30/09/2021

ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ درد جو فلسفو“ تي هڪ نظر - شھزادو شيخ (Shahzado Shaikh)

 ليکڪ: شھزادو شيخ

 ڊاڪٽر احسان دانش جي ڪتاب

”شاهه لطيف جي شاعري ۾ درد جو فلسفو“ تي هڪ نظر


سنڌي ٻوليءَ ۾ روزانو ڪو نه ڪو ڪتاب ڇپجي ٿو، پر انهن مان ٿورا ڪتاب پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندا آهن. تازو ئي اهڙو هڪ ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ عنوان سان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق، نقاد ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر احسان دانش جو لکيل آهي.

ڊاڪٽر دانش هن ڪتاب ۾ لاکيڻي لطيف سائين جي شاعري ۾ درد جي فلسفي کي موتين جھڙن لفظن ۾ پوئي سمجهايو آهي. سچ ته هي ڪتاب ساڃھوندن توڙي ادب دوستن لاءِ انمول تحفو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ لطيف سائين جي ڪلام ۾ موجود دردن ۽ ڏکن جو گهڻ رخو مطالعو سولي ۽ سهنجي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي.

29/09/2021

ڪتاب ”انوارالاولياءِ لُواري شريف“ جو سرسري جائزو - قير محمد سنڌي (Faqeer Muhammad Sindhi)

 تبصرو ڪندڙ: فقير محمد سنڌي

ڪتاب ”انوارالاولياءِ لُواري شريف“ جو سرسري جائزو

ايمان سلامت هر ڪوئي منگي، عشق سلامت ڪوئي هو،

منگين ايمان، شرماون عشقون، دل نون غيرت هوئي هو،

جس منزل نون عشق پچاوي، ايمان نون خبر ڪوئي هو،

ميرا عشق سلامت رکين باهُو، ايمان نون ديان ڌورئي هو. (سلطان باهو)

سنڌ ڌرتيءَ تي تصوف جو رنگ عشق جي پوئواري ڪري ٿو، جو وڏي رياضت، عبادت ۽ شاعريءَ ۾ فن ڪاريگري سان پنهنجو پيغام پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو رهي ٿو ۽ ٿيندو رهندو. تصوف جو هر نڪتو دانائي ۽ پنھنجو پاڻ سڃاڻ تي آهي. جنهن پنهنجو پاڻ سڃاتو تنهن ڄڻ يار کي سڃاتو. ”انوارالاولياءِ لُواري شريف“ به تصوف جي رمزن کي ظاهر ڪري ٿو. ممتاز مرزا جون خدمتون قابل احترام آهن جنهن وقت به وقت عشق جي ثمر مان ڪجھ موتي مهيا ڪيا آهن. اهو عشق ئي آهي جنهن سائين بخش قبولائيءَ کي هن پاسي پاڻ پرکڻ جو موقعو ڏياريو. ممتاز مرزا کي به لواري جي گادي ڌڻي پنهنجي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. سٺو ٿيڻ به ڪنهن ڪنهن جي طبيعت ۾ شامل هوندو آهي، ڪنهن کي پري کان ڏسي، لبن تي مسڪراهٽ اچي، سمجهجي ته اهو چهرو تنهنجو محبوب آهي. تڏهن لواري شريف کي شيراز جي شهر سان تشبيهه ڏني اٿس.