21/04/2014

امداد حسيني ۽ سندس شاعري - سحر امداد (Sahar Imdad)



امداد حسيني ۽ سندس شاعري
سحر امداد
امداد جي شاعريءَ بابت مان جڏهن جڏهن به لکڻ ويهندي آهيان، تڏهن تڏهن واقعن ۽ ڳالهين جو هڪ سمونڊ پنهنجي تيز تکين ڇولين سان مون ڏانهن ڊوڙندو ايندو آهي ۽ پنهنجي تيز تکي وهڪري ۾ مون کي لوڙهي ويندو آهي. امداد پنهنجي سِٽ سِٽ کي ڪيڏي پيار ۽ پاٻوهه مان لساريو آهي. پٽ- ڪِيئين جيان پنهنجي ئي Cocoon ۾ پٽَ-سِٽ کي پنهنجي ئي وجود تي ويڙهيندو ويو آهي. هن لاءِ هن جي سموري ڪائنات سميٽجي ان Cocoon ۾ اچي وئي آهي.

20/04/2014

ڪتاب ”مٽيءَ جو عشق“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



نامياري ڪهاڻيڪار محمد صديق منگئي جو
”مٽيءَ جو عشق“
رکيل مورائي
  • سنڌي ڪهاڻي جئي رهي آهي ڇا ان کي شاباس نه هُجي؟
جيڪڏهن هوءَ پاڻمرادو جئي نه رهي آهي، ته پوءِ پڪ سان هن کي جيارڻ وارن کي جسُ هجي!
۽ اڄ جي سنڌي ڪهاڻي کي جيارڻ وارن جي ڊگهي فهرست جي پهرين نالن مان هڪ نالو محمد صديق منگئي جو به آهي، اهو وسارڻ نه گهرجي.

سفرنامو ”پکي پيار امن جا“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



بشير منگيءَ جو سفرنامو ”پکي پيار امن جا“
رکيل مورائي
سنڌيءَ ۾ سفرنامن جي چڱي ئي فهرست آهي، جيڪي الڳ الڳ ملڪن جا آهن، ڀلجان نٿو ته پهريون سفر نامو ”سفر من اندر“ مٺي نصير مرزا جو آهي، جيڪو ملڪ جي اندرين حصن آس پاس وارن شهرن ۽ دل جي الڳ ڪنڊن جو سفرنامو آهي، جيڪو هڪ احساس آهي.

ڪتاب ”لاڙڪانه ڪي چار درويش“ - پروفيسر سليم ميمڻ (Prof. Saleem Memon)



ڪتاب ”لاڙڪانه ڪي چار درويش“:
هڪ تاريخي دستاويز
پروفيسر سليم ميمڻ
’لاڙڪانه ڪي چار درويش مسلم شميم صاحب جو اٺون ڪتاب آهي. جيڪو سال اڳ پڌرو ٿيو هو. هن کان اڳ مسلم شميم جا پنج نثري ڪتاب، جن ۾ تنقيدي، تحقيقي ۽ فڪري مضمون آهن، ۽ ٻه شعري مجموعا پڙهندڙن تائين پهتل آهن.
مسلم شميم هر فن مولا آهي. سندس صحافت جي ميدان ۾ پڻ وڏيون خدمتون آهن. هڪ مثالي استاد ۽ منتظم ۽ وڏي پائي جا وڪيل آهن ۽ منهنجي خيال ۾ هڪ اعليٰ وڪيل جي منصب تي مقرر شخصيت لاءِ، ٻيا منصب ۽ حوالا معنيٰ وڃائي ويهن ٿا. ڇاڪاڻ ته وڪالت اهڙو ڪسب آهي، جيڪو ڪنهن کي ڦاهيءَ تي ٽنگرائي ٿو ڇڏي، ته ڪنهن کي ڦاهيءَ جي تختي کان آجو ڪري ٿو ڇڏي ۽ اوهان ۾ اهي سمورا گڻ اتم درجي تي موجود آهن.

18/04/2014

جت جر وهي ٿو جال جو مهاڳ - عبدالقادر جوڻيجو (Abdul Qadir Junejo)



نامور سفرنامه نويس الطاف شيخ جي ڪتاب
”جت جر وهي ٿو جال“ جو مهاڳ
عبدالقادر جوڻيجو
سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ”جيترا منهن اوتريون ڳالهيون“ سو ادب جي دنيا ۾ به ائين ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو. ۽ ٿيڻ به کپي. ادب جي مختلف پهلوئن جي باري ۾ مختلف  ڳالهيون چيون ۽ ڇپيون ويون آهن، پر انهيءَ حقيقت جي باوجود سڀني کنڊن جا ليکڪ هڪڙيءَ ڳالهه تي متفق آهن ـــ اها اِها آهي ته لکڻ واري جي پير ۾ جيسيتائين چڪر ناهي، جُتيءَ مٿان جُتي چڙهيل نه اٿس ۽ پنهنجي وت آهر رولڙا ڪري ڌڪا کائي دنيا جا رنگ نٿو ڏسي تيسيتائين سندس لکڻيءَ ۾ اُهو رس ۽ وس نٿو اچي، جنهن جي تخليق ۾ ضرورت آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته تخليقي توڙي تحقيقي ادبَ جون پاڙون پيرن جي نشانن ۽ ڦيٿن جي ليڪن مان ڦٽي ٿيون نڪرن. تخليقي ادب جون سڀ صنفون اڻ سڌيءَ طرح سفرناما آهن. سفر پير به ڪندا آهن ۽ دل به ڪندي آهي.

ناول، ميلان ڪنڊيرا ۽ ڪِچ - عبدالقادر جوڻيجو (Abdul Qadir Junejo)



ناول، ميلان ڪنڊيرا ۽ ڪِچ
عبدالقادر جوڻيجو
سچ ته ليکڪ هن موضوع تي لکڻ جو اهل نه آهي. مان وارن پڙهندڙن وٽ ڪاوڙ ڏيکارڻ جو حق محفوظ. خوشي ٿيندي جيڪڏهن اوهان مان ڪو صاحب اڳتي ايندو ۽ راوي جي لکڻي مان چُڪون ڪڍندو، يڪسر غلط ثابت ڪيائين تڏهن پڻ چڱي ڳالهه ٿيندي. ڪيترائي ورهيه گذريا آهن جو آءٌ ٻَوڙهٽ ۾ آهيان، گهٽ سمجهه يا ڄاڻ جو بنهه نه هجڻ قبر جي ساميءَ مثل حال آهي، توهان پروڙ جي هڪ حد تائين پهچڻ چاهيندا هجو ۽ هر ڀيري ناڪام ۽ هيڻا ٿي ڪري پئو- هڏا گُڏا ته ضرور ڀڄندا. وطن ۾ کوڙ سارا اڪابر وَسَن ٿا. کين وينتي ته بحث هيٺ مضمون ۾ ڪجهه دلچسپي وٺن. معاملي جون چٽايون سامهون آڻين ۽ مون پارن بي عقل انسانن ڪاڻ روشني جو بندو بست ڪن.

عرب تاريخ جي آئيني ۾ - ابو رافع (Abu Rafiu)



تاريخ بابت هڪ اهم ڪتاب
عرب تاريخ جي آئيني ۾
ابو رافع
اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ کي عربن 712 کان اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا تاراج ڪيو پر اهو به سچ آهي ته عرب سان سنڌ جا جيڪي لاڳاپا رهيا آهن، اهي پنهنجي اهم حيثيت رکن ٿا. اڄ به جڏهن عربن جو ذڪر پڙهبو آهي يا ٻڌبو آهي ته ٻه اهم واقعا ذهن تي تري ايندا آهن، هڪ فردوسيءَ جو شعر ته ”حيف هجئي اي آسمان تو اٺڻين جو کير پيئندڙ ۽ ڳوهن جو گوشت کائيندڙن کي اسان جي مٿان مڙهي ڇڏيو.“ ۽ ٻيو واقعو سنڌ جو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ”گهوڙن جي پڇن سان ٻڌي عرب سنڌياڻين کي عرب موڪليو هئو؟ ڇا به هجي، تاريخ کي تاريخ ڪري پڙهڻ گهرجي ۽ ان مان پرائڻ گهرجي. ڪنهن به تاريخ کي هڪ رخ ۾ ڏسڻ مناسب نه آهي، تاريخ کي ايئٽ ڏسڻ گهرجي، جيئن انگريز محقق پروفيسر برنارڊ ليوس ڏٺو آهي ۽ لکيو آهي.

اچو ته نيپال گهمون - ابو رافع (Abu Rafiu)



شڪارپور جو آغا ثناءُ الله چوي ٿو
اچو ته نيپال گهمون
ابو رافع
۽ سچ پچ نيپال گهمڻ جهڙو ملڪ آهي. ٻوڌي تهذيب رکندڙ هيءُ ملڪ پنهنجي مزاج ۾ بنهه سادو، سٺو ۽ شريف ملڪ آهي، ان جو سبب اهو آهي، جو ان تي ٻڌازم جو اثر آهي، ٻڌازم نيپال جي سڃاڻپ به آهي، مذهب به آهي، تهذيب به آهي ۽ جڏهن ڪو به مذهب تهذيب جو درجو ماڻيندو آهي ته اهو نيپال جهڙي ملڪ کي جنم ڏيندو آهي.

يارهن منٽ - ابو رافع (Abu Rafiu)



جڳ مشهور ناول نگار پائلوڪوئلهو جو ناول
يارهن منٽ
ابو رافع
برازيل جي جڳ مشهور ناول نگار پائلوڪوئلهو جو ناول ”الڪيميسٽ“ جن به پڙهيو آهي. اهي شايد سندس ٻين ناولن مان مايوس ٿين ۽ جن وري پهرئين سندس ناول ”اليون منٽس“ يا ”يارهن منٽ“ پڙهيو هوندو اهي وڏي ڏکيائيءَ سان سندس ناول الڪيميسٽ پڙهي سگهندا، انهن ٻنهي ناولن جي وچ ۾ آيل شعوري ۽ تخليقي وڇوٽيءَ کي ڏسي هن ناول نگار کي، سلام ڪرڻ کان سواءِ رکجي نه سگهبو جيتوڻيڪ هاڻ هو پاڻ کي ورجائڻ لڳو آهي. تنهن هوندي به هو هڪ لاجواب ناول نگار آهي. جنهن جي ڀاڳ ۾ جيڪا پذيرائي آئي آهي، اها ٿورن ليکڪن کي نصيب ٿي آهي.

16/04/2014

ٻئي جهان مان لڏي آيل ماڻهو! - مدد علي سنڌي (Madad Ali Sindhi)



ٻئي جهان مان لڏي آيل ماڻهو!
مدد علي سنڌي
ڪو وقت هو، جڏهن سنڌ ۾ ڪچهرين جو رواج عام هوندو هو. سياري جي مند ۾ اوطاقن اندر مچن تي ڪچهريون ٿينديون هيون، ڏور، ڳيچ، پهاڪا ۽ اوڙي پاڙي جون ڳالهيون ٿينديون هيون. اونهاري ۾ وري اهي ڪچهريون کليل آسمان هيٺان ڪيون وينديون هيون، پر وقت بدليو، نه اهي واندڪائي جا زمانا قائم رهيا. نه اهي محبتون ۽ قربتون رهيون، هڻ هڻان جي دؤر ۾ قصن ڪهاڻين ۽ داستانن ٻڌائڻ جو سلسلو به ماضيءَ جي هڪ وسريل باب ۾ تبديل ٿي ويو. خبر ناهي ته هاڻ سنڌ ۾ دودي چنيسر جي ڳالهه چوڻ وارا فنڪار زندهه آهن يا ڀڳت ڳائڻ جي فن سان اهي ڪلاڪار به باقي نه رهيا آهن.

اڻپورو ڪتاب! - سرواڻ سنڌي (Sarwan Sindhi)



سنڌي شاعريءَ جي سفر بابت اڻپورو ڪتاب!
سرواڻ سنڌي/اسلام آباد

تازو سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي نالي سان ڪتاب ”سنڌي شاعريءَ جو سفر“ ڇاپي پڌرو ڪيو ويو آهي. سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ڪتاب ڇپرائڻ کان اڳ ۾ لڳي ٿو ته، ان کي ڪنهن سُونهين کان پڙهائڻ جي زحمت ئي نه ڪئي وئي.