28/06/2013

هڪ سؤ عظيم ڪتاب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



جڳ مشهور ليکڪ جان ڪيننگ جو ڪتاب
هڪ سؤ عظيم ڪتاب
رکيل مورائي
سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل هيءُ ڪتاب جنهن جو نالو آهي، ”هڪ سئو عظيم ڪتاب“ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ بيمثال پذيرائي ماڻي چڪو آهي. جان ڪيننگ جو سهيڙيل هيءُ ڪتاب دنيا ۾ الڳ الڳ ٻولين ۾ شايع ٿيل اهڙن هڪ سئو ڪتابن جي چونڊ آهي، جن سڀني ڪتابن کي دنيا ۾ مختلف عملن ۽ پهلوئن ڪري گهڻي اهميت وارو ڄاتو ويو آهي، پوءِ به سهيڙيندڙ پنهنجي نوٽ ۾ ايمانداريءَ سان واضح ڪيو آهي ته ڪي ڪتاب اهڙا آهن جن بابت هُن جي شخصي پاسخاطري موجود آهي، تنهن هوندي به هن ڪتاب جي اهميت کي سموري دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي. الڳ الڳ موضوعن ۽ علمن سان واسطو رکندڙ دنيا جا هڪ سئو عظيم ڪتاب، جيڪي هن گڏيل تبصري ۾ شامل آهن، انهن مان ڪيترن سنڌي پڙهندڙن کي پڻ موهيو آهي. جان ڪيننگ ڪتاب ۾ شامل هڪ سئو ڪتابن تي جيڪي تبصرا لکيا آهن، اهي گهڻي ڀاڱي ڪتاب جي سموريت کان پڙهندڙن کي واقف ڪن ٿا، ڪنهن به ڪتاب تي ائين تبصرو لکڻ هر ليکڪ جي وس جي ڳالهه نه آهي.

دادو ضلعو هڪ اڀياس - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



مشهور محقق  محمد عرس اظهر سولنگيءَ جو ڪتاب
دادو ضلعو هڪ اڀياس
رکيل مورائي
اسان جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ جو هيءُ ڪتاب، جنهن جو نالو آهي ”دادو ضلعو هڪ اڀياس“ پڙهي مون کي هڪ پڙهيل هڪ جملو ياد ٿو اچي جنهن ۾، ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته جيڪڏهن هر پڙهيل شخص پنهنجي ڏهاڙي ڊائري لکي ته اها وقت گذارڻ سان پوءِ پنهنجي دور جي زندهه تاريخ ٿي پوندي. پر جيڪي شخص تاريخ کي نظر ۾ رکي پنهنجي دور جي تاريخ لکن ٿا، اهي ته وڌيڪ اهم بڻجن ٿا، اهڙن ئي شخصن ۾ سنڌي جي دل دادو جو نهايت سٻاجهو، محبتي ۽ محنتي شخص محمد عرس اظهر سولنگي به آهي، جنهن پنهنجي سموري زندگي دادو جي تاريخ ۽ دادوءَ جا مختلف حوالن ۾ استعمال ٿيل انگ اکر سهيڙڻ ۾ گذاري آهي.

سنڌي لوڪ ادب، مضمون ۽ مقالا



ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ترتيب ڏنل ڪتاب
سنڌي لوڪ ادب، مضمون ۽ مقالا

ڪنهن به قوم جي سڃاڻ ان جي ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۽ ادب آدابن سان ٿيندي آهي. ڪنهن به قوم جي مهانتا ان جي لوڪ روايتن جي آڌار تي طي ٿيندي آهي. اسان سنڌي، ثقافتي طرح ڏاڍا ڀاڳ وارا آهيون جو اسان جو لوڪ ورثو تمام شاهوڪار آهي. لوڪ ورثي ۾ وري اسان جو لوڪ ادب ڪيترو نه رچ آهي! اهو علم ۽ اها ڄاڻ وري اسان کي پنهنجي اسڪالرس ۽ عالمن کان وقت بوقت ملندي رهي آهي.

هريش کان همٿاڻيءَ تائين - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



نئين ڪوتا
هريش کان همٿاڻيءَ تائين
رکيل مورائي
ورهاڱي کان پوءِ اهو قبول ڪيو ويو آهي ته هند توڙي سنڌ جي ادب تي ترقي پسند نظريو حاوي رهيو آهي پر اهو هند ۾ سٺ واري ڏهاڪي ۾ پنهنجا پاڇا ادب تان هٽائي ويو ۽ ماڊرن ازم اها جڳهه والاري ۽ پوسٽ ماڊرن دور ۾ اها ادبي روشني ظاهر ٿيڻ لڳي آهي. شاعراڻين صفحن ۾ سٺ واري ڏهاڪي ۾ آزاد نظم تي شروعات ٿي ۽ هند ۾ نئين ڪوتا لکجڻ لڳي، جنهن جو باني هريش واسواڻيءَ کي قبول ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ هند جي وڏن وڏن نالن نئين ڪوتا لکڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ موهن ڪلپنا، لعل پشپ، آنند کيماڻي، نامديو تاراچنداڻي ۽ پريم پرڪاش اهم نالا آهن. اڄ اها نئين ڪوتا هريش واسواڻي کان سفر شروع ڪري موهن همٿاڻي تائين پهتي آهي.

سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا؟ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



آنند کيماڻيءَ جي اڻپوري آتم ڪٿا

سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا؟


رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جي ذهين نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس آنند کيماڻيءَ جي تازي ڇپيل آتم ڪٿا ”سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا“ جو پهريون حصو شايع ٿيو آهي، جنهن کي کڻي اهو چوڻ ۾ ڪنهن به قسم جي هٻڪ نه ٿيندي ته آنند هن آتم ڪٿا جي پهرئين حصي سميت، سنڌي ادب کي جيڪو ڪجهه ڏنو آهي، اهو پنهنجي نرالائپ سان هند جي سنڌي ادب جو اهڙو حصو/سڃاڻپ آهي، جنهن تي آنند برانڊ جو ليبل لڳل آهي ۽ جنهن تي سنڌي ادب فخر ڪري سگهي ٿو، ساڳئي وقت ائين به آهي ته آنند جي هر لکڻيءَ مان هن آتم جو اُڀار ۽ هن جي ذهانت جي اوچائي بکندي آهي پر اها عام پڙهندڙ کان ڪوهين ڏور آهي. هن کي پڙهڻ لاءِ هڪ خاص ذهن ۽ وقت جي ضرورت پوي ٿي. هڪ ليکڪ جي حوالي ۾ هن جي اعتماد کي سندس لکڻي جي تکائيءَ مان ئي پرکي سگهجي ٿو ۽ سندس لکڻي مان هن جي مطالعي جي به سڌ پوي ٿي. هن سنڌيءَ ٻوليءَ کي ”هڪ شخص جي واسنا“ جهڙو جديد ناول ڏنو آهي. ڪهاڻيون، اَڪهاڻيون، ڪوتا، اَڪوتا ڏني آهي ۽ هاڻ پنهنجي آتم ڪٿا، جنهن جو مون کي، شخصي طور ٻن سالن کان شدت سان انتظار هئو.

27/06/2013

ٻاٽ ۾ لاٽ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



سيد نور رضوي جو پهريون شاعراڻو ڪتاب
ٻاٽ ۾ لاٽ
رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب سنڌ جي نهايت پياري شخص ۽ شاعر سائين نور رضويءَ جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ اهو آسانيءَ سان محسوس ٿئي ٿو ته هن ڪتاب ۾ سائين نور رضويءِ جون عقيدتون به آهن ته محبتون به ۽ انهن ٻنهي احساسن هن کي با ڪمال شاعر بڻايو آهي.
شاعر اول شاعر هوندو آهي، باقي نسبتون پوءِ جڙن ٿيون، ان ڪري مان نور رضوي صاحب کي اول ۽ آخر هڪ خوبصورت ۽ باڪمال شاعر سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ جون مون هن کي گهڻو ئي عرصو الڳ الڳ وقتن تي ٻڌو آهي ۽ هاڻ هن ڪتابن معرفت کيس پڙهڻ جو موقعو به مليو آهي. سندس ڪتاب اچڻ نهايت ضروري هئو ۽ هاڻ جڏهن اهو آيو آهي ته سندس باري ۾ ڪنهن به راءِ ڏيڻ ۾ آساني ٿي آهي.

مخدوم جعفر بوبڪائي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



سنڌي ادبي بورڊ جو نئون ڪتاب
مخدوم جعفر بوبڪائي
سوانح حيات، علمي ۽ ادبي خدمات
رکيل مورائي
سنڌي ادبي بورڊ جو تازو ڇپيل هيءُ ڪتاب انهن ڪتابن ۾ شامل آهي، جيڪي سنڌ جي آڳاٽن مشاهيرن بابت آهن، جن سنڌ کي علم ادب، تصوف ۽ ٻين ڪيترن ئي حوالن ۾ شاهوڪار بڻايو. مخدوم جعفر بوبڪائي پڻ انهن ۾ شامل آهي، جنهن علم، ادب، تاريخ، منظق ۽ فقهه بابت ڪيترو ذخيرو سنڌ کي ڏنو. ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته، هنن عالمن ۽ عقيدت ڀرين شخصيتن  بابت بنهه گهٽ لکيو ويو آهي.
ڊاڪٽر مولانا عبدالله کوسي صاحب، سنڌ جي هن عالم ۽ محقق تي هڪ وڏو عرصو تحقيق ڪري هڪ املهه ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ بابت ممڪن حد تائين معلومات ملي ٿي، مخدوم صاحب جي سوانح، سندس علمي، ادبي، تاريخي ۽ مذهبي خدمتون نهايت تفصيل سان هن ڪتاب ۾ ترتيب سان ڏنل آهي. هن قسم جا ڪتاب هڪ اعزازي ڊگري جيترو مرتبو رکن ٿا. مخدوم جعفر بوبڪائي تي هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جنهن ترتيب ۽ محنت سان لکيو آهي، ان جي ساراهه ئي ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب ڪاراسائيمنٽ نه آهي، هيءَ پيار جو  پورهيو آهي يا عقيدت جو اظهار آهي، جنهن کي سِڪن ۾ توري نه سگهبو.

رياست، تاريخ ۽ ڪردار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



نوجوان اديب عيسى ميمڻ جو ڪتاب
رياست، تاريخ ۽ ڪردار
رکيل مورائي
سنڌ ۾ مختلف موضوعن تي لڳاتار لکجي رهيو آهي ته ڇپجي به رهيو آهي ۽ ائين سنڌ ۾ علم، ادب ۽ شعور جي ڏياٽي ٻري ئي رهي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جي روشني ڪيترو ڦهلاءُ ڪري ٿي يا سنڌين جي ڪيتري رهنمائي ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته ان جو دارومدار انهن تي آهي، جيڪي اهڙي علمي، ادبي، سياسي ڏاهب جي روشني حاصل ڪرڻ وارا آهن، پر روشنيءَ جو ڪم آهي، اونداهي سان ويڙهه جاري رکڻ، جيڪو ڪم هوءَ لڳاتار ڪري رهي آهي.

اوسيئڙي ۾ جڙيل آس - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



نوجوان ڪهاڻيڪار عبدالسلام ٿهيم جي
اوسيئڙي ۾ جڙيل آس
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
تخليقي ادب ۾ شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول شامل آهي. هونئن ٻيون به گهڻيئي تخليقي صنفون آهن. سنڌ ۾ ناول جي کوٽ جو ذڪر سدائين رهيو آهي. ساڳئي وقت شاعريءَ کان سواءِ سنڌ ۾ ٻين صنفن بابت به ائين ئي چيو ويو آهي، پر لڳي ائين ٿو ته سنڌي ڪهاڻي اڄ ڪجهه چڱي ئي انداز ۾ لکجي رهي آهي، ۽ تخليقي طور به اها اڳتي به نڪري آئي آهي، اهو سچ آهي.
سنڌ ۾ نوجوانن جو هڪ چڱو حصو ڪهاڻي لکي رهيو آهي. نه رڳو لکي رهيو آهي پر اهو محسوس به ڪرائي رهيو آهي ته سنڌ ۾ ڪهاڻي موجود آهي. بنهه ننڍي عمر جو لکندڙ عبدالسلام ٿهيم پڻ انهن نوجوانن ۾ شامل آهي. اهڙي ثابتي هن پنهنجو پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”اوسيئڙي ۾ جڙيل آس“ ڇپائي ڏني آهي.

21/06/2013

سنڌي صورتخطيءَ ۾ لفظن جي مرڪَّب صورت وارو معاملو - الطاف حسين جوکيو (Altaf Hussain Jokhio)

سنڌي صورتخطيءَ ۾ لفظن جي مرڪَّب صورت وارو معاملو
 الطاف حسين جوکيو

1.                  لفظن جي مرڪَّب صورت  وارو معاملو
1.1.          ترجيحي صورت لاءِ بحث هيٺ آندل مرڪب لفظ
هيڪجـﮨـڙي/ هڪ جـﮨِـڙي، هڪ ٻئي/ هڪٻئي، نواب شاهه/
نوابشاهه، ڄام شورو/ ڄامشورو، سڌو سنئون/ سنئون سڌو وغيره.
1.2.          لفظ ’مرڪب‘ ۽ ’مرتَّب‘ جي لغوي اکيڙ
مرڪَّب ۽ مرتَّب لفظن بابت تفريق وارو بحث جيئن ته ڪافي طويل آهي ۽ هن هنڌ صرف صورتخطيءَ جو معاملو مقصود آهي؛ ان صورت ۾ مرتَّب ۽ مرڪَّب لفظن جي مختصر دائرن بعد عام صورتخطيءَ جي اڀياس تي ئي ڀاڙجي ٿو. 

تنقيد جي چوواٽي تي! - شوڪت لوهار (Shoukat Lohaar)

تنقيد جي چوواٽي تي!
شوڪت لوهار
علم تنقيد ايترو پراڻو آهي جيترو انسان جي پنهنجي تاريخ. تنقيد جو مطلب آهي ڪنهن به ادبي، سياسي، سماجي فن پاري، شاهپاري  موجود فني ۽ فڪري ڳالهين کي اُجاگر ڪرڻ، کولڻ، کولي سمجهائڻ. نه صرف ايترو پر تنقيد جو علم ادب جي خاص طور تي هڪ اڌ اسم Genere  لاءِ پڻ ڪم ايندو آهي. تنقيد جو علم منهجي نظر ۾ اوڏڪي اوسار جيان آهي، جيئن هڪ اوڏ مِٽي جا گپوڙا هڪ ڀت مٿان هڻي وري ان جي پاسن مان ان جي وڌيل مٽي کي ٽوڙي سنواري ٺيڪ ڪندو ويندو آهي. تنقيد به ائين آهي ڪنهن به شاهپاري لاءِ ان جي ٺاهه ٺوهه، ان جي سنوت، ان ۾ موجود ماضي، حال، مستقبل بابت اشارن کي سمجهي واضح ڪرڻ علم تنقيد چورائجي ٿو.

20/06/2013

چونڊ - حيدر جوڻيجو (Hyder Junejo)



سيد عرفان علي شاهه جو چونڊن بابت ڪهاڻين تي ٻڌل ڪتاب
چونڊ
حيدر جوڻيجو
پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو جمهوري حڪومت 5سالن جو آئيني مدو  پورو ڪرڻ کان پوءِ 11 مئي 2013 تي چونڊون ڪرائي رهي آهي ۽ اهڙي طرح اسان جي اٻوڄهه ماڻهن کي اڃا تائين ووٽ جي اهميت جي ڄاڻ نه هئڻ ڪارڻ اهي اڳتي ڪرپٽ قسم جا ماڻهو چونڊيندا آهن ته پوءِ چونڊن ذريعي آزاديءَ جو موقعو ملي ٿو ته پوءِ پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي ڇو پوئتي ٿي رهيا آهيون! آخر اسان کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي ۽ پنهنجو ووٽ ضرور ڏبو ۽ چونڊبو انهن کي جيڪي ڌرتي ڌڻين جي خدمت ڪندڙ هجن.

ماءُ ٻارن کي ڪيئن سڌاري - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



ٿرديپ پاران ڄاڻ لاءِ ڇپايل ڪتاب
ماءُ ٻارن کي ڪيئن سڌاري
رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب عام ڳوٺاڻن جي تربيت لاءِ آهي، خاص طور عورتن لاءِ، ته جيئن اهي پنهنجي ٻارن جي زندگيءَ جي چڱي نموني رٿا ڪري سگهن. هيءُ ڪتاب شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻيءَ ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب جو اصل ليکڪ ”ڊبليو ايس اسٽونر“ آهي. سندس ڪتاب ”نيچرل ايجوڪيشن“ کي بنياد بڻائي هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ۾ آندو ويو آهي.
هيءُ ڪتاب مائرن ۽ ٻارن لاءِ بنيادي حيثيت رکندڙ آهي، جنهن مان گهڻو ئي پرائي سگهجي ٿو. شخص، ڪٽنب، گهر ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ ائين معاشرو اڳتي وڌندو آهي، شخص جي ترقي وڌندي ته معاشري کان پوءِ ملڪ لاءِ فائديمند ٿيندي آهي، جنهن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هي بنيادي ڪتاب آهي.
اڄ جو ٻار سڀاڻ جو وارث آهي، ان ڪري  اڄ جي ٻار جي سنوار سڀاڻي جي ملڪ جي سنوار آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه هن ڊبل ڪرائون سائيز جي ڪتاب جي ڏيڍ سئو صفحن ۾ ڄاڻايل آهي، جنهن کي اسان جي سنڌي مائرن کي ڪنهن به صورت ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.

19/06/2013

ساهتي ادبي اڪيڊميءَ جا ڇپيل ڪتاب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



ساهتي ادبي اڪيڊميءَ جا ڇپيل ڪتاب
رکيل مورائي
سنڌ ۾ علمي ادبي ڪتابن جو ڇپجڻ ورهين کان هلندو اچي. سرڪاري ادارن کي وڏيون بجيٽون آهن پر غير سرڪاري ادارن ۾ جيڪو پورهيو ٿئي ٿو، اهو پنهنجو نتيجو الڳ روپن ۾ پسائي ٿو. ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا ادارا سنڌ ۾ جاکوڙي رهيا آهن، جن جي همت افزائي ٿيڻ گهرجي سرڪار کي انهن کان ڪتاب خريد ڪرڻ گهرجن، پر ائين ٿئـي نٿو. اڄ جن ڪتابن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ قلم هٿ ۾ کنيو اٿم اهي اهڙي هڪ ننڍڙي اداري پاران شايع ٿيا آهن جنهن اداري جوڙڻ پويان محنت جو عمل دخل به آهي ته محبت جو عمل دخل پڻ. هن اداري کي جوڙڻ لاءِ محنت اسان جي ساهتي پرڳڻي جي نامياري تاريخ نويس سائين قريشي حامد علي خانائيءَ جي هئي، ۽ ان کي هلائڻ پويان محبت اسان جي دوست، سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خاموش خدمتگار بشير احمد هيسباڻيءَ جي آهي. هيءُ ادارو آهي، ”ساهتي ادبي اڪيڊمي“.

10/06/2013

ڪتاب ”شهر شهر زخمي“ جو مهاڳ - تاجل بيوس (Tajal Bewas)



نامور شاعر زخمي چانڊئي جي ڪتاب ”شهر شهر زخمي“ جو مهاڳ
مزاحمت ۽ بغاوت جو لاثاني شاعر
شهيد زخمي چانڊيو
تاجل بيوس
          پارکن ”ادب“ ٻن حصن ۾ ورهايو آهي، هڪ نظم(POETRY) ۽ ٻيو نثر (PROSE)، بيت، وائي، ڪافي، غزل، گيت، قطعو، رُباعي ۽ ٽه سٽو يا هائيڪو جون صنفون نظم جي دائري ۾ اچن ٿيون ۽ ڪهاڻي، ناول، مضمون وغيره ادب تخليق ڪرڻ جي نثر ۾ شامل آهن. نظم يا شاعريءَ ۾ هر لفظ جو وزن مقرر هوندو آهي، جي ماپا عربي ۽ فارسيءَ جي علم عروض واريءَ ڄاڻ موجب بحرن ۾ هوندا آهن، هوڏانهن هنديءَ ۾ ڇند ودياموجب هر لفظ لَگهُه ۽ گُرُ ماترائي رُڪنن (SYLLABLES) سان ماپيو ويندو آهي. شعر جي وزن کي اڄ ڪلهه ڳائڻ واري لئي ۽ تالَ سان به آڱرين تي پرکيو وڃي ٿو، جا ڄاڻ هر ڪنهن شاعر جي وس کان ٻاهر آهي.

08/06/2013

ساٿ سکيا يا سماجي زندگي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



ٿرديپ پاران ڄاڻ لاءِ ڇپايل ڪتاب
ساٿ سکيا يا سماجي زندگي
رکيل مورائي
ٿرديپ ڳوٺاڻو ترقياتي پروگرام پاران ٻيو ڇپيل ڪتاب ”ساٿ سکيا يا سماجي زندگي“ آهي، جيڪو پڻ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سماجي زندگيءَ کي ڪي نوان رخ ڏيڻ لاءِ آهي، جيئن عام ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي بنياد تي، پنهنجي زندگي آسان بڻائي سگهن.
سنڌي سماج اڄ جڏهن ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي ۽ ڳوٺاڻي زندگي جن گهڻين پيڙيندڙ حالتن ۾ گذري ٿي اها ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي. اهڙين حالتن ۾ هي ڪتاب گهڻي رهنمائي ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن اسان جا ڳوٺاڻا ماڻهو پنهنجي زندگيءَ کي ڪا ترتيب ڏين، ۽ اهڙي ترتيب پاڻ ۾ آڻڻ لاءِ هي ڪتاب وقت بچائي پڙهڻ جهڙا آهن.
هن ڪتاب کي شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻيءَ لکيو آهي ۽ ان جي نظر ثاني اسان جي نامياري ليکڪ ولي رام ولڀ صاحب ڪئي آهي. ڳوٺاڻي زندگيءَ بابت سمجهه ڏيندڙ هن ڪتاب ۾ 80 صفحا آهن. عام ماڻهن جي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ هي ڪتاب رضا ڪارڻا طور ڏنو پيو وڃي.

راڄن جي رکوالي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



ٿرديپ پاران ڄاڻ لاءِ ڇپايل ڪتاب
راڄن جي رکوالي
رکيل مورائي
سنڌ ۾ ڪيتريون ئي، غير سرڪاري تنظيمون مختلف حوالن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، جن مان ڪن جي ساک سنڌي ماڻهن ۾ تمام وڏي آهي ته ڪي وري ڪاغذي ڪاروائيءَ ۾ مشغول نظر اينديون آهن.
ٿر جي حوالي ۾ هڪ تنظيم نهايت ئي جفاڪشيءَ سان ڪم ڪري رهي، جنهن جو نالو آهي، ”ٿرديپ“. ڳوٺاڻي ترقيءَ بابت هن تنظيم جيتري جاگرتا لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي، اهڙو مثال ملندو ضرور پر هيڪڙ ٻيڪڙ. خاص طور هن اداري نشر و اشاعت جي سلسلي ۾ ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپرائي، سنڌي ماڻهن خاص طور ٿر واري علائقي جي ماڻهن لاءِ وڏي ڄاڻ ميسر ڪئي آهي، جنهن محنت پويان اسان جي دوست ۽ شاعر دليپ ڪوٺاريءَ جون گهڻيون محنتون آهن. هن جون محنتون نه رڳو سماجي ڪمن طور ياد ڪيون وينديون پر ادبي طور به ياد ڪيون وينديون.

07/06/2013

آتم ڪٿا آڏي پڇائن ۾ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



سرمست ڪهاڻيڪار امر جليل جو ڪتاب
آتم ڪٿا آڏي پڇائن ۾
رکيل مورائي
اڄ ڪلهه دنيا سميت سنڌيءَ ۾ جيڪو ڪجهه لکجي رهيو آهي اهو گهڻي ڀاڱي آسانيءَ سان پڙهندڙن تائين پهچي ٿو وڃي، البت ان کي ڪو پڙهڻ چاهي. ان معاملي ۾ اسان جي  سنڌي نوجوانن جو نه پڙهي سگهڻ وارو يا نه پڙهڻ وارو چوڻ اهميت نٿو رکي. ڏٺو اهو به ويو آهي اڄ جو پڙهندڙ ٿوري وقت ۾ گهڻو ڄاڻ جو خواهشمند ٿي پيو آهي. ادب ۾ به اڄ ڪلهه ائين ٿي رهيو آهي، پر اسان جي سنڌ جو سرمست ڪهاڻيڪار امر جليل اهڙو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن کي اڄ تائين اوتريءَ آبرو ۽ چاهه سان پڙهيو وڃي ٿو جيترو اڌ صدي اڳ پڙهيو ويندو هئو ۽ اها پڪ آهي ته جڏهن ڪو ليکڪ محبوب جو رتبو ماڻي وٺندو آهي، ته ان جي هر ادا وڻندي به آهي ۽ ان جي هر عمل کي ڏسڻ، ٻڌڻ، هن جي رهڻي ڪهڻي، وغيره ڄاڻڻ جي چاهنا به ٿيندي آهي ۽ اهڙو ڪم ليکڪ جي جوالي ۾ يا آتم ڪٿا جا ڪتاب ڪندا آهن يا انٽرويوءَ جا ڪتاب ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته اهي شخص/ليکڪ سان سڌو منهان منهن هوندا آهن ۽ گهڻي ڀاڱي تخليقي سطح کان الڳ هوندا آهن جنهنڪري انهن ڪتابن مان ليکڪ بابت گهڻو ڄاڻي سگهبو آهي.