08/12/2017

ناول همه اوست جو جائزو - اختر علي گهنڃو (Akhtar Ali Ghanjo)

اختر علي گهنڃو
آغا سليم جي هڪ بهترين ناول
همه اوست جو جائزو

آغا سليم هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو هڪ ئي وقت لطيفيات جو ڄاڻو، ٻوليءَ جو ماهر، سفرنامه نويس، ڊرامه نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار هو. آغا صاحب جي شخصيت جو هر پهلو نمايان آهي. هن جي مطالعي ۾ ادب جو وڏو حصو آيو. توڙي جو زندگيءَ هڪ موڙ تي پهچي هو پنهنجي تخليقي ڪم تي تحقيقي ڪم کي فوقيت ڏيڻ چاهي. پر هن جي تخليقي ادب جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. سندس ناول همه اوست ۽ انداهي ڌرتي روشن هٿ سنڌي ناول نگاري جي تاريخ ۾ هڪ مائيل اسٽون جي حيثيت رکن ٿا.

ناول نگاري جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ ڪافي سٺا ناول آيا آهن جن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جو سانگهڙ 1963ع، سراج جو پڙاڏو سوئي سڏ (1970ع)، آغا سليم جا ناول روشنيءَ جي تلاش (1960ع)، اڻ پورو انسان، اونداهي ڌرتي روشن هٿ (1978ع)، همه اوست، حليم بروهي، اوڙاهه (1975ع)،  ماڻڪ، لڙهندڙ نسل (1971ع) رڃ ۾ پڙاڏا (1978ع)،  قاضي خادم، پيار ۽ سپنا (1977ع)، طارق اشرف، ميرو ڌاڙيل (1980ع)، ج ع منگهاڻيءَ جو رڃ، طارق عالم ابڙي جو رهجي ويل منظر، ڊاڪٽر اسحاق انصاريءَ جو خالي بئينچ، ۽ تازو آيل سندس ٻيو ناول پيار درياه، اخلاق انصاريءَ جو اڏوهي ۽ ڪجهه ٻيا اهم ناول آهن، جن ناول نگاريءَ جي صنف کي اعليٰ درجي تي پهچايو آهي. ڊاڪٽر نور افروز خواجه پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر  ۾ 1947ع کان وٺي 1994ع تائين ڇپيل ناولن جي لسٽ ڏني وئي آهي. انهيءَ لسٽ جي شروعاتي 33 سالن ۾ 58 کن اصلوڪا ناول آيا آهن.
ناول نگاريءَ جي ان مختصر تاريخ ۾ آغا سليم جا ناول اهم جاءِ والارين ٿا. مشهور دانشور ۽ ڪهاڻيڪار شوڪت شوري آغا سليم جي ناول همه اوست لاءِ لکيو آهي ته، تصوف ۽ ويدانت سنڌي شاعريءَ جو روح آهي. افسانوي ادب ۾ ان موضوع تي پهريون ڀيرو آغا سليم همه اوست جي نالي سان ناول لکيو. شوڪت شوري صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته، همه اوست جو مطلب آهي All is he. تصوف ۾ وحدت الوجود جي فلسفي موجب هرموجودات هڪڙي ئي وجود ۾ سمايل آهي. يعني هر شئي خدا آهي. جيئن ويدانت ۾ آهي: اهم برهماسمي. آغا سليم جو ناول سنڌ جي ان تاريخي دور سان تعلق رکي ٿو، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، صوفي شاهه عنايت، خواجه محمد زمان لنواري وارو ۽ مخدوم معين ٺٽوي جهڙا صوفي ۽ سيڪيولر بزرگ موجود هئا. ان وقت سنڌ تي مغلن جي حڪومت هئي. سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ جهوڪ جي شاهه عنايت ”جيڪو کيڙي سو کائي“ جو ڪميونواد نظريو عمل ۾ آندو. آسپاس جي جاگيردارن ۽ وڏيرن کي ڊپ لڳو ته سندن هاري به باغي بنجي ويندا. ٺٽي جي مغل گورنر هنن جي دانهن تي فوج چاڙهي موڪلي شاهه عنايت پنهنجن ساٿين سان گڏ فوج جو مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو. ”همه اوست“ سنڌ جي ان سياسي ۽ سماجي پس منظر ۾ لکيل ناول آهي، جنهن جي اڻت ۾ تصوف ۽ سيڪيولرزم کي بنيادي حيثيت آهي.
همه اوست اصل ۾ تصوف گاڏڙ تاريخي ناول آهي، جنهن ۾ هن سنڌ جي بنيادي فڪر کي نئين سر بيان ڪيو آهي. آغا صاحب همه اوست ۾ لکي ٿو،ٺٽي جي علي شيرازي ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جون سماع جون محفلون! هن سنڌ، گجرات ۽ مارواڙ ۾ سنٿ پنٿي اسماعيلي ڏٺا جن جي رهڻي ڪهڻي هندن جهڙي هئي ۽ گُپتي ٿي سڏيا ويا ۽ جن ڳوٺ ڳوٺ وستيءَ وستيءَ ۾ الله جي هيڪڙائي ۽ عشق، ماڻهن جي هڪ جهڙائي ۽ ڀائپيءَ جا اسلامي ڀڄن ٿي ڳايا ۽ ذات پات واري برهمڻ سماج جي ڌڪاريل انسانن جا ٽولا اچي ساڻن شامل ٿي ٿيا. هاڻي سنڌ جا، مغلن، جاگيردارن ۽ ڏاڍ جا ماريل، هاري ناري، ڪڙمي ڪاسبي ٽولن ۾ جهوڪ ڏانهن ٿي ويا جتي هنن جو مسيحا هو! ڪهڙي خبر ته مان به تاريخ جي جبر جو شڪار ٿيان ۽ جهوڪ وارو مسيحا منهنجي هٿان مصلوب ٿئي. نواب کي پنهنجو پاڻ مان، پنهنجي مسند مان، بخمل جي لباس مان، هيرن جواهرن مان، صندل حنا ۽ مشڪ جي خوشبوئن مان انساني رت جي بوءِ اچڻ لڳي. هن يڪدم جام چپن تي آندو ۽ ڳيت ڏيئي پي ويو. زبان چپن تي ڦيريندي هن سارنگ کان پڇيو:
”تنهنجو تصوف جي باري ۾ ڇا خيال آهي.“
سارنگ به جام خالي ڪيو ۽ چپ اگهندي چيائين ”تصوف اسلام جي عجمي صورت آهي.“
”ڪيئن؟“
”بغداد ۾ جڏهن سنڌ جي پنڊتن ۽ اخوان الصفا عالمن هندوستان ۽ يونان جي ڏاهپ کي عربي زبان ۾ آندو ته عربن جي ذهني دنيا ۾ انقلاب اچي ويو. عقل ۽ عقيدي ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ۽ معتزله جو طبقو وجود ۾ آيو جنهن عقيدي کي عقل سان پرکڻ شروع ڪيو. معتزله چيو ته خدا شڪل ۽ صورت کان پاڪ آهي. ان ڪري اهو عقيدو صحيح نه آهي ته قيامت ۾ خدا جو ديدار ٿيندو. قيامت جي ڏينهن ڪو ڪنهن جي شفاعت نه ڪندو ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻهو خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري تنهن کي ڪنهن جي شفاعت تي بخشي ڇڏڻ عدل ۽ انصاف جي خلاف آهي. ابليس نفس امازه ۽ ماڻهوءَ جي غضب ۽ شهوت جي قوت آهي. جبرائيل نبيءَ جي پنهنجي ئي جبرائيلي قوتن جو نالو آهي ۽ وحي نبي پنهنجي ذات مان ئي فيض حاصل ڪندو آهي. هر ظاهر پنهنجي باطن مان نڪري ٿو ۽ ظاهر باطن جو ظاهري روپ آهي. ظاهر تنزيل ۽ باطن تاويل آهي. اسماعيل، قرامطي ۽ فاطمي باطنيه هئا.
آغا سليم وڏو فنڪار هو. هن جي فن ۾ اها رمز آهي، جيڪا متاثر ڪندڙ آهي. فني اعتبار کان سندس تحريرون پڪيون ۽ پختيون آهن. منظر نگاري ته ڪوئي کائنس سکي، هنن سٽن ۾ سندس منظر نگاري ڏسو، تنبوءَ ۾ سانت ڇانئجي وئي. اوچتو سانت ۾ پازيب ڇمڪيا ۽ عنايتي لنگهياڻي اندر آئي. هن هٿ ٻڌي نوڙي نواب کي سلام ڪيو ۽ قالين تي ويهي رهي. عنايتيءَ جو رنگ ڪڻڪائون ۽ بدن ماسيرو هو. سندس بدن کي ڏسي سارين جي اهڙي پڪل پوک ٿي ياد پئي جنهن ۾ اڃا لابارو نه پيو هجي. عنايتيءَ هلڪي کنگهڪار ڪري نڙي صاف ڪئي. سازن ساهه کنيا ۽ عنايتيءَ بيت ڏنا.
سر نسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين
مون تو ڪارڻ ڪانڌ! سهسين سُکائون ڪيون
سَر لوهيڙا ڳڀيا، ڪُسر نِسريا
تو ڪئن وسريا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا
بيت ٻڌي سڀني جي دلين ۾ اتر واءُ گهليو ۽ درد جا سَر نِسريا عنايتيءَ ڪافي شروع ڪئي:
آيل، ڪريان ڪيئن، منهنجو نينهن آپليو نه رهي
اُڏوهيءَ جيئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽي سينءَ
گوندر مٿان جندڙي، دريا دلين جيئن
منهنجو نينهن آپليو نه رهي.
ڪافي پوري ٿي ته سڀني جي دلين کي گوندر جون وليون وڪوڙي ويون ۽ ڏکڙا چوٽيءَ تائين چڙهي ويا. نواب هيري جي منڊي لاهي عنايتيءَ کي ڏني ۽ علي کان پڇيائين:
”هي ڪنهن جو ڪلام آهي؟“
”سائين هڪڙي نوجوان سيد زادي جو ڪلام آهي. چون ٿا ويراڳي آهي. جوڳين سامين سان جبل جهاڳيندو ٿو وتي. مخدوم معين وٽ ٺٽي ۾ ايندو آهي.“
”سيد زادي جي شاعريءَ ۾ ڪيڏو نه درد آهي.“
”چون ٿا ته مغل زاديءَ جي چيچ ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو ۽ سندس چيچ جهلي چيائين ته جنهن جي چيچ سيد جي هٿ ۾ تنهن کي لهر نه لوڏو.“
نواب سوچيو ته اهي به ڪهڙا نه خوش نصيب انسان آهن جيڪي چيچ ڏسي پرينءَ کي سڃاڻي ٿا وٺن. مان ته سهڻن سهڻن چهرن جي جهنگ ۾ ان چهري کي ڳوليندو ٿو وتان، جنهن جا پار چوڏهينءَ جو چنڊ ڏيندو آهي.

همه اوست ناول جي اهم خوبي اها به آهي ته ان ۾ شاھ سائينءَ جا بيت ۽ ٻيا ڪي اهم تاريخي رفرنس ڏنا ويا آهن. جيڪي ناول کي حقيقت جي ويجهو آڻين ٿا. همه اوست ۾ هڪ پاسي تاريخ آهي، ٻئي پاسي فن آهي ته ٽئين پاسي تصوف جو فڪر آهي. مجموعي طور تي همه اوست جا اهي سڀيئي پهلو ملي جماليات جو هڪ اهڙو دستاويز ٺاهين ٿا جيڪو سنڌي ادب جي ناول نگاري ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿو.

1 comment: