05/05/2023

پرينءَ جو شهر- ڪتاب تي تَبصرو - سردار خاتون (Sardar Khatoon)

 سردار خاتون

پرينءَ جو شهر- ڪتاب تي تَبصرو

 ڪنھن به ٻوليءَ جي ادب ۾ ڪھاڻي وڏي اھميت رکي ٿي، ڪھاڻي کي ئي ڪنھن به سماج جو آئينو ليکيو ويندو آهي. ڪھاڻي وسيلي سماج جي ھاڪاري ۽ ناڪاري ڪِردارن کي وائکو ڪرڻ سان گڏوگڏ مُعاشري ۾ رھندڙ ماڻھن جي نفسيات ۽ ڪِردار جي گڻن اوگڻن کي ظاھر ڪري ٿي، ڪھاڻين جا ڪِردار ڪنھن به سماج جو حقيقي عڪاس ٿين ٿا. گذريل سال 2022ع ۾ سنڌ ورسٽي مان سنڌي شعبي مان پاس آئوٽ ٿيل نئين اُڀرندڙ ليکڪ مبين سنڌي جو ڪتاب پڙھڻ جو موقعو مليو. اٺين اياز ميلي جي موقعي تي ڀاءُ مبين پنھنجي ڪھاڻي جو ڪتاب ”پرينءَ جو شھر“ مون کي تحفي طور پيش ڪيو، جيڪو پڙھڻ کان پوءِ مون کي احساس ٿيو ته ھِن ننڍڙي وھي ۾ ھُو ايتري شاندار تخليقي صلاحيتن جو مالڪ آھي. ھِن ڪتاب جون ڪھاڻيون گھڻي قدر ورسٽي جي پس منظر ۾ لکيل آھن. سنڌ ورسٽي ۾ پيش ايندڙ مَسئلن کي ڪھاڻي جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو. مبين سنڌي پنھنجي ڪھاڻين ۾ نه رُڳو مَسئلن جي نشاندھي ڪري ٿو، پر گڏوگڏ حل به ڏسي ٿو، ۽ رھنمائي به ڪري ٿو، جيڪو وقت جي اشد ضرورت آهي. ھِن ڪتاب جون سَڀ ڪھاڻيون پنھنجو مٽ پاڻ آھن، ڪُجھ قابلِ ذڪر ڪھاڻين جا عڪس پڙھندڙن سان ونڊجن ٿا:

20/04/2023

شيخ اياز جا اردو ۽ سنڌي ٻولين بابت تقابلي ويچار - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

شيخ اياز جا اردو ۽ سنڌي ٻولين بابت تقابلي ويچار

(مختصر جائزو)


 شيخ اياز جو شمار ويھين صديءَ جي سنڌي شاعرن ۾ انتھائي مٿاهين درجي تي ٿئي ٿو. کيس ويھين صديءَ جي عظيم سنڌي شاعر جي حيثيت به حاصل آهي، جنھن جا نه صرف پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي همعصرن تي اثر رهيا، پر هن جي سرجيل سنڌي شاعريءَ ۽ نثري ادب، سنڌي ادب جا به نوان ۽ مثبت رخ متعين ۽ مقرر ڪيا. ان جي شاهدي هن جا سرجيل ۽ ڇپيل شعري مجموعا ڀَليءَ ڀَتِ ڏين ٿا جن جو ڳاڻيٽو 40 کان مٿي آهي ۽ جن جي شروعات ”ڀونر ڀري آڪاس“ کان سن 1962ع ۾ ٿئي ٿي، جڏهن ته سندس سنڌي افسانا پڻ ڇپجي مشھور ٿِي چڪا هئا جيڪي اول ”سفيد وحشي“ (1946ع) ۽ ان بعد ”پنهل کان پوءِ“ (1954ع) مجموعن ۾ ڇپيا هئا. ان ڪتاب کان اڳ شيخ اياز اردوءَ ۾ به ڀرپور شاعري ڪئي هئي، جنھن جو پھريون مجموعو ”بوئے گل نالهء دل“ سندس سنڌي مجموعي کان 8 سال اڳ سن 1954ع ۾، آفاق صديقيءَ سھيڙي ڇپرايو هو. صديقي صاحبُ ان ڪتاب جي پيش لفظَ بعنوان ”پس منظر“ ۾ لکي ٿو: ”اياز کي اردو شاعري کي عمر صرف آٹھ نو سال هے۔ اردو شاعري کا چسکا تو اسے کراچي هي ميں لگ گيا تھا ليکن اپني عديم الفرصتي اور کراچي کي روا روي کے پيش نظر  وه اس طرف کوئي خاص توجه نه دي سکا۔ کراچي کے دورِ قيام ميں اس نے صرف کچھ هي نظميں کهي هيں۔ باقي تمام نظميں سکھر ميں کهي گئي هيں۔ ان نظموں ميں نه صرف اس کي اپني زندگي کا مکمل عکس هے بلکه ايک ايسا فلسفهء حيات بھي هے جو ’تپتي هوئي دھوپ‘ ميں ’سايهء ديوار‘ کا کام دے۔ اس کا يه فلسفهء کائنات اور اس کے دلچسپ مظاهر کو بڑي خوش اصلوبي سے اپنے دامن ميں سميٹے هوئے هے۔“[ کاظمي، 27:2010]  ان راءِ منجهان اياز جي اردو ٻوليءَ تي مھارت ۽ سندس شاعريءَ جي فڪري اڏار کي پرکي سگهجي ٿو. هُو تسلسل سان سنڌيءَ ۽ اردو ٻوليءَ ۾ ويھين صديءَ جي چوٿين ۽ پنجين ڏهاڪي ۾ شاعري ڪندو رهيو هو ۽ ڪجهه اردو مشاعرن ۾ اهميت سان حصو ورتو هو. هُن 1960ع جي ڏهاڪي جي وچيَن ورهين ۾، 200 کن غزلن تي مشتمل پنھنجي اردو شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”کفِ گل فروش“ جي نالي سان ترتيب ڏنو هو [اياز، 130:2021]، پر اهو ڪجهه سببن جي ڪري ڇپجي نه سگهيو هو. البت شيخ ايازَ ”شاهه جي رسالي“ جو منظوم اردو ترجمو ”رسالهء شاه عبداللطيف“ نالي سان ڪيو هو جيڪو سنڌ يونيورسٽي پاران سن 1963ع ۾ ڇپجي چڪو هو. شيخ اياز جي اردو شاعري ايتري ته اهميت ماڻي چڪي هئي جو ترقي پسند نامياري شاعر فيض احمد فيض کي به شيخ اياز بابت چوڻو پيو ته ”وادئ سندھ ميں تو ان کا کلام عوام و خواص کي زبان پر هے هي، ليکن اردو زبان بھي ان کے فيض سے خالي نهيں رهي۔ ان کي اردو ميں کهي جانے والي نظموں کے علاوه شاه عبداللطيف بھٹائي کے رسالے کا اردو ترجمه بھي اپني جگه پر اردو ادب ميں ايک قابلِ قدر اضافه هے۔“[ فرخي، 13:1998]

نور جوڻيجي جي ناول ”خالي پڻي جو کاڄ“ جو تنقيدي اڀياس - دادن ’ثقلين’ لاشاري (Dadan Saqlain Lashari)

 دادن ’ثقلين’ لاشاري

نور جوڻيجي جي ناول

”خالي پڻي جو کاڄ“ جو تنقيدي اڀياس

ناول جي صنف سنڌي ادب ۾ اوتري پروان نه چڙھي آھي جيتري واڌ ويجهه سنڌي شاعريءَ ۽ سنڌي افساني/ ڪھاڻي ڪئي آھي. سنڌي ادب ۾ ناول جي شروعات 1870ع ۾ ڊاڪٽر جانسن جي ناو ”راسيلاس جي سنڌيءَ ۾ ترجمي سان ٿي جنھن جو سھرو مرزا قليچ بيگ جي سر تي آھي. ساڳيءَ طرح سنڌي اصلوڪي ناول لکڻ جو تاج به قليچ بيگ جي ئي مٿي تي آھي جنھن 1881ع ۾ ”دلارام“ ۽ 1885 ۾ ”زينت“ لکي سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ ٻه ناول جا موتي وڌا.

06/03/2023

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ سنڌي سماج جي تصوير (تاثراتي لفظ) - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr Riazat Buriro)

 ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

نوجوان ۽ لائق محقق دوست

ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو

(ڊاڪٽر علي جان ٻرڙي جي ڪتاب ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ سنڌي سماج جي تصوير“ تي محبت منجهان لکيل تاثراتي لفظ)

علي جان جو نالو به پيارو ۽ دل وارو، ته پاڻ به پيارو ۽ دلبر دوست آهي. سُٺي نموني، شانَ ۽ مانَ سان ڳالهائيندڙ به، ته ورتاءُ ڪندڙ به. سندس ڳالهائڻ ۾ پنھنجائپ ڀرپوريت سان سمايل هوندي آهي، ته ساڻُ هوندي، سندس اُٿا ويٺيءَ ۽ قرب-ڪچھريءَ مان سِڪ ۽ ساٿ به پيو پاڻ پَسائيندو آهي. پاڻ، سنگت ۾ هر طرح ميٺ محبت سان هلندڙ ۽ ملنسار شخصيت جو مالڪ آهي. سندس دل ۽ زبان جي ٻوليءَ ۾، انڪار جي ٻوليءَ بدران اقرار جي ٻولي لفظ لفظ منجهان اڀري ايندي آهي. هن جي ورتاءَ ۾ شامل آهي ته جتي به، جيترو به، سندس وَس ۽ اختيار هلندڙ هوندو، اوترو وس ۽ اختيار هلائيندو، جتي ۽ جيتري به ڪوشش سندس وس ۽ اختيار ۾ هوندي، اوتري ڪوشش ضرور ڪندو، ته جيئن دوست، يار، سنگت، ساٿيءَ، مِٽ، مائٽ، اوڙي پاڙي ۽ واسطي واري جي ڀلائيءَ ۽ بھتريءَ واسطي رُڪيل يا اٽڪيل ڪم، روڪَ ۽ اَٽڪ مان نڪري، اڳتي وڌي ۽ نبري سگهي. پر جيڪڏهن ڪو اوپرو ۽ اڻڄاڻ ماڻهو به هن جي مدد جو گهرجائو هوندو، ته هو ضرور سندس ڪم اچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهو سندس سڀاءَ ۾ شامل آهي. مون ڏٺو آهي ته هو پنھنجي سِر تي ڏکيائي سھڻ ته برداشت ڪري ويندو آهي، پر دوست جي سِر تي ڏکيائي سَھي نه سگهندو آهي.

محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب ”روشنيءَ راهون“ تي لکيل پيش لفظ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr Riazat Buriro)

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

روشني ته زندگي آهي!

(محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب ”روشنيءَ راهون“ تي لکيل پيش لفظ)

 سوچي ئي رهيو هيم، ته سائين محمد علي پٺاڻ جي هِن ڪتاب ”روشنيءَ - راهون“ جي ’پيش لفظ‘ جي شروعات ڪيئن ڪيان، ڪٿان سِلسلي جي سِري کي پَڪڙيان... ٻه ٽي جملا... پُورا/اڻپورا لکيم... نه وڻيا... ڊاهي ڇڏيم... وري ٻيو جملو لکڻ جي شروعات ڪيم ته ”زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪتاب نه هجن مختلف موضوعن ۽ صنفن جا...“ ته ليپٽاپ تي ئي ”واٽس ايپ ويب“ جي ميسيج جي ’ٺِڙِڪ‘ ٿي. لفظَ هونئن ئي سِڌائيءَ ۾ نه پئي آيا، تنھنڪري ’ميسيجُ‘ ڏٺم، ته ”سنڌ سلامت ويب سائيٽ“ جي سرواڻ ۽ سٻاجهي ساٿي، محمد سليمان وساڻ جو ميسيج هو، جنھن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جو مقولو لکيل هو ته

زندگي نه ڀڙڪو کائڻ جو نالو آهي، نه وِسامي وڃڻ جو. زندگي نالو آهي، دُکيل رهڻ جو.

ٿَڏي تي ئي، مون کي خيال آيو ته ”واهه! شروعات ملي وئي.“

14/02/2023

نمائنده شاعر آڪاش انصاري - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr Riazat Buriro)

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

وِيھين ۽ ايڪوِيھين صديءَ جي سنگم جو

نمائنده شاعر آڪاش انصاري

جنوري 1990ع ۾ سنڌي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ڏاڍي خوبصورتيءَ سان ۽ ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ تي پھريون ڀيرو ڇپجي پڌرو ٿيو هو، ته سنڌي ادبي دنيا ۾ بيحد سھڻو ڪتاب ڇپجڻ تي وهه واهه ٿي وئي هئي. حقيقت ۾ اهو ڪتاب صرف پنھنجي ظاهري سونھن سبب ئي پسند نه پئي ڪيو ويو، پر ان جي سچي سونھن ۽ حقيقي حسناڪي، ان جي نظمن ۽ غزلن ۾ ئي سمايل، سموهيل ۽ سينگاريل جذبن، احساسن، اُڌمن ۽ اُمنگن ڪارڻ هئي، جيڪي جيءَ اندر ٿانيڪين لھرن کي اوچا اُڀار ڏئي رھيا ھئا. اهو ڪتابُ ڪو ٻيو نه، پر ”ڪيئن رهان جلاوطن“ هو، جنھن جو شاعر آڪاش انصاري هو.

ڀٽڪي پنھنجو دڳ وڃي، جيئن ڪو پکيئڙو منجهه گگن،

نه جنھن جو ڪوئي آهيرو، نه آشيانو ۽ چمن،

مان به پنھنجي ديس ۾، آهيان اڪيلو اوپرو،

جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن. (نظم ”جلاوطن“/ڪيئن رهان جلاوطن، 2008/39)

12/02/2023

رشيد ڀٽيءَ جي ناول ”ناٿ ڏٺائون نانهه ۾“ تي هڪ نظر - گل ڪٽوهر (Gul Katohar)

 گل ڪٽوهر

رشيد ڀٽيءَ جي ناول ”ناٿ ڏٺائون نانهه ۾“ تي هڪ نظر

رشيد ڀٽيءَ جو ناوليٽ ”ناٿ ڏٺائون نانهه ۾“ مارڪيٽ ۾ پهتو آهي. ان کي پڙهي بهتر سمجھيم ته ان تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيان. اهو ان ڪري به مناسب سمجھيم ڇوته جنهن قسم جي ماحول جي عڪاسي ڀَٽِي صاحب پنهنجي ناول ۾ ڪئي آهي بلڪل ان قسم جي زندگي مان به گذاري چڪو آهيان. ها فرق صرف ڪجھ سالن جو آهي. رشيد ڀٽيءَ جي ناول جا ڪردار اوڻيهه سؤ سٺ جا ٿا لڳن جڏهن ته اوڻيهه سؤ ستر جي آخري سالن کان مان پاڻ پڻ اهڙي ئي ماحول جو حصو رهيو آهيان.

دادن ”ثقلين“ لاشاريءَ جي ڪتاب ”مٽيءَ جو مڪتب“ جو مھاڳ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr Riazat Buriro)

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

شاعراڻي ڏندڪٿا

[دادن ”ثقلين“ لاشاريءَ جي ڪتاب ”مٽيءَ جو مڪتب“ جو مھاڳ]

سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز ڪيڏو نه خوب چيو آهي ته

شاعري جي روح گرمائي نه ٿي،

منزلِ مقصود کي پائي نه ٿي.

”ڪِي جو ٻيجل ٻوليو“ (ڇاپو 3: 1995، ص 83) ۾ شامل غزل جي ان مطلع ۾، شاعريءَ جي ڪارج، فڪر ۽ فن جو طلوع جنھن طرح سمايل آهي، اهو شيخ اياز جو ئي ڪمال آهي! اهو شعر شاعريءَ جي معيار بابت به چٽيءَ طرح آگاهي ڏي ٿو. ’روح گرمائڻ‘ لاءِ جيڪي جذبا، اڌما، احساس، ارمان، اُمنگون ۽ ڪيفيتون گهرجن، اُهي موجود ته انيڪ ماڻهن ۾ ٿي سگهن ٿيون، پر انهن جو اظھار شاعريءَ ۾ ان ريت ڪري سگهڻ، جو اها ’روح گرمائي‘ ۽ ’منزلِ مقصود‘ کي ماڻي، سا هر ڪنھن جي وس جي ڳالهه نه آهي، ڇاڪاڻ ته جذبن، اُڌمن ۽ احساسن، ارمانن، اُمنگن ۽ ڪيفيتن جي پس منظر ۾ محبتن جي مھڪ به هوندي آهن ته نفرتن جا ڏنگَ به، پيار جي پڪارَ به هوندي آهي ته دُوريءَ جي ڌڪارَ به، من جي خوشي به هوندي آهي ته دلڙيءَ جو درد به، امن جي اڏار به هوندي آهي ته ويڙهه جي والار به، داخليت جي گھرائيءَ به هوندي آهي ته خارجيت جي وسعت به، خواب جي ساڀيان به هوندي آهي ته جاڳ جا ڀاڳ به، اکڙين جي اميد به هوندي آهي ته هينئين جا کُٽڪا به، اڪيلائيءَ جا وَڍ به هوندا آهن ته ساٿ جا مرهم به... سڀ ڪجهه ته هوندو آهي انهن جذبن، اڌمن، احساسن، ارمانن، امنگن ۽ ڪيفيتن ۾! شاعريءَ ۾ اهڙو ئي ته ڪو نه ڪو عڪس، تصور ۽ خيال هوندو آهي. هاڻ اهو شاعر جي سوچ، سمجهه ۽ سگهه تي مدار رکي ٿو ته اهو ڪيتري قدر پنھنجن عڪسن، تصورن ۽ خيالن ذريعي ’روح گرمائي‘ ۽ ’منزلِ مقصود کي پائي‘ سگهي ٿو يا ان اتم معيار جي ويجهو وڃي سگهي ٿو.

06/02/2023

ناول ”ڊيناڪ 109“ جو تجزيو - دادن ’ثقلين‘ لاشاري (Dadan Saqlain Lashari)

 دادن ’ثقلين‘ لاشاري

منظور ڪوهيار جي ناول ڊيناڪ 109 جو تجزيو

 

سڄيءَ دنيا ۾ جيڪي ڪتاب وڌ کان وڌ پڙھيا ويندا آھن انھن ۾ سوانح عمريون ۽ آتم ڪٿائون سڀ کان مٿي آھن. انھن ٻنھي صنفن کان پوءِ جيڪي ڪتاب وڌيڪ پڙھيا ويندا آھن انھن ۾ ناول سڀني کان مٿانھون بيٺوآھي. سنڌي نثري تخليقي ادب ۾ جيڪا صنف ڪافي پٺتي پيل  ھئي انھي ۾ ناول ڪافي عرصي تائين مٿي رھيو آھي. تمام گهٽ معياري ناول پئي لکيا ويا. پر پوئين ڏھاڪي کان وٺي  سنڌي ادب ۾ ناول ڪافي لکجي رھيا آھن. ان جو ھڪ سبب انٽرنيٽ جي ذريعي ملندڙ پذيرائي ۽ موٽ  بہ آھي تہ ساڳيي وقت انھن ۾ ٻہ مکيہ سبب ھي بہ آھن تہ ھڪ: شرح خواندگي پوين ويھن سالن جي ڀيٽ ۾ ھن وقت وڌيڪ آھي ۽ ٻيو: سنڌ جي لڳ ڀڳ پنجن ڪروڙن جي آبادي مان تقريبن  33سيڪڙو آباديءَ جوحصو نوجوان آبادي تي مشتمل آھي جيڪي عمومي طور ڪتابن طرف مائل ٿين ٿا. سنڌي ادب ۾ ناول جو جهجي تعداد ۾ لکجڻ ھڪ خوش آئندہ ڳالهه آھي پر اڪثر ڪري ناولن جا موضوع گهڻي ڀاڱي روايتي ڏٺا ويا آھن. اسان وٽ ناول جي صنف ۾ تجربا ڪافي حد تائين گهٽ ڪيا ويا آھن. ڪنھن بہ صنف، خاص ڪري نثري صنف، جي جيئندان ۽ ترقيءَ لاءِ اھو انتھائي ضروري  آھي تہ ان ۾ مختلف تجربا ٿيندا رھن ۽ جديد دور جي گهرجن موجب ان ۾ نہ رڳو نواڻ آندي وڃي پر نيون تبديليون، نوان گهاڙيٽا، نوان  اسٽائل پنھنجايا وڃن. انگريزي زبان ۾  ناول لکڻ جا ڪي ويھہ کان مٿي قسم ٻڌايا ويا آھن جن ۾ ھيٺيان ڏنل قسم ڪجهه وڌيڪ مشھور آھن:

28/01/2023

ڪتاب ”ساڻيهه سندي سڪ“ جو اڀياس - ناشاد شوڪت شنباڻي (Nashad Shoukat Shanbani)

 ناشاد شوڪت شنباڻي

ڪتاب ”ساڻيهه سندي سڪ“ جو اڀياس!

 سانجهيءَ جو ستارو آڪاس تي اُڀري ڌرتيءَ تي لهندڙ سرمائي شام جا رنگ ڏسي رهيو آھي. چنڊ جي هلڪي هلڪي روشني پوندڙ ڪوهيڙ جا منظر چٽي رهيو آھي ۽ سرنهن ڦولاريل گلن تي ماڪ جا ڦُڙا برسات جي بوندن جيان ڪِري رهيا آھن، مون ڪٿي پڙهيو هو ته، رات جو جڏهن سارو جڳ سمهي پوندو آھي، تڏهن هڪ تخليقڪار، هڪ شاعر، هڪ ليکڪ هڪ ترجمي نگار کي پنهنجو ادبي ڪم ڪرڻ لاءِ ڏاڍو پُرسڪون وقت ملندو آهي، ۽ وري اُها رات سياري جي هجي ته سندس تخليقي پورهئي ۾ بي پناھ اضافو اچي ويندو آھي. جڏهن رات جو وقت هجي ۽ هڪ شاهوڪار ڪتاب هجي ته اُڀرندڙ چنڊ به ڪتاب جي ورقن ۾ چانديءَ جهڙي روشني ڪندي سرهو محسوس ٿيندو آھي.

ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ جو مختصر اڀياس- امين جويو (Amin Joyo)

 امين جويو

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي ڪتاب

”سمن جي سلطنت“ جو مختصر اڀياس

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو هي بهترين تواريخي دستاويز سَمن جي حڪومتي دور تي ٻڌل آهي. هن ڪتابَ جو پهريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو وارن سن 1987ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪِتابَ کان اڳ ۾”سما دور“ تي ڪو به ننڍو يا وڏو ڪتاب ڇپيل ڪو نه هو. ڪتاب جي ليکڪ مطابق؛ ”هن کان اڳ ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ، سڀ کان پهريان ڊاڪٽر رياض الاسلام، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ايم. ايڇ پنهور ۽ سيد حسام الدين راشديءَ سَمن جي دور تي نمايان ڪم ڪيو.

اوھان ”شنڪر ڀيل“ جي شاعري پڙھي آھي؟ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

مٺل جسڪاڻي

اوھان ”شنڪر ڀيل“ جي شاعري پڙھي آھي؟

 

شنڪر ڀيل کي مون سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو الھيار جي دستوري گڏجاڻين ۾ ڏٺو. سندس شاعري، سندس زباني ٻُڌي. کيس گهڻو نہ سڃاڻان. جڏھن کان سنڌي ادبي سنگت بہ عام رواجي سياسي سنگت مثل ٿي، ڌڙابندي ٿي، تہ گڏجاڻين ۾ منھنجو نہ برابر وڃڻ ٿيو، نہ وڃڻ جھڙو ٿيو. جڏھن کان ٽنڊو الھيار ۾ بہ ٻہ ڌار ڌار گڏجاڻيون ٿيڻ شروع ٿيون آھن، تہ بلڪل بہ وڃڻ نہ ٿيو آھي. سڀني سان تہ فاصلاتي رابطو ڪڏھن رھيو ئي نہ آھي، جن سان بہ ھو، انھن سان بہ ڄڻ تہ ھاڻي رابطو نہ آھي. شنڪر ڀيل سان سڌو رابطو نہ ھو، نہ آھي، پر اڄ اوچتو ذھن تي تري آيو، تہ ”ڪجهہ تہ ھيو“ رديف سان سندس ھي غزل ذھن تي تري آيو، ڳولا ڪيم، تہ سڄو پڙھي ورتم. اوھان بہ پڙھو: