30/12/2017

ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جي ”آتم ڪٿا“ - مسرور پيرزادو (Masroor Pirzado)

مسرور پيرزادو
ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جي آتم ڪٿا

وڏن ماڻهن جي خوبين مان هڪ خوبي اها به هوندي آهي ته هو پنهنجي وڏائي ٻين تي ظاهر ناهن ڪندا. هو لطيف  جي لفظن ۾ لڪا ڀُڻن لوڪ ۾ هوندا آهن، ۽ پنهنجي نِوڙت، نياز، عاجزي ۽ انڪساري سان پنهنجو پاڻ کي ڪجهه به نه ڪري پيش ڪندا آهن. ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو به اهڙو ئي وڏو ماڻهو آهي. هو پنهنجي ڪاميابين ۽ حاصلاتن کي الله سائين جو ڪرم چئي، ڄڻ ته لطيف سائين جي ان بيت جي مختصر ۽ تمام جامع  تشريح ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن بيت ۾ اسان جي روحاني هماليا فرمايو آهي ته:
ات ڪرت وارا ڪيترا، ڪرت ڪبو ڪوهه
جيڪو بندو ڪم ڪري، سو مڙيو ئي ڏوهه،
تون پارس آئون لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان.
ائين ئي ڊاڪٽر پيرزادي پنهنجي ڪرت ۽ ٽيلينٽ کي رب جي رضا سمجهندي هميشه اها ئي خواهش رکي آهي ته شل رب هن جي لوهه جهڙي وجود کي سڃي سون ڪري ڇڏي. ۽ رب پاڪ به پنهنجي ٻانهي جي خواهش پوري ڪري هن کي سراپا سونُ بڻائي ڇڏيو.

29/12/2017

ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ جو سرسري جائزو - حڪيم يوسف کتري (Hakeem Yousif Khatri)

حڪيم يوسف کتري
ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون جو سرسري جائزو

اعظم ڀٽي هڪ ڏينهن آفيس ۾ مون کي چيو ته؛ سائين هڪ دوست جو ڪتاب آهي، ان تي تبصرو لکڻو آهي. خير! مفت جو ڪتاب ملڻ ڪري، مون ها ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي. پر پوءِ سوچيم ته؛ تبصرو اڄڪلهه انهيءَ کي چيو ويندو آهي، جيڪو ڪنهن اخبار يا ادبي رسالي ۾ ٻه ڪاپيون موڪلي تبصري لاءِ گذارش ڪبي آهي. ان جو مصنف کي اهو فائدو ٿيندو آهي ته سندس ڪتاب، ان اخبار يا رسالي جي سرڪيوليشن مطابق متعارف ٿي ويندو آهي ۽ ضرورتمند گھرائي وٺندو آهي. مون به ويهارو کن ڪتاب لکي، انهن جا تبصرا شايع ڪرايا. انهيءَ ۾ گھڻو ڪري، ڪتاب جي سائيز، قيمت، ڇپجڻ جو سال ۽ ايڊريس لکي، منڍ ۾ ساراھ ڪبي آهي ۽ آخر ۾ ٿورو گھڻو پروف جون غلطيون يا قيمت زياده هجڻ جو ذڪر يا ڪجهه سٽن ۾ ٿورين ڪوتاهين جو به ذڪر ڪبو آهي. ايئن آخر ۾ لکبو آھي ته ڪتاب انتهائي بهتر آھي ۽ مصنف ڏاڍي محنت ڪري شايع ڪرايو آهي. انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب، هڪ دفعو ضرور پڙهجي. ايئن مڙيئي ادارا جان ڇڏائيندا آهن.

