30/07/2019

ڄيٺي لالواڻيءَ بابت روشن گولاڻيءَ جي تحقيق جو تنقيدي جائزو - پروفيسر محمد سليم ميمڻ (Prof Saleem Memon)


پروفيسر محمد سليم ميمڻ
ڄيٺي لالواڻيءَ بابت روشن گولاڻيءَ جي تحقيق جو تنقيدي جائزو
(ڪتاب بابت رايو)
هند سنڌ ۾، علم ادب، تحقيق، لوڪ ادب ۽ ناٽڪ جي حوالي سان سٺي ساک رکندڙ ”ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي زندگي، علمي ادبي جاکوڙ، لوڪ ادب، ٻاراڻي ادب“ بابت هڪ تحقيقي ۽ جامع ڪتاب سامهون آهي. دراصل اهو هڪ پي ايڇ ڊي جو مقالو آهي، جيڪو ڊاڪٽر روشن گولاڻي صاحب جي تحقيق جو ثمر آهي.

ڊاڪٽر روشن پنهنجي ليکي هڪ نوجوان ليکڪ، سٺو فنڪار، مترجم، ڪالم نگار ۽ سماجي ڪارڪن آهي. هن هندستان جي ڪيترن ئي سنڌي ساهتيه اڪيڊمين پاران ڪوٺايل سيمينارن ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پڙهيا آهن، جن کي وقت جي وڏن عالمن ۽ محققن پاران مڃتا ملندي رهي آهي ته ساڳئي وقت مختلف ادارن پاران کيس ستن اهم  ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو آهي، جنهن ۾ ”ماستر چندر ايوارڊ 2012ع“ پڻ شامل آهي.

فياض ڏاهريءَ جي شعري مجموعي ”هينگ اوور“ جو مهاڳ - ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري (Dr Mubarak Lashari)


ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

فياض ڏاهريءَ جي شعري مجموعي ”هئنگ اوور“ جو مهاڳ

1982ع ۾ زاڪ ڊيريڊا کان هڪڙي انٽرويو ڪندڙ پڇيو ته ”اوهان جي فلسفي ۾ ماءُ ڪير آهي؟“ ڇو ته زاڪ ڊيريڊا رد تشڪيل يا جديديت پڄاڻان واري فلسفي واري لاڙي جو سڀ کان منفرد ۽ انوکو فلسفي رهيو آهي، جنهن پنهنجي ساختيات پڄاڻان واري لاڙي ۾ رد تشڪيل جي ٽيڪنيڪ تحت ڳالهين، ڊسڪورس ۽ شين جو رد تشڪيل يعني خيال جا ٻيا ڪيترائي لڪل رخ پيش ڪري، سوچڻ ۽ فڪر جا انتهائي نوان ۽ اڻ ڇهيل زاويا ڏنا آهن. انهن زاوين سبب سموري دنيا جي ڊسڪورس جو محور ئي تبديل ٿي ويو آهي. ڄڻ ته روايتي طرح جيڪڏهن سج اوڀر کان اڀري رهيو هو ته بنهه گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته اهو سج اولهه، ڏکڻ يا اتر کان به اڀري سگهي ٿو. هي اُهو زاويو هو جيڪو ماڻهو صرف روايتي طرح رهي رهي ٻيو رخ ڀلجي ويا هئا ڄڻ ته انهن کي (رد تشڪيل ذريعي) نئين انداز ۾ سوچڻ جو رينائسان يعني نئين جاڳرتا ملي هجي. بيشڪ ته رد تشڪيل، پوسٽ ماڊرنزم ۽ ساختيات پڄاڻان سوچ ۽ فڪر جا هڪڙا نوان رينائيسان Renaissance  يعني نئين جاڳرتا جا پنڌ آهن.

26/07/2019

ڪتاب ”وقت بيهي نٿو...“ ــــــ هڪَ درد-ڪٿا - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

رياضت ٻرڙو
محمد علي پٺاڻ جو ’طويل نظم‘ تي مشتمل ڪتاب
”وقت بيهي نٿو...“ ــــــ هڪَ درد-ڪٿا 

هن جو قلمي سفر ته گذريل 44 سالن تي پکڙيل آهي، پر ان سفر ۾ صدين جون ڳالهيون ۽ واقعا آندل آهن. انهن صدين مان ڪي صديون گذري ويون آهن ۽ ڪي اڃا گذرڻيون آهن: ڇاڪاڻ ته وقتُ نه اڳُ ڪڏهن بيٺو آهي، نه آئنده ڪڏهن بيهڻو آهي ۽ نه ئي هلندڙ ٽاڻي بيٺل آهي. اها وقت جي خوبي به آهي ته خامي به، ته وقت کي بيهڻو آهي ئي نه!؟ جيڪڏهن وقت بيهجي ويو، ته ڪائنات ڪيئن هلندي؟ اها به بيهجي ويندي! شايد اُهو ئي سندس انجام هجي!
پر، ڇا سائنسي طور اهو ممڪن آهي، ته ڪائنات، يعني مادو ۽ توانائي بيٺل ۽ ڄميل هجن ۽ وقت هلندو هلي؟ اهو اڃا تائين ته ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته مادي ۽ توانائيءَ جو مسلسل چرپر ۾ هجڻ ئي، اصل ۾ سندن وجود جو بقاءُ آهي، ۽ انهن جي چرپر منجهان ئي وقتُ پنهنجي موجودگيءَ کي محسوس ڪرائي ٿو. دنيا جا ٻه وڏا ڏاها انسان ۽ سائنسدانَ، ارسطو ۽ نيوٽن، مطلق وقت (absolute time) ۾ يقين رکندڙ هئا يعني منجهس گهٽ وڌائيءَ (variation) کي نه مڃيندا هئا. سندن ان يقين کي، ويهين صديءَ جي مَها سائنسدان ۽ مفڪر البرٽ آئنسٽائن اچي ٽوڙيو، جڏهن هن ’خاص نسبتي نظريو‘ (Special Theory of Relativity) پيش ڪيو. ان نظرئي موجب: وقتُ مطلق يا مستقل (constant) نه آهي، پر منجهس گهٽ وڌائي ممڪن آهي، جنهن جو دارومدار مادي جي رفتار تي آهي، يعني وقت جي خاصيت ۾ ساڳيائپ يا هِڪَ ڪَرائي نه آهي. هُن اهو پڻ ٻڌايو ته مادو ۽ توانائي ڪي ڌار ڌار ’هستيون‘ ناهن، پر هڪٻئي ۾ بدلجندڙ آهن. مادي ۽ توانائيءَ جي چرپر ۽ تبديل جي لقائن منجهان ڦُٽي نڪتل، هڪ ’شيءِ‘ جيڪا اڳتي ئي اڳتي هلندي رهي ٿي، ان کي سادن لفظن ۾ وقت سڏجي ٿو.

14/07/2019

رسول ميمڻ جو ناول ”‌نجومي“ - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
رسول ميمڻ جو ناول ”‌نجومي“ ـــ هڪ ڏاهپ جو ڪتاب


هي ناول زخمي دلين، لتاڙيل ذهنن ۽ جهنم ۾ رهندڙ ماڻهن جي درد ڪهاڻي آهي. اهو جهنم جيڪو اڪثر ڪري انهن پاڻ ئي پنهنجي لاءِ تخليق ڪيو آهي. ڪٿي ڪثير وهمي ته ڪٿي قليل فهمي آهي. ڏوه ڪنهنجو آهي؟ معاشري جو، تربيت جو، حالتن جو يا فردن جو؟ پر سزا سڀني کي ملي پئي. ڀوڳين سڀ پيا. ڪيل توڙي نه ڪيل گناهن جي سزا.
هن ناول جا ڪردار بي نام آهن. نجومي، دفتري، فقير، ساڌو، اديب، قيدي، سبزي فروش وغيره. مصنف انهن جي سڃاڻپ نالن جي ڪري شايد ان ڪري نه ڪرائي آهي جو ماڻهو جي اصل سڃاڻپ انهن جي ڪم ۽ ڪردار جي ڪري ٿئي ٿي.

آرٿر ڪوئسلر جو ڪتاب ”تيرنهون قبيلو“ - رئوف نظاماڻي (Rauf Nizamani)


رئوف نظاماڻي
آرٿر ڪوئسلر جو ڪتاب ”تيرنهون قبيلو

تاريخ، ڏند ڪٿا ۽ قصن ڪهاڻين ۾ فرق ڪرڻ هڪ ڏکيو عمل رهيو آهي. ساڳي ريت گھڻن مذهبي ڪتابن وغيره ۾ بيان ڪيل قصن کي پڻ هڪ تاريخ جي حيثيت ڏني ويئي آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اهي ڄڻ مستند حيثيت جا حامل ۽ تاريخي ڄاڻ جو هڪ ذريعو ٿي ويا آهن. ساڳي ريت يهودين متعلق جيڪي پراڻي بائبل ۾ ڏنل آهي ته اٽڪل ٻه هزار سال اڳ يروشلم ۾ سندن سلطنت کسجڻ کان پوء کين اتان نڪرڻو پيو هو. ان حوالي سان ٻارنهن قبيلن جو ذڪر ملي ٿو جيڪي دنيا جي مختلف حصن ۾ پناه جي ڳولا ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ سندن يروشلم موٽڻ جي جستجو جاري رهي. ان سلسلي ۾ انهن کان سواء هڪ اڌ وڃايل قبيلي متعلق به مختلف اندازا لڳايا وڃن ٿا. ڪجھ محقق پٺاڻن جي حوالي سان به اها ڳالهه ڪن ٿا ۽ سندن خيال ۾ پشتو ۾ عبراني جي ڪجھ لفظن کي ان جي ثبوت طور پيش ڪري سگھجي ٿو. بهرحال مستند طور تي ان سلسلي ۾ ڪجھ به نه ٿو چئي سگھجي. ان ڪري يهودين جي عام طور تي انهن ٻارنهن قبيلن سان تعلق جي حوالي سان نسلي طور سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي.

خادم گهراڻي جو ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ - اظهر امر (Azhar Amar)


اظهر امر
خادم گهراڻي جو ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“

مان شروعاتي ڏينھن کان ڪوشش ۾ هوس ته ادبي جهان ۾ جيڪي به سرجڻهار آھن جن پنهنجي قلم سان ادبي حلقن جي بي باھه خدمت ڪئي آھي انهن شخصيتن کي ياد ضرور ڪيان، سندن ادبي خدمتن توڙي ادبي دنيا ۾ ڪيل قلمي پورهئي تي ٿورو گهڻو ضرور لکان. اڄ مان جنهن شخصيت جي ڪتاب تي لکي رهيو آھيان اُھو نه رڳو منهنجو محسن آھي، پر خبر نه آهي ڇو مان کيس پنهنجي پاڻ کان تمام ويجهو محسوس ڪندو رهيو آھيان.

19/06/2019

سچل سرمست وٽ جلال جو تصور - ڊاڪٽر شير مهراڻي (Dr Sher Mehrani)


ڊاڪٽر شير مهراڻي
سچل سرمست وٽ جلال جو تصور


فطرت جي سونهن جا ٻه وڏا مظهر آهن، هڪ جمال ٻيو جلال! جمال تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي، بحث مباحثا به ٿيا آهن. پر جلال تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. پهريون ڀيرو مشهور ڏاهي لائنجائس (۲۷۳_۲۱۳ع)  آن دي سبلائيم يعني جلال بابت ڪتاب لکي جلال کي جمال جو حصو سڏيو. هن چيو هو، سبليميشن (جلال) روح جي عظمت جو پاڇولو آهي ۽ جلال کي ئي سونهن جو اصل محور ۽ مرڪزآهي.

ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو ڪتاب ”ٻني ثقافت“ - ابو رافع (Abu Rafiu)


ابو رافع (Abu Rafiu)
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو ڪتاب ٻني ثقافت

سنڌ تهذيبي طور ڪيتري قديم آهي، اهو اڄ دنيا جو هر ڏاهو ماڻهو مڃي چڪو آهي. سنڌو تهذيب جي عمر ڪٿڻ لاءِ شايد اڃا وقت جي گهرج آهي، تنهن هوندي به سنڌو تهذيب اهڃاڻوي طور هاڻ موهن جي دڙي جي تهذيب کان گهڻو اڳ جي آهي، اهو نون علمن سان ظاهر ٿي رهيو آهي. سنڌو تهذيب جو دائرو هر ايندڙ وقت ۾ ويڪرو ٿي رهيو آهي، اهڙو اشارو آرڪيالاجيءَ جا ڄاڻو ڏيئي رهيا آهن.
ويجهڙ ۾ ئي، جڏهن ڍولا ويرا جي تهذيب سڃاڻپ ۾ آئي ته سنڌو تهذيب جي قدامت جو وڌيڪ هڪ چٽو مثال ظاهر ٿيو. ڍولا ويرا بابت سنڌيءَ ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو اهو مقالو جيڪو هُن سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو سنڌ ۾ پڙهيو هيو، اهو نهايت اهم مقالو هئو، جيڪو هڪ سنڌي عالم پاران پهريون ڀيرو ئي شايد پيش ڪيو ويو هئو.

18/06/2019

تبصرو ”سَلا سچائيءَ جا!“ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻي
تبصرو سَلا سچائيءَ جا!“
اوھان ڇا ٿا سمجھو ته ”سَلا سچائيءَ جا!“، ڪھڙي ٻوٽي يا وڻ جا سلا ھوندا؟ اُھي ڪنھن پوکيا، ڪيئن پوکيا، ڪيئن پرورش ڪري، نپايا، اُپايا؟
”سلا سچائيءَ جا!“ دراصل ڪتاب جو نالو آھي. اوھان ڇا ٿا سمجھو ته اھو ڪتاب ڪھڙي معروف ۽ مقبول ليکڪ جو ۽ ڪھڙي صنف ۾ ڪتاب آھي؟
”سلا سچائيءَ جا!“ ڪتاب، مون کي فقير محمد ڍول سوکڙيءَ طور، مطالعي لاءِ عنايت ڪيو.
ان کان اڳ منھنجي وڏي پٽ اظھار جي دوست زحيب اسلم جروار مون کان پڇيو ھو، ته ”اوھان کي منھنجي مامي جو ڪتاب مليو؟“
نه ملڻ سبب مون ”نه“ ۾ جواب ڏنو، ته ھن چيو ”مون سمجھو اوھان کي فقير محمد ڍول ڪتاب ڏنو ھوندو، پر خير آھي، آئون اوھان کي ڪتاب ڏئي ويندس، پڙھجو.

عاشق منگي جو ڪتاب ”نئون ديرو دل وارن جو ديرو“ - وحيد محسن (Waheed Mohsin)


تبصرو : وحيد محسن
عاشق منگي جو ڪتاب نئون ديرو دل وارن جو ديرو


ڪتاب اسان جا دوست ھوندا آهن اڄ منهنجي تبصري ھيٺ عاشق منگي جو ڪتاب ”نئون ديرو دل وارن جو ديرو“ جنهن کي نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي مئي 2012 ۾ شايع ڪيو جيڪو ساروڻين تي مشتمل ھڪ بھترين ڪتاب آهي، ان جي اوھان سان آشنائي ڪرايان پيو.
عاشق منگي جو تعلق انهيءَ شھر نئين ديري سان آهي جنهن پنهنجي سڄي حياتي پڙهڻ ۽ پڙھائڻ ۾ گذاري آهي علم، ادب، ٻولي ۽ سياست سان ان جو سٻنڌ مضبوط قسم جو آهي انهيَ ٻل تي لکندو رھي ٿو. شروعاتي دؤر ۾ ڪجهه شاعري به تخليق ڪئي اٿائون ۽ شاعري سان ان جي تعلق ۽ پيار جو اندازو ھن ڪتاب پڙهڻ کان پوء مون کي ٿي ويو، ڇو ته ھن ڪتاب ۾ عاشق منگي سنڌ جي عظيم آفاقي شاعر شاھ لطيف جي شاعري مان ڪافي شعر ھن ڪتاب ۾ مضمون جي نوعيت سان ڏنا آهن ۽ ڪجهه ٻين شاعرن جا چونڊ شعر به ڏنا آهن، پنهنجي شاعري مان به ڪجهه شعر شامل ڪيا آهن جيڪي ڪتاب جي سونهن کي وڌائڻ سان گڏ دلچسپي به پيدا ڪن ٿا.

ڪتاب ”مُونا طُورِ سينا“ جو اڀياس - علي ڏنو جروار (Ali Dino Jarwar)


علي ڏنو جروار
ڪتاب ”مُونا طُورِ سينا“ جو اڀياس

هونئن ته سنڌي ٻولي ۾ روزانو ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، پر ڪي ڪتاب اهڙا به آهن جن جي تمام گهڻي اهميت آهي. زير نظر ڪتاب ”مُونا طُورِ سينا“ لطيفيات بابت آهي، جيڪو فقير حاجن نظاماڻيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ لطيف بابت تمام گهڻي تحقيق ۽ ڄاڻ شامل آهي. هي ڪتاب سمبارا پبليڪشن حيدرآباد پاران مئي 2019ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو 256 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ جيڪي به مضمون شامل آهن سي روزاني عبرت جي ايڊيٽوريل پيج تي ۽ عبرت مئگزين ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

13/06/2019

ڊراما سيريل تي ٻڌل ڪتاب ”سامين سمر سور“ تي هڪ نظر - زرار پيرزادو (Zarar Pirzado)


زرار  پيرزادو (Zarar Pirzado)
محمد علي پٺاڻ جي ٽي وي ڊراما سيريل تي ٻڌل ڪتاب
”سامين سمر سور“ تي هڪ نظر


نامياري اديب محمد علي پٺاڻ جي ٽي وي ڊراما سيريل تي ٻڌل ڪتاب ”سامين سمر سُور“ منهنجي هٿن ۾ آهي.
مان چوندو آهيان ته هڪ جنم ۾ ته ماڻهو هڪ ئي ڪم ڪري سگهي ٿو، ڪو ماڻهو ڪرڪيٽر ئي ٿي سگهي ٿو، هاڪي جو رانديگر ٿي سگهي ٿو، انجنيئر، ڊاڪٽر ٿي سگهي ٿو، راڳي يا اداڪار ٿي سگهي ٿو پر محمد علي پٺاڻ ۽ اسانجن اديبن ۾ اها ڪمال جي صلاحيت آهي ته اُهي ڪيترن ئي محاذن تي ڪم ڪن ٿا ۽ هڪ جنم ۾ ڪيترن ئي جنمن جو ڪم اڪلائي وجهن ٿا.
ڪتاب ”سامين سمر سُور“ ۾ محمد علي پٺاڻ هڪ ڊراما نگار طور نظر اچي ٿو جڏهن ته ان جي سڃاڻپ جا ڪيترا ئي سگهارا حوالا آهن. پاڻ ڪهاڻيڪار، شاعر، ڪالم نگار، ناول نويس، سفرناما نويس، نقاد، ادبي ڪارڪن ۽ سنڌي ادب جي شعبي جا استاد آهن.

هيڻن جو الله تبصرو: حسيب ڪانهيو (Haseeb Kanhyo)


تبصرو: حسيب ڪانهيو (Haseeb Kanhyo)
هيڻن جو الله
The God Of Small Things
ليکڪه: ارونڌتي راءِ
مترجم: منور سراج
جيڪڏهن هينئر تائين اوهان ارونڌتي راءِ جو هي ناول نه پڙهيو آهي ته ممڪن آهي ته اوهان هن جي مشهوري مان اهو اندازو لڳائيندا ته شايد انهي ناول جي ڪهاڻي بنهه نئين ۽ ڪمال جي هوندي يا اوهان سمجهندا هوندا ته ليکڪه شايد ڪو اڻ ڇهيل موضوع کنيو هوندو يا اوهان اهو اندازو لڳائيندا ته شايد هن ناول جي ترتيت يا اسلوب ڏاڍو خوبصورت هوندو. پر سائين منهنجا هن ناول ۾ اهڙو ڪجهه به ڪونهي. هن ناول جي جهلڪ اوهان ڏسڻ چاهيو ٿا ته ليکڪه جو پنهنجو حُليو ئي ڏسي وٺو. هن ناول جي حالت سندس وارن جهڙي ئي بي ترتيب آهي، هن ناول جا باب به سندس شرٽ جي بٽڻن جيان هيٺ مٿي ٿيل آهن ۽ هن ناول جي ڪهاڻي به هن جي چهري جهڙي آهي، بس نارمل.

16/04/2019

”شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


رياضت ٻرڙو
انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي مرتب ڪيل ڪتاب
”شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو“ جو
پيش  لفظ

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل هڪَ مُلهائتي مُوڙيءَ مثال آهي: اها مُوڙي، جنهن جو قدر وقت گذرڻ سان وڌندو ئي رهي ٿو ۽ جنهن ۾ سمايل فڪر ۽ فن جي اهميت اڳي کان اڳري ۽ وقت جي تقاضائن سان مُنهن ڏيندڙ ثابت ٿي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، ته ”شاهه جو رسالو“ فقط شعرن جو رواجي ميڙو نه آهي، پر انساني سماج کي بهتريءَ، ڀلائيءَ ۽ چڱائيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ مٿانهَن قدرن جو مجموعو آهي. شاهه جي شعرن ۾ سمايل خيال سماجي تقاضائن کي نبيريندڙ به آهن ته انهن جي عڪاسي ڪندڙ به. ڏسجي، ته شاهه جي رسالي ۾، انيڪ اهڙيون سٽون بيحد خوبصورتيءَ سان اُڻيل آهن جيڪي اسان جي سماجي وهنوار ۾ عام جام ڪتب اينديون رهن ٿيون، جهِڙوڪ:
ٻِيائيءَ کي ٻَک، جن وڌو سي ورسيا.                 (ڪلياڻ)
جي ورق وارين وِيهه، ته اکر اهو ئي هيڪڙو.       (يمن ڪلياڻ)
دنيا سڀ درياهه، ڪو ڪو تارُو تنهن ۾.              (سري راڳ)
عقل مَت شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.                  (سهڻي)
پيرين پنڌ وسار، هل هنئين سين ھوت ڏي.          (سسئي آبري)
تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.              (حسيني)
ڏک سُکن جي سونهن، گھوريا سُک ڏکن ري.      (حسيني)
اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائينِ سون تي.        (مارئي)
مُنهن ۾ موسى جهِڙو، اندر ۾ ابليس.                (آسا)
گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.                 (ڪيڏارو)
ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.         (بروو سنڌي)
ويا مورَ مرِي، هنجُ نه رهيو هيڪڙو.                  (ڪارايل)
ڏات نه آھي ذات تي، جو وھي سو لھي.              (پرڀاتي)
ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري.                   (ڏهر)
اِهي ۽ اهڙيون ٻيون اڻ ڳَڻيون ”شاهه جون سِٽون“، صرف سِٽون ئي نه رهيون آهن، پر ”شاهه جا پهاڪا ۽ چوڻيون“ بڻجي چڪيون آهن، جيڪي سماج ۾ پنهنجو ڪارج ۽ ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿيون ۽ انساني جذبن، احساسن، امنگن، خوابن، خيالن، ڪيفيتن ۽ عملن جون ترجمان بڻجن ٿيون. ان ڪري ئي، اسين مختلف حالتن ۾، پنهنجي پاران ڪي جملا جوڙڻ بدران، شاهه سائينءَ جي انهن ”سونَ ورنن پهاڪن ۽ چوڻين“ کي، پنهنجي پاران ڪتب آڻيندا آهيون.
شاهه سائينءَ جي انهن پهاڪن ۽ چوڻين جو واهپو ته سماج ۾ ٿيندو رهيو آهي، پر شاهه جي انهن پهاڪاتي سِٽن ۽ بيتن تي تحقيقي ۽ علمِي ڪم تمام گهٽ ٿيو آهي. جڏهن ته ان جي ضرورت تمام گهڻي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾، پهاڪن ۽ چوڻين تي، گذريل ٽيهارو کن سالن کان، نامور محقق، انجنيئر عبدالوهاب سهتي انتهائي ڪارائتو ڪم تسلسل سان پئي ڪيو آهي، جنهن جي شاهدي سندس پهاڪن ۽ چوڻين جا تحقيق، تاليف ۽ تدوين ڪيل ۱۵ ڇپيل ڪتاب آهن ۽ هاڻي ۱۶-هون ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو“ ڇپيو آهي. خوشيءَ جي ڳالهه، ته انهن ۱۶ ڪتابن مان ۱۰ ڪتاب، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
انجنيئر عبدالوهاب سهتي، شاهه جي رسالي مان مروج ٿيل پهاڪن ۽ چوڻين توڙي ورجيسن ۽ اصطلاحن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ چاهيو پئي، پر هن ضروري سمجهيو ته نئين ڪم جي ابتدا کان اڳ، پهرين ٿيل ڪم کي به سهيڙجي. ان نيت هيٺ، سهتي صاحب هيءُ ڪتاب سهيڙيو آهي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ممڪن ڳولا بعد، اهي سڀ ميسر ٿي سگهيل مقالا ۽ مضمون ڪَٺي ڪيا ويا آهن، جيڪي شاهه جي شاعريءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين تي لکيا ويا آهن. ان ريت، ڄاڻايل موضوع تي هيءُ پهريون مرتب ڪيل ڪتاب چئي سگهجي ٿو. هِن ڪتاب جي اڳڀري وِک طور، اسان کي سهتي صاحب جي ان ڪم جو به انتظار رهندو جيڪو هُو شاهه جي پهاڪن ۽ چوڻين تي مستقبل قريب ۾، اميد ته، ضرور ڪندو.
سدائين گڏ.
رياضت ٻرڙو
۲۳-آڪٽوبر ۲۰۱۸ع