26/09/2015

ڪتاب ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“ تي هڪ نظر ارشاد ڪاغذي (Irshad Kaghzi)

ڪتاب ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“ تي هڪ نظر
ارشاد ڪاغذي
سنڌ جي برجستي صحافي، شڪارپور ڄائي نسيم بخاريءَ جو ڪتاب ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“ شايع ٿي ادبي دنيا ۾ پهتو آهي. نسيم بخاري گھڻي عرصي کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لڳاتار لکندو رهي ٿو. هن پنهنجي لکڻين ۾ عوام جي اهنجن، ايذائن ۽ مسئلن جي اپٽار ڪري پنهنجي فرض شناسائي جي روايت قائم رکي آهي. هن ڪتاب ۾ فاضل ليکڪ سنڌ جي سورن ۽ پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور جي ڀوتارن جي ڀوائتي شڪل ڏيکاري آهي ۽ انهن جي ارادن ۽ وارداتن کي عوام آڏو پيش ڪري وڏيرڪي ذهنيت کي وائکو ڪيو آهي.

ارم محبوب: احساسن ۽ رنگن جي شاعره - اسحاق انصاري (Ishaq Ansari)

ارم محبوب: احساسن ۽ رنگن جي شاعره
اسحاق انصاري
مون کي زندگيءَ ۾ ٽن ڳالهين نه ٿيڻ جو افسوس رهندو آهي، هڪ ته شاعر نه ٿي سگھيس، نه وري ڪو ڳائڻو ٿي سگھيس ۽ نه وري ڪو آرٽسٽ/پينٽر ٿي سگھيس. مون کي آرٽ جا اهي ذريعا پنهنجين ڪيفيتن کي امالڪ ۽ ان گھڙي اظهارڻ جا انسٽنٽ طريقا لڳندا آهن. اسان نثر لکڻ واري ماڻهو کي پنهنجو هڪ اظهار ڪرڻ لاءِ به ڪيترن لمحن، ڏينهن جوانتظار ڪرڻو ٿو پئي ته ڪو موڊ ٺهي ته ان اظهار کي سنواري پيش ڪجي. پر جيئن ته آرٽ جون اهي ٽئي فيلڊون مون وٽ موجود ناهن ان ڪري اهي وڻنديون به گھڻيون آهن. هونئن به انسان وٽ جنهن شيءِ جي کوٽ هوندي آهي ان جي جستجو يا ان لاءِ پسنديدگي گھڻي هوندي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪنهن هڪ ئي صنف يا آرٽ جي ميدان ۾ گھڻن پاسن جو مرڪب ٿي پوندو آهي. ڪڏهن نثر ۾ شاعري نظر ايندي آهي ته ڪڏهن وري شاعريءَ ۾ پينٽنگ جيان عڪس ۽ اولڙا نظر ايندا آهن. ته ڪٿي وري انهن لفظن يا رنگن کي هڪ جيئرو وجود به ملي پوندو آهي بالڪل ايئن جيئن سرنهن جي ڪنهن ٻنيءَ جو فوٽو يا پينٽنگ ڏسي ان جا رنگ جيئرا ٿي پوندا آهن ته ان وقت ان ٻنيءَ ۾ پکين جون لاتيون به ٻڌڻ ۾ اينديون آهن ته وري ٻنيءَ جي ڀر ۾ ٺهيل ڪچي گھر مان نڪرندڙ دونهون به نظر ايندو آهي. ائين شاعري ۾ به رنگ، احساس، خوشبو جيئريون ٿي پونديون آهن. مون جڏهن ارم محبوب جو ڪتاب ”۽ پوءِ...“ پڙهيو ته مون کي اهو ئي احساس جاڳيو ته اهي لفظ نه، پر احساسن جي صورت ۾ ڪي اولڙا، ڪي رنگ ۽ ڪي خوشبوئون چوڏس پکڙجي ويون آهن. ان جو ثبوت اوهان کي ميڊم ماهتاب جي چند سٽن مان به ملندو جيڪي مان حوالي طور تي هتي ضرور ڏيڻ چاهيندس.