17/05/2018

ڪتاب ”پھاڪن جي پاٻوهه“ جو پيش لفظ- رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


رياضت ٻرڙو

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب
”پھاڪن جي پاٻوهه“ جو پيش  لفظ

سنڌي ٻوليءَ جي هڪ بيحد وڻندڙ سُونھن، سولائيءَ سان، سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ پڻ، پَسي سگهجي ٿي. اسان پنهنجي سماج منجهه، رواجي طور هلندڙ ڳالهه ٻول ۾، جيڪڏهن، ان پاسي ٿورڙو به ڌيان ڏينداسين، ته چڱيءَ پر، ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون ڪَتب ايندي، محسوس ڪري وٺنداسين، ۽ پاڻ کي، ٻوليءَ جي هڪ خوشگوار حيرت جي جَهان ۾ ڦرندي، ۽ جملن ۾ سمايل معنوي جوڙجڪ جون نيون ڪهڪشائون کوجيندي، ڏسڻ لڳنداسين.
جيئن سائنسدان نين ڪهڪشائن جون کوجنائون ڪندا ۽ انهن کي ووڙيندي، انهن جا راز پڌرا ڪندا رهندا آهن؛ ساڳيءَ ريت، سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جون ڪهڪشائون کوجيندڙ هڪ سپورنجُ انجنيئر عبدالوهاب سهتو به آهي، جيڪو تسلسل سان، پنهنجي مقصد ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق هيٺ، نه صرف پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي ڪم ڪندو رهي ٿو، پر ان سلسلي هيٺ اڳ ڪيل ڪم جي به نئين سر ترتيب، تدوين ۽ ڇنڊڇاڻ ڪندو رهي ٿو. ان جي شاھدي سندس پهاڪن ۽ ڪتابن جي اڳيَن چوڏهن ڪتابن کان پوءِ، هاڻوڪو پندرهون ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوھ“ آهي، جيڪو تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
مون اصل ڪتاب جي ميسر فوٽو ڪاپي ڪيل نقل کي نظرن مان ڪڍيو آهي، جيڪو سهتي صاحب کان مون کي مليو. اِن ڪتاب، ۽ ڪتاب جي ليکڪ بابت موجود تفصيلُ، سهتي صاحب، پنهنجن ’سادن اکرن‘ ۾ چڱيءَ ريت لکي ڇڏيو آهي. مون کي ان حوالي سان فقط هيءَ ڳالهه چوِڻي آهي، ته سهتي صاحب جِي هن ڪتاب تي ڪيل محنت سان، ڌارئي ملڪ ۾ ڇپيل سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جي هڪ ڪتاب کي، نه صرف 45-سالن کان پوءِ، نئين حياتي ملي آهي، پر ان جِي پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن ۽ پڙهندڙن جي ڏيھ ڏانهن به آمد ٿي آهي. گڏوگڏ هڪ سڄاڻ ليکڪ تيرٿداس پيسومل جي ڪم جي مڃتا ۽ قدرداني پڻ ٿي آهي. ان تناظر ۾، انجنيئر عبدالوهاب سهتو يقيناً جس لهڻي، جو هُن، جنهن ريت، ”گل شڪر“ [۲۰۱۱ع]، ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ [۲۰۱۵ع]، ”چونڊ سنڌي چوڻيون“ [۲۰۱۷ع]، ۽ ”پھاڪن جي پيڙھ[انٽرنيٽ تي آندل] کي نئون سنئون ڪيو ۽ وضاحتن ۽ سمجهاڻين سان پيش ڪيو آهي، اهو هر لحاظ کان واکاڻ جوڳو آهي، جيتوڻيڪ هُن ڪنهن به قسم جي واکاڻ جي توقع کان سواءِ، پهاڪن ۽ چوڻين جي شعبي ۾ تحقيق ۽ تدوين جِو انتخاب ڪري، پاڻ ئي پنهنجي واسطي هڪ محنت طلب ڪم کي چونڊي ورتو آهي.
محبت جن جـي مـن ۾، تَن تِشنَـگِي تار،
پِـي پـيـالــو اُڃ جـو، اُڃ سـيـن اُڃ اُٿـيــار،
پنهون پاڻَ پِيارِ، ته اُڃ سين اُڃ اُجهائيان. (لطيف)
اميد اٿم، ته ”پهاڪن جي پاٻوھ“ ۾ سمايل پاٻوھ کي ان ئي ميٺ محبت منجهان پڙهيو ۽ پُرجهيو ويندو، جنهن سان اهو لکيو ويو، ۽ نئين سر ترتيب ۽ تدوين سان پيش ڪيو پيو وڃي.