30/03/2013

سنڌي ٻولي جي صحت - عبدالعزيز چنڊ (Abdul Aziz Chand)


سنڌي ٻولي جي صحت
عبدالعزيز چنڊ
سنڌي ٻولي جي صحت تي شديد اثرات پئجي رهيا آهن. انگريزي ۽ اردو ٻولين جي شديد حملي جي ڪري، سنڌي ٻولي پنهنجي اصليت وڃائي رهي آهي.
گهڻي ڀاڱي سنڌي جو نج لفظ استعمال نه ڪرڻ ڪري، نج سنڌي لفظ ختم ٿيندا پيا وڃن. ائين ضرور آهي ته ٻوليون ٻين زبانن ۽ ٻولين جا لفظ پاڻ ۾ جذب ڪنديون آهن، پر سنڌي ڳالهائڻ وارا پنهنجن اصل لفظن کي پراڻو يا اولڊ فيشن سمجهي، ترڪ ڪندا وڃن. هنن کي ”ماسي“ چوڻ ۾ لڄ ٿي اچي. اردو وارن ماسي لفظ کي ”نوڪرياڻي“ واري معنيٰ ڏئي ڇڏي آهي. اسان به ماڊرن ۽ مهذب بڻجڻ جي شوق ۾ ماسي کي ”خاله“ ڪري ڇڏيو. خاله لفظ عربي جو آهي، بهترين آهي، اسان وٽ عربي، فارسي لفظ گهڻا آهن، پر وقتي شوق ۽ اردو جي داٻي هيٺ اچي، ائين ڪرڻ، مناسب محسوس ڪونه ٿو ٿئي.

26/03/2013

ڪتابَ: ”تصويرِ سنڌ“ ۽ ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


جناب ايم.ايڇ. پنهور جا ٻه اهم ڪتابَ:

”تصويرِ سنڌ“ ۽ ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“


رکيل مورائي
سنڌ جي تاريخ بابت مختلف حوالن ۾ الڳ الڳ ٻولين ۾ ڪيترو ئي مواد مسير آهي ۽ لڳاتار لکجي رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جو هڪ  حصو تاريخ بابت تحقيق جون گهرجون پوريون  ڪري ٿو ۽ هڪ حصو اهڙو آهي، جيڪو ورجاءَ ۾ شمار ٿئي ٿو. سنڌ بابت ٻن اهم ڪتابن جو ذڪر هت ڏجي ٿو، جيڪي ٻئي ڪتاب سنڌ جي هڪ ڏاهي ۽ سنڌ دوست محقق محترم ايم ايڇ پنهور صاحب جي سالن جي تحقيق جو نچوڙ آهن.

23/03/2013

ٻوڏ ڊائري ــــــ درد ۽ تاريخ جو سفر - همسفر گاڏهي (Hamsafar Gadhi)


ٻوڏ ڊائري ــــــ درد ۽ تاريخ جو سفر
همسفر گاڏهي
پاڪستان ۾ ٻوڏون ۽ قدرتي آفتون ماضيءَ ۾ به اينديون رهيون آهن، تڏهن نه ته ٽيڪنالاجيءَ ايڏي ترقي ڪئي هئي نه وري ايترا وسيلا هئا باوجود ان جي نقصان ۽ تباهي ايتري نه ايندي هئي جيتري اڄڪلهه ايندڙ ٻوڏن ۽ قدرتي آفتن ۾ نظر اچي رهي آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب نيتن ۾ فتور ۽ بي ايماني جو اچي وڃڻ آهي. اڳ ۾ عام خلق کان ويندي ڪامورن ڪڙن ۽ سياستدانن جون نيتون ڪنهن حد تائين ٺيڪ هونديون هيون ۽ اهي مصيبت ۾ ڦاٿل خلق خدا جي خدمت ڪرڻ کي عبادت سمجهندا هئا، پر هاڻي ايئن ناهي. هاڻي وارا آفتن کي ڪمائيءَ جي موسم سمجهن ٿا، ان ڪري ڪير ٻڏي ٿو يا ڪير بچي ٿو، ان سان کين ڪا گهڻي غرض ڪانهي. اهي هڪٻئي سان رڳو اهي احوال ڪندي ٻڌبا آهن ته ڪنهن ڪيتري سيزن ڪمائي؟ ڇو ته اهي درد ۽ پيڙا جي مارڪيٽنگ جا گُر ته ڄاڻن ٿا پر اُن درد جو دارون ٿيڻ نٿا چاهين.

