29/12/2013

شيخ اياز:جديد سنڌيءَ جو مهندار! - جامي چانڊيو (Jami Chandio)


شيخ اياز:جديد سنڌيءَ جو مهندار!
جامي چانڊيو

قومون ۽ سماج پنهنجيءَ فڪري، ذهني ۽ تخليقي سگهه جو اظهار ڪجهه فردن جي صورت ۾ ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي غير معمولي سرجڻهار پنهنجي تخليقي وهيءَ چڙهي، هڪ اهڙي دَور کي جنم ڏيندا آهن، جيڪو دور قومن کي تاريخ ۾ فڪر، فن، ٻوليءَ جي واڌاري جي اوج جون ٻرانگهون ڀرائي اتهاس ۾ اڳتي وٺي وڃڻ جو محرڪ بڻبو آهي. ويهين صديءَ جي سنڌ جي ادبي ميدان ۾ شيخ اياز به هڪ اهڙو ئي فرد هو. هڪ فرد ڇا، هو جديد سنڌي ادب جي اوسر، تخليقي ۽ مزاحمتي سگهه جو هڪ ڀرپور دَور هو ۽ آهي.

20/12/2013

سنڌي ثقافت - شوڪت لوهار (Shoukat Lohaar)


سنڌي ثقافت ٽوپي اجرڪ کان قلم ۽ ڪتاب تائين
شوڪت لوهار
گهڻو وقت ٿيندو جو مان پنهنجي ڀائيٽي سان گڏ هئس ۽ اسين ملتان جي هڪ ٻهراڙي واري دوست جي دعوت تي وڃي رهيا هئاسين، سنڌ جي آخري ضلعي گهوٽڪي ۾ رهڻ جي نسبت سان ۽ پنجاب سان ويجهو هجڻ ڪري اڪثر پنجاب وڃڻ ٿيندو رهندو هو پر اسين پنجاب ملتان کان پوءِ واري شهرن فيصل آباد، بکر ۽ لاهور کي سمجهندا آهيون، ڀلي سرحدي زنجيرون اسان کي صادق آباد کان به پهريان ڪمون شهيد تائين سنڌ جي حدن جي اختتام جو ڏس ڏينديون هجن. سو ٻهراڙي جي هڪ بس ۾ سوار ٿياسين بس ۾ تمام گهڻي پيهه هئي، دوست سان اڳ ئي ڳالهائي ڇڏيو هو ته اسان کي ڪٿي لهڻو آهي. هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن اڃا شهرن ۽ ڳوٺن کي چنگچين جي زهريلي آزاري آواز ڪو نه کاڌو هو ۽ اڃا سنڌي ٽانگن جي شاهي سواري عام جام هئي. بس ٿورو اڳيان هلي ته ان ۾ هڪ عورت اچي سوار ٿي جنهن کي ڪجهه ڪتاب ۽ هڪ حاضري رجسٽر هٿن ۾ هو، جيئن ته بس ۾ جاءِ ڪو نه هئي ۽ هُن کي ٻين جيان بيهڻو پيو، تنهن تي اهو لڪاءُ اسان کان ڏٺو ڪو نه ٿيو، اسين يعني مان ۽ منهنجي ڀائٽي اٿي کيس جڳهه ڏني. هن عورت اسان مان هڪ ڄڻي کي پاڻ سان گڏ ويهڻ لاءِ چيو، مان ويهي رهيس، ان پڇاءُ ڪئي ته اوهان مون کي پنهنجي جاءِ ڇو ڏني؟ مون وراڻيو ”اسين سنڌي آهيون.“

ڀٽائيءَ کي دريافت ڪريون - ثناءُ الله عتيق چنجڻي (Sanaullah Atique)


