13/10/2022

ميڊم مھتاب اڪبر راشدي جي ڪتاب ”سڄڻ ساڃاهه وند“ جو جائزو- زرار پيرزادو (Zarar Pirzado)

تحرير: زرار پيرزادو

ميڊم مھتاب اڪبر راشدي جي ڪتاب

”سڄڻ ساڃاهه وند“ جو جائزو

 ميڊم مھتاب راشدي انهن انتھائي ٿورين شخصيتن مان هڪ آهي جيڪي پنهنجي ذات ۾ پاڻ ”ادارو“ هئڻ سان گڏوگڏ عملي طور ”ادارن“ جون سربراهه به رهي چڪيون آهن.

اهڙيون شخصيتون ادارن وارو ئي ڪم ڪنديون رهنديون آهن. اها اسان جي الائي خوشنصيبي آهي الائي بدقسمتي ته اسان وٽ ”ادارن“ کان وڌيڪ انفرادي طور تي شخصيتون ڪم ڪنديون آهن پر ميڊم مهتاب ادارن ۾ به تحرڪ جو ماحول ٺاهيو ۽ ذاتي طور به ادارن وارا ڪم ڪندي رهي آهي.

 اهڙيون شخصيتون اصولن، قائدن ضابطن، مستقل مزاجي ۽ ثابت قدمي سان ڪم ڪنديون آهن.ميڊم مهتاب جنهن به اداري ۾ وئي ته هن شين کي ريڪارڊ ۽ دستاويز ڪرڻ تي زور پئي ڏنو. ان حوالي ۾ سندس اهڙن ڪمن جو وچور لکبو ته هي سڄو ڪالم ان تائين محدود ٿي ويندو. بهرحال اهي سڀ ڪم سندس شخصيت تي سهيڙيل ڪتاب ”ماهتاب“ ۾ موجود آهن.

 مهتاب اڪبر راشدي حقيقي ۾ پاڻ به هڪ تاريخ آهي جنهن کي سهيڙڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو ڏسي تمام گهڻي سرهائي محسوس ٿي رهي آهي ته ميڊم مهتاب پنهنجي حصي جي تاريخ کي پاڻ قلمبند ڪرڻ لڳي آهي. پاڻ ان ڪري جو هوءَ پاڻ ادارو آهي سو ڪنهن ٻئي کي چوڻ يا اوڏانهن واجهائڻ بدران هن شخصي اداري پاڻ پنهنجي حصي جي تاريخ کي ريڪارڊ ڪرڻ شروع ڪيو آهي.

 سندس شخصيت تي لکيل مضمونن تي ٻڌل ڪتاب ” مهتاب“ کان پوءِ  سندس ڪالمن جو ڪتاب ” اڄ، ڪالهه ۽ سڀاڻي“  شايع ٿيو جيڪو سنڌ جي هڪ سياسي، سماجي، ادبي، ماحولياتي ۽ حڪومتي دور جي اپٽار آهي.

 ايئن هاڻي 37 مختلف شخصيتن متعلق خاڪن ۽ تاثراتن تي ٻڌل سندس ڪتاب ”سڄڻ ساڃاهه وند“ جي سري هيٺ شايع ٿي ادبي ۽ علمي مارڪيٽ جي زينت بڻجي چڪو آهي.

 ميڊم هن ڪتاب ۾ جن شخصيتن تي لکيو آهي سو مواد انهن شخصيتن جي سالگراهن، ورسين ۽ پروگرامن جي مناسبت سان آهي جن کي سهيڙي ڪتاب شڪل ڏني وئي آهي. يعني اهي ليک مختلف وقتن، تاريخن ۽ ماحول ۾ لکيا ويا آهن ايئن ناهي ته اهي خاص طور هن ڪتاب لاءِ لکيا ويا آهن.

هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل انهن شخصيتن جا پروفائيل ته ممڪن آهي ته دستياب هجن پر انهن شخصيتن کي ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ (جيڪا پاڻ به انهن سڀني شخصيتن لاءِ احترام لائق هئي) ڪيئن ڏٺو سا خاص ڳالهه آهي. خود انهن شخصيتن جو روح به سرهو ٿيو هوندو ته ميڊم مهتاب دل جي گهراين سان کين يادگار ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

ڪتاب ۾ ڄاڻايل شخصيتن سان ميڊم مهتاب جو واسطو ڪهڙي نوعيت جو هو، ساڻن ڪهڙا واقعا ۽ ساروڻيون سلهاڙيل آهن سي واقعا ۽ ساروڻيون خود تاريخ جو هڪ حصو آهن جيڪي ريڪارڊ تي آندا ويا آهن، خاص ڪري ريڊيو جي شخصيتن تي ميڊم جيڪي مضمون لکيا آهن تن ۾ ريڊيو جو اهو دور قلمبند ٿي وڃي ٿو جنهن کي ماضي جو  يادگار ۽ سونهري دور چئجي ٿو. انهن شخصيتن سان گڏ ميڊم مهتاب راشدي جي شخصيت جا پنهنجا به ڪيترائي نوان حصا نروار ٿين ٿا. ان لحاظ کان اهي لکڻيون ۽ سندس هي ڪتاب ساڳي  وقت سندس آتم ڪٿا جو به مواد مهيا ڪن ٿا.

هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل ڪيترن شخصيتن کان نئون نسل مممڪن آهي ته واقف به نه هجي تن لاءِ ۽ هر دور جي ايندڙ نسل لاءِ هي ڪتاب ريفرنس طور ڪتب  ايندو ۽ جيڪو ڪتاب ريفرنس طور ڪتب اچي سو ئي ڪامياب ڪتاب سمجهيو ويندو آهي.

ميڊم مهتاب راشدي جي ڪالمن واري ۽ هن ڪتاب مان هوءَ هڪ طاقتور ۽ منفرد نثر رکندڙ ليکڪا طور پڻ دريافت ٿي آهي. مان ذاتي طور ذهين ترين ليکڪن جي نثر مان متاثر رهيو آهيان. انهن ذهين ليکڪن جي سگهاري سوچ نثر جو پاڻ گهاڙيٽو بڻجي ويندي آهي ۽ اهڙن ليکڪن جي خاص ڳالهه راءِ عامه جوڙڻ جي طاقت هوندي آهي جيڪا ميڊم جي لکڻين مان رهنمائي طور پڻ ملي ٿي.

ميڊم جي شاعراڻي دل جو اظهار سندس مضمونن تي ڏنل عنوانن مان واضح طور نظر اچي ٿو جنهن جي واکاڻ نصير مرزا صاحب به پنهنجي هڪ تبصري ۾ ڪئي آهي. اهڙن عنوانن ۾ ”اونداهي ۾ لاٽ محمد ابراهيم جويو“، ”عشق هو، چرچو نه هو، رونشو نه هو قاضي فيض محمد“، ”مهربان اکين جو وڇوڙو جمال ابڙو“، ”استاد وڏو ”استاد“ آهي: استاد بخاري“، ”سڪ جو سڳو: لڇمڻ ڪومل ۽ ”وهي کاتي جا پنا“، ”عنايتون ڪرڻ ۽ گهرڻ وارو عنايت بلوچ“، ”وارياسي ٿر جو سيراب مسافر عبدالقادر جوڻيجو“، ”ايف آءِ آر در حضور ڀٽ ڌڻي: انور پيرزادو“، ”لهر لهر زندگي حرف حرف روشني! هدايت بلوچ“، ”سونن هٿن واري سلطانه، سحر جو سحر: سحر امداد“، ”آواز جو مصور، سيد صالح محمد شاهه“، ”ڍنڍ جي گهرائيءَ جهڙو ماڻهو: مراد علي مرزا“ وغيره وغيره شامل آهن.

 ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ ڪافي ڪتابن تي مهاڳ ۽ تبصرا به لکيا آهن جيڪي جديد ادبي تاريخ جو هڪ حصو آهن سي پڻ ڪتابي شڪل ۾ اچڻ لاءِ تيار آهن ۽ پڙهڻ وارا ان کي پڙهڻ لاءِ بي چين آهن.

 سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جا اهڙا اڃا گهڻا ڪتاب آهن جيڪي پائيپ لائين ۾ موجود آهن پر اڄ جي اشاعتي ادارن جي اسپيڊ ايڏي تيز ناهي جيڏي ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي ڪتابن جي سرجڻ جي برق رفتار آهي.

08/10/2022

ميري دنيا: ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي آتم ڪٿا - رئوف نظاماڻي (Rauf Nizamani)

 رئوف نظاماڻي

ميري دنيا: ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي آتم ڪٿا

تازو ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا جي ٻي جلد ”ميري دنيا“ پڙهڻ جو موقعو مليو. پهرين جلد ”در در ٺوڪر کائي“ گھڻو عرصو اڳ پڙهي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي 1952ع ۾ يارنهن سالن جي عمر ۾ ڀارت جي ٽونڪ شهر مان حيدرآباد اچي رهڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت هن سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اتي تاريخ جي استاد طور پڙهائڻ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هن يونيورسٽي جي ماحول، شاگردن جي ساڻس ورتاءُ  ۽ خاص طور ٻن وائس چانسلرن غلام مصطفيٰ شاهه ۽ شيخ اياز سان سندس ناتن جو ذڪر ڪيو آهي. ٻي جلد ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جي مختلف موضوعن کي کنيو آهي.