاحمت کي هو وطنيت سان ڳنڍي ٿو ۽ اها ئي سندس مزاحمتي شاعريءَ جي انفراديت آهي. اردوءَ  جي مزاحمتي شاعريءَ ۾ انقلابيت جا گِهرا عڪس ته آهن پر اُها ان کي وطنيت سان واڳڻ جي تاريخي شعور کان وانجهيل آهي.
ويڄَ اسان جي وَڍَ کي، مُور نه گهرجي مَکُ،
ڪُکِ ته ڀانيو ڪَکُ، ڪَڙ ڪَڙ ڪانَ گهڻي ڪئِي.

*

جي تو ڪانئرُ ڪُکِ ۾، سَندي ماءُ نه تون،
هِيڻي هٿ نه هَيريون، ڏاڍي کان نه ڏرون،
ڪيئي پَهڻ پِٿون، لِڱ اسان جا لوهه جا.



ڪانئر پُٽَ کي ماءُ پاران ڏوراپا يا ساڻس ڌِڪار  جو اظهار ته شاعريءَ ۾ عام طور ملي ٿو پر ڪانئر پُٽ سبب سماج يا اجتماعي شعور جي نمائندي شاعر طرفان سندس ماءُ لاءِ ايئن چوڻ ته: ”جي تو ڪانئر ڪُکِ ۾، سندي ماءُ نه تون“، اهو بِنهه نئون خيال آهي.
جي تو ڪانئر ڪُک ۾، تنهن جو گهوٽ نه هيءُ،
مون نه ڏٺو منهن- ڦيرڻو، ڪوئي سنڌي پيءُ،
هن ڌرتيءَ جي ڌيءُ، ڪيئن ڄڻيندي ڄامڙا!

ادب ۽ فن جڏهن غلام، ڦُريل ۽ تاريخي جبر هيٺ سماجن، قومن ۽ طبقن سان سلهاڙجي، انقلابيت يا مزاحمت جي رنگ ۾ رڱجي ٿو ته اهو سچ پچ به تاريخ جي ڪايا پلٽ ڪندڙ عمل جو هڪ اهم محرڪ ۽ مورچو ٿي پوي ٿو ۽ اياز ان کي هيئن اظهاريو آهي:
گيت به ڄڻ گوريلا آهن،
جي ويريءَ تي وارَ ڪَرن ٿا.

جئن جئن جاڙَ وڌي ٿي جَڳَ ۾
هُو ٻوليءَ جي آڙَ چُپن ٿا؛
ريتيءَ تي راتاها ڪن ٿا،
موٽي مَنجهه پهاڙَ ڇُپن ٿا؛

ڪيڏي تِرڇي تاڙَ رکن ٿا،
اُتر اُڀري، لاڙَ ڇُپن ٿا؛
سانوڻَ سَنگَ وَسن ٿا ڏاڍو،
بادل ٿي آکاڙَ ڇُپن ٿا.

ڪالهه هُيا جي سُرخ گُلن جئن
اڄڪلهه نيلا پيلا آهن؛
گيت به ڄڻ گوريلا آهن
جي ويريءَ تي وارَ ڪَرن ٿا.


اياز جي شاعريءَ ۾ ”آزاديءَ“ جو موضوع تمام گهڻو ۽ بار بار آيو آهي. اياز وٽ آزاديءَ جو تصور هڪ رنگو نه پر گهڻ رنگو آهي. هن وٽ آزادي انفرادي معنيٰ ۾ به آهي ته قومي ۽ طبقاتي يا سماجي ۽ ذهني معنيٰ ۾ به ملي ٿي. مثال طور سندس هيءُ نظم ڏسو:
جنهن وقت اُٿي يلغار ڪري،
هو آزاديءَ ڏي ڪاهيندا،
هي ڪوٽ، ڪروڙين ماروِيون-
۽ مارو گڏجي ڊاهيندا
هو نيٺ ته توکي چاهيندا!
هو نيٺ ته توکي چاهيندا!

اي آزادي!
اي آزادي!

هي جيئڻ ڪهڙو جيئڻُ آ؟
هو ڳاههُ سدا ته نه ڳاهيندا!
هو ڍور ته ناهن، نيٺ ڪڏهن
هو ٻُوٿاڙين کي لاهيندا!
هو نيٺ ته توکي چاهيندا!
هو نيٺ ته توکي چاهيندا!

اي آزادي!
اي آزادي!


آزادي اياز جو محبوب موضوع رهيو آهي. آزاديءَ جو صيغو هن وٽ فڪري ۽ موضوعاتي وُسعت ۽ همه گيريت سان موجود آهي. ان همه گيريت جا ڪجهه عڪس ڏسو:
”زندگي آزاد پل جو نانءُ آ،
ناهه ماهه و سال جي ان ۾ ڳڻپَ،
موت ڪائي شيءِ نه آ.“
*
آزاديءَ لاءِ روز مرن ٿا
ماڻهوئڙا،
ڪلهه جن آزادي ٿي چاهي،
ٺاهن ٿا ٻئي ڪنهن لاءِ ڦاهي،
فاتح ٿي جنهن وقت وَرن ٿا،
ماڻهوئڙا.
*
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها،
آزاد هوا ڇا ٿيندي آ،
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها،
پڇرواز بِنا پَرَ ڪيئن هوندا،
آزاد فضا ڇا ٿيندي آ.
*
ڌرتي “زنده باد” ته ٻيو ڇا گهرجي!
خواب هجن آزاد ته ٻيو ڇا گهرجي!
*
جنهن آزاديءَ جي رستي تي،
آ توسان سارو پنڌُ ڪيو،
۽ مرندي تائين مارڳ ۾،
جنهن توسان هي سَوڳنڌُ ڪيو:

“مان هونءَ پراهون پانڌي هان،
پر توسان ساٿ نڀائيندس،
مون لاءِ ته ڀِن ڀِن گيت هيا،
پر مان تولئه ئي ڳائيندس.

*
اڄ ڪالهه مَکين وانگر،
انسان ڪڏهن ٿيندا آزاد پَکين وانگر؟
ايئن اسان کي اياز جي سموري شاعريءَ ۾ آزاديءَ جي تصور جا انيڪ روپ ملندا، ڪٿي اُهي لبرل آهن ته ڪٿي سماج واد، ڪٿي اُهي قومي آهن ته ڪٿي طبقاتي، ڪٿي اُهي داخلي آهن ته ڪٿي سياسي ۽ معاشي يا سماجي.
اهڙن ئي موضوعن ۽ باههَ جي شعلن جهڙي شاعريءَ جو اثر هو جو پاڪستان ۾ سياسي تحريڪن ۽ نوجوان نسل تي ايترو گِهرو اثر ٻئي ڪنهن به شاعر جو نظر نه ٿو اچي، جيترو ان دور ۾ سنڌ ۾ شيخ اياز جو رهيو، اهو ئي سبب هو جو رياست هڪ شاعر کان ايترو خائف رهي ۽ هو ساهيوال ۽ سکر ۾ ڪاٺ ۾ به رهيو. هتي مان هڪ ڳالهه جي وضاحت ضرور ڪندو هلان ته شاعريءَ ۾ انقلابيت ۽ مزاحمت جون روايتون ڪجهه ساڳيا عنصر رکڻ باوجود بنيادي طور پنهنجي جوهر ۾ مختلف هونديون آهن. جيتوڻيڪ شيخ اياز انقلابي گيت به چيا آهن ۽ انقلاب جو سڌيءَ ريت بار بار اظهار پڻ ڪيو آهي پر ان باوجود منهنجيءَ راءِ مطابق هو بنيادي طور انقلابي گهٽ پر مزاحمتي شاعر وڌيڪ هو. هن جي شاعراڻي مزاج ۽ اظهار ۾ انقلابيت کان وڌيڪ باغيانه انداز وڌيڪ حاوي آهي. اسان وٽ ماڻهو انقلابيت ۽ مزاحمت کي هڪ روايت سمجهن ٿا پر حقيقت ۾ ايئن ناهي. اهو فڪري پرک جو معاملو آهي.
ستر جي ڏهاڪي ۾ جڏهن هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻيو ته سندس ان دور جي شاعريءَ تي وجوديت (Existentialism) يا فرد جي ويڳاڻپ جي فڪر جو لاڙو وڌيڪ حاوي نظر اچي ٿو، سندس نثري نظمن جو ڪتاب ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ ان جو ئي عڪس آهي. شيخ اياز پاڻ پنهنجي يادگيرين ۾ اِهو لکيو آهي ته هو ان دور ۾ شاعريءَ کان ڪوهين ڏور هليو ويو هو ۽ انهيءَ ڪري هن جو سڄو زور مطالعي ۽ نثري نظمن تي رهيو. شاعرن ۽ تخليقڪارن جي زندگين ۾ اهڙا عارضي دور ايندا آهن، ڇاڪاڻ ته شاعريءَ جو لاڳاپو شاعر جي فڪر سان گڏ هن جي شخصي زندگيءَ توڻي احساساتي وارتائن سان به هوندو آهي ۽ ضروري ناهي ته ماڻهوءَ جو خيال ۽ مَنُ هر وقت سوچ، تفڪر ۽ حساسيت جي مٿئين پَدَ تي بيٺل نظر اچي. 
ائين اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ جمهوريت پسندي، ۽ پوءِ آخري دور ۾ روحانيت پسنديءَ ۽ تصوف جو لاڙو شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اُڀري آيو، جيڪو سنڌ جي روشن خيال ۽ ترقي پسند حلقن وٽ بيحد تڪراري پڻ بڻيو. رسول بخش پليجي، تاجل بيوس ۽ مون سميت ڪيترن اديبن ۽ ادبي نقادن مٿس تنقيدي مضمون لکيا. جن ۾ سندس اهو رجحان مختلف انداز سان بحث هيٺ آيو پر مان وري اهو ورجائيندس ته ان جو گهڻو اظهار شيخ اياز پنهنجي نثري ادب ۾ ڪيو، جڏهن ته سندس شاعريءَ جا محرڪ ۽ مزاج ٿُلهي ليکي ساڳيو رهيو.
شيخ اياز جون جيڪي منفرد شعري روايتون ۽ تخليقي تجربا آهن، ان حوالي سان مان اهو به چوندس ته اياز برصغير جو واحد جديد شاعر آهي، جنهن موضوعاتي وُسعت سان گڏوگڏ ايترين گهڻين ڏيهي توڻي پرڏيهي صنفن ۾ رڳو ڪامياب طبع آزمائي نه ڪئي پر حيرت انگيز تخليقي ڪارناما سرانجام ڏنا. اسان کي برصغير جو ٻيو ڪوبه جديد شاعر اهڙو نٿو ملي، جنهن غزل، نظم، گيت، بيت، دوهي، وائيءَ، ڪافيءَ، ٽيڙو، ترائيل، سانيٽ، ڏيڍ سٽي،  نثري نظم، آزاد، نظم جي صنفن ۾ هڪ ئي وقت ايڏو ڀرپور اظهار ڪيو هجي. ايڏي وُسعت صنفن جي، اسان کي ان جي همعصر دور ۾ نه اردوءَ ۾ ملي ٿي؛ ۽ نه ئي وري ان دور جي سنڌي شاعريءَ ۾ ئي ملي ٿي. اياز کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ اِها صنفن جي وُسعت وري استاد بخاريءَ آندي پر اها سَتر ۽ اَسيءَ جي ڏهاڪن ۾ آئي، اياز جو دور هن کان گهڻو اڳتي آهي. ڪمال اِهو آهي ته هو جنهن به  صنف ۾ شاعري ٿو ڪري، لڳي ٿو ته هيءُ شاعر آهي ئي ان صنف جو، لڳي ٿو ته اُها صنف پنڌ ڪري اياز صاحب وٽ پاڻ آئي آهي ۽ اها صنف آهي ئي اياز صاحب لاءِ. جدا جدا صنفن ۾ عظيم شاعرن جون لاجواب روايتون موجود آهن پر هڪ شاعر جي فني اڱڻ تي ايتريون صنفون سراپا محوِ رقص هجن، اهو مثال ٻيو ڪٿي گهٽ نظر نه ٿو اچي.
هونئن ته شيخ اياز جي تخليقي طور ڇُهيل هر صنف باڪمال آهي پر هتي مان صرف سندس ٽن صنفن تي ڳالهائڻ چاهيندس، جنهن ۾ غزل، گيت ۽ نظم شامل آهن. انهن ٽن صنفن ۾ اياز صاحب پنهنجي تخليقي اظهار ۽ فني بلنديءَ جي معراج تي پهچي ٿو. مثال طور مان شروعات سندس لکيل غزل سان ٿو ڪريان ته غزل جي صنف کي اياز ڪيئن نڀايو آهي. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جي شروعات هڪ ترقي پسند شاعر طور ڪئي ۽ اهو دور ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند شاعريءَ جي عروج جو دور هو. ترقي پسندن ٿُلهي ليکي غزل جي صنف کي پسند نه ڪيو آهي ۽ نه رڳو پسند نه ڪيو پر ان تي سخت تنقيد ڪئي آهي. ترقي پسندن جو چوڻ هو ته غزل جو مزاج تغزل تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ انقلابي ۽ سماجي فڪر لاءِ گنجائش گهٽ آهي. سندن آڏو فارسي ۽ اردو غزل جو پس منظر هو، جنهن جو گهڻو مزاج ۽ لاڙو داخليت پسنديءَ ۽ تغزل تي ٻڌل هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اقبال اردو غزل جو فڪري مزاج گهڻو تبديل ڪري چڪو هو ۽ اقبال فڪرانگيز غزل جي روايت کي اڳتي وڌائي چڪو هو، پر مجموعي طور ترقي پسند تحريڪ ۽ ان سوچ جي حامل شاعرن وٽ غزل هڪ ناپسنديده صنف هئي. ڊاڪٽر اسحاق سميجو ان ڏس ۾ اياز جي سهيڙيل مزاحمتي شاعريءَ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”ترقي پسندن عام طور غزل کي هڪ صنف طور گهربل اهميت نه ڏني آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو خاص طور اردوءَ ۾ ڏسبو ته، فراق گورکپوريءَ کي ڇڏي، اڪثر وڏا ترقي پسند شاعر جهڙوڪ فيض، مخدوم، جوش، سردار، مجاز، قاسمي، سڀ جا سڀ نظم کي اظهار جو ذريعو بڻائيندي نظر ايندا.“9
غزل جي صنف اسان وٽ ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ شروع ٿي چڪي هئي، جنهن جو پهريون اصلوڪو شاعر گل محمد گل هالائي هو. گُلَ سنڌي غزل کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس ته پهرايو پر هن وٽ خيال جي گِهرائي ان سطح جي نه هئي ۽ نه ئي هو ان ۾ موضوعاتي وُسعت آڻي سگهيو، ۽ اياز صاحب تائين پُڄندي ان کي تقريبن ٻه سئو سال لڳا،  يعني غزل جي روايت اسان وٽ سنڌي شاعريءَ ۾ گهڻو اڳ اچي چڪي هئي پر غزل جيڪي دور گذاريا ان ۾ هڪڙو طويل دور روايتي غزل جو دور رهيو. سنڌيءَ ۾ روايتي غزل ڪيئن لکبو هو، ان بابت خود شيخ اياز جا رايا نهايت ڳُوڙهي مطالعي تي آڌاريل آهن. مثال طور هو چوي ٿو:
”هنن جهڙا غزل ته لکنئو ۽ دليءَ جو هر شاعر لکي سگهندو آهي ۽ جي غزل اُتي طوايفون ڪوٺن تي ڳائينديون آهن، سي به سندن غزلن کان بهتر هوندا آهن. پوءِ مون کين ٻُڌايو ته جديد شاعري ڪيئن آهي. ٽئگور، اقبال، چڪ بست وغيره جي شاعريءَ ۾ نظم جي ڪهڙي نوعيت آهي ۽ حسرت، فاني، جگر ۽ اصغر گونڊري ۽ فراق کان اڳتي وڌي فيض، جوش، ساحر، جذبيءَ، فڪر تونسويءَ وغيره ڪيئن غزل لکيو آهي.“ 10
يا هو ٻئي هنڌ لکي ٿو:
” مون ته ديوانِ گل، ديوانِ قاسم، ارمغان حامد، ديوانِ فاضل، ڪلياتِ گدا، ديوانِ بُلبل، ڪلياتِ سانگي، ديوانِ واصف، ڪُليات عزيز وغيره ننڍي هوندي پڙهي، اُنهن جي ٻولي ۽ روايت پرستيءَ کان بغاوت ڪئي هئي.“ 11
ان حوالي سان ڊاڪٽر اسحاق سميجي شيخ اياز جي ترتيب ڏنل غزلن جي ڪُليات ”گيڙو ويس غزل“ ۾ ان کي هيئن بيان ڪيو آهي:
”شاعرن جو سڄو زور بحر وزن ۽ قافيي رديف تي هيو. فارسي ترڪيبن جي حد کان وڌيڪ استعمال کي ئي فن جو ڪمال ۽ وڏي ڪاريگري تصور ڪيو ٿي ويو. خاص طور رديف ته اهڙا هئا، جن ۾ ڪنهن وڏي خيال جو ظاهر ٿيڻ يا شعري جماليات ۽ رَسُ جو پيدا ٿيڻ ممڪن ئي نه هو. رديف شعر جي پير جو ناسور بڻجي چڪو هو. جنهن کي معذور بڻائي رکيو هيو. اياز کان اڳ واري غزل جي هڪ جهلڪ هنن شعرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي، جيڪي ان دور جي نهايت ئي مقبول ۽ قادرالڪلام شاعرن جي ”عرق ريزيءَ“ جو نتيجو آهن.
عاشقن جي جنگ تي معشوق يڪسان صَف به صَف،
سنگَ اَبرو ڪيو هڻن ٿا تيرِ مُزگان صَف به صَف.

