30/06/2016

جنهن دل پيتا عشق دا جام - ڊاڪٽر فياض لطيف (Dr Fayaz Latif)

جنهن دل پيتا عشق دا جام
ڊاڪٽر فياض لطيف


تصوف دل جي دنيا آهي ۽ دل جي دنيا کي، حُسن ۽ حقيقت جو هڪ پنهنجوحسين جهان هجي ٿو. دنيا ۾ جن ماڻهن دل جي راه ورتي آهي، انهن کي دنيا جا رند ۽ پنڌ راس نه آيا آهن ۽ جن دنيا جو دڳ ورتو آهي، انهن کان دل جو دڳ وڃايل ئي رهيو آهي.
دنيا جي دڳ ۾ ڪنڊا ۽ ڪدورتون آهن. دوکا ۽ فريب آهن، پر دل جي دڳ ۾ پيار ۽ پريت آهي. خواب ۽ خوبصورتيون آهن ۽ وڏي ڳالھ ته ان ۾ عشق جو آجپو ۽ آجپي جو عشق به آهي، ته موھ جي مجذوبي ۽ مجذوبيءَ جو موھ به. تڏهن ئي ته سچل، سرمست بڻجي، ان جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:
گِھڙن جي گھيڙاءُ، تانگھو عشق تن جو،
جن کي عشق عليل ڪيو،سي اينديون اوَتڙاءُ
جي سُور چَکنديون سُاءُ،ميهر سي ماڻينديون!