اچو ته ڀٽائيءَ کي دريافت ڪريون
ثناءُ الله عتيق چنجڻي

سترهين صديءَ عيسويءَ  ۾ ٻاروتڻ جا ڏينهن گهاري ڀٽائيءَ جڏهن ارڙهين صديءَ ۾ سمجھه ۽ شعور جا ڏيئا ٻاريا، تڏهن يورپ فطرتي لقائن ۾ دلچسپي وٺندي اوائلي جديديت ۽ سائنسي انقلاب وارو پيڙهه جو پٿر اڃا مس رکيو هو. مجموعي طور تي يورپ ۾ سجاڳيءَ واري تحريڪ سبب فلاسافي جي موضوعن ۽ سائنسي ڄاڻ جي لاءِ يورپ ۾ ڪشادي جڳهه پيدا ٿي چڪي هئي. ساڳي طرح، اهڙين حالتن اندر سنڌ مغلن جي قبضي هيٺ پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي هئي. سنڌ جو قومي ۽ تاريخي تصور ڌُنڌلائجي چڪو هو. سنڌي ٻولي فارسيءَ جي غلبي هيٺ دٻجي چڪي هئي. سنڌ جون مهذب روايتون پنهنجي ڌرتيءَ تي لاوارث بڻجي چڪيون هيون. درٻاري سازشن جو ڄار سنڌ جي صدين جي ورثي کي ڪوريئڙي جيان جڪڙي چڪو هو. مسلسل شورشن ۽ فسادن واري اهڙي دور (1689ع) ۾ سنڌ اندر ترقيءَ ۽ سجاڳيءَ جو تصور هڪ خواب مثل هو، تڏهن  سنڌ کي هڪ اهڙي مدبر جي ضرورت هئي، جيڪو سنڌ جي حالتن کي ترقي ۽ تبديليءَ ڏانهن وٺي اچي.  ڀٽائي اهڙي لافاني ڪردار طور جنم ورتو، جنهن سنڌ جي ابدي ورثي کي غلاميءَ کان نجات ڏياريندي امر ڪري ڇڏيو.

سنڌي ٻولي ۽ ثقافت - يوسف شاهين (Yousif Shaheen)


سنڌي ٻولي ۽ ثقافت
يوسف شاهين
سنڌي دنيا جي قديم ترين ٻولي آهي جيڪا گذريل پنج هزار سالن کان دائم ۽ قائم آهي. ايڏي ڊگهي عرصي دوران سنڌيءَ کان علاوه فقط فارسي، عربي ۽ چيني ٻوليون پاڻ بچائي سگهيون نه ته باقي دنيا جون قديم ۽ عظيم ٻوليون وقت سان گڏ فنا (extinct) ٿي ويون. انهن فنا ٿيندڙ ٻولين ۾ سميرين (Sumerian) اڪادين (Akkadian) سنسڪرت (Sanskrit) فونيشين (Phonician) هئبرو (Hebrew) پالي (Pali) ايلامائيٽ (Elamite) اٽراسڪن (Etrascan) هٽائيٽ (Hittite) ارامائيڪ (Aramaic) ڪيلٽڪ (Celtic) لئٽن (Latin) ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون شامل آهن جيڪي ختم ٿي چڪيون آهن. اهو چوڻ ته ڪابه ٻولي ختم نٿي ٿي سگهي، ان غلطفهميءَ مان نڪرڻ لاءِ مٿي ڏنل مثال ڪافي آهن.

ڀٽائي عظيم ڇو آهي؟ - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

لطيف شناسي: ڀٽائي عظيم ڇو آهي؟
جامي چانڊيو

هونئن ته لطيف جي عظمت جا ڳُڻَ سنڌ ۾ هر ڪو ڳائي ٿو، ويندي اُهي به، جن اڄ تائين سندس هڪ به بيت شعوري طور پڙهيو ۽ پروڙيو نه آهي. الميو ته اِهو آهي ته پوڻا ٽي سئو سال گذري وڃڻ کان پوءِ به اسان جي سماج جي اڪثريت کيس ڪو مفڪر، فيلسوف، عظيم شاعر، غيرمعمولي آرٽسٽ ۽ ڏاهو نه پر هڪ ”اولياءَ” يا ”بزرگ” سمجهي ٿي، جتي ماڻهو باسُون باسڻ وڃن ٿا، هن کان ڌيئرون ۽ پُٽَ گهُرن ٿا يا پنهنجون مختلف مُرادون پوريون ڪرڻ لاءِ هن آڏو آسُن جا جهول جهلين ٿا ۽ اهڙا شعور ۽ لطيف جي حقيقي شناس کان وانجهيل ماڻهو اِهو نه ٿا ڄاڻن ته هو هڪ سماجي ڏاهو ۽ عظيم مفڪر شاعر هو. هو ماڻهن کي اُهي عظيم تخليقي ۽ سَگهارا خيال، تصور، آدرش، احساس، رويا، خواب ۽ روحاني جُرئتون ڏئي ٿو، جن جو ڪو مُلهه ٿي سگهي ئي نه ٿو.