 (امام بخش شاهه فدوي)

سڙي، کامي، پچي ٿي آتش فرقت ۾ جانان جي،
دل پُرداغ سبقت ٿي رکي، سروِ چراغان تي.

(گدا)

منهنجي چشمن کي ڏسي، اڄ اشڪبار و اشڪ ريز،
ساري عالم کي نه هرگز ابر نيسان ٿيو پسند.

(مخلص)”12

ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي حوالي  ۾ ڏنل شعرن ۾ يا هونئن ان قسم جي شاعريءَ ۾ آهي ڪو لطيف احساس، تخيل، وجداني ڪيف يا سماجي شعور؟ آهي ڪو ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو چَسُ ۽ هُڳاءُ؟ آهي ڪو پنهنجي ماحول مان کنيل ڪو ٺهڪندڙ ٺاهوڪو موضوع يا استعارو؟ آهي ڪا سنڌ جي خوشبوءِ؟ ان روايت جو مون شروع ۾ به ذڪر ڪيو آهي. پنهنجي ٻوليءَ، اِتهاس، سماج، فڪري سونهن، ڪلچر ۽ نِبار خيال کان قطعي طور ڪَٽيل روايت. فارسي ٻوليءَ جي غزل جي اصلوڪي روايت به ايتري مصنوعي، غيرمعياري ۽ بي چَسي نه هئي، پر جيڪا سطحي ۽ غيرتخليقي تتبع ۽ تقليد اسان جي اڪثر وڏن غزل گو شاعرن اڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي پهرين اَڌ ۾ يعني انگريز دور ۾ ڪئي، انهن غزل جي صنف کي سنڌيءَ ۾ متعارف ته ڪرايو پر ان جو روح مُئل هو. اردو ٻولي ته اڳ ئي ڪجهه شاعرن کي ڇڏي ڪري انهيءَ تقليد جي ڪُنَ ۾ ڪِريل هئي، ڪلاسيڪل ۽ جديد دور جي وچ ۾ سنڌيءَ جي اڪثر روايتي غزل گو شاعرن به ان جي تقليد ڪئي. اچو ته ان جو هڪ ٻيو مثال به ڏسون. ٽِکڙ جي نور محمد خسته، جيڪو محمد هاشم ٺٽويءَ جو شآگرد هو، تنهن جي سنڌي غزل جو هيءُ بند ڏسو:
تا برافندي اَز رُخ تو نَقاب،
حشر ٿيو آفتاب، لايو تاب.
جيتوڻيڪ ٽِکڙ جي ٻين شاعرن مرزا تقي، حافظ عاليءَ ۽ ميان ڇتن جي غزلن ۾ وري به سنڌي رنگ ملي ٿو، پر مٿيون شعر سنڌيءَ ۾ اوپري ۽ بي روح شاعريءَ جو هڪ مثال آهي.
لطيف سائينءَ جو عظيم دور ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي غزل جي صنف ۾ شاعريءَ جو  هيءُ حال بيحد عجيب ئي نه پر سنڌي شاعريءَ، ٻوليءَ ۽ شاعراڻي فني روايت خلاف سخت هاڃيڪار پڻ هو. توهان ڏسندؤ ته اهڙي شاعري ويندي ويهين صديءَ جي جيڪب آباد جي فيض بخشاپوريءَ تائين اِها جيڪا پوري روايت هئي، ان جو مفهوم ۽ فني حُسناڪيون ته پري جي ڳالهه پر جي رڳو ٻوليءَ جي لحاظ کان انهيءَ مان حرف جر ۽ حرف جملو ڪڍو ته باقي ان ۾ سنڌي ڪابه ڪانهي، نه موضوع پنهنجي ڌرتيءَ جا، نه ماحول پنهنجي ڌرتيءَ جو، نه استعارا، نه تمثيلون، نه تشبيهون، نه خيال پنهنجو اصلوڪو، نه تخليقي پڻو، صرف مصنوعي تُڪبندي اها به فارسي ۽ اردو شاعريءَ جي غزل تي تتبع تي ٿيندي هئي. خليفي گل جي غزل کان پوءِ جيئن مير عبدالحسين سانگي آهي يا مرزا قليچ بيگ به طبع آزمائي ڪئي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ته سهڻي نموني ڪتب آئي پر غزل تغزل مان نه نڪري سگهيو. امير علي چانڊيي درست چيو آهي ته اياز پنهنجي ان نئين تجربي ۾ پنهنجي غزل مان تغزل کي خارج ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته تغزل پوريءَ طرح تصنع جو شڪار ٿي چڪو آهي. اها مڃيل حقيقت آهي ته جتي تصنع هوندي، اُتي تخليقيت ۽ جدت جون راهون بند ٿي وينديون آهن ۽ شاعراڻو فن روايتي ترڪيبن جي هڪ سوڙهي ۽ بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي پوندو آهي. هونئن تغزل کي ته گل محمد گل به سنڌي غزل مان تڙي ڪڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي پر هن جو رواجي فن غزل کي نئون دور ڏئي نه سگهيو، جيئن اياز ڪري ڏيکاريو. شيخ اياز هڪ ترقي پسند شاعر هئڻ باوجود غزل جي صنف مان هٿ نه ڪڍيو. سبب شايد اهو به هو جو هُو هڪ ترقي پسند ۽ باغيانه مزاج جو حامل شاعر هئڻ سان گڏوگڏ هڪ بيحد رومانوي شاعر به هو ۽ سندس رومانوي مزاج کيس غزل جي صنف کان پري ڪري نه سگهيو. هن وقتي طور روايتي غزل لکيو پر سُتت ئي هن جي اندر جو وڏو شاعر پنهنجي تخليقي نِبار لهجي ۽ نواڻ سان غزل جي صنف ۾ مختلف انداز ۾ اُڀري آيو. ويندي جڏهن هو روايتي غزل لکندي نظر اچي ٿو ته به سندس تخليقي نواڻ ڪمال جي آهي. ”ڀنئور ڀري آڪاس“ ۾ لکيل اهڙن غزلن جا ڪجهه مثال ڏسو:

هيءَ سَينَ نه ڏيندي چَينَ، اُٿي ڏِسُ! ڪوئي آيو آ پيارا!
هي شايد ساڳيو رَمتو آ، اڳ جيئن اُڃايو آ پيارا!

جنهن وقت چراغ شام ٻَري ۽ ميخاني ۾ جام ٻري،
تنهن وقت اسان جو پنڌ پري، پنهنجو به پيارو آ پيارا!

جنهن وقت اسان جي تَندُ تَپي ۽ ساز ٽَپي آواز جهَپي،
تِنهن وقت ڀَلي ڪو ڪَنڌُ ڪپي، جو آيو، ڳايو آ پيارا!

ڏس ڏس ماڻهوءَ جي مٽيءَ کي، مون ڳوڙهي ڳوڙهي سان ڳوهي،
ڪهڙو نه لَسايو آ پيارا، ڇا جام بڻايو آ پيارا!

آ چوڌاري مهراڻُ مَتو، جنهن جو نه پَهي، جنهن جو نه پتو،
هِي رُوح جزيرو حيرت جو، جنهن منجهه سمايو آ پيارا!

ڪنهن ڪاريءَ چڳُ تي رات کُٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳَل تي باک ڦُٽي،
اِئن وقت ڪَٽيو، اِئن عُمر لٽي، سڀ سانگُ سجايو آ پيارا!

هي ڪارو ڪارونڀارُ ته ڏس، هُو ڏورانهون ڏهڪارُ ته ڏس!
مون ڪيڏيءَ جَر جي جهاڳَ مٿان هي ديپُ جلايو آ پيارا!

هيرا ته ڏسو، ڪَنڪر نه هَڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،
ڪُجهه ڏات ڏسو، پو بات ڪيو، هي شورُ اجايو آ پيارا!

هيءَ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌُ “اياز” نه مرڻي آ،
آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهبرايو آ پيارا!

*
ساري شهر وسايا پٿر، جن سان چڪنا چُور هيو،
پوءِ به هُن ٿي نعرا ماريا، مُڙس ته ڪو منصور هيو!

وستيءَ وَستيءَ، نگريءَ نگريءَ، گيت اسان جي گونجَ ڪئي،
چانڊوڪيءَ ۾ چَنگُ وَڳو ٿي، رات پرينءَ جو پُور هيو.

ڪالهه وفا جي ويراني ۾، ڪهڙي هرڻي اُڃَ مُئي!
سِجُ ازل جي اَکِ لڳو ٿي، اُن ۾ ايڏو نُور هيو!

دريا دريا هُن جو مَن هو، صحرا صحرا نيڻ هُيا،
پَل جو پانڌيئڙو آيو هو، وڃڻو هُن کي دور هيو.

ڏينهن تَتَي جو آيو آهين، اڳ ۾ آئين ڇو نه “اياز”،
ڇَپري ڇَپري ڇانوَ هُئي، جنهن وقت نِمُن ۾ ٻُور هيو!

*
بي موت مُئا، تولاءِ ڪُٺا، انسانَ هزارين مان نه رڳو،
هن دنيا ۾ اي ديس! هيا، نادان هزارين مان نه رڳو.

جي راههِ اَجل ڪنهن وَرتِي آ، هن ڀُونءِ ڪئي ٻي ڀَرتي آ،
هيءَ ڌرتي توکي پَرتِي آ، مهمان هزارين مان نه رڳو.

اَک ساري رات نه جهَپڪي آ، ۽ شبنم شبنم ٽَپڪِي آ،
جي باکَ گهُري ٿي، بَکُ ته، اي زندان! هزارين مان نه رڳو.

ٿو ساري ڪوبه نه سُڃَ مئا، هو رڃ- مُئا جي اُڃ- مُئا،
ڇا پاپي پرکي پُڃ- مُئا، ارمان هزارين مان نه رڳو.

ڇو چنڊ اسان کي رات- ٺري، ڏي چانڊوڪيءَ جو زهر ڀري؟
آ ڪيڏو پويون پَهر پري! حيران هزارين مان نه رڳو.

تون چئه نه ڪُڇان، تون چئه نه لُڇان،  پر توکان هڪڙي ڳالهه پُڇان؟
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو.

هي دور “اياز” گذرڻو آ، ۽ پنهنجو وارو ورڻو آ،
ڪو ٻارَڻُ نيٺ ته ٻرڻو آ، امڪانَ هزارين مان نه رڳو.


 اياز صاحب جڏهن پنهنجي دور ۾ غزل جي صنف ۾، جيڪا اوپري هئي، هٿ وجهي ٿو ته ماڻهوءَ جو خيال ۽ من جهوميو پوي، ماڻهوءَ جو روح خوش ٿيو وڃي، ماڻهوءَ کي لڳي ٿو ته واقعي صديون پنهنجو تاريخي، ثقافتي ۽ تخيلاتي اظهار اياز وٽ ڪيئن ڪن ٿيون. سنڌ جي ثقافت، سنڌ جو سماج، سنڌ جو رومانس، سنڌ جو محبت جو انداز، سنڌ جي ٻولي، اِهي سڀ علامتون ۽ عنصر آهن، اُهي اسان کي اياز جي جديد غزل ۾ ملن ٿيون ۽ غزل جيڪو اسان وٽ گهڻي ڀاڱي فارسيءَ جي بحر ۽ وزن تي لکڻ جي روايت عام رهي آهي ۽ غزل جي صنف آئي به اُتان آهي پر اياز ان ۾ تمام غيرمعمولي فني تجربا به ڪيا. ان ۾ هن فارسي عروض سان گڏ گهڻي ڀاڱي هندي ڇَندَ کي سنڌي رنگ ۾ استعمال ڪيو.  توهان ڏسندئو ته اياز صاحب جي شاعريءَ ۾ توهان کي ڪٿي ڪٿي ڇندَ ۽ عروضَ جا تجربا پڻ گڏ گڏ نظر اچن ٿا. اهڙو ڪم امير علي چانڊيي پنهنجي هڪ طويل مقالي ۾ ڪيو پر اهو ڪم اڳتي وڌي نه سگهيو.
غزل هڪ نازڪ صنف آهي، پر اياز صاحب جي غزل جو ڇا ته بي مثال نمونو هو، جنهن ۾ نفيس خيالن ۽ محبت جي اظهار سان گڏ مزاحمت به غزل ۾ پيش ٿي، قوميت به غزل ۾ پيش ٿي، وطنيت به غزل ۾ پيش ٿي، باغيانه خيال به غزل ۾ پيش ٿيا. سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز صاحب غزل جي صنف جو مزاج ئي تبديل ڪري ڇڏيو.
اياز جي غزل جي گوناگونيت جا ڪجهه مثال ڏسو:

ڪوئي اُنتيءَ جو امڪان!
سَڏُ پڙاڏو ٻئي حيران.

تڙڦي ٿي تهذيب اڃا،
ڪيڏو وَحشِي آ انسان!

ساڳيا پاپيءَ جا پنجوڙَ،
ساڳيو زور جو آ زندان.

ساڳيو ڏاڍي جو ڏهڪاءُ،
هيڻو اڳ جهڙو حيران.

ساڳيءَ سوريءَ تي منصور،
ساڳيو سرمد تي بهتان،

ساڳي گانڌيءَ لئه گولي،
ساڳيو لال لهوءَ سان گيان.

غزل جي تاريخ ڏسي ۽ پوءِ اياز جو ”گيڙو ويس غزل“ پڙهجي ٿو  ته ماڻهو دنگ رهجي  ٿو وڃي. ڇا غزل ۾ به اهڙا خيال پيش ڪري سگهجن ٿا ۽ اُهي ايئن جو غزل پنهنجو ڍنگ ۽ آهنگ وڃائي نه ويهي. تهذيب، وحشت، پاپَ، زندانَ، ڏاڍي جو ڏهڪاءُ ۽ هيڻي جي حيرت، منصور جو علامتي اظهار ۽ سرمد تي اورنگزيب جا ڪوڙا بهتان، گانڌيءَ کي لڳل گولي ۽ تاريخ سان ايڏا ڳُتيل موضوع هڪ غزل ۾. اهو  هو اياز جو نئون سنڌي غزل. ڪجهه ٻيا مثال ڏسو:
جي پنهنجو نُور نچائي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،
سي لُڙڪ مٽيءَ ۾ لـــــوئــــي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا!

سي وَڻ وَڻ لوڏي واءُ ٿيا، سي پَن پَن ۾ پرلاءُ ٿيا،
جي بَن بَن بِينَ وڄائي ويا، جي تن من واري ڳائي ويا.

مون ڌرتي تُنهنجا ڌِڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لِڱَ ڏِٺا،
جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني، سي وارا وِيرَ وڄائي ويا.

اڄ ڪو به ڳچيءَ ۾ ڳَٽُ نه آ، ڪو مُڙس انهن جو مَٽُ نه آ،
جي سارا ڪوٽَ اَڏائي ويا، سي گھوٽ اسان کي گھائي ويا.

مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا، مون سوريءَ تي سو مان ڏٺا،
اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها، جي پنهنجا ڪنڌَ ڪَپائي ويا!

مون ويندي تِن جا پيرَ ڏٺا، مون ڇا ڇا مُڙس مٿيرَ ڏٺا !
جي ڪيئي سِجَ اُڀاري ويا، جي ڪيئي سِجَ سَمائي ويا.

مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏِٺا، مون ساڻا ساڻا سَنڌَ ڏٺا،
مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا، جي لوئيءَ لَڄَ بچائي ويا

سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها،
جن ساهه ڏئي ، ويساهه ڏنو، جي دل ۾ درد دُکائي ويا.

هو بادل بادل آيا ها، جن جَل ٿَل ڀالَ ڀَلايا ها!
اي کيتَ کِڙو ، او شال ٽِڙو! هُو پنهنجا مينهنَ وسائي ويا.

ويا پريت ڏئي هُو پاڻيارا، اڄ ڪينجھر تن جا ڪاڻيارا،
ڇا راڱا تن سان رُڃ ڪيا، جي تنهنجي اُڃَ اُجھائي ويا!

هُو پيار پتنگا کامِي ويا، ۽ ڪيڏو دُور اڏامي ويا!
پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾، هُو پنهنجي جوتِ سَمائي ويا.

ڪلهه رات مسافر آيا ها، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها،
ٿي ڇا ڇا ڄَرڪا ڄاڻَ ڪري، هُو ڪيڏا مَچَ مچائي ويا!

ڇا ڇا نه وسيِهَر ـــــــــــــــ وَنگَ هُيا! پر نانگا يار نسنگ هُيا،
ڪي تُنهنجو رُوپ نِکاري ويا، جي تنهنجي سينڌِ سَجائي ويا.

ڇا نعرا ها ڇا نينهن هُيا! هئه مڙس هُيا يا شينهن هُيا!
جي ڏونگر ــ ڏِيلَ ڏڪائي ويا، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا.

آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،
جي سارو جڳُ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ملهائي ويا.

جِن پاسو ورتو ڪُوڙ ڪَنان، هي مُڙس نه ويندا مُور مَنان،
جن واڪي واڪي وَس ڪيا، جي سارو سچ ٻُڌائي ويا.

اڄ ڇوهَه انهن جا ڇوليءَ ۾، اڄ ٻولَ انهن جا ٻوليءَ ۾
اي ڌرتي! تُنهنجيءَ جھوليءَ ۾، جي سُورهيه سِيسُ ڇُپائي ويا.

هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مَشعل، هي جھوليءَ جھوليءَ ۾ گُل ڦُل،
وَيا سانول ڇا ڇا سَڳَ ڇڏي! ڇا جَندڙيءَ کي جَرڪائي ويا!

ڇا سمجهي تن کي جيءَ جَڏي، آ تِن جي ڳاڙهي ڳالهه وڏي،
ها ڇا ڇا ارڏا ڪَنڌ اَڏي! جي تو کي مَيندي لائي ويا.

هي بِرهه به ڪوئي بَڙُ آهي! ڇا جانٺي اُن جي جَڙَ آهي!
مون اُن ۾ ڪيڏا ڏارَ ڏٺا، جي ڇانوَ ڪري ، مَن ڀائي ويا.

اي آري! تنهنجي آڍَ هُئي، پر ڏونگر ڏاڍا ڏاڍ ڪيا!
هِي تُنهنجا پيارا پيرا ها، جي پنهنجو پَنڌُ پُڄائي ويا.

ڪِئن تو کي ڪاري ٻاٽَ مڃان، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا،
آ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم لاٽَ اڃا، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا.

هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ، پر مرندي مات نه مَڃڻي آ،
مون اهڙا سو ساونت ڏٺا، جي پنهنجو هَٺَ هلائي ويا.

ڏسُ! باکَ ڀليري آئي آ، ڏِسُ! سَنڌُ مٿان سَرهائي آ!
ڇو تن جي لاءِ ”اياز“ رُنين، جي مارُو ماڳُ مَٽائي ويا

ڊگهي بحر ۾  ايڏو طويل غزل ۽ موضوعاتي تسلسل جو ڪمال ته ڏسو! ڇا غزل جي تاريخ ۾ اهڙآ غزل اڳ ڪڏهن لکيا ويا هئا، جيئن اياز لکيا؟ غزل جهڙي نفيس صنف ۾ آدرشي ڪردار جي ڳُڻن، جدوجهد، قربانين، سُرهيائيءَ، سندن آڏو پيش ايندڙ ڏکيائين ۽ اورچائيءَ جو شاندار تصور ۽ اهڙن سرويچن جي هوندي هو سنڌ مٿان سَرهائيءَ جي سَنيهن جي بشارت ٿو ڏئي. هن غزل ۾ نظم جهڙي رواني، گيت جهڙي لئه ۽ غُنائيت ۽ غزل جي نفاست جو ڇا ته حَسين امتزاج آهي. سندس غزلن جا ڪجهه ٻيا نمونا ڏسو:
هيءَ ڪهڙي مُوڙهي مَت، لوڪو!
ڌرتي به ته آ جَنت، لوڪو.

هي کُنهنبا ويسَ کٿيريءَ تي،
اڄ پريت وڃائي پَت، لوڪو!

هي پيرَ پٽيهر جهڙا ها،
جي پَنڌِ پيا پَربَت، لوڪو!

ڪو مانجهاندي جو ماڳُ به آ؟
آ ساري واٽ اُتَتَ، لوڪو!

اِئن ڪير سڏيندو سوريءَ کي!
ڪنهن ڳالهه مٿان آ ڳَتَ، لوڪو!

*
مان ٻارُ ته ناهيان، اي جيجل،
جو چنڊُ ڏسان آئيني ۾!

ڪا  اَرتي آتر ويلا آ،
جا گهاوَ وجهي ٿي سيني ۾.

هُو بَرکا بَرکا اچڻو آ،
پر ڪهڙي ماسَ مهيني ۾؟

ڪو ساحِلُ ساحِلُ سپنو هان،
مان ساري رات سَفيني ۾.

هي ديسُ ٻري ٿو نفرت سان،
هي ديسُ  ڪَڙهي ٿو ڪيني ۾.

ٿو اَمرت لاءِ “اياز“ ڏسان،
مان پنهنجي خُونَ پسيني ۾.

*
هيءَ هُرکُر رَين- بَسيرن جي،
ٿي ويندي ساکَ سَويرن جي.

جي واڳَ وٺين ها ڏاگهَن جي،
ڇو ڪاڻ ڪڍين ها ڏيرن جي؟

او شال! عُقابن سان اٽڪان،
مان واهَر ٿي واهيرن جي!

آ رات لَڙي، هُو اچڻو آ،
تون ڇوڙ نه پايَل پيرن جي.

مون مُرڪي پنهنجو پاند ڏٺو،
رُتِ آئي ڳاڙهن ٻيرن جي!

ميهارَ ملَڻ جي ويلا آ،
ڪَرِ ڳالهه گهَڙن ۽ گهيرن جي.

ٿي ساري سنڌ “اياز” نَچي،
ڇا ڇَم ڇَم آندَءِ ڇيرن جي!

*
اي قوم! ٻُڌايا ٿي قِصا ڪلهه توکي مون تقـــــديرن جا،
اڄ باغيءَ باغيءَ جي سِــــر تـــي، ٿو تـــاجَ ڏســــان تعــذيــــزن جـــا.

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رَتُ ۾ خوشبو مينديءَ جي،
ڪو ڪيئن نه موٽي زندان ڏي، ٿا زُلف ڇِڪن زنجيرن جا!

هُو ڪُوڙا ڪانئر ڪَـــــــڙڪَــــن ٿا، ۽ لاش هوا ۾ لَڙڪن ٿا،
پر ڳاڙها جھنڊا ڦَڙڪـــــــــــن ٿا ، ڇا رنگ ڏِٺم رهگيرن جــــا ! .

اڄ لال لَهوءَ جي سَرگم تي، ٿــــي مُنهنـــجي ڌرتي رقص ڪَري،
مُنـــــهن هيڊَ ٿيا غَـــــــدارن جا، بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جا.

هِي ماڻــــــهو وِھَه جـــــو ڍُڪّ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تئن رُڪ ٿيا،
اڄ آزاديءَ جي نـــــــعري ســـــان، ســـــڀ درد ويا دلـــــگـــيـــرن جا.

هَر دوکي جي ديوار ڊَٺي ۽ اُن جــــــي سِـــرَ ســـــِرَ ســـــان نه ملي،
اڄ ڊوڙي هـــــــر ڪــــــــــو ديــــــــوانو ٿــو کـــــولي بندَ اَسيرن جا.

