26/01/2017

”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“ جا ’ٻه چار لفظ‘ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب
”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“ جا ’ٻه  چار  لفظ‘
رياضت ٻرڙو
دنيا جي علمي، ادبي ۽ سگھڙ ٻولين ۾ سنڌي ٻولي هر لحاظ کان شامل مڃي وئي آهي، جيڪا دنيا جي انهن پهريتي ۵۰ ٻولين ۾ ڳڻجي ٿي جن جا ڳالهائيندڙ گھڻا آهن. ان حوالي سان، سنڌي ٻوليءَ جي جاگرافي، سنڌ سُوڌو، مختلف ملڪن ۽ علائقن ۾ پڻ پکڙيل آهي جتي سنڌي ٻولي پنهنجو سماجي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي ڪارج نڀائيندي رهي ٿي. ان ڪارج جو هڪڙو، گھڻ-رخو اظهار، پهاڪا ۽ چوڻيون، محاورا ۽ ورجيسون پڻ آهن، جن ۾ سمايل ۽ سانڍيل لوڪ ڏاهپ کي هر سڄاڻ ماڻهو چڱيءَ پر ڄاڻي ۽ سمجھي ٿو. جڏهن ته عام ماڻهو ان جو پنهنجي سماجي اٿاويٺيءَ واري زندگيءَ ۾ عملي واهپو ڪري ٿو.
اهڙن سڄاڻ ماڻهن ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو پڻ شامل آهي. هُن ٻوليءَ جي انهيءَ لوڪ ڏاهپ کي نه صرف سمجھيو، پرکيو ۽ پروڙيو آهي، پر ان تي مسلسل تحقيق ڪندو ۽ ان جي خوبين، وصفن ۽ اهميتن کي لکت وسيلي بيان پڻ ڪندو رهيو آهي، جنهن سبب سندس نانءُ پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي تحقيقي ڪم جي حوالي سان نروار ٿي بيٺو آهي. خاص ڪري، سهتو صاحب جنهن خاص انداز ۽ موضوعي ورڇ سان پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪري رهيو آهي، اهو جس لائق آهي. نه صرف اهو، پر هُن ته پهاڪن ۽ چوڻين تي مختلف محققن پاران کانئس اڳ ٿيل تحقيقي ڪم کي به نئون سنئون (up-date) ڪري، سنواري ۽ سڌاري، ٻيهر جيئاريو آهي.

سهتي صاحب جو موجوده ڪتاب ”طبي پهاڪا ۽ چوڻيون“، پنهنجيءَ تحقيقي سٽاءَ ۾ بيحد وڻندڙ انداز رکي ٿو جنهن ۾ طب سان تعلق رکندڙ پهاڪن ۽ چوڻين کي ذيلي موضوعن ۾ ورڇي، بخوبي پيش ڪيو آهي. ان لاءِ کيس واڌايون پيش ڪيان ٿو.

08/01/2017

غلام محمد جو ڪتاب ”تو کان پوءِ“ - فريد ڪيريو (Fareed Keeryo)

شاعري هڪ شرف آهي
غلام محمد جو ڪتاب ”تو کان پوءِ“
فريد ڪيريو

شاعري هڪ اهڙو شرف جيڪو ڌرتيءَ جي من گولي تي جنم وٺندڙ گهر ان جي نصيب ۾ ناهي هوندو، جن اشرف الخلوقات مان به ڪي چند چونڊ ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي اهو شرف حاصل هوندو آهي. هتي مان پنهنجي ڳالهه جي مقصد کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ڌرتيءَ جي سٻاجهڙي شاعر مفتون ڪورائيءَ جي ڪتاب ”رُنيون ڪهڪشائون“ مان ورتل آسي زمينيءَ جي هنن خوبصورت سٽن جو سهارو وٺندس ته شاعري شعور عمل آهي يا لاشعوري انهيءَ فلسفيانه بحث کان پري رهندي شاعريءَ لئه اهو ته طئي آهي ته شاعري غير معمولي ماڻهن جي غير معمولي صلاحيت ۽ حاصلات آهي، جيڪا هڪ مهان تخليقڪار جي طرفان پنهنجي ئي تخليق کي عطا آهي تحفو آهي، ڏات آهي، پوءِ اُن ڏات جو ڀاڱو ڪنهن کي ڪنهن کي ۽ ڪيترو ڪيترو ملي ٿو اهو پنهنجو پنهنجو ڀاڳ آهي.

قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير - ڊاڪٽر خضر نوشاهي (Dr. Khizr Noshahi)

ڊاڪٽر خضر نوشاهي

سنڌ جي اڀرندڙ محقق ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگھري صاحب جي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز جو اختصار ”قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير“ جي عنوان سان مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور طرفان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو آهي. انهيءَ موضوع تي اِها پهرين ڀرپور ڪوشش آهي. اڳ ۾ اِنهيءَ موضوع تي صرف هيٺيان چند مختصر مقالا ڇپيل هئا:
(1) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جو مقالو ”قرآن پاڪ جا سنڌي ترجما ۽ تفسير“، هي مقالو پهريائين ٽن قسطن ۾ ماهنامه نئين زندگيءَ ڪراچي، سال 1964ع جي ٽن پرچن مارچ، مئي ۽ جون ۾ ڇپيو ۽ ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي مهراڻ نمبر 1-2/ 1980ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڀيرو ”ماهوار شريعت سکر“ ۾ فيبروري 1987ع ۾ به ڇپيو.
(2) ميرزا عباس علي بيگ جو مقالو ”قرآن جي اشاعت ۽ اُن جا ترجما“، ماهنامه نئين زندگي ڪراچي جي فيبروري 1987ع واري پرچي ۾ ڇپيو.

”خوشيون پرڏيهه جا پنڇي“ جو جائزو - غوث پيرزادو (Gaos Pirzado)

سنڌي شاعريءَ جو مست قلندر
سائل پيرزادي جي شعري مجموعي
”خوشيون پرڏيهه جا پنڇي“ جو جائزو
غوث پيرزادو

پنهنجي ظاهري ڏيک ويک ۾ پرين ۽ شهزادن جي ڪهاڻين ۾ موجود شهزادن جهڙو پراسرار شخص ۽ شاعر جو نالو آهي سائل پيرزادو، جنهن جي اکين ۾هڪ سمنڊ ڇوليون هڻندو رهندو آهي. بظاهر هن خاموش شاعر جي شاعري هڪ آتش فشان آهي، جيڪو آتش فشان دنيا کي ساڙي ۽ ٻاري رکڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو:
حقيقت هن حال جي ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري اوڀڙ اڀڙي ڪين ڪي. (شاهه) 
هن شاعر جا ٽهڪ اوڙڪون ڪري سانوڻيءَ جي مينهن جيان وسي پوندا آهن ته شاعري بڻجي پوندا آهن ۽ جهڙالي جهڙي سندس شاعري پڙهي روح اداس ٿي وڃي ٿو. سندس گفتگوءَ ۾ بارشن کان پوءِ ڌرتيءَ مان اٿندڙ مٽيءَ جي سڳنڌ ماڻهوءَ تي خمار طاري ڪري ڇڏي ٿي. ڳالهين جي ڳهير سائل پيرزادي جي ڪچهرين ۾دريائي ڪچي جي ماڻهن وارو مزو رکيل آهي جنهن جي ڪچهرين مان اٿڻ تي دل ئي نه چوندي آهي. سندس شاعري به سندس شخصيت جو ڀرپور عڪس آهي. هي وڏين اکين وارو اداس شاعر پنهنجي شخصيت مان مون کي انهن بي باڪ جوڌن مان بچي نڪتل سپاهي لڳندو آهي جن ڌرتيءَ جي دشمن جلادن سان ويڙهه وڙهندي پنهنجي جوانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن کي مان ايترو نه سڃاڻان، پوءِ به سندس تخليق منهنجي اتساهه جو ڪارڻ ان ڪري به آهي جو اها فطرت جيان حسين، خوبصورت ۽ معصوم آهي. هن جيڪي به ڪجهه لکيو آهي سو سندس دل کان ٻاهر ناهي. هن جي سٽ سٽ سندس ٽٽل جذبن جو آواز آهي. هن جي شاعري آرٽيفيشل ناهي تنهن ڪري هر پڙهندڙ سندس شاعري سان گڏ سفر ڪري ٿو.