17/12/2013

`سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ تي هڪ نظر - آفتاب ابڙو (Aftab Abro)


’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ تي هڪ نظر
آفتاب ابڙو

آ ڪو ايڏو اديب يا نقاد نه آهيان، نڪو وري ٻوليءَ تي عبور هجڻ جي دعوا اٿم، نه وري هرڀور ڪنهن جون وڏون ڪڍڻ جو شوق اٿم. بس، ادب جو هڪ ادنيٰ شاگرد آهيان. پنهنجو قومي فرض ڄاڻندي، سنڌي ٻوليءَ جي صحت، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ وت آهر ويچاريندو رهندو آهيان. مان انتهائي ٿورائتو آهيان، خاص طور جناب ڊاڪٽر بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، سراج الحق ميمڻ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، جناب عبدالڪريم سنديلي ۽ پنهنجي سائين صفدر علي شاھ جو، جن منهنجي تنقيدي مضمونن ’سچل جو سنيهو‘ (پيغام فيبروري- مارچ ۱۹۸۵ع) ۽ ’درسي ڪتابن جو جائزو‘ (پيغام، آڪٽوبر- نومبر ۱۹۸۶ع) کي ساراهيو ۽ مون کي وڌيڪ لکڻ لاءِ همٿايو.

سنڌ جو ڪلچر ۽ حقيقت پسندي - اسد چانڊيو (Asad Chandio)


سنڌ جو ڪلچر ۽ حقيقت پسندي
اسد چانڊيو
غير حقيقت پسندي فقط اها ئي نه آهي ته، ڪنهن اهڙي شيءِ کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، جنهن جي ثابتي لاءِ ڪو ثبوت هجي ئي نه. پر غير حقيقت پسندي اها به آهي ته، جنهن ڳالهه جي حق ۾ ثبوت موجود هجن، ان کي مڃڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏجي- ۽ سنڌ ڊگهي عرصي کان غير حقيقت پسنديءَ جي مرض ۾ ورتل رهڻ ڪري، هاڻ غير حقيقت پسنديءَ جي به مٿين منزل، يعني عقيدي پرستيءَ جي انتها کي ڇهڻ لڳي آهي! اهڙي عقيدت پسندي، جنهن کي اسان ”حقيقتن جي ابتڙ“ هئڻ جي وصف طور سمجهون ۽ سڃاڻون ٿا.

ڪتاب ”دادو ايٽ ءَ گلانس“ - ڊاڪٽر لياقت مگسي (Dr. Liaqat Magsi)


غلطين سان ڀرپور ڪتاب ”دادو ايٽ ءَ گلانس“
ڊاڪٽر لياقت مگسي
تازو انگريزي ۾ آيل ڪتاب ”Dadu at a Glance“ (دادو ايٽ ءَ گلانس) ڊسٽرڪٽ ائڊمنسٽريشن دادوءَ طرفان محترم ڊاڪٽر نياز علي عباسي ڊپٽي ڪمشنر دادو جي ايڊيٽنگ هيٺ 2013 ۾ آيل آهي. هن کان اڳ مون کي ساڳئي ڊپٽي ڪمشنر نياز علي عباسي جو هڪ گهوٽڪيءَ تي پڻ (Ghotki at a Glance) ”گهوٽڪي ائٽ ءَ گلانس“ نظر مان گذريو. گهوٽڪي واري ڪتاب ۾ پڻ مون کي ڪافي غلطيون نظر آيون، پر هينئر دادوءَ متعلق جيڪو ڪتاب آيو آهي سو ته سڄو غلطين ۽ پنهنجي سورهيائي سان ڀرپور آيو آهي. حالانڪه تابش بخاريءَ جهڙا دوست ڪتاب تي ڪوڙي تبصري کان سواءِ رهي نه سگهيا آهن، جنهن ڪتاب جو مطالعو ڪيو ئي ناهي. انگريزي ۾ هي ڪتاب ان ڪري شايع ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌ، پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر دادوءَ متعلق مختصر مطالعو ڪري ۽ معلومات حاصل ڪري سگهجي ۽ ڊپٽي ڪمشنر عباسي صاحب پنهنجي حيثيت مڃرائي ۽ هڪ اهل ڪتاب ٿي سگهي.