ٻوليءَ جي بگاڙ روڪڻ لاءِ تجويزون ۽ وضاحتون - تاج جويو (Taj Joyo)


ٻوليءَ جي بگاڙ روڪڻ لاءِ تجويزون ۽ وضاحتون
تاج جويو
 روزاني ڪاوش جي ۲۰ ڊسمبر ۲۰۱۲ع واري شماري ۾، محترمه سحر گل جو مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي وڌندڙ بگاڙ جو تدارُڪ ڪيئن ڪجي؟“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي. هن مضمون ۾ محترمه سحر گُل، سماجي لسانيات جي حوالي سان ڳالهائجندڙ ٻوليءَ ۾ ايندڙ تبديلين ۽ بگاڙ تي ڪجهه مثبت ۽ بهتر نموني سان رايا ۽ تجويزون ڏنيون آهن، گڏوگڏ هن سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي ڪمن ۽ دائري تي بحث ڪندي، ڪجهه تنقيد به ڪئي آهي.

ٿر جا شاعر - دولت رام کتري (Dolat Ram Khatri)


ٿر جا شاعر
دولت رام کتري
ادب جي دنيا ۾ شاعري هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو انسان جي سڀ کان عظيم ”تخليق“ تصور ڪيو وڃي ٿو. شاعري رڳو لفظن جي سٽاءَ جو نالو ناهي، پر شاعري دل جو آواز آهي، سجاڳي جو پيغام آهي. پنهنجي دل جي آواز کي، سماجي حالتن کي اظهارڻ ۽ انهن کي لفظن جي مالا ۾ پروئڻ جو ٻيو نالو ”شاعري“ آهي. شاعر معاشري جو حساس ذهن رکندڙ ڪردار هجي ٿو. تنهنڪري فطري طور هو سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃڊاهه ۽ تضادن تي گهرائي سان سوچي ٿو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻائي ٿو. شاعر قومن جا سفير هجن ٿا، جيڪي پنهنجي قومن جي بقا جي جنگ وڙهن ٿا. پنهنجي تاريخي ورثن ۽ تهذيبي مورچن کي بچائڻ ۾ هڪ شاعر پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سنڌي ٻولي ۾ شيخ اياز جي شاعري جديد سنڌي شاعري جو بڻ بنياد آهي. شيخ اياز کان پوءِ استاد بخاري، اياز گل، بردو سنڌي، تنوير عباسي، ادل سومرو، وفا ناٿن شاهي، سائينداد ساند، حليم باغي، امداد حسيني، ابراهيم منشي ۽ ٻيا جديد سنڌي شاعرن ۾ اهڙا نالا آهن جن جديد سنڌي شاعري جي تخيل ۽ جدت کي نوان رنگ ڏنا. ويجهڙي ماضي ۾ جديد سنڌي شاعري جي حوالي سان ته ڪيترا ئي نالا اهڙا آهن جن جي شاعري ۾ تمام گهٽ ڪتاب شايع ٿيا، پر اهي شاعر نئين ٽهي ۾ نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب بڻيا. ايوب کوسو، مير حسن آريسر، بخشل باغي، حاجي ساند، وسيم سومرو، سعيد ميمڻ، امر ساهڙ، اقبال رند، خليل ڪنڀار، اشرف پلي، فراق هاليپوٽو، حاجي ساند ۽ ٻين نوجوانن شاعرن جا ڪتاب مختلف وقتن تي مارڪيٽ ۾ ايندا رهيا ۽ انهن شاعرن کي سنڌ جا نوجوان پڻ دلچسپي سان پڙهندا رهيا آهن. اشرف پلي ۽ فراق هاليپوٽو جي نثري نظمن توڙي غزلن ۾ ايتري سگهه آهي جو انهن نئين ٽهي جي نوجوانن ۾ پنهنجو سگهارو مقام جوڙيو آهي. اهڙي ريت حسن درس جي شاعري پڻ نئين ٽهي جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻي، جڏهن ٿر جي نوجوان شاعر خليل ڪنڀار ”هانسو ريٻارڻ“ ۽ ”ٻليا تو ۾ ٻل ئي ناهي“، جهڙا نظم لکي منظرعام تي آندا ته ادبي لڏي جا ماڻهو دنگ رهجي ويا. سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ٿر جي اديبن شاعرن پڻ پنهنجو سگهارو مقام جوڙيو آهي. محمد هڱورجو، سائينداد ساند، ڀارو مل امراڻي، خليل ڪنڀار، بلاول اوٺو، نصرالله سمون، نور احمد جنجهي، ڪرشن شرما، شنڪر ساگر، رحيم علي موسيپوٽو، عباس کوسو، امر ساهڙ، چمن ٿري، ڊاڪٽر شنڪر، ممتاز نهڙيو، علي اڪبر راهمون، پيارو شيواڻي، ٿر جا اهي نالا آهن، جن سنڌ جي ادبي کيتر ۾ پنهنجو لايو سجايو آهي. سنڌي شاعر کيتر جي جتي سائينداد ساند، خليل ڪنڀار ۽ ڀارو مل امراڻي، پنهنجو سگهارو مقام جوڙيو آهي، اتي ٿر جي شاعر شنڪر ساگر پڻ سنڌي شاعري جي کيتر ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو آهي. پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ سادگي رکندڙ هي شاعر پنهنجو نرالو سڀاءُ ۽ مقام رکي ٿو. اتساهه پبليڪيشن طرفان جڏهن هن جي شاعري جو پهريون مجموعو سوچون ساگر سپنا ساحل ڇپجي منظرعام تي آيو، ته مون کي هن جي شاعريءَ پختگي جو احساس ڏياريو. هو جيتوڻيڪ اخبارن ۽ رسالن ۾ تمام گهٽ ڇپيو آهي، پر گم سم ۽ گمنام رهڻ جي باوجود هن وسيع مطالعي جي آڌار تي سنڌ ۾ پنهنجو هڪ نرالو مقام جوڙيو آهي.
هن جي شهر ۾ شام رهياسين،
گم سم ۽ گمنام رهياسين.
ساگر هن جي من مندر ۾
ٿورو رهي به جام رهياسين.
شنڪر ساگر پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد آهي. ٿر جي علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ هو هميشه اڳڀرو رهيو آهي. مٺي ۾ اسٽيج ڊراما ڪرائڻ کان وٺي سنڌي ادبي سنگت مٺي کي متحرڪ ڪرڻ ۾ هن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هو پنهنجي عام زندگي ۾ سادو ۽ ماٺيڻي طبيعت رکندڙ، باصلاحيت انسان آهي. هڪ شاعر جي حيثيت ۾ هو سگهارو تخليقڪار آهي. هن جي شاعري ۾ سونهن، سچائي، پيار، پيڙا، امنگن ۽ اڌمن جا ڪيترائي انڊلٺي رنگ نظر اچن ٿا. هو سٺو شاعر به آهي ته سٺو دوست به آهي. هو جڏهن ڪچهري ۾ ويهندو آهي ته هو محبت ۽ پيار جا ڪيئي رنگ پکيڙي ڇڏيندو آهي. هن جو جيون پيار، پيڙا، اُمنگن ۽ اڌمن جي دامن صحرا ۾ هڪ کليل ڪتاب آهي. سندس زندگي پيڙا ۽ ڏکن ۾ گذرندي وري به هو جيئڻ جي تمنا رکي ٿو.
نه جيون ۾ ڪائي رنگيني رهي آ،
تمنا تڏهن ڀي، جيئڻ جي رهي آ.
شنڪر ساگر وٽ خيالن جي بي پناهه سگهه آهي. شنڪر ساگر وٽ فطرت جو هڪ شاهڪار علائقو ٿر آهي جيڪو سراپا صدائون آهن. ٿر جي مورن جي صدائن تي هن جو روح رڙي ٿو. ٿر جي مورن جو شڪار ڪندڙ شڪارين کي پاراتا ڏيندي هن هي سٽون تخليق ڪيون ته:
ڪارونجهر جي ڪور تي، جهيڻو ٻولي مور،
شنڪر ساگر ٿر جو رومانوي شاعر آهي، جيڪو پنهنجي شاعري ۾ محبتن جي رنگن کي نکاري ٿو. هڪ رومانوي شاعر جي حيثيت ۾ هن جي شاعري، پيار، محبت ۽ دردن جو سنگم آهي. هو پنهنجي غزلن جي ننڍي بحر وزن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ جي سگهه به رکي ٿو. ننڍي بحر وزن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ جو فن ڪنهن سگهاري شاعر وٽ ئي هوندو آهي.
مون کي ڀلائي ڇڏ تون،
ميندي لڳائي ڇڏ تون،
تو وٽ منهنجي هستي ناهي
هون ته دلڙي سستي ناهي،
جهڙي تنهنجي نيڻن ۾ آ
مڌ ۾ اهڙي مستي ناهي،
سمونڊ جيڏي دل آ منهنجي
تنهن ۾ ڪا سرمستي ناهي.
شنڪر ساگر جي شاعري ۾ خوبصورتي جا سمورا رنگ سمايل آهن، جيڪي هڪ پختي شاعر ۾ هجن ٿا. شنڪر جي شاعري ۾ سادگي سلوئي ٻولي ۾ رواني به آهي. هن معاشري جي ڪيفيت ۾ محسوس ڪيو ۽ انهيءَ تي نثري نظم پڻ لکيا آهن هراسيل هارياڻي ۽ ٿر جي ڏڪار تي لکيل هن جا نظم پختا ۽ سگهارا آهن.
شنڪر ساگر پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ جيترو سادو سٻاجهڙو ماڻهو آهي اوترو ئي هو حساس دل ماڻهو آهي. هو پنهنجي عام رواجي زندگي ۾ منافقت ۽ مغروري ڪرڻ سکيو ناهي نه ئي هن کي ڊائيلاگ بازي يا خوبصورت لفظن سان منڊڻ اچي ٿو.

21/03/2013

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ضميري پڇاڙي: ’م‘ ۽ ’س‘ جو مختصر اڀياس - الطاف حسين جوکيو (Altaf H. Jokhyo)


شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ضميري پڇاڙي: ’م‘ ۽ ’س‘ جو مختصر اڀياس
الطاف حسين جوکيو
شيخ اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو اثاثو آهي؛ ليڪن ساڳئي وقت پنـﮬـنجي دؤر جي هڪ اڻ- مِٽ تاريخ پڻ آهي. هن حالت سنڌي ٻوليِءَ جي عالمن ۽ اديبن تي لازم ٿئي ٿو ته ان جي مڙني رخن تي علمي انداز ۾ ڪم ڪن!
مان لسانيات جو طالب علم آهيان، ليڪن جڏهن لسانيات کي ڏسجي ٿو ته ان جا به ڪافي رخ ٿين ٿا. وياڪرڻ، صوتيات، صرفيات، سماجي لسانيات، لـﮬـجاتي اڀياس، صورتخطي وغيره. مون لسانيات جي هڪ ننڍڙي نڪتي تي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي.

20/03/2013

ڪتاب: ”محمد عثمان ڏيپلائي هڪ مطالعو“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


ڪتاب: ”محمد عثمان ڏيپلائي هڪ مطالعو“

رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
هيءُ ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ لکندڙ، نامياري عالم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جو لکيل آهي ۽ نالي وانگر ڏيپلائيءَ صاحب بابت هڪ مطالعو محسوس ٿئي ٿو. باترتيب لکيل هن ڪتاب ۾ ڏيپلائي صاحب بابت سموري نصابي معلومات ڏنل آهي. ساڳئي وقت سندس باري ۾ ليکڪ پاران ڪن اديبن جا رايا به شامل ڪيا ويا آهن ۽ آخر ۾ ڏيپلائي صاحب جي سموري پورهئي جو وچور ڏنو ويو آهي، جنهن کي ڏسي ڏيپلائي صاحب لاءِ گهڻي گهڻي عقيدت وڌي وڃي ٿي، ساڳي وقت جوڻيجي صاحب جي محنت لاءِ به! پنهنجي عالمن ۽ بزرگن کي ڀيٽا ڏيڻ جو ۽ کين محفوظ ڪرڻ جو هيءُ نهايت ئي پهترين طريقو آهي. هڪ سئو ڇٽيهن صفحن جي هن ڪتاب ۾ ڏيپلائي صاحب کي گهڻي حد تائين ڏسي پسي سگهجي ٿو. اعليٰ پني، پڪي جلد ۽ ڏيپلائي صاحب جي تصوير واري هن ڪتاب جو ملهه 150 رپيا آهي ۽ پيڪاڪ پرنٽرز ڪتاب ڇاپيو آهي ۽ ڪتاب سنڌ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي.

ڪتاب: ”ڀنڀور ۽ ديبل“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


ڪتاب: ”ڀنڀور ۽ ديبل“

رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب انهن مضمونن، مقالن ۽ ليکن تي ٻڌل آهي جيڪي ڀنڀور نيشنل سيمينار ۾ 1983ع ۾ پڙهيا ويا هئا، جيڪو سيمينار اسان جي وطن دوست ۽ علم، ادب دوست واڌو دوستن جي دوست عبدالقادر منگي صاحب ان دور ۾ ڀنڀور تي ڪوٺايو هئو, جنهن دور ۾ سنڌ هڪ دوزخ جهڙي دور مان گذري رهي هئي ۽ هي ڀنڀور سيمينار هڪ بهشت جي هوا جي  جهوٽي جهڙو ثابت ٿيو هئو، جنهن کان پوءِ انهن ليکن کي منگي صاحب سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو ۽ ڪتاب کي نالو ڏنو ويو ”ڀنڀور ۽ ديبل. هن ڪتاب جي  اهميت کي سمجهندي ان جو ٽيون ڇاپو گذريل سال ڏهه مارچ 2012 تي ثقافت کاتي پاران ڪوٺايل ”ڀنڀور انٽرنيشنل سيمينار 2012“ جي موقعي تي آندو ويو آهي هن ڪتاب بابت گهڻو ئي لکي سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ ليکن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرئين حصي ۾ اهي ليک آهن، جيڪي تاريخ ۽ قديم آثارن بابت آهن ۽ ٻئي باب ۾ اهي ليک آهن جيڪي ادب ۽ ثقافت بابت آهن. ڪتاب ۾ سيمينار جون ڪي تصويرون پڻ ڏنل آهن. ٻه سئو چاليهن صفحن جي هن سانڍڻ جهڙي پڪي جلد ۽ سهڻي ٽائيٽل واري ڪتاب جو ملهه 300 رپيا آهي. ڪتاب ايليگينٽ پريس ڇاپيو آهي ۽ سنڌ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي.

19/03/2013

سڏڪي ۾ تبديل ٿيل عورت جو آواز: روبينه ابڙو - غوث پيرزادو (Ghous Pirzado)


سڏڪي ۾ تبديل ٿيل عورت جو آواز: روبينه ابڙو
غوث پيرزادو
روبينه ابڙو جي شاعري هڪ اهڙي مسافر جو ٽهڪ آهي، جنهن هڪ خواب جي پويان ڊوڙندي ڪي لڪ لتاڙيا هجن، ويرانن جي اکٽ خاموشين جو زهر پيتو هجي، تيرن جي بارشن کي روح جي گهرائين تائين سٺو هجي، ۽ پوءِ وڃي ان خواب کي پاتو هجي. هن جي شاعريءَ مان رقاصه جي پيرن ۾ ٻڌل گهنگهرن جي اداسي ليئاڪا پائيندي نظر اچي ٿي.
تهمتن جي راهه تي آهيان هلي
هر ملامت جهول ۾ آهي جهلي
عمر ساريءَ جا ثواب آهين ڪٿي
اي ازل جا هم رڪاب آهين ڪٿي

18/03/2013

شاهه لطيف بحيثيت قومي اڳواڻ - طارق عزيز شيخ (Tariq Aziz Shaikh)


شاهه لطيف بحيثيت قومي اڳواڻ
طارق عزيز شيخ
هڪ سچي شاعر جو ڪلام پنهنجي دور جي آرسي هوندو آهي. شاعر پنهنجي دل جي گُهر ۽ پنهنجي ذاتي مشاهدي تي فطري طرح پنهنجي ماحول جي حالتن، حق ۽ ناحق ۽ ريتن رