12/12/2015

فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرري - محمد پنهل ڏهر (Muhammad Punhal Dahar)

 محمد پنهل ڏهر

شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور پاران رياست خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن طرفان قائم ڪيل مشهور ۽ قديم سچل سرمست لئبرريءَ ۾ موجود قلمي نسخن جو ڪئٽلاگ ”فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرريءَ“ جي نالي سان 1997ع ۾ اردو ۾ ڇپايو ويو آهي. هن ڪئٽلاگ جو مرتب محترم محمد يوسف خشڪ آهي، جو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ درس و تدريس سان وابسته آهي ۽ مشهور اسڪالر جناب ڊاڪٽر نجم الاسلام جو وڏو هٿ آهي، جنهن جو اعتراف فاضل مرتب خود هن طرح ڪيو آهي: ”هن لئبرريءَ ۾ موجود قلمي نسخن جو راز مون تي منهنجي استاد محترم پروفيسر شعبه اردو سنڌ يونيورسٽي، ڊاڪٽر نجم الاسلام ظاهر ڪيو هو ۽ ان سان گڏ قلمي نسخن جي تفصيلي فهرست مرتب ڪرڻ لاءِ به صلاح ڏني هئي. استاد محترم جو مشورو مون لاءِ حڪم برابر هو. انهن قلمي نسخن تي ڪم ڪرڻ سولو ڪم نه هو، خاص طور تي اهڙي شاگرد لاءِ جيڪو خادم العلم ته آهي، ليڪن محقق نه آهي. ليڪن ڊاڪٽر نجم الاسلام صاحب جھڙا انسان جنهن کي به چاهين ادبي لائين تي بيهارين.  مون کان به اهڙيءَ طرح هي وڏو ڪم ڪرايو ويو. حڪم جي تعميل ۾ دير ضرور ٿي، ليڪن خدا جو شڪر آهي جو تڪميل خير خوبي سان ٿي.“ (فهرست مخطوطات سچل سرمست لئبرري، صفحو 13).

ڪتاب ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ جا سادا اکر - انجنيئر عبدالوھاب سھتو (Engr. Abdul Wahab Sahito)

ڪتاب ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ جا سادا  اکر
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

لکمي کلاڻي ۽ ٻيا سنڌي اديب، انڊيا کان سال ٢٠٠٦ ۾ آيل ھيا. نثار حسيني مرحوم پنھنجي جا تي سندن مان ۾ شام يا گڏجاڻي رکي ھئي. اتفاق سان مان به آفيس جي ڪم سانگي ان ڏينھن حيدرآباد ۾ ھيس، جنھنڪري ناز سنائي سان گڏجي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو ملي ويو. سنڌ جا ڪيترا ئي اديب يا ادب دوست پڻ آيل ھيا. محمد نواز نوناري مرحوم پڻ مرحوم حيدر علي لغاري سان گڏ آيل ھيو. ڏسندي ئي ڏاڍو اڪير سان مليو. ملڻ شرط اپڪائي چيائين؛ ”اڄ جيڪڏھن مون وٽ ھلين ته ڪجھ سنڌو‘ جا پرچا ڏيان.“
’سنڌو‘ رسالي جي ڪن پرچن، جن ۾ جيڪب آباد جي جھونن اديبن بابت معلومات ھجي، تن جي مون کي پڻ ڳولا ھئي. سال ١٩٣٩ع جا جولا کان ڊسمبر تائين، جلد ٻڌل پرچا، نورالحق جکراڻي جي سگِ سلطاني لائبرري مان اڌارا ورتا ھيم. اھڙو ئي ڇھن مھينن، جنوري کان جون ١٩٤٢ع، جو سيٽ پڻ سائين الطاف گوھر پيچوھي صاحب ڏنو ھيم.

09/12/2015

استاد بخاريءَ جو شعري ڪتاب ”لهر لهر دريا“ (Dr. Memon Abdul Majeed Sindhi)

استاد بخاريءَ جو شعري ڪتاب ”لهر لهر دريا“
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
تازو سنڌي زبان جي مقبول ۽ مشهور شاعر ادستاد بخاريءَ جي شعرن جو مجموعو ”لهر لهر دريا“ نالي سان ”سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو“ طرفان شايع ٿيو آهي، ڪتاب ڊيمي سائيز جي 142 صحفن تي مشتمل آهي، ان ۾ استاد بخاريءَ صاحب جا چؤسٽا ۽ رباعيون آيل آهن. پهرين ڀاڱي ۾ مختلف عنوانن هيٺ چؤسٽا آهن. شروع ۾ جيڪي چؤسٽا آهن. انهن مان هر هڪ  چؤسٽي تي جدا جدا عنوان آهي، ان کان پوءِ مختلف عنوانن تي سلسليوا چوسٽا آهن. ”هڪ شخص“ جي عنوان هيٺ نَو چؤسٽا ۽لال لطيف جي عنوان هيٺ ٻارنهن چؤسٽا آيل آهن. اهڙي طرح سلسليوار ٻيا چؤسٽا به آيل آهن.
ٻئي ڀاڱي ۾ مختلف عنوانن هيٺ رباعيون آهن. ڪتاب جي منڍ ۾ ڪتابي سلسلي جي بانيڪارن طرفان ”مقصود گل“ جو شاعر ۽ ڪتاب جو مختصر تعارف ڏنل آهي. ان کان پوءِ مشهور شاعر ” سرڪش سنڌيءَ“ جو مزرا جي عنوان هيٺ مهاڳ ڏنل آهي.

افلاطون جو ڪتاب ”رعيتي راڄ“ مبصر: عبدالقيوم صائب (Abdul Qayoom Saib)

افلاطون جو ڪتاب ”رعيتي راڄ“
مبصر: عبدالقيوم صائب
هي ڪتاب اصل ۾ يونان جي وڏي ڏاهي شخص- افلاطون- لکيو هو. ايڏو ته اهم ۽ مکيه ڪتاب آهي، جو دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ان جي انگريزي ترجمي ”Republic“ تان سنڌي ٻوليءَ ترجمو ڪري، ان جو ”رعيتي راڄ“ نالو رکيو ويو آهي. اهو ترجمو پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙي ڪيو آهي، جيڪو نهايت سليس، روان ۽ فصيح ٻوليءَ ۾ آهي، تنهنڪري هر ڪا ڳالهه پڙهڻ سان چٽيءَ ريت سمجهڻ ۾ اچي ٿي.

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو ڪتاب ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب
”ڳوٺاڻو ڳڙ“ لاءِ لکيل ”ٻه  چار  لفظ“
 رياضت ٻرڙو

سنڌ جي لوڪ ڏاهپَ؛ پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن جي روپ ۾، سنڌي ماڻهن جي رويّن ۽ مزاجن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ، سنڌي ماڻهن جي رهنمائي به ڪندي رهي آهي. سنڌي ماڻهو، جڏهن، پهاڪن ۽ چوڻين جو ٺهڪندڙ ۽ بَر وقت واهپو ڪن ٿا ته ڄڻ انهن پهاڪن ۽ چوڻين جي سماجي ڪارج ۽ ڪردار کي ادا ڪن ٿا ۽ ٻوليءَ جي حسناڪيءَ کي لفظن جي خوبصورتيءَ ۽ ادائگيءَ ۾ اظهارڻ سان گڏوگڏ معنى ۽ مفهوم جي بامقصد سرگرميءَ مان لطف اندوز ٿيڻ سُوڌو، پاڻ کي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ سمايل آزمودن ۽ تجربن سان سلهاڙين ٿا.
ڏسڻ ۾ اهو پڻ اچي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا ۽ چوڻيون؛ اسان جي ماضيءَ جا مشاهدا ۽ تجربا پڻ آهن، جن جو عملي استعمال حال ۽ مستقبل جي متوقع بهتريءَ، تنبيهه ۽ سمجھاڻيءَ لاءِ ڪيو ويندو آهي. ٻئي طرف، پهاڪن ۽ چوڻين جي لفظن منجھان، انهن لفظن جي لغوي توڙي سماجي ۽ اصطلاحي معنائن جو دلچسپ مطالعو پڻ ڪري سگھجي ٿو ۽ انهن جي قدامت کي پڻ پرکي سگھجي ٿو.