هڪ مُنفرد آتم ڪٿا - ياسر قاضي (Yasir Qazi)

ياسر قاضي
پنهنجي نوعيت جي هڪ مُنفرد آتم ڪٿا

سرڪاري ڪامورا پنهنجي آتم ڪٿا ريٽائرمينٽ کان پوءِ ئي لکندا آهن، جنهن جو سبب اسين سڀ ڄاڻُون ٿا. مون کي اهڙو ڪوبه ڪامورو نه سُجھي، جنهن پنهنجي آتم ڪٿا پنهنجي نوڪريءَ دؤران لکي هجي. ڪي ڪامورا ته پنهنجي ريٽائرمينٽ کان پوءِ به پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جي همت ناهن ڪري سگھندا، خاص ڪري اهڙا ڪامورا، جن کي ”مَرا هُوا هاٿي، سوا لاک ڪا“ واري چوڻِيءَ تي گھڻو ويساهه هُوندو آهي ۽ ريٽائرمينٽ کان پوءِ به ڪا ذميواري ملڻ جي آسري ۽ تاڙ ۾ هُوندا آهن. هُونءَ ته هر ماڻهُوءَ کي پنهنجي خود نوشت لکڻ گھرجي، پر ڪامورا، جيئن ته سياسِي، توڙي عوامي اُٿل پُٿل جو سبب بڻجندڙ يادگار تاريخي واقعن جا گواهه هُوندا آهن، ان جو حصّو هُوندا آهن، يا گھڻن واقعن جا مُحرڪ به هُوندا آهن، تنهنڪري هر ڪاموري کي پنهنجي آتم ڪٿا ضرُور لکڻ گھرجي. سنڌ ۾ آتم ڪٿائُون ته هُونئن ئي گھٽ لکيو ويُون آهن، انهن ۾ به سرڪاري ڪامورن جُون آتم ڪٿائُون نه هئڻ جي برابر آهن. ويجھڙائيءَ ۾ سنڌ جي بيوروڪريسيءَ جي هڪ معروف ڪردار شمس جعفراڻي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا لکي آهي، جيڪا ”ڪتيم سڀ ڄمار“ جي سَري هيٺ ڇپي آهي ۽ گھٽ عرصي ۾ چڱي موٽ ماڻڻ وارن ڪتابن ۾ شمار ٿي چُڪي آهي. اڄوڪو ڏينهن ان ڪتاب جي حوالي سان ان ڪري اهم آهي، جو اڄ ڪراچيءَ جي ٽن تارن واري هڪ ٿڌي هوٽل ۾ هن ڪتاب جو مهُورت ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي علم، ادب ۽ ڪاموراشاهيءَ سميت سنڌ جي سياست جا پڻ اهم نالا شريڪ ٿي رهيا آهن.

24/12/2017

سنڌو پيرزاده جو شعري مجموعو ”اداسي“ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

رياضت ٻرڙو
سنڌو پيرزاده جو شعري مجموعو ”اداسي“

ايڪويهين صديءَ جي جديد سنڌي شاعرائن جا، جيڪي نانوَ روشن ستارن مثل، سنڌي شعر ۽ ادب جي آسمان تي جرڪي رهيا آهن، تن ۾ هڪ رنگارنگي ستاري ”سنڌو پيرزاده“ جو به سهڻو واڌارو ٿيو آهي، جنهن جي شاعريءَ جو مجموعو ”اداسي“ چَوڏسا پنهنجي فڪر ۽ فن جي ندرت جا ترورا پکيڙي رهيو آهي:
گيت ڪوئي ڳائڻ لاءِ دل ۾ چاندني آهي،
تو کي گنگنائڻ لاءِ دل ۾ چاندني آهي. (سنڌو)
 اِها ’چاندني‘ ان جذبي، ان اُڇل جو نالو آهي، جيڪو من ۾ موجود سنسار کي مَوجزن ڪري رهيو آهي، جنهن سان دل ۽ دماغ ۾ گيت گونجي رهيا آهن، جيڪي پنهنجي اظهار لاءِ آتا آهن. هيءُ سنسار، هي جذبا، هيءَ چاندني، اِهو سڀ ڪجهه جنهن هستيءَ لاءِ ’سنڌوءَ‘ جي سوچن کي ساگر جي لهرن جيان پکيڙي رهيو آهي اها ’تون‘ آهي. ’تون‘، جنهن کي بيان ڪرڻ هر شاعر، هر اديب، هر محبت ڪندڙ انسان جي لاءِ سهنجو نه آهي. ’تون‘ هڪ جستجو ۽ هڪ آرزو آهي. ’تون‘ اُها ڪيفيت آهي جيڪا جيءَ اندر واسو ڪيون ويٺي آهي، جنهن کان سواءِ اسان کي پنهنجو پاڻ اوپرو محسوس ٿيندو آهي.

20/12/2017

ڪتاب: ’اسڪولي لسانيات‘ تي سرسري نظر - ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو (Dr Altaf Mehboob Jokhyo)

ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو

ڪتاب: ’اسڪولي لسانيات‘ تي سرسري نظر


سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 2017ع ۾ ’اسڪولي لسانيات‘ جو ڪتاب ڇپايو ويو آهي. تازو نومبر 14، 2017ع تي ڪريڪيولم رويُو ڪاميٽيءَ دوران مڙني ميمبرن جي هٿن ۾ ڏٺم. هڪ معتبر اداري پاران ڇپيل سو به ’اسڪولي لسانيات‘ جي نالي سان، دل سٽ کاڌي ته اهو خريد ڪري ڏسي وٺجي. بيشڪ، سنڌ جي ماڻهن يا عالمن وٽ منهنجي لاءِ اهو تصور هجي ته مون ڪو ’جڙي ٻوٽين‘ تي ڪم ڪري پي.ايڇ.ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، پر لسانيات ۾ دلچسپي رکڻ يا سنڌي ٻوليءَ جو ماستر هوندي، علمي تنقيد ڪرڻ جو حق رکي، چند خال بيان ڪري سگهان ٿو. 
ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ ’سڪندر ساگر پنھيار‘ جي هن ۾ ڪا محنت ناهي يا ڪارگر ناهي، ليڪن ڪتاب جو شروعاتي حصو ڏسڻ بعد اهو چئي سگهجي ٿو ته هن ۾ ڪنھن ٻوليءَ جي علم رکندڙ ماڻهوءَ جي اصلاح موجود ناهي.

08/12/2017

مون کي آهه اٿاريو - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
نامياري محمد علي پٺاڻ جو نئون شاعراڻو ڪتاب
مون کي آهه اٿاريو

سنڌي شاعرن جي ڊگهي فهرست ۾ محمد علي پٺاڻ نمايان طور ڳڻائڻ جهڙڻ نالن مان هڪ آهي، جيتوڻيڪ هاڻ محمد علي پٺاڻ  فقط شاعر نه آهي، سندس  کاتي ۾ نثر جون به چڱيون تخليقي صنفون شامل آهن، ان ڪري هو شاعر به آهي، ته اديب به!
سنڌي ادب کي هن گهڻن رخن کان شاهوڪار ڪيو آهي، اهو سچ آهي،۽ اڄ جي تاريخ تائين هو پنهنجي ان ادبي ڪرت کي لڳل آهي، جنهن ۾ هن ڪڏهن به ٿڪجي ويهڻ جو احساس نه ڏنو آهي، البت ڪيترن ئي ٿڪجي ويهي رهيل دوستن کي هن نئون اتساهه ڏنو آهي، جيڪو سندس پهلو به ساراهڻ جهڙو آهي.
اڄ تائين محمد علي پٺاڻ جو آخري  شاعراڻو ڪتاب ”مون کي آهه اٿاريو“ آهي، جيڪو تازو ئي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. سندس جيئن ته ادب ۾ سگهاري سڃاڻپ موجود آهي، ان ڪري سندس ڪتاب ڌيان سان پڙهيو ويندو، ان ۾به ڳالهيون نه آهن.

نصابي ڪتابن ۾ صنفي برابري ۽ انصاف - ڊاڪٽر فهميده حسين (Dr. Fahmida Hussain)

ڊاڪٽر فهميده حسين
نصابي ڪتابن ۾ صنفي برابري ۽ انصاف

گذريل هفتي درسي ڪتابن جي پوسٽ مارٽم بابت پڙهي ڪنهن دوست مون کي لکيو ته پوسٽ مارٽم جو مطلب آهي ”موت کان پوءِ“ اهو ڪنهن ماڻهوءَ جي مري وڃڻ کان پوءِ سندس جسم جي ڪيل وڍڪٽ سان منسوب هوندو آهي، توهان اهو اصطلاح ڇا سوچي استعمال ڪيو. مون جيتوڻيڪ ايتري گهرائيءَ ۾ وڃي ڪو نه سوچيو هو ۽ ان لفظ جي مروج اصطلاحي معنيٰ منهنجي ذهن ۾ هئي، پر اها ڳالهه پڙهي سوچيان ٿي ته جيڪو حال اسان جي نصاب (۽ درسي ڪتابن) جو آهي ان کي ڏسي ته چئي سگهجي ٿو ته اهو ڪنهن به ريت ڪنهن زنده ۽ اڳتي جي سوچ رکندڙ ۽ وڌندڙ قوم جي لاءِ تيار ٿيل ڪونهي، اهو ايترو مدي خارج، ساڪت ۽ قدامت پسند آهي جو نه ئي ڪو اهو اسان کي دنيا ۾ ترقي ڪرڻ ۾ ۽ نه سرخرو ٿيڻ ۾ ڪا مدد ڪري سگهي ٿو، سو جيڪڏهن ان جي وڍڪٽ يا تجزيي لاءِ مون اهو لفظ استعمال ڪيو ته هروڀرو غلط ڪو نه هو.

ديوان امام زين العابدين - ابو رافع (Abu Rafiu)

ابو رافع
هڪ برڪت ڀريو ڪتاب ديوان امام زين العابدين

ڪتاب لکيا ويا آهن، لکيا وڃن ٿا ۽ سدائين لکيا ويندا. ائين هر ڪتاب جو پنهنجو دائرو هوندو آهي. جن ڪتابن جو دائرو ڪائنات جيترو وسيع هوندو آهي انهن کي الهامي ڪتاب چيو ويندو آهي، مذهبي ڪتاب آسماني ڪتاب ڪوٺيا ويا آهن. پر ڪي ڪتاب اهڙا به آهن، جيڪي آسماني نه آهن، پوءِ به انهن جو دائرو گهڻو گهڻو ويڪرو هوندو آهي. اهي ڪتاب، گروهن، نسلن ۽ قومن جي رهنمائي ته ڪندائي آهن، پر اهي ڪتاب، انسان ذات لاءِ رهمنائي جو سبب به بڻجندا آهن. جيڪي انسان کي پنهنجي ننڍين سڃاڻپن کان ٻاهر ڪڍي، انسان ذات جو حصو بڻائيندا آهن، انهن ڪتابن جو مرتبو گهڻو گهڻو اعليٰ ۽ اتم هوندو آهي اهڙن ئي ڪتابن مان هڪ ڪتاب ”ديوان امام السجاد زين العابدين“ آهي.

ساروڻين جا سارس - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
هڪ ڪتاب ۾ محفوظ ساروڻين جا سارس

سائين مير محمد پيرزادو سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو اديب  آهي، جنهن جي پهرئين سڃاڻپ ته شاعري آهي، پر هوُ هڪ اعليٰ مضمون نگار، شاھ جي نه رڳو شاعريءَ جو پارکو پر ان جي شعرن ۽ موسيقي جو پڻ هڪ اهڙو ماهر جنهن جهڙا سنڌ ۾ گهٽ اديب هوندا، هن سنڌي ادب ۾ پنج ڪتاب ڏنا آهن جن مان ٻه شاعريءَ جا آهن ۽ ٽي نثر جا آهن، سندس شاعريءَ خاص طور گيت سنڌي نئين شاعريءَ جي اهڙن ميراث آهن، جيڪا ايندڙ ڪيترن نسلن تائين جيڪڏهن پابند شاعريءَ جو اثر رهيو ته اهي اتساھ ڏيندا رهندا.
سائين مير محمد جو اسان جي نسل جي ادبي اوسر ۾ جيڪو حصو آهي اهو اسان جو نسل ياد رکندو، هو لکڻ جي حوالي ۾ اسان جي رهبري هڪ طرف ڪندو رهيو آهي ته نظرياتي طور هڪ وڏو عرصو، سڌي طرح پنهنجي ليڪچرن ذريعي اسانجي رهنمائي الڳ ڪندو رهيو آهي. ظاهر آهي اهو سندس پاسو لڪل آهي، ادبي منچ تان هو مسلسل اسان سان مخاطب ٿيندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته سڪرنڊ ۽ موري جو نهايت ويجهو تعلق رهيو آهي، ٻيءَ طرح هو سموري سنڌ ۾ هڪ اعليٰ شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

دنيا دم درياءُ - ادل سولنگي (Adal Solangi)

ادل سولنگي
دنيا دم درياءُ

دادلي ناصر زهراڻيءَ جو سماجڪ اِتهاس جي پس منظر ۾ لکيل ناول مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي. سنڌ ڌرتيءَ مٿان هزارين سالن کان ٿيندڙ ڪاهُن، حملن، چڙهاين، سازشن، ڏاڍين، غدارين ۽ اُرهه زوراين جي وارتائن جي پس منظر کي بيان ڪندڙ شاهه سائين جي هنن آفاقي سٽن سان هن ناول ”دنيا دم درياءُ“ جي ارپنا ڪندي ليکڪ لکيو آهي ته:
مٺڙي جيجل سنڌ! تنهنجي اڻ کٽ دردن جي نالي!
هيءُ ناول اٺن بابن ۾ ورهايل آهي، هن ناول لکڻ ۾ ليکڪ جي مٿان ڪيترن ئي فرضن، ڪيترن ئي قرضن ۽ ڪيترن ئي دردن جو عمل دخل ۽ بارُ محسوس ٿئي ٿو. هن ناول کي سنڌ جي موجوده سياسي، سماجي ۽ معاشي استحصال جو گڏيل دستاويز چئي سگهجي ٿو.

شو ڪيولراماڻي - رئوف عباسي (Raouf Abbasi)

رئوف عباسي
حشو ڪيولراماڻي
نه وسرندڙ شخصيت وطن جي بي بها انسان جو درد

سائين مدد علي سنڌي، ادبي کيتر ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. اڄ کان 50 سال اڳ جيڪا ٽهي، ٻولي، ادب ۽ قومي حقن لاءِ پرچارڪ ٿي ميدان عمل ۾ نڪتي هئي، مدد علي سنڌي انهن مان هڪ آهي. مدد علي سنڌيءَ جي نثر ۾ قرت العين حيدر جي نثر جهڙي خوشبو پئي جهلڪا ڏيندي آهي.
سندس قلم وڇوڙي جي وڍن، المناڪ تنهاين، محبوب جي جدائي، ڊگهن املتاس جي وڻن، هاسٽل جي جلاوطن زندگي، زندگيءَ جي بي معنيٰ هجڻ جي گواهي ڏيندو آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي منفرد اسٽائيل سان هوُ، اڄ به ناتو جوڙيو ٿو اچي. ساڳئي طرح صحافت، ٻولي ۽ قومي خدمتن جي عيوض، هو ڪيترائي ڀيرا لوهي پڃرن ۾به  واڙجي چڪو آ. سندس لکيل تازو ڪتاب ”حشو ڪيولراماڻي؛ نه وسرندڙ شخصيت“ سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ بي بها خزانو آهي.

ناول همه اوست جو جائزو - اختر علي گهنڃو (Akhtar Ali Ghanjo)

اختر علي گهنڃو
آغا سليم جي هڪ بهترين ناول
همه اوست جو جائزو

آغا سليم هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو هڪ ئي وقت لطيفيات جو ڄاڻو، ٻوليءَ جو ماهر، سفرنامه نويس، ڊرامه نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار هو. آغا صاحب جي شخصيت جو هر پهلو نمايان آهي. هن جي مطالعي ۾ ادب جو وڏو حصو آيو. توڙي جو زندگيءَ هڪ موڙ تي پهچي هو پنهنجي تخليقي ڪم تي تحقيقي ڪم کي فوقيت ڏيڻ چاهي. پر هن جي تخليقي ادب جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. سندس ناول همه اوست ۽ انداهي ڌرتي روشن هٿ سنڌي ناول نگاري جي تاريخ ۾ هڪ مائيل اسٽون جي حيثيت رکن ٿا.

02/12/2017

سنڌو پيرزاده جي شعري مجموعي ”اداسي“ جو مهاڳ - روبينه ابڙو (Rubina Abro)

روبينه ابڙو

سنڌو پيرزاده جي شعري مجموعي
”اداسي“ جو مهاڳ
(شاعري سنڌوءَ جي روح مان ڦُٽي ٿي)

فنونِ لطيفه ۾ شاعريءَ کي مٿانهون مقام حاصل آهي. اسان جي سماج اندر شروع کان وٺي شاعر کي انتهائي احترام واري نظر سان ڏٺو ويندو آهي. ڪي ماڻهو شاعرن کي خدا جو شاگرد سڏيندا آهن، ته وري ڪي پيغمبر ڪوٺيندا آهن. مرداڻي سماج هئڻ ڪري اسان وٽ مرد شاعرن کي ته سولائيءَ سان پنهنجي فن جي ڪمال جا جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ميسر هجي ٿو، پر اتي ئي عورت کي پنهنجي اندر جا جذبا شاعريءَ وسيلي اظهارڻ تي تمام گهڻو ڀوڳڻو پيو آهي. شرم، حياءَ ۽ حجاب جو ڪُوڙو دائرو هميشه عورت جي اظهار جي آواز کي پنهنجي اندر قيد ڪندو آيو آهي. ڪيتريون ئي عورتون هونديون جن جي من ۾ ڏات ڏنگ هڻندي هوندي، پر انهن جي آهه به شعر جو روپ وٺي عام ٿيڻ کان وانجهيل ۽ دٻيل رهجي ويندي هوندي، ڇو ته سندن چپ رسمن، روايتن ۽ غيرتن جي ڌاڳن سان سبيل هوندا آهن. جيڪڏهن ڪجهه عورتون پنهنجي اندر جي اور ڪاڳرتي آڻڻ ۾ سوڀاريون به ٿينديون آهن ته انهن جو ڪلام عام ناهي ٿي سگهندو جو انهن جا مالڪ (مرد) پنهنجي انائن جي خول ۾ ايترا ته قيد هوندا آهن، جو ڀلجان اهي پاڻ به سخن شناس ڇو نه هجن پڙهيل لکيل، دانشور، شاعر ۽ اديب ڇو نه هجن پر اهي ڪڏهن به ناهن چاهيندا ته سندن ڪنهن عورت جي ڪوتائن جو ڪتاب ڇپجي، يا انهن جي شاعري ڪنهن رسالي يا اخبار جي زينت بڻجي... پر جي ڪا عورت شاعره پنهنجون ڪوتائون عام ڪرڻ ۾ سوڀاري به ٿيندي آهي، ته کيس لکڻ ۽ ڇپجڻ جي اجازت به ملي ويندي آهي ته پوءِ اها اجازت به مشروط هوندي آهي، اهڙن شرطن سان جيڪي مرداڻي سماج پاڻمرادو طئي ڪري رکيا هوندا آهن. اهڙا شرط جن لاءِ عورت کي ٻڌائڻ يا سمجهائڻ جي ضرورت ناهي پوندي، هن کي پاڻ ئي پتو هوندو آهي ته سندن شاعريءَ کي ڪهڙي مصلحتن ۽ علامتن جو سهارو وٺڻو آهي. مثال جيڪڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ جي پهرين شاعره مائي مرکان کان وٺي هن دور تائين اڀرندڙ شاعرائن جي شاعريءَ مان حوالا کڻون ته پتو پوندو ته انهن جي شاعري پِيرن، مرشدن، سهرن، لاڏن يا وڌ ۾ وڌ پنهنجي مڙسن سان محبت جي اظهار ۽ انهن جي تعريفن جي دائرن کان ناهي نڪري سگهي.