سنڌي لفظن جي اوسر - ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي (Dr. Jetley)


سنڌي لفظن جي اوسر

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

اسان جي سنڌي ٻولي، ڀارتيه آريه ڀاشائن (Indo Aryan Languages) جي سٿ ۾ اهم درجو ولاري  ٿي. اُن جي بنيادي بيهڪ انهن ٻولين جي بناوت وانگر ئي آهي. جيتوڻيڪ اوسر جي سلسلي ۾ سنڌيءَ ۾ ڪجھ نراليون خاصيتون به پيدا ٿيون آهن. ساڳيءَ طرح، سنڌيءَ ۾ ڪتب ايندڙ گهڻا لفظ اُهي آهن، جيڪي سنسڪرت، پالي، پراڪرت ۽ اپڀرنش منزلن کي پار ڪري اسان جي ٻوليءَ ۾ پهتا آهن. انهن کان سواءِ عربي، فارسي، انگريزي ۽ ٻين ڪن ٻولين جا ڪيترا ئي لفظ به سنڌيءَ جذب ڪري، پنهنجا بڻائي ڇڏيا آهن. جهڙيءَ طرح هر قوم، هر ملڪ کي پنهنجي تاريخ آهي، تهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي گهڻن ئي لفظن جو به پنهنجو دلچسپ داستان آهي. وڪاس جي سلسلي ۾ ڪي لفظ پنهنجي صورت ايتري قدر بدلائي ٿا ڇڏين، جو انهن جو اصل روپ سڃاڻڻ ئي مشڪل ٿيو پوي. ڪي وري پنهنجيءَ معنيٰ ۾ به چڱي تبديل آڻيو ڇڏين. اچو ته هتي چونڊ سنڌي لفطن جي بڻ- بنيادي ۽ اوسر جي ڄاڻ حاصل ڪريون.

زيب نظاماڻيءَ جي پهرين وک - ڪامريڊ ڪريم بلوچ (Comrade Karim Baloch)


زيب نظاماڻيءَ جي ٻاراڻي شاعريءَ ڏانهن پهرين وک
ڪامريڊ ڪريم بلوچ
محترمه زيب نظاماڻيءَ جو تازو ڪتاب ”هلو هلون اسڪول“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو طرفان ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو آهي. ان ڪتاب ۾ ڪمال جي شاعري آهي. زيب نظاماڻيءَ کي شاباش آهي جو هن پنهنجن محسنن ۽ جيئري جاڳندڙ سنڌ جي هڪ اهم سڄاڻ ۽ نالي واري شاعر کي به نه بخشيو آهي. هن ڪتاب ۾ هونئن ته گهڻا ڪمال آهن پر ٻارڙن لاءِ لکندڙ اهم شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سان جيڪا زيادتي ڪئي ويئي آهي ان جا ڪيترائي مثال بنا ڪنهن تبصري جي هيٺ پيش ڪجن ٿا جنهن جو فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪندا، ته هي سڀ ڇا آهي؟ ڪتاب جو نالو ”هلو هلون اسڪول“ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتاب ”اکر اکر سرهاڻ“ ڇپائيندڙ ڪنول پبليڪيشن قمبر سال 2002ع جي صفحي 55 تي سندس گيت جو عنوان آهي. ”هلو ته هلون اسڪول“ تان ورتل آهي. هنن نظمن ۾ زيب نظاماڻي ساڳي انداز کي ٿوري ڦيرڦار سان لکيو آهي. پڙهندڙن کي سندس شاعري ڪچي ۽ ٻاڙي لڳندي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو هڪ مشهور نظم آهي:
منهنجا مٺڙا مولا سائين،
شال تون منهنجي سمجهه وڌائين.