09/06/2020

”پنهون“ ناول جو تنقيدي جائزو - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
پنهون“ ناول جو تنقيدي جائزو

ادب جا ڪيترائي قسم آهن. هڪڙو ادب رڳو عڪاسي ڪندو آهي ۽ ٻيو عڪاسي ڪرڻ سان گڏ مزاحمت به ڪندو آهي. مزاحمت سياسي ۽ سماجي به ٿيندي آهي ته فڪري، نظرياتي ۽ ثقافتي پڻ. منظور ٿهيم جو هي ناول به مزاحمتي آهي، جنهن ۾ مزاحمت جا سڀ ئي رنگ موجود آهن پر سياسي رنگ وڌيڪ نمايان آهي.
ڄام درڪ هڪ سڄاڻ نوجوان آهي جنهن جي يادگيري ۾ اهو ڀيانڪ منظر نقش ٿيل آهي جنهن ۾ ننڍي هوندي هن جي ڳوٺ تي بمباري ڪئي ويئي هئي. هن جي ملاقات هڪ ٻي نوجوان توڪلي سان ٿئي ٿي جيڪو هڪ محبتي، انقلابي ۽ مدبر ماڻهو آهي. توڪلي جي ڳوٺ مان هڪ نوجوان اچانڪ غائب ٿي وڃي ٿو جنهن جو نالو پنهون آهي. پنهون توڪلي جي ڳوٺ ۾ مهمان بنجي آيو هو ۽ ڪوئيٽا يونيورسٽي جو شاگرد هو. هو يونيورسٽي ۾ هر دلعزيز ۽ هڪ انقلابي جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو.

سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)


ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو تحقيق ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب:
سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام


سنڌي شعري ادب جِي تاريخ جي مطالعي سان معلوم ٿيندو ته ڪلاسيڪل دَور جي شاعرن کان وٺي ويهين صديءَ تائين، مختلف شاعرن جي شاعريءَ جا مجموعا، مختصر تعارفن توڙي مفصل مقدمن سميت ڇپيا آهن، جن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف سُوڌو سچل سرمست ۽ ساميءَ سميت مير عبدالحسين سانگي، بيدل ۽ بيڪس، حسين فقير ديدڙ، شاهه محمد ديدڙ وغيره شامل آهن. ان سلسلي هيٺ، ويجهڙ ۾ سيد پير علي شاهه جي متفرقه ڪلام جو مجموعو ”سيد پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام“ جي نالي سان ڇپيو آهي، جيڪو سنڌ جي نامور محقق، لطيف شناس ۽ لوڪ ادب جي ماهر، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو تحقيق ۽ ترتيب ڏنل آهي. پاڻ ان ڪتاب جو ”مقدمو“ ۽ تعارفي ليک ”ڪلام جي سهيڙ“ پڻ لکيو اٿائين.