اڄ هر ڪــــــــــــنهن جو هـــــي رايو آ، تو نينهنُ ‘ايــاز’ نڀــــايو آ،
تو ڳــــــــاتا گيت بغاوت جا، تو لاٿا زنگَ ضميرن جا

اياز جي غزل جي اهڙي لهجي ۾ محبت، مزاحمت ۽ بغاوت جي اظهار ۽ خيال جون سرحدون پاڻ ۾ ملي وڃن ٿيون. سندس هيءُ غزل ڏسو. غزل جي صنف ۾ اُميد يا رجائيت جو موضوع تمام گهٽ پيش ٿيندو رهيو آهي. غزل ۾ قنوطيت يا مايوسي يا اويساهيءَ يا بي ثباتيءَ جا احساس غالب رهيا آهن، اهو اياز هو، جيڪو غزل جو سڄو مزاج ئي تبديل ڪري هن انداز سان سامهون آيو.
سو وقت به اچڻو آ ساٿي! هي خوابُ حقيقت ٿي ويندو،
جذبات اِئين اُڀِري ايندِي، هر حرف قيامت ٿي ويندو.

هي ٿَنڀا ٿوڻيون ڦاهيءَ جا، رَهندا نه وڏيري شاهيءَ جا،
ڪو آزاديءَ اشارو ڄڻ هي لفظ ‘سياست’ ٿي ويندو.

ڪا سُهڻي ڪو ميهارُ ٻُڏو پر پارِ هزارن ۾ ويندا،
درياههَ جڏهن دَڙَ لاتا پو، هُو سارو دَهشت ٿي ويندو.

جنهن وقت به نڪتي سِجَ ڪَني، ٿِي پنهنجي چانديءَ جيئن ٻَني،
وَرُ ساريندو آ جِيئن وَنِي، انسانُ محبت ٿي ويندو.

دنيا ته ’اياز‘ ڦِري پيئي، ڏِس! ڏِس! ديوارِ ڪِري پيئي!
هي رَنج ته سارو سپنو آ ۽ آخر راحت ٿِي ويندو!

چئي سگهجي ٿو ته اياز کان پوءِ غزل جي صنف دنيا جي شعري ادب ۾ ساڳي نه رهي هئي.
شيخ اياز جنهن ٻي صنف تي وڏي ۽ غيرمعمولي تخليقي طبع آزمائي ڪئي، اُها گيت جي صنف هئي. مون کي اياز صاحب جي سموري شاعري وڻندي آهي پر ڪير مون کان پُڇي ته اياز صاحب جي شاعريءَ جي حَسين ترين صنف ڪهڙي آهي؟ ته مان چوندس گيت. گيت ۾ اياز صاحب جيڪي تجربا ڪيا آهن، اُهي بي مثال آهن. جيتوڻيڪ هو پاڻ چوي ٿو ته هو ڪبيرَ ۽ ميران ٻائيءَ جي گيتن کان ڏاڍو متاثر آهي. هو چوي ٿو ته ميرا جيءَ جي به ڪيترن ئي گيتن کيس موهيو ۽ ڪيترن ئي هنديءَ جي گمنام شاعرن جي اياز صاحب پاڻ ڳالهه ڪئي ته انهن جا گيت هن کي وڻندا هئا. هن کي گيت جي صنف ڏاڍي موهيندي هئي. گيت جي صنف اياز صاحب لاءِ هڪ تخليقي چئلينج به هو. ڇاڪاڻ ته جديد ۽ تخليقي سنڌي غزل جي صنف جو ميدان سنڌي جديد شاعريءَ ۾ کانئس اڳ خالي هو. جيئن نئون غزل شيخ اياز لِکيو ايئن هن کان اڳ لِکيو ئي نه ويو هو،  پر گيت جي صنف ۾ اياز صاحب کان اڳ اسان وٽ هري دلگير جهڙو باڪمال گيت جو سَگهارو جديد شاعر موجود هو. خود اياز صاحب جو فني استاد کيئلداس فاني پڻ تجربا ڪري چڪو هو، فاني موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ عاشق هو ۽ هن جي صحبت ۾ اياز کانئس فني سکيا سان گڏ شاعريءَ ۾ غنائيت، لئه، موسيقيءَ ۽ آبشار جي روانيءَ جهڙا عنصربه ورتا، جن کي هو عروج تي کڻي ويو. اسان وٽ عبدالڪريم گدائيءَ جهڙا شاعر گيت جي صنف تي تجربا ڪري چڪا هئا، هوندارج دُکايل تجربا ڪري چڪو هو، خاص طور هري دلگير گيت جي صنف جو هڪ اهم شاعر هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته شيخ اياز کان اڳ گيت جي صنف ۾ غزل وانگر ميدان خالي نه هو. جڏهن اياز صاحب گيت جي صنف ۾ هٿ وڌو ته هن ان صنف ۾ به حيرت انگيز تخليقي تجربا ڪيا. موضوعاتي وُسعت کان هٽي ڪري فني حوالي سان به اياز صاحب جو گيت منفرد آهي. توهان تصور ڪريو ته ڪٿي سندس وائيءَ ۽ گيت ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو آهي، ڪٿي سندس ڪافيءَ ۽ گيت ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو آهي، ڪٿي غزل ۽ گيت ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو آهي، ڪٿي سندس پابند نظم ۽ گيت ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو آهي، هڪڙي گيت جي صنف کي هن ايترين ته گهڻين صنفن سان امتزاج ۾ آڻي، جيڪي تخليقي ۽ ترڪيبي فني تجربا ڪيا آهن، جو ماڻهو سندس فني ۽ تخليقي مهارت تي حيران ٿيو وڃي. ٻيو گيتَ ۾ سندس خيال جي نواڻ، ٻوليءَ ۽ اظهار جي رواني بيحد نفيس ۽ لطيف آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ جو هونئن به هڪ خاص ۽ منفرد مزاج آهي پر جيڪا اُٿلَ ۽ رواني گيت جي صنف ۾ اياز صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ آندي آهي، ان جو ڪو جواب ناهي. اياز صاحب جو گيت جڏهن فڪري ۽ موضوعاتي وُسعت جي حوالي سان ڏسون ٿا ته اُهو تمام نازڪ نفيس به آهي ۽ اياز جو گيت بيحد مزاحمتي به آهي، اياز جو گيت انقلابي به آهي، اياز جو گيت قومي به آهي، اياز جو گيت رومانوي به آهي، اياز جو گيت باغيانه به آهي، اياز جو گيت جمالياتي به آهي، ان ڪري توهان ڏسو ته گيت جي اندر هن ايتري ته موضوعاتي وُسعت آندي آهي، جو ماڻهو حيران ٿو رهجي وڃي. جيتوڻيڪ شيخ اياز باربار ميراجيءَ جي گيتن کي ساراهيو آهي، جنهن مان نظر اچي ٿو ته هن ان جو گهرو اثر قبول ڪيو آهي پر حقيقت ۾ هن جا گيت پڙهجن ٿا ته اُنهن تي ميراجيءَ جو ڪو خاص اثر نظر نه ٿو اچي. اياز جو ڪمال اهو آهي ته هو جن شاعرن کان متاثر نظر اچي ٿو، اُنهن جي تتبع کان شعوري طور بچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جيئن هن جو نِبار تخليقي اسلوب ڪنهن جي اثر ۾ ورتل نظر نه اچي. ميراجيءَ تي احساس، احساساتي منظرڪشي وڌيڪ حاوي آهي، پر اياز جا گيت بقول سندس ڄڻ ته گوريلا آهن، جيڪي وطن، قوم، عوام، سچ ۽ سونهن جي ويرين تي سچ پچ به وارَ ڪن ٿا. اياز کي ڪبير ۽ ميران ٻائيءَ جا گيت به موهين ٿا، جو ڀڄن به گيت جو ئي فارم آهن پر ميرا واري رومانيت يا داخليت اياز تي حاوي رجحان طور نظر نه ٿي اچي. هن جو گيت يا ته رومانوي آهي يا مزاحمتي، ۽ اڪثر اُهي ٻه ئي عنصر گڏ گڏ نظر اچن ٿا. هن جو پهريون مجموعو جيڪو آيو ان ۾ ڪل 34 گيت هئا ۽ اياز صاحب جي سموري شاعريءَ ۾ هن جا ڪُل گيت هڪ اندازي مطابق ٽي سئو جي اندر آهن، ان کان مٿي ڪونه هوندا پر جيڪي هن گيت جي صنف تي موضوعاتي ۽ فني تجربا ڪيا آهن، اُهي بي مثال آهن. گيت هڪ اهڙي صنف آهي، جو ان ۾ نازڪ خياليءَ ۽ لئه يا موسيقيت ۽ روانيءَ جو لحاظ نه رکبو ته گيت جو حُسن ۽ جوهر مري وڃي ٿو. ان ۾ نازڪ خيالي ۽ نفاست تمام اهم آهي، ۽ توهان ڏسندئو ته اياز جي گيت ۾ وُسعت به آهي ته نواڻ ۽ تخليقي سونهن پڻ اُتم درجي تي موجود آهي. شيخ اياز جي گيتن جا ڪجهه مثال ڏسو:
ڦُٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا،

نِمُن جهليو آ ٻور- ڪيسين رهندين دور!

پريت اسان جي نه رهِي، نه رهِي،
سُونهَن سَرنهن جي سَرهِي سَرهِي،

من کي ڪيو مجبور – ڪيسين رهندين دور!

بوند اکين مان نه ڪِري، نه ڪِري،
اولهه کان آئي جو ڪَڪريِ،

بَرسيا سي ڀرپور – ڪيسين رهندين دور!

تو لهءِ ساهُه ائين سيڏائي،
جهونجهڪڙي جو جئن واجهائي،

ڄانڀي لاءِ تلُور – ڪيسين رهندين دور!

منهنجي آس، ڏکن جو ڏيئڙو،
منهنجو هر سانجهيءَ اوسيئڙو،

مَري نه سگهندو مُور – ڪيسين رهندين دور!

ڦُٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا،

نِمن جهليو آ ٻور – ڪيسين رهندين دور!

هن گيتَ ۾ غالب موضوع جدائيءَ جو آهي، جنهن کي هن وراڻي “ڪيسين رهندين دور!” جي صيغي ۾ اظهاريو آهي پر دلچسپ ڳالهه ته ان گيت جو غالب احساس اُميد جو آهي. عام طور جدائيءَ جو احساس ڏک ۽ وڇوڙي جي روڳ ۾ ورتل نظر ايندو آهي پر اياز وٽ هن گيت ۾ جُدائي اُميد سان سلهاڙجي درد جو هڪ اهڙو احساس اُڀاري ٿي، جنهن ۾ وڇوڙو ماري نه ٿو پر جياري ٿو. هن گيت ۾ به ساڳئي موضوع جو تسلسل آهي پر گيت جي رواني، لئه ۽ موضوعاتي تسلسل بيحد وڻندڙ آهي.
محبت نه ڪڏهن مات ڪئي موتَ، هلي آءُ،

سندم هوتَ هلي آءُ.

ٽڙي آهه رتن جوتَ، نه ڳُڻَ ڳوتَ، هلي آءُ،

سندم هوتَ هلي آءُ.

هلي آءُ، نوان ڏينهن، نوان نيهنَ، هلي آءُ،

هلي آءُ، هلي آءُ!
هلي آءُ، پيا مينهن، ڀِنا ڏينهن هلي آءُ،

هلي آءُ، هلي آءُ!

سندم سُونهنَ، سندم ساهَه، هلي آءُ، هلي آءُ،

هلي آءُ، هلي آءُ!
نئون چنڊ، نوان چاههَ، هلي آءُ، هلي آءُ،

هلي آءُ، هلي آءُ!
نئين رات، نئين باتِ، هلي آءُ، هلي آءُ،

هلي آءُ، هلي آءُ!
نئين تانگهه، نئين تاتِ، هلي آءُ، هلي آءُ،

هلي آءُ، هلي آءُ!
جهلي لاٽ، ڏسي واٽَ، ٿڪا نيڻَ، هلي آءُ،

هلي آءُ، هلي آءُ!
جُڙين شالَ، مُڙي وڃ نه جئين ميڻُ، هلي آءُ،

هلي آءُ، هلي آءُ!
ڏسي آسَ سندم پياسَ، اچي اوتَ، هلي آءُ،

سندم هوتَ هلي آءُ!
محبت نه ڪڏهن مات ڪئي موتَ، هلي آءُ،

سندم هوت هلي آءُ!
اياز جا گيت ايترو ته لئه ۽ نغمگيءَ سان ڀرپور آهن، جو اُهي پڙهندي ڪٿي ڇُلڪندي نظر اچن ٿا ته ڪٿي جهومندي ۽ ڪٿي تيزيءَ سان رقص ڪندي. گيت پڙهندي ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڪا سمبارا بي خوديءَ ۾ رقص ڪندي شعرن ذريعي اُهي احساس اُڀاريندي ٿي وڃي:
گهنن گهنن گهن، گهن گهن، گهن گهن،
ڌنن ڌنن ڌن، ڌن ڌن، ڌن ڌن!

گجو گجو اي ڪارا بادل، وَسو وَسو ورسايو جَل ٿَل!
پِيو پِيو مَئي جا مَتوارا، جِيو جِيو ڌرتيءَ جا پيارا!

ڇنن ڇنن ڇن، پيالا ڇُلڪن-
گهنن گهنن گهن، گهن گهن، گهن گهن!

گجو گجو اي ڪارا بادل، وَسو وَسو ورسايو جَل ٿَل!
جُڳ جُڳ کان آ ڌرتي پياسي، مَسين مَسين آئي چؤماسي!

گهڙيءَ گهڙيءَ ليلايو لُڙڪن-
گهنن گهنن گهن، گهن گهن، گهن گهن!

گجو گجو اي ڪارا بادل، وسو وسو ورسايو جل ٿل!
کِلو کِلو اي کنوڻيون کيريون، رِلو ملو اي ڪڪريون نيريون!

ٽِلو ٽِلو اڄ گلشن گلشن،
گهنن گهنن گهن، گهن گهن، گهن گهن!

گجو گجو اي ڪارا بادل، وسو وسو ورسايو جل ٿل!

گيت هنديءَ جو هجي يا اردوءَ جو ۽ ويندي اياز کان اڳ سنڌيءَ جو پر اياز  هڪ طرف گيت جي مزاج ۾ وڌيڪ سرمستي، نغمگي ۽ موسيقيت ڀري ته ٻئي طرف اُن کي محدود موضوعن جي دائرن کان آزاد ڪرايو. جيڪڏهن ڌرتيءَ کي سجدو گناهه آهي ته اياز انهيءَ الحاد جو برملا اظهار ڪندي ڄڻ ته ڀيرَ تي ڏونڪو ٿو هڻي:
رهندو ياد اهو الحاد:

چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“


آهه اِهو ئي سچ،
اُنهيءَ تي اَچ،
مَتو آ مَچ،
پتنگا پَچ،

چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“

رهندو هي مانڊاڻ،
مگر هي ڄاڻ،
ته پنهنجو پاڻ،
نه هوندو ساڻ،

چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“

رهندي تنهنجي روءِ،
نه تنهنجي بُوءِ،
مگر هر سوءِ،
اِها ئي جوءِ،

چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“

“مٽي زنده باد”!
انهيءَ الحاد،
ڪيو آزاد،
سدا دل شاد-

چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“

هيٺيون گيت اياز 1946ع ۾ ٿر ۾ اليڪشن مهم دوران لکيو، جڏهن هن جي عمر 23 ورهيه هئي. هن گيت مان صاف نظر اچي ٿو ته اياز پهرين انقلابيت کان وڌيڪ متاثر هو، پوءِ هو انقلابيت جي جاءِ تي باغيانه ۽ مزاحمتي مزاج کي وڌيڪ اوليت ڏئي کڻي آيو. هن گيت جو موضوع به لاجواب آهي ته هن جي رواني ۽ لئه به پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي:
انقلاب، انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ!

جئن زمين آسمان
جي کُلي پئي زبان،

ڪُنڊ ڪُنڊ، چونڪ چونڪ،
شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ،
جئن ڏئي اُٿي جواب- انقلاب!
انقلاب، انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ!

هي به ڪو نياءُ آ،
جي مزور ڀاءُ آ،
سو لَهو پيئي پيو،
جنهن سبب جيئي پيو-

سو پيئي پيو شراب- انقلاب!
انقلاب، انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ!

ڌوڏ هن سماج کي،
لوڏ سماج کي،
ٺاهه سو نئون نظام،
جو چڱو چئي عوام-

هي نظام آ خراب- انقلاب!
انقلاب، انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ!

ڳاءِ، ڳاءِ نوجوان!
جئن زمين آسمان،
جي زبان کُلي پئي،
زندگي اُٿي چئي،

انقلاب.. انقلاب... انقلاب!
انقلاب، انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ!


اياز جي ان دور جي شاعريءَ ۽ گيت ۾ جتي مزاحمت، مٽي زنده باد ۽ انقلابيت جا چِٽا عڪس آهن اُتي هي شاعرِ محبت گيت کي رومان جي اظهار کان پڻ محروم نه ٿو ڪري.  سندس هيءُ گيت ڏسو:
تون جي ايندين رات، الا او رات،

ته منهنجي رات اَمر ٿي ويندي!

تون جي ايندين ميت، ته هي سنگيت اَمر ٿي ويندي،
مون ٻاري جا جوت، انهيءَ جي جيت اَمر ٿي ويندي،

پر جي کاڌم مات، الا او مات،

ته منهنجي مات اَمر ٿي ويندي!

تون جي ايندين ڍول، ته ٻَهه ٻَهه ٻرندا منهنجا ٻول،
جهَر جهَر جَرڪي پوندا، جن ۾ منهنجا روح- رتول،

وائي آئي وات، الا او وات،

ته تنهنجي لات امر ٿي ويندي!

تن من تنهنجي ڀيٽ، نڇاور توتي منهنجا راڳ،
مان آهيان تنهنجي آهوتي، تون آن منهنجي آڳ،

توکي ڏسندي ڏات، الا او ڏات،

ته منهنجي ڏات امر ٿي ويندي!

تون جي ايندين رات، الا او رات!

ته منهنجي رات اَمر ٿي ويندي!

مٿين گيت ۾ ”تون“ جي صيغي ۾ اياز ابهام رکي ان جي معنويت کي وڌيڪ وسعت ۽ سُونهن بخشي ڇڏي آهي. ماڻهو طئي نه ٿو ڪري سگهي ته اهو تخاطب محبوب سان آهي يا منزل سان، آدرش سان آهي يا واٽَ سان. اياز جو ڪمال اهو به آهي جو هو پنهنجي نظم، گيت، غزل يا ٻين صنفن ۾ انيڪ موضوع گڏ گڏ کڻي ٿو هلي ۽ انهن جي امتزاج جو توازن هميشه برقرار رکندو ٿو اچي. سندس ڪجهه ٻيا حَسين گيت ڏسو:
اکڙيون ڪيئن اَلينديون يار! سارا سُور سَلينديون يارَ!

اَکڙيون ڪيئن اَلينديون يارَ!

سانوڻَ پنهنجا سانگ ڪيا جي، پو ڪيئن پاڻ پَلينديون يارَ!

اَکڙيون ڪيئن اَلينديون يارَ!

رُت جي ريِت نرالي آهي، ڀَرجي ڀَرجي اينديون يارَ!

اکڙيون ڪيئن اَلينديون يارَ!
تاتِ پرينءَ جي، رات پرينءَ ري، تارا ڪئن نه تڪينديون يارَ!

اکڙيون ڪيئن اَلينديون يارَ!
سارَ- سُمرِڻي سُرندي رهندي، ڳوڙها ڪونه ڳڻينديون يارَ!

اکڙيون ڪيئن اَلينديون يارَ!
ساري ساري، پارَ پرينءَ ڏي، اُڏري اُڏري وينديون يارَ!

سارا سُور سلينديون يارَ!

اکڙيون ڪيئن اَلينديون يارَ!
*
سانوڻَ ڪيئن اڪيلو آئين،

ساجَن کي به ته آڻ!
ساجَن کي به ته آڻِ!

موتئي جي مهڪارَ هوا ۾،

سارَ ڀَري سُرهاڻِ-

ساجَن کي به ته آڻ!
ساجَن کي به ته آڻِ!

برکا رُت جي باکَ ڦٽيءَ ۾،

لَڳههَ لڳهه لالاڻِ-

ساجَن کي به ته آڻ!

بادل ٿي سَوَ سانگَ رچايان،

آءُ به ڪنهن جي ڪاڻِ-
ساجَن کي به ته آڻ!

*
سَهندو ڪير ميار، او يار!

سنڌڙيءَ کي سِرُ ڪيرُ نه ڏيندو!

جهولَ جهَلِي جنهن وقت ڀٽائي،
ڪِرندا ڪنڌ هزار، او يار!

سنڌڙيءَ کي سِرُ ڪيرُ نه ڏيندو!

نيٺ وڍيندڙ وڍجي ويندا،
ڪَنبندي نيٺ ڪٽارَ، او يار!

سنڌڙيءَ کي سِرُ ڪيرُ نه ڏيندو!

نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي،
دوکي جي ديوار، او يار!

سنڌڙيءَ کي سِرُ ڪيرُ نه ڏيندو!

گهَڙا کڻي گهڙِنديون سَوَ سُهڻيون،
مَرندا سَوَ ميهار، او يار،

سنڌڙيءَ کي سِرُ ڪيرُ نه ڏيندو!

سِرَ جي سَئن هڻي ڏِسُ چارَڻَ،
ٻيجلُ ٿي ٻيهارَ، او يار،

سنڌڙيءَ کي سِرُ ڪيرُ نه ڏيندو!

سندس هڪڙي گيت جا هي ٻه ٻولَ ڏسو:
ڏيئو ٻار! ڏيئو ٻار!

تُنهنجي ڌرتي ديپَ ڌِڪاريا، تون نه ڌڪار،

ڏيئو ٻارِ! ڏيئو ٻارِ!

مٿين سِٽن ۾ هن ڪيڏيءَ نه گِهري ڳالهه ڪئي آهي. ڏيئو شعور جي علامت آهي، جنهن کي هو بار بار ٻارڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ وڏي ڳالهه ته ان کي تاريخ جي جهالت، توهم پرستيءَ سان ڳنڍي هينئن ٿو چوي ته:
تُنهنجي ڌرتي ديپَ ڌِڪاريا، تون نه ڌڪار،

ڏيئو ٻارِ! ڏيئو ٻارِ!
اها اياز جي شاعريءَ جي ڪمال خوبي آهي ته هو هلندي هلندي وڏا وڏا نُقطا اُٿاريندو ۽ سوچڻ توڙي محسوس ڪرڻ تي مجبور ڪندو ويندو آهي. سندس ڪجهه ٻيا گيت ۽ اُنهن جون حُسناڪيون پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ وٽان آهن.
تَڙ تَڙ تي طوفان،  اَلو ميان،

ناوَ هَلي آ گيت کڻي!

ونجهه نه وانجهي، مُوڙها مانجهي، سانجهي سَرگردانُ، اَلو ميان،

ناوَ هَلي آ گيت کڻي!

گهاٽ مٿان گهنگهور گهَٽا ۾، اڄڪلهه جو انسانُ، اَلو ميان،

ناوَ هَلي آ گيت کڻي!

ڪو وڻجارو، اوٿ- اَسارو نينهن ڪيو نادانُ، اَلو ميان،

ناوَ هَلي آ گيت کڻي!

هيٺين گيت ۾ اياز مورَ جي ٽهوڪن کي هن حَسين گيت جي شڪل ڏني آهي. هتي مور رڳو ڪو پکي ناهي پر سندس ٽهوڪا ۽ رڙ سموري ڪائنات جي علامتي رڙ مثل آهن ۽ نه وري ڪو مِينهن رڳو بوندن جي وَسڻ جو نالو آهي پر اُهو ته خوشحاليءَ جو سَنيهو، محبوب جي آمد، وَڻن جي جهومڻ ۽ وهنجڻ،  گاهن جي ڦُٽڻ ۽ سموري زندگيءَ جي خوشيءَ وچان رقصان ٿيڻ جو نالو آهي. موضوع سان گڏ گيت جي اُٿَلَ، رواني ۽ لئه بيحد موهيندڙ آهي.
هي گهَناؤنيون گهَڙيون،
آگ آگ آسمانُ،
مورُ، ريت تي رَڙيون-

مِينهن آءُ!
مِينهن آءُ!
مِينهن آءُ!

رولِ هئين نه رُڃَ ۾،
آ مسين کُلي زبان،
هِن اَواڪُ اُڃَ ۾-

مِينهن آءُ!
مِينهن آءُ!
مِينهن آءُ!

ڄَرڪندڙ مليرَ تي،
ٿاڪُ ٿاڪُ آ اُلاءُ،
ڳَمَ تي ڳنڍيرَ تي-

مِينهن آءُ!
مِينهن آءُ!
مِينهن آءُ!

آءُ وِڄَ، واچَ، واءُ!
ٿا سَهي سگهون نه تاءُ-
آءُ آءُ، آءُ، آءُ!

مِينهن آءُ!
مِينهن آءُ!
مِينهن آءُ!

اياز جي گيتن ۾ صنفن ۽ فني ۽ فڪري توڙي موضوعاتي تجربن جي لحاظ کان لوڪ گيت، انقلابي گيت، قومي گيتَ، طبقاتي گيتَ، رومانوي گيتَ، مزاحمتي گيتَ سان گڏوگڏ وائين، نظم، غزل، ڪافيءَ جي امتزاج جا سمورا رنگ ۽ ڪامياب تجربا ملن ٿا.  سندس هن گيت کي ته قومي تحريڪ ۾ قومي تراني جي حيثيت ڏني وئي، جنهن ۾ هو ڌرتيءَ آڏو پنهنجو سِيس نوائيندي چوي ٿو:
سِنڌ ديسَ جي ڌرتي توتي،  پنهنجو سيسُ نمايان،

مِٽي ماٿي لايان.

ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، توکي چَشمن چايان،
گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا! بيت به تنهنجا ڀايان،
جيءُجيءُ جيجل! جيءُ جيءُ جيجل! توکي ڪيئن لنوايان!
سارا سَڏَ پڙاڏا تنهنجا، وائيءَ ۾ ورنايان،
سُر سُر ڄڻ سانوڻ ۾ سنڌو، لهَر لهَر لهڪايان،
رِم جهِم رِم جهِم راڳ اُنهن سان، ٿَر بَر باهه لڳايان،
ڪالهه مَليران مَهڪ اُٿي جا، نگر نگر  ڦهلايان،
ڏُٿُ به پنهنجو ڏيههُ به پنهنجو، مارُو شال ملايان،
تنهنجيءَ مِٽيءَ مَنجهه مِلان جي، آءٌ امرتا پايان،

سِنڌ ديسَ جي ڌرتي توتي، پنهنجو سيسُ نمايان،

مِٽي ماٿي لايان.

نظم جي صنف اوڀر جي ناهي، اُها اسان وٽ انگريز دور ۾ انگريزي ۽ ٻي مغربي شاعريءَ جي ترجمن ذريعي آئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو نظم جي روايت اسان وٽ سنڌي شاعريءَ ۾ ايڏي گهڻي عام ڪونه هئي، جيتوڻيڪ ڪشن چند بيوس، عبدالڪريم گدائي، حيدر بخش جتوئيءَ ۽ ٻين نظم تي ابتدائي طور سُٺا تجربا ڪيا، خود مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي ناصحانه شاعريءَ ۾ انيڪ تجربا ڪيا، پر نظم جي صنف ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جو پهريون ڀرپور اظهار شيخ اياز ڪيو. جنهن کان پوءِ اِها صنف ۽ روايت سَگهاري نموني عام ٿي. جيئن ته اياز رڳو سنڌيءَ جو شاعر نه هو، هن جو ادبي قد ڪاٺ ننڍي کنڊ ۾ اهم هو. هن کان اڳ به اقبال، مخدوم محي الدين، ساحر، علي سردار جعفريءَ ۽ جوش جهڙا شاعر نظم ۾ باڪمال تجربا ڪري چڪا هئا. خود اياز جو  هم عصر شاعر فيض احمد فيض نظم جو هڪ بي مثال شاعر هو، ان ڪري نظم جي صنف پڻ اياز لاءِ ايتري سولي نه هئي. اردو شاعريءَ ۾ نظم هن کان اڳ به تمام مٿي هو، اردوءَ جو غزل ڀل ته روايتي رهيو هجي پر اردوءَ جو جديد  نظم روايتي نه هو، ترقي پسند شاعريءَ ۾ نظم تمام گهڻا ڏاڪا طئي ڪري آيو هو، پر اياز صاحب پنهنجي منفرد انداز سان ٻين صنفن جيان جڏهن نظم جي صنف ۾ هٿ وڌو، توهان ڏسندؤ ته پوءِ هن جو نظم جمالياتي هجي، عاشقانه هجي، محبت جو نظم هجي، باغيانه هجي يا انقلابي هجي، جيڪو به توهان ان جو پاسو کڻندئو، اياز صاحب جي جيڪا نواڻ گيت ۽ غزل ۾ آهي ۽ جيڪا ٻين صنفن ۾ آهي، نظم ۾ به ساڳي آهي، توهان کي هن جي نظم ۾ به اُهو ئي نِج نِبار ۽ همه گير هڳاءُ ملندو.
جتي بيت، وائيءَ، گيت ۽ غزل جي صنفن ۾ هن تفڪر توڙي مزاحمتي ۽ لطيف احساسن جو حَسين اظهار ڪيو آهي، اُتي اياز نظم ۾ ساڳي مزاج سان گڏ تخيل جي بلندين کي ڇُهيو آهي. نظم ۾ خيال ۽ تخيل جي بلندين سان هو صفا کيڏيو آهي. اياز جي نظم ۾ لئي، موسيقيت، ٻولي، خيال جي بي ساخته وَهڪَ ۽ اُڇلَ ڪمال جي آهي. سندس نظم منظوم هجن، آزاد يا نثري انهن جو پڙهندڙ تي اثر غيرمعمولي آهي. اچو ته سندس نظمن جا ڪجهه مثال ڏسون:
هر قدم تي زندگيءَ جو جامِ زهر،
ڪنهن نئين سقراط جو آ منتظر!
هر گهڙيءَ سُوري سڏي
ڪنهن نئين منصور کي:
ٿي ٻري شمعِ حيات،
آ جلڻ جنهن تي پتنگن جي نجات!
ڪوئي عيسيٰ، ڪوئي گوتم، ڪوئي گانڌيءَ جي صفات!
زندگيءَ جي سينڌ جو جهُرمر ٿيو،
جنهن سان جرڪيو حسنِ ذات!

اياز جي نظمن ۾ خيال ۽ تخيل کي وڏي بنيادي اهميت حاصل آهي. هو نظمن ۾ موضوعن جي ورجاءَ يا روايتي موضوعن جو شڪار نه ٿو ٿئي. هڪ ته هو وسيع مطالعي وارو شاعر آهي، ٻيو هن کي احساس آهي ته نظم سڄيءَ دنيا ۾ ۽ خاص طور سندس هم عصر دور يعني ويهين صديءَ ۾ ڪيئن اظهاريو ويو آهي ۽ ٽيون هن کي پنهنجي شاعراڻي قد جو به احساس آهي ۽ نتيجي ۾ هن نظم ۾ موضوعن ۽ تجربن جو هڪ نئون جهان آڻي ڏيکاريو. سندس نظم جون هي سٽون پڙهو:

مان ڄاڻان ٿو، مان ڄاڻان ٿو، ڄَرَ آ منهنجي ڄاڻَ،
ڀَڙَڪي ڀَڙڪي ڀَنڀٽَ ٿيندي، جلندو هيءُ جهان:
آخر منهنجي سوڀَ سنواريا، آخر تنهنجي آڻ!
تون رَک هوندين، ڄِڀيون ڄڻنديون ڪوئي نئون انسان!

هتي اياز پنهنجي شاعريءَ کي رڳو دل جي وندر نه پر ڄاڻ ۽ شعورَ جي ڄَرَ سان ڀيٽ ٿو ڏئي، جيڪا ڄَرَ پنهنجي سماج سان گڏجي ڀَڙڪِي ڀَڙڪَي نيٺ ڀنڀٽ ٿيندي ۽ هن ڪوڙهيل ۽ گهڻ-طرفيءَ غلاميءَ تي ٻڌل سماج جي ”جهان“ کي جلائي ڇڏيندي. هو پنهنجي سوڀ کي ان جهانَ جي ”آڻِ“ سان مشروط ٿو ڪري ۽ هو سمجهي ٿو ته جڏهن مُدي خارج ڦورو نظام رک ٿي ويندو ته پوءِ سندس شعور جي ڄڻيل ”ڄِڀين“ مان ”نئون انسان“ جنم وٺندو. ڪيڏو نه گِهرو شعور سمايل آهي هنن لفظن ۾. اياز کي اهڙي شعور جي حامل حَسين شاعريءَ جي ڪردار ۽ ڪارج جو پورو پورو احساس آهي ۽ هو ان جو اظهار هينئن ٿو ڪري:

منهنجو اَگهُه پڇين ٿو آمَر!
منهنجا گيت ڳِنهي سگهندين تون؟

هَٽَ مٿان ڇا هُلُ ٿيو آ!
هرڪو موتيءَ مُلُ ٿيو آ-
ڪيڏي پِيهَه لڳي پئي آهي!
گَپا گِيهَه لڳي پئي آهي!
ڪيڏو ڀاوُ چڙهي ويو آهي!
هر ڪو گيت پڙهي ويو آهي،
تُنهنجا ڍُڪَ ڀري ويو آهي،
ٻَهه ٻَهه ٻُڪَ ڀري ويو آهي-

ڪنهن ساڃهه کي سيڪُ نه آهي،
آهي رَک، وويڪُ نه آهي،
ڏات ڀريءَ بازار وِڪاڻي،
ڄڻ ڪا ننگي نارَ وِڪاڻي-
مان به ته هڪ وڻجارو آهيان،
پر مان سڀ کان نيارو آهيان،
گيتَ اندر جا گونجي آهي،
سا شيءِ منهنجي پُونجي آهي.

مل مان جو مزدور اچي ٿو،
هَرُ هڻندي جيڪو ٿڪجي ٿو،
۽ جو توسان سينو ساهي،
پيرَ ڪَڙين ۾ آيو آهي،
تنهن سان گيت ورهايان بيٺو!
چؤواٽي تي ڳايان بيٺو!
جنهن وٽ ڪوئي لُڙڪَ ڦُڙو آ،
تنهن منهنجو هر گيت ڳڌو آ-

تو وٽ لڙڪُ ڪٿي ڪو آمَر!
منهنجا گيتَ ڳِنهي سگهندين تون؟


اياز جا تجربا بيحد وڻندڙ ۽ انوکا هوندا آهن. هيٺين نظم ۾  هو مشاهدي کي علامتي اظهارَ ۽ خيالَ جي گِهرائيءَ ۽ مزاحمتي شعور سان سَلهاڙي جنهن روانيءَ سان نظم جي اُڻت ٿو ڪري، اُها دل ۾ پيهي ٿي وڃي. هن نظم ۾ مشاهدي ۽ خيالَ جي حَسين سنگم جو تخليقي تجربو ٿيل آهي.

چڙيا- گهَر ۾ واگههُ، اُنهيءَ جي گهُور ڏٺي آ تو؟

هُو پڃري ۾ وکَ،
اُنهيءَ جي ڍَرَ، اُنهيءَ جي تِکَ،
اُنهيءَ تي برکا رُت جي چِکَ،

انهيءَ جي گهُور ڏٺي آ تو؟

هُوءَ پڃري مان تاڙَ،
اُنهيءَ ۾ ڇالَ ڀَري ڇِيڇاڙِ،
پروڪو چاههُ، پَرين چنگهاڙَ،

انهيءَ جي گهُور ڏٺي آ تو؟

هوءَ پڃري تي راتِ،
اُنهيءَ ۾ تانگههَ، اُنهيءَ ۾ تاتِ،
اُنهيءَ ۾ موتُ، اُنهيءَ ۾ ماتِ،

انهيءَ جي گهُورَ ڏٺي آ تو؟

مون کان ڪهڙو حالُ پڇين ٿو،
چِڙيا-گهَر ۾ ڇو نه وڃين ٿو!


پنهنجي ذاتي مطالعي ۽ مشاهدي سان مون هڪ ڳالهه محسوس ڪئي آهي ته هڪڙن شاعرن جي شاعريءَ جي اندر مشاهدو سندن جوهر هوندو آهي، ڪن شاعرن جي شاعريءَ ۾ تفڪر انهن جو ڳَرُ هوندو آهي، ڪن شاعرن جي شاعريءَ جي اندر توهان ڏسندئو ته حساسيت ۽ جذباتيت جو پاسو وڌيڪ حاوي هوندو آهي، اُهو ان جو مُک محرڪ هوندو آهي. جيتوڻيڪ اياز صاحب ۾ به اِهي سڀ پاسا ڪمال توازن سان موجود آهن، ۽ مٿانهين درجي تي موجود آهن، پر جيڪڏهن انهن سڀني مان آئون ذاتي طور تي اياز شناسيءَ جي خيال کان ڪو هڪ پاسو اُڀاريان ته مان سمجهان ٿو ته اياز صاحب جي شاعريءَ تي جيڪو پاسو گهڻو حاوي آهي، اهو هن جو تخيلاتي پاسو آهي ۽ توهان ڏسندئو ته اياز صاحب جي سڄي شاعري ايئن آهي. ماڻهو حيران ٿي سگهي ٿو ته هڪڙو ماڻهو جيڪو عوام سان سڌيءَ ريت ايڏو گهڻو واڳيل نه هو، هو ڪو ايڏو عوامي ماڻهو به ڪونه هو، هو گهڻو سفر ڪندڙ ماڻهو به نه هو، جيئن عام طور سڄيءَ دنيا اندر شاعر هوندا آهن.  هو سماج جي اندر سماج سان ايڏو ڳُتيل يا ڳنڍيل به نه هو ۽ جڏهن هڪڙو ماڻهو لکي ٿو ته ڪمال ڪري ٿو. فن ۽ ٻوليءَ سان گڏ ان جو غيرمعمولي پاسو هن جو رومانوي جمالياتي ۽ باغيانه مزاحمتي تخيل هو، جيڪو شيخ اياز کي اُن معراج تي وٺي وڃي ٿو، ٻين سڀني ڳالهين سان گڏوگڏ رڳو تخيل هوندو ۽ تفڪر نه هوندو، يا مطالعو نه هوندو، يا ڄاڻ نه هوندي ته به ڪا شيءِ نه ٿيندي پر انهن سڀني شين مان جيڪا شيءِ اياز کي گهڻو مٿي کڻي وئي، اُهو اياز صاحب جو غيرمعمولي تخليقي تخيل هو. اياز صاحب جي شاعريءَ جي حوالي سان اسان جي نئين نوجوان نسل ۾ شاعرن کي، ان تي تحقيق ڪرڻ گهرجي ۽ شاعرن کي هن مان سکڻ به گهرجي.
شاعر پنهنجي مزاج ۽ روح ۾ رولاڪ هوندا آهن، ماکيءَ جي مادي مَک جيان گُلَ گُلَ جو رَسُ چُوسي، ان ۾ وڌيڪ چَسُ پيدا ڪري، هڪ انمول شيءِ تخليق ڪندا آهن. پر شيخ اياز ڪنهن طور به ڪو عوامي ماڻهو نه هو، نه وري هو گهڻا سفر ڪندو هو يا رولاڪيون ڪندو هو پر هن جي شاعري ان باوجود حيرت انگيز حد تائين وسيع ۽ مشاهداتي به آهي پر مان سمجهان ٿو ته هن جي شاعريءَ تي مشاهدي ۽ تفڪر کان وڌيڪ گِهري تخيل جو اثر آهي. لڳي ٿو ته ڪٿي هن جو تخيل مشاهداتي آهي ته ڪٿي هن جو ڳُوڙهو مشاهدو تخيلاتي آهي،  اها هڪ شاعر جي تخليقي سگهه جي انفراديت آهي، جيڪا سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز پنهنجي مسلسل فڪري ۽ احساساتي رياض سان حاصل ڪئي ۽ جيڪا هن جي غير معمولي تخيل جي صورت ۾ ظاهر ٿي، شايد انهيءَ ڪري هن پاڻ کي يا پاڻ جهڙن کي “ننڊ جي نيڻن” سان تشبيهه ڏني هئي. اچو ته هن جي ڪجهه نظمن ۾ سندس تخيلاتي سَگهه جا ڪجهه عڪس هنن شعرن ۾ ڏسون:
هن ديس سڄي کي سائي آ،
هر شام اُفق تي ليمي جئن،
ڇا هيڊي هيڊي آئي آ!
۽ اُن جي ڪاريءَ ‘ڪان ڪان’ ۾
ڇا وحشت! ڇا تنهائي آ!

ڪو ديوُ ڦري ٿو ڌرتيءَ تي،
جنهن منهن ۾ پاتي ڇائي آ،
۽ ڪَنڌُ ڪِرنگهو ماڻهوءَ جو،
تنهن رڙڪي، راڙِ مچائي آ-
جو ڀُڻڪو آهه ڀيانڪ آ،
هر ڄاڻوءَ ڄِڀَ ڪَپائي آ،
ڪا جهاتي ناهه جهَروڪي ۾،
ڇا هيبت هُنَ ڦِهلائي آ!
آ مڙهه جي ماٺِ هوائن ۾،
هر شام هتان جي ڪائي آ-
پر توسان ڳالهه اجائي !

هن ديس سڄي کي سائي  آ!
هر سپني ساڀيا ۾ اُن جي
ڪا هيڊي هڪجهڙائي آ-
سڀ اُڏري ويا وهلُور وَڳر،
ڪا ڪُونج نه موٽي آئي آ،
سِجُ ٽاري ٽاري ڪَپجي ٿو،
ڇا ‘ڪان ڪان’ جي ڪارائي آ!
هر وقت پيو راڪاسُ رَڙي،
تو ڪهڙي آس لڳائي آ؟
ڪو ڪَنڌُ ڪرنگهو آهي ڇا،
جنهن ۾ ڪا سَگههَ سمائي آ؟
سي ڳاڙها ڦول ڪٿي آهن،
تو جن لئه جهول وڇائي آ؟
ڪنهن باکَ-ڦُٽيءَ جي سپني ۾،
تو ڪيڏي عمر گنوائي آ!
پر توسان ڳالهه اَجائي آ...


مٿئين نظم ۾ هو بدبودار ۽ بيمار سماجي نظام کي ”سائي“ سان تشبيهه ٿو ڏئي ۽ ان جي روڳ ۾ ورتل سموري سماج کي بيمار ٿو سمجهي. اياز جو هڪ اهم پارکو امير علي چانڊيو اياز جي شاعريءَ جي، شاعريءَ ۾ اشتراڪيت، انسان دوستي ۽ وطن پرستيءَ کي هن جا اهم ۽ اُڀريل لاڙا سمجهي ٿو پر مان سمجهان ٿو ته اشتراڪيت جو عنصر اياز جي شاعريءَ ۾ وقتي ۽ عارضي طور سندس ابتدائي دور ۾ آيو. سندس پوين ٽن ڏهاڪن ۾ اشتراڪيت هن جي  غالب يا اهم لاڙي طور نظر نه ٿي اچي. هن ته پنهنجي نثر جي شاهڪار ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ جويي صاحب کي مخاطب ٿيندي ان جي واضح ترديد ڪئي. هن لکيو آهي ته:
”ادا، مان اشتراڪي نه آهيان، جيتوڻيڪ اڃا تائين مون کي اشتراڪيت جو تسلي بخش نعم البدل ڪنهن به فلسفي ۾ نه مليو آهي. مون کي هر ظلم ۽ تشدد کان نفرت آهي. منهنجيءَ نظر ۾، جو به زندگيءَ جو فلسفو يا نظام، انسان ۽ خصوصاً اديب ۽ فنڪار کان فڪر ۽ عمل جي آزادي کَسي، اهو نفرت خيز آهي. مون ڪنهن به انسان جي حرف کي حرفِ اخر تسليم نه ڪيو..... هر انسان جو بنيادي حق آهي ته هو پنهنجي لاءِ بي انتها آزاديءَ سان پنهنجو فلسفهءِ حيات ڳولي، پنهنجا دائمي قدر حاصل ڪري، اُنهن تي عمل ڪري، ۽ اُنهن جو اظهار ڪري. مون تعجب سان سوچي آهي ته سنڌ جا زياده تر اديب مون کي اشتراڪي سمجهندا آهن. جيتوڻيڪ مان اشتراڪي نه آهيان. ان ۾ شڪ نه آهي ته مون کي ان صحافيءَ جي سامراج پرستيءَ کان نفرت آهي، جو ڊالر سان هر قوم جو ضمير خريد ڪري ٿو، جنهن کان مون کي نفرت آهي. مون کي هن جي سياهه فام کان نفرت لاءِ نفرت آهي، ۽ نفرت آهي هن جي مصلحت آميز سمجهوتي کان، جو بين الاقوامي سياست ۾ هر جبر ۽ تشدد سان هو ڪندو رهي ٿو. مان واقعي هن جي گروهه مان نه آهيان، پر ان جي معنيٰ اها نه آهي ته مان ٻئي گروهه مان آهيان. منهنجو جدلياتي ماديت (dialectial Materialism) ۾ اعتبار نه آهي، ۽ مان اديب ۽ فنڪار جي مڪمل آزاديءَ جو دلدادو آهيان، ۽ فن ۽ ادب تي ڪابه پابندي برداشت نه ڪري سگهندو آهيان.  مان چاهيان ٿو ته هر اديب ۽ فنڪار کي ايتري آزادي ڏني وڃي جو هو پنهنجي برسرِ اقتدار طبقي، قوم ۽ وطن سان اختلاف راءِ جو اظهار ڪري سگهي؛ انهن جي فلسفهءِ حيات ۽ سياسي نصب العين خلاف آواز اُٿاري سگهي؛ ۽ جيڪي به هو سچ سمجهي، ان کي سچائيءَ سان پيش ڪري سگهي، پر اها آزادي هر مطلق العنان حڪومت ۾ (۽ هر اشتراڪي حڪومت مطلق العنان آهي) ناممڪن آهي. شايد سنڌي اديب انسانيت  (Humanism)، يڪسانيت (Equalitarianism)، بين الاقواميت (Internationalism)، ماديت (Materialism)، غرض ته هر غيرمانوس فلسفهءِ حيات کي “اشتراڪيت” ٿا سمجهن. دراصل اِها اشتراڪيت جي خوش نصيبي آهي ته هتي زندگيءَ جو هر بهترين نظر اشتراڪيت سان منسوب ڪيو وڃي ٿو، توڙي جو اهو اشتراڪيت جي منافي ئي ڇو نه هجي.“ 13
جيتوڻيڪ مٿين اقتباس ۾ اياز جي پيش ڪيل ويچارن سان مان متفق نه آهيان پر هتي اهو واضح ڪرڻ مقصد هو ته هن تي اشتراڪيت جو ڪو گهڻو اثر نظر نه ٿو اچي. انقلاب جي ڳالهه ڪرڻ ۽ اشتراڪيت ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. اهو به لازمي ناهي ته طبقاتي ڳالهه ڪرڻ جو فڪري جوهر اشتراڪي هجي. ها البته انسان دوستي، بين الاقواميت پسندي، رومانويت، وطن دوستي ۽ باغيانه مزاج سندس غالب رجحان رهيا، جن ۾ به آخري دور باغيانه مزاج کي هن شعوري طور ڇڏي ڏنو. ان جو سبب شايد اهو به هو جو هن زندگيءَ ۽ زماني جي تلخ حقيقتن کي سياسي ۽ تاريخي اَکِ سان ڏسڻ ڇڏي ڏنو هو، جيئن سَٺ ۽ سَتر جي ڏهاڪن ۾ هو ادب جي سماجي ۽ سياسي خارج جو حامل ۽ طرفدار نظر اچي ٿو. مان سمجهان ٿو ته اياز جي زندگيءَ جو آخري ڏهاڪو اهڙو هو، جنهن ۾ هن تي خارجي حالتن بجاءِ داخليت وڌيڪ حاوي ٿي چڪي هئي ۽ ان جو هڪ اهم سبب شايد سندس تاريخ ۽ فلسفي جو محدود مطالعو هو. اچو ته سندس مشاهدي گاڏڙ تخيل جا ڪجهه ٻيا جلوا پَسون.
ڏينهُن جهُڪيو هو ڏاگهي جئن،
جهَرڪي هئي سانجهيءَ جي جُهل،
گهَر کان ٻاهر کيتيءَ ۾،
ڇا نه هيا کَس کَس جا گُل!

مون تِن جي ڳاڙهاڻ ڏِسي،
سجَ-لَٿي ۾ وَوڙيو هو،
ڪالهه ڪَڪوريءَ ڪَڪريءَ تي،
مون ڪو تَنبو کوڙيو هو.

پو هُو ڪانئر آيا ها،
کولي مون لَئه هَٿ- ڪَڙيون،
ڪيئن وِساريان اي ساٿي،
آءٌ اُهي گهنگهور گهَڙيون!

ايئن لڳو هو ڄڻ ڪنهن کَڏ،
پنهنجو واتُ پَٽيو آهي،
۽ مون کي ڪنهن واڳوءَ جئن،
ڏيئي جهَڙپ جهَٽيو آهي.

ڪالهه ته ڳاڙها کَس کَس گل،
ڪنهن نَشي جي نِينڍَ هُيا،
اَڄ اُهي ٿا کَڻنڊ لڳن،
منهنجي ريٽي رَتُ- هاڻا!

سانجهي ياد ڏياري ٿي،
لَهندي سجَ جي هَٿ-ڪڙي!
جنهن ۾ قيد ڪَئي وئي آ،
ڪائي سَرجڻهارَ گهڙي!

*
قبرستان ۾ ڳالهائن ٿا-

هي ڦاسيءَ تي چاڙهيل آهي
هي اُن جو چاڙهيندڙ آهي-

ڇا ٻيو ڪوئي ايندڙ آهي؟

ها، ها ڪيئي اچڻا آهن
ڏاڍا ميڙا مچڻا آهن؛

جَڳ جي ڪَچي آباديءَ ۾
لڏپلاڻ لڳي پئي آهي؛
هُو سڀ پُٺ تي واجهائن ٿا
سڀ کي تاڻ لڳي پئي آهي؛

ڪنهن جو تختو نڪتل آهي
ڪنهن جو تخت وڃايل آهي،
مورڙيا ۽ مَچَ وڙهن ٿا،
پاڻي رَتُ رلايل آهي؛

ڪِن کي ماڙا ياد پون ٿا
۽ ڪي سونَ هَٽايا آهن،
انگ اُگهاڙا هي سوچن ٿا
اڄ ڪنهن اَنگَ ڍَڪايا آهن؟

لايو ڪوبه سَجايو ناهي،
سڀ ڪُجهه مٽيءَ ۾ ورڻو آ
ڇا ڪنهن اُن تي سوچيو آهي
ڪيسين ڌرتيءَ تي ڌرڻو آ!

شينهَن مري چِنگهاڙَ ڇڏي ويا،
هر لومڙ کي مرڻو آهي
هر ڪُتي کي مرڻو آهي
هر رُومڙ کي مرڻو آهي؛

پنهنجو پنهنجو وَڙ هر ڪنهن جو،
هر ڪنهن وَڙ کي مرڻُ ناهي
تارازيءَ ۾ تور ته ٿيندي
پر هر ڪنهن کي ڏرڻو ناهي؛

جن کي ڏاڍو سيءُ ٿئي ٿو
لوئيءَ لئه سي واجهائن ٿا-
قبرستان ۾ ڳالهائن ٿا.


