18/09/2017

ڪتاب سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
پروفيسر اعجاز قريشيءَ جو ڪتاب
سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون

ڪتاب ۾ ناشر پاران نوٽ، پيش لفظ سنڌ ۾ ٻولي ۽ سياست. سنڌي ٻوليءَ جو مقدمو، سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ۽ ترقي، سنڌي ٻولي ۽ سماج، سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙ، سنڌي ٻولي: ماضي حال ۽ مستقبل، سنڌي مادري ٻوليءَ جي تعليم: تاريخ ۽ پس منظر، سنڌي ٻولي بحيثيت ڪاروباري ٻولي، ون يونٽ دور ۾ سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم، سنڌي ٻولي ۽ حيدر بخش جتوئي، ثقافت جو ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، اهميت ۽ ضرورت، سماجي ڪارج، انتظامي ۽ ڪاروباري وهنوار کان ويندي تعليم جو ذريعو، سنڌي ٻولي هجڻ ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه، ترقي بابت ليکڪ جي ٻولي جي مسئلي تي حقيقي نگاهه رهي آهي. ٻوليءَ جو درد ۽ پيڙا محسوس ڪندي ٻوليءَ بابت انتهائي اهميت جوڳا ويچا ونڊيندي پروفيسر اعجاز قريشيءَ اسان جي ملڪ ۾ ٻولين سان ٿيندڙ ٻه اکيائي/ناانصافيءَ بابت انتهائي سنجيدگيءَ سان لکندي فطري ٻولين کي نظر انداز ڪرڻ ڪنهن ٻي ٻوليءَ کي مٿانهون مقام ڏيڻ يا فطري قومي ٻولين کي مقامي ٻوليون چئي نظر انداز ڪرڻ واري روش جو کلي دل سان اظهار ڪيو آهي.

16/09/2017

ڪتاب ”محبت جن جي من“ - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
رياضت ٻرڙي جو سهيڙيل ڪتاب
”محبت جن جي من“ جو تعارف


هن ڪتاب جا 5 ڀاڱا / باب آهن ، ڪتاب جو پيش لفظ لکيو آهي رياضت ٻرڙي، جڏهن ته سڀ کان پهرين ٻه پروفائيل ڏنل آهن، ٻيون مقالا / مضمون جن جو انگ 10 آهي. 3 ڪتابن جا اڀياس، تعارف ۽ تبصرا -13 ڏنل آهن، 4 تاثر ۽ يادگيريون 31، جڏهن  ته 5 ڀاڱي / باب ۾ ڊاڪٽر محبت بابت شاعري ڏني وئي آهي.
اپريل 1997ع تي وڇڙي ويل ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 20 هين ورسيءَ جي موقعي تي شايع ڪيل هي ڪتاب جنهن کي”اڪيڊمي ادبيات“ جي مالي سهڪار سان شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي بابت لکيل، مختلف ليکڪن جون لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن. ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جو هي 54-هون ڪتاب آهي جيڪو قنبر ۽ ڄامشوري کي ارپيو ويو آهي، جتي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجي حياتيءَ جا ڪيترائي املهه ورهيه گذاريندي علم ۽ ادب لاءِ جاکوڙ ڪئي. ڊاڪٽر محبت جا 19 ڪتاب سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڇپرايا ويا آهن. جڏهن ته هيءُ 20-هون ڪتاب  ڊاڪٽر محبت بابت مختلف ليکڪن جون لکيل لکڻيون آهن، جن ۾ ڊاڪٽر محبت جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، صحافتي، تخليقي، تنقيدي، تحقيقي ۽ تحريڪي وهنوار جا احوال ڏنل آهن، ته ڪهڙيءَ ريت هڪ نوجوان پنهنجين صلاحيتن آڌار سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ صحافتي دنيا ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائي. ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي زندگي ننڍايل خاڪو“ رياضت ٻرڙو، سندس ڄم ۽  تعليم، نوڪري ۽ خانگي ڪلينڪ، شادي ۽ اولاد، مطالعو، ادبي، صحافتي، سرگرميون، پبلشنگ ادارو، سنڌالاجيءَ لاءِ ڪيل ڪم، سماجي خدمتون، قلمي نالا، سنڌي ادبي سنگت قنبر سان وابستگي، سياسي سرگرميون، تخليقي، سياسي ڪتاب، عوامي  تحريڪ سان وابستگي، علمي ۽ عملي ڪم جي شروعات، وفات، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران ڊاڪٽر محبت جي شايع ٿيل ڪتابن جو وچور ڏنو ويو آهي. پروفائيل-2 ۾ ڇپيل / اڻ ڇپيل لکڻين جو وچور ڏنو ويو آهي.

ڌرتي: منهنجو گهر - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
ڌرتي: منهنجو گهر


هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2009ع ۾ پڌرو ڪيو ويو هئو. ڪتاب جي علمي اهميت کي ڏسندي هاڻي ڪتاب جو هي ٻيو ڇاپو پڌرو ڪيو ويو آهي.
* هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون لکڻيون شامل آهن جن ۾ سائنسي انداز فڪر سمايل آهي، غير سائنسي ۽ وهمي سوچ جي نندا ڪيل آهي، هن تحقيقي طور جيڪي به لکڻيون لکيون آهن، اهي اڻ ڄاڻائي، ڄٽائپ، سونسي، وهم، عقيدي، زوربار، جهل کان آجيون آهن ۽ ڄاڻ، سوچ، سمجهه، عقليت پسنديءَ، دليل، مشاهدي ۽ تجربي تي آڌاريل آهن. هن جي ادبي ۽ تحقيقي  مقالن / مضمونن  ۾ پڻ روايت پرستيءَ بدران استدلال کي پرکي سگهجي ٿو.

01/09/2017

ناول ”پيار درياهه“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
ناول ”پيار درياهه“ ڪجهه نئون ڏئي ٿو


سنڌيءَ ۾ ناول تيزيءَ سان لکجي رهيو آهي. اها ڳالهه خوشي ڏيندڙ آهي، ان کان به وڌيڪ خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته سنڌي ناول ”نئين“ ڏانهن وڌي رهيو آهي. ائين اميد جاڳي آهي ته گهڻي کان گهڻا ناول لکيا ويندا ته انهن مان گهڻي ئي سٺا ناول ظاهر ٿي پوندا.
نئين صدي اها آس پوري ڪري رهي آهي ته سنڌي ادب ۾ ناول جي حوالي سان جيڪا غربت آهي، ان ۾ ڪا گهٽتائي اچي ۽ پڪ سان سنڌي ادب ناول جي ڏس ۾ شاهوڪاريءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي. ايئن ڪجهه نئون به ڏيڻ لڳو آهي. جنهن جو اندازو تازو ئي ڇپيل اسحاق انصاريءَ جي ناول ”پيار درياهه“ پڙهڻ کان پوءِ لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ناول مون کي بيحد گهڻي خوشي ڏني آهي. تخليقي حوالي ۾اسحاق انصاريءَ جو هيءُ ٻيون ناول آهي، سندس پهريون ناول ”خالي بينچ“ آهي، جنهن ڪافي پذيرائي ماڻي ۽ هڪ کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪو آهي. سندس هيءُ نئون ناول گهڻو ڪجهه نئون ڏئي ٿو.