جيڪي آدرشي انسان عظيم مقصدن لاءِ پنهنجون جانيون ڏيئي مارجي ويا ۽ جن کين ڦاهيءَ چاڙهيو، نيٺ اُهي به وڃي قبرستان ڀيڙا ٿيا پر اياز جي تخيل سندن تخاطب کي زندگيءَ جي معنويت ۽ ڪارج جي سوال سان ڳنڍي ڪيئن جيءُ جهنجهوڙيندڙ انداز ۾ مٿين نظر ۾ پيش ڪيو آهي.
جيڪڏهن دنيا ۾ ڪنهن وڏي شاعر جو معيار سامهون رکون ته گهڻا معيار ٺهي پوندا. هڪ معيار ته اهو به آهي ته شاعر اُهو جنهن جي تخليق پڙهي، سندس نالو ڏسڻ کان سواءِ ئي زمانو چوي ته هيءَ شاعري فلاڻي شاعر جي آهي. يعني يگانو ۽ اصلوڪو اسلوب ۽ ٻولي. لطيف سائينءَ جو بيت پڙهي توهان سندس نالو نه به ڏسو، حالانڪه سُٺو بيت تمام گهڻن شاعرن لکيو آهي، پر ماڻهو بي ساخته چوندو ته هيءُ لطيف سائينءَ جو بيت آهي. گنج ۾ ٻين شاعرن جا گهڻا بيت اچي ويا آهن ته به ماڻهوءَ کي پڙهي لڳي ٿو ته هيءُ بيت لطيف سائينءَ جو ٿي نٿو سگهي. يا خود سندس رسالي ۾ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري، شاهه لطف الله قادريءَ، ميئين شاهه عنات جي بيتن ۽ واين جون انيڪ سِٽون اچي ويون آهن، جيڪي بيحد حَسين آهن پر ان جي باوجود لطيف سائينءَ جيئن انهن کي تخليقي نواڻ، ترڪيب ۽ موضوعاتي وُسعت سان پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندو آهي، اهڙا تجربا فقط لطيف ئي ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته لطيف جو فڪر سان گڏ اسلوب پنهنجو آهي.  هڪڙي نِج نِبار جينيئس شاعر جي نشاني اِها به هوندي آهي، ۽ مان سمجهان ٿو ته اِهو اياز صاحب جو به ڪمال آهي ته پاڻ سان خيال، فڪر، ٻوليءَ، فن، پنهنجين منفرد ترڪيبن، مشاهداتي، تخيلاتي ۽ بيانيه جماليات، پنهنجي موضوعن جي وُسعت ۽ هڪ اهڙو اسلوب ۽ پورو شاعراڻو نظام کڻي آيو، جو اياز صاحب جي ڪنهن به شيءِ تي نالو نه لکو، زمانو ٻُڌي، پڙهي چوندو ته هي شيءِ شيخ اياز جي آهي ۽ اِهو هن جي شاعراڻي عظمت جو معراج آهي. ڀلا هي سِٽون پڙهي ڪنهن کي ذهن ۾ پهريون خيال اهو نه ايندو ته هي لازوال سِٽون اياز ئي چئي ٿو سگهي. مثال طور:
اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا،
*
سدا آهي ساههَ کي ڳَڀي جي ڳولا،
ڍءُ بنا ڍولا، ناهي ساڃهه سُونهن جي.
*
مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي جُڙندا ڪيئي جام،
نوان نوان متوارا ايندا، هڻندا تن جي هام،
*
مرنداسي ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦُٽندا سُرخ گلاب،
کِڙندا ٽِڙندا جن ۾ پنهنجا بسنت رُت جا خواب،.
*
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌُ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
سنڌيءَ جو سوڳنڌُ، مرنداسين به مُرڪندي.
*
سانڍيا منهنجي ساهه، ڏُکڙا ساري ڏيهه جا،
*
شال کَسي مان توتي تاڻيان، تنهنجا ڪانَ ڪمانَ،
*
جهڄي پيو مَنُ جهونجهڪڙي جو، سانجي آ سُنسانَ،
*
ترس اي حُسنِ ازل، اڄ ته منهنجو روح رڄجي ئي نٿو!
*
اي زمانن جا ضمير! تنهنجي ڪهڙي منزل مقصود آ؟
*
پورهيت لئه پرديس به ساڳيو، ديس به ساڳيو،
*
تون هونئن به مرندين ڪاڇي ۾،
اڄ ناهَر وانگر ڇال ڏئي،
تون آءُ پهاڙيءَ پاڇي ۾.
*
اي ڪينجهر تنهنجي ڪنڌيءَ تي، ڪوئي ته تماچي اچڻو آ،
*
جنهن تي به ٿيو، جنهن وقت ٿيو، جنهن جاءِ ٿيو،
سو مون تي ظلم ٿيو آهي.
*
ڪنهن جي لاءِ ڪُماچ، صديون رهيو سانت ۾؟
*
آ گدري جي ڦار امان!
اڄ پُورو ناهي چنڊ،
اسان کي بُک به ڏاڍي آ!
*
جنهن آزاد گذاريو آهي،
تنهن لئه موت ڪا شيءِ ناهي!
*
سنڌڙي تنهنجو ساههُ، جرڪيو منهنجي جيءُ ۾.
*
سَچُ وڏو ڏوهاري آهي،
*
ڪڏهن ڪِرندي ڪاڪ،  ڪڏهن ملندو مينڌرو؟
*
سنڌڙي تنهنجو ساهه “اياز”، مري نه ٿيڻو آهي مات.
*
گيت به ڄڻ گوريلا آهن،
جي ويريءَ تي وار ڪَرن ٿا.
*
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها،
آزاد هوا ڇا ٿيندي آ!
*
روڪ جي روڪي سگهين!
سَڏَ کي ڪي هڏ ناهن،
جو اُهي ٽوڙي سگهين.
*
سُک نه سنڀري سنڌڙي، اُڀري سِجَ لَٿا.
*
ساري قوم ظلم ڪري ٿي، اوچ به ظالم، نيچ به ظالم.
*
سَڌَ سهانگي، مَڌُ مهانگو، سِر جو سودو ڪير ڪري!
موکي ويٺي مَٽ ڀري!
*
ڪهڙو نه تنبورو آ،
ٿي باهه ٻري جنهن مان،
هٿ لائي ته کُورو آ.
*
تيسين ته صديون ڪُرندو،
ٻي هار اچي جيسين،
ڪا سئن هڻي سُرندو.
*
ڇا زهر پياريندين؟
سُقراط جيان مون کي،
ٻيهار جيئاريندين؟
*
سنڌڙي، تنهنجو نانءُ وَتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.
*
هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ “اياز” نه مرڻي آ!
*
هي ماڻهو وِهه جو ڍُڪ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تيئن رُڪ ٿيا،
*
جنهن مان تنهنجو واسُ اچي ٿو،
سا شيءِ مون کي پياري آ.
*
آ سدا لوري لڳي،
جيءُ ۾ جهوري لڳي،
تون وري ايندينءَ ڪڏهن؟
*
ٿو وچ ۾ واهڙ وهي!
هِن پار تون، هُن پار  مان!
*
ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ بانورا، ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ!
*
گوري تو ۾ گهُنج پيا،
رُوپ ڏنو رانڀوٽو ڙي،
هاءِ جواني جهُوٽو ڙي!
*
ديس ڇڏي پرديس رُلي ٿي،
دلڙي ٿي ديواني ڙي، دلڙي ٿي ديواني ڙي!
*
عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن، آيو جهول ڀري،
ڪوئي ڪيئن ڪري، ڪوئي ڪيئن ڪري!
*
تانگهه نه تاڙي تانگها تڙ، اوتڙ اوتڙ آءُ ميان!
*
اوءِ ڪجري گُجر، پير هوريان ته ڌر،
هاءِ گهاگهر نه ڇُلڪي پوي!
*
جنهن وقت به ڪو، مون گيت چيو، هن ڌرتيءَ جو
ڄڻ ڪوئي قرض چُڪو آهي.
*
ڪَنول ڪَنول تي تنهنجا ڳل، ٿيندي ماڪَ مهل،
*
انڌو اُڀ انڌاري ڌرتي، ڏيئا ڏيئا لاٽ سان.....
*
پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو اُڀ تائين جهوليندو،
اهڙو ڏينهن به ايندو!
مٿي ڏنل سِٽون تاريخ ۾ امرتا ماڻي چُڪيون آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ رڳو شعري نه پر محاوراتي صورت ۽ حيثيت ماڻي چڪيون آهن.
اهو اياز صاحب جي اسلوب جو جادو هو، جو کانئس پوءِ ڪيترا نسل سندس اسلوب جي سحر مان نڪري نه سگهيا. شيخ اياز کان پوءِ ويندي اڄ تائين ڪي ٿورا شاعر هوندا، جيڪي سندس اسلوب جي اثر کان بچي سگهيا هجن.
اسلوب سان گڏ شيخ اياز جي ٻولي ۽ فن به بلندين جي ڪمال کي رَسي ٿو. هو هڪ شهري ماڻهو هو ۽ ورڊس ورٿ چواڻي ٻوليءَ جا سرچشما فطرت سان ويجهڙائيءَ سبب بنيادي طور ٻهراڙين جي سماجي ماحول ۾ آهن پر اياز صاحب جي ٻوليءَ سنڌي ٻوليءَ کي ڇا ته نواڻ ۽ نئون حسن بخشيو. اصل ۾ فڪر، تخيل ۽ تخليقي سگهه ٻوليءَ کي ڄڻ ته نئون جنم ڏين ٿا. لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ نئون جنم ورتو هو ۽ ائين جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز، استاد بخاريءَ ۽ ابراهيم منشيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻولي ڇا ته ڪرشماتي پَدَ کي پُڄي ٿي. شيخ اياز جون تشبيهون ۽ ترڪيبون روايتي ۽ اُڌاريون کنيل ناهن، بِنهه نبار آهن ۽ جيڪڏهن ”اڻٽيهينءَ جي اونداهي“ جهڙيون تشبيهون اياز صاحب لطيف کان کَنيون به ته ان جو استعمال ايترو ته تخليقي ۽ نِبار آهي، جو ڄڻ اها تشبيهه پڻ هن وٽ ترڪيب جي لحاظ کان نئون تخليقي جنم وٺي ٿي. اياز صاحب جا استعارا، تلميحون، اشارا، ڪنايا، ڪافيا، بندشون، ۽ خيال جي اڻت ڄڻ ته هڪ تخليقي ڪرشمو آهي، جيڪو ويهين صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڀاڳ ۾ آيو. شيخ اياز جي دلي دوست ۽ پارکوءَ سائين محمد ابراهيم جويي ان حوالي سان هڪ دلچسپ واقعو قلمبند ڪيو آهي، هُو لکي ٿو:
”اياز هڪ ڀيري ’فيض‘ کان پڇيو: ’فيض! تنهنجي چئن ئي ڪتابن – نقش فريادي، دستِ صبا، زندان نامه ۽ دست تههِ سنگ- ۾ ڪو اهڙو هڪ به لفظ يا قافيو آيل آهي، جو اڳ اردوءَ جي شاعرن ڪم نه آندو آهي؟‘ – ته فيض لاجواب ٿي ويو هو. اياز پنهنجي ٻوليءَ کي ڪتابي ٻوليءَ مان ڪڍي ۽ عوامي ٻوليءَ سان مالامال ڪري، ان کي ايڏي وُسعت ۽ تازگي ڏني آهي، جو سنڌي شاعري سمورا بند ڀڃي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي وڌي آهي ۽ اُن مان نوان لفط، نيون ترڪيبون ۽ نوان قافيا هاڻي کُٽڻا ئي نه آهن ۽ ان جي فڪر ۽ جذبي جي اَجهل پالوٽ هاڻي بيهڻي ئي نه آهي.“14
ٻئي طرف اياز هو، جنهن جيڪي استعارا، تشبيهون، تلميحون، ڪنايا، علامتون، قافيا، رديف ۽ ترڪيبون پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ڪتب آنديون، هن کان اڳ ڪنهن اُنهن جو تصور به نه ڪيو هو.
سنڌي ادب ۾ فڪري، فني ۽ تخليقي تنقيد اڃا ڄڻ ته بانبڙا پئي پائي ۽ اُن جي وُسعت ۽ گِهرائيءَ جي حوالي سان وڏي ڪم جي ضرورت ۽ گنجائش آهي. هڪ دور هو جڏهن محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي، مولانا گراميءَ ۽ پوئين دور ۾ امير علي چانڊيي ان کي اوج تي رسايو پر هم عصر سنڌي ادب جي دور ۾ ادبي تنقيد گهڻي ڀاڱي سطحي تبصرن کان مٿي نه ٿي چڙهي، جڏهن ته تنقيد جو ڪم ۽ ڪارج پرک، پروڙ ۽ ڇنڊ ڇاڻ آهي، پوءِ چاهي اها فڪر جي هجي يا ٻوليءَ ۽ فن جي. مان سمجهان ٿو ته جيئن سنڌ ۾ لطيف شناسيءَ جي ضرورت آهي، تيئن جديد دور ۾ اياز شناسيءَ ۽ بخاري شناسيءَ جي به وڏي ضرورت آهي. منهنجيءَ نظر ۾ اُنهن وڏن جديد سنڌي شاعرن سان گڏ اُن نئين نسل جي شاعريءَ جي به سڀ طرفي پرک ٿيڻ گهرجي، جن تي شيخ اياز وڏا گِهرا اثر وڌا. ٻي دنيا جيسين لطيف، سچل، اياز ۽ بخاريءَ کي سمجهي، تيسين گهٽ ۾ گهٽ پهرئين مرحلي ۾ سنڌ ۾ ته انهن جي حقيقي پرک ڪجي ته جيئن سندن سماج کين سندن حقيقي فڪري ۽ فني جوهر ۾ سمجهي ۽ پروڙي سگهي. پنهنجي حال سارو مون اهو ڪم زندگيءَ ۾ ٻولي کنيو آهي ۽ زندگيءَ جو ساٿ رهيو ته ضرور ڪندس پر ان لاءِ انيڪ ٻيا ماڻهو به گهرجن، ڇاڪاڻ ته اهو همه گير ڪم ڪوبه هڪ ماڻهو نه ٿو ڪري سگهي. سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ادبي ادارن کي ”اياز شناسيءَ“ بابت باقاعدگيءَ سان رٿابندي ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ”اياز شناسي“ رڳو هڪ فرد جي نه پر سنڌ سميت سڄي تخيلاتي سنسارَ جي شناس آهي.

ببليوگرافي
(1)     رشيد ڀٽي، ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد، انٿالاجي- حصو پهريون،  “شيخ اياز”، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي، فيبروري 1998ع، صفحا: 58 ۽ 59.
(2)      تنوير عباسي، شاهه لطيف جي شاعري، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 2016ع، صفحو: 38
(3)      رسول بخش پليجو، ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد، انٿالاجي- حصو پهريون،  ”شيخ اياز“، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي، فيبروري 1998ع، صفحو: 484۔
(4)      محمد ابراهيم جويو، ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد، انٿالاجي- حصو پهريون،  ”شيخ اياز“، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي، فيبروري 1998ع، صفحو: 111۔
(5)      اسحاق سميجو، ڪتاب ”گيڙو ويس غزل“،  روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2004ع، صفحو: 25
(6)     شيخ اياز، مهاڳ: ڪتاب ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ (مرتب: مظفر چانڊيو)، سنڌيڪا اڪيدمي، ڪراچي، 1992ع، ص: 50
(7)     شيد ڀٽي، ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد، انٿالاجي- حصو پهريون،  ”شيخ اياز“، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي، فيبروري 1998ع، صفحا: 93 کان 95۔
(8)     جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد، 1963ع، ص: 39-38
(9)     اسحاق سميجو، ڪتاب: ڳاءِ انقلاب ڳاءِ (مزاحمتي شاعري)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2015ع، صفحو: 15
(10)  ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1992ع.
(11)  خط، انٽرويو، تقريرون (1)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1991ع، ص: 138 کان 141 تائين.
(12)  اسحاق سميجو، ڪتاب ”گيڙو ويس غزل“،  روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2004ع، صفحو: 27
(13)  ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ص: 69
(14)  محمد ابراهيم جويو، مهاڳ ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘، 1970ع.



1  رشيد ڀٽي، ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد، انٿالاجي- حصو پهريون،  “شيخ اياز”، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي، فيبروري 1998ع، صفحا: 58 ۽ 59.
2  تنوير عباسي، شاهه لطيف جي شاعري، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 2016ع، صفحو: 38
3  رسول بخش پليجو، ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد، انٿالاجي- حصو پهريون،  “شيخ اياز”، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي، فيبروري 1998ع، صفحو: 484۔
4  محمد ابراهيم جويو، ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد، انٿالاجي- حصو پهريون،  “شيخ اياز”، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي، فيبروري 1998ع، صفحو: 111۔
5   اسحاق سميجو، ڪتاب ”گيڙو ويس غزل“،  روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2004ع، صفحو: 25
6  شيخ اياز، مهاڳ: ڪتاب ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ (مرتب: مظفر چانڊيو)، سنڌيڪا اڪيدمي، ڪراچي، 1992ع، ص: 50
7  رشيد ڀٽي، ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد، انٿالاجي- حصو پهريون،  ”شيخ اياز“، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي، فيبروري 1998ع، صفحا: 93 کان 95۔
8  جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد، 1963ع، ص: 39-38
9  اسحاق سميجو، ڪتاب: ڳاءِ انقلاب ڳاءِ (مزاحمتي شاعري)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2015ع، صفحو: 15
10  ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1992ع.
11 خط، انٽرويو، تقريرون (1)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1991ع، ص: 138 کان 141 تائين.
12  اسحاق سميجو، ڪتاب ”گيڙو ويس غزل“،  روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2004ع، صفحو: 27
13  ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ص: 69
14  محمد ابراهيم جويو، مهاڳ ‘ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘، 1970ع.

No comments:

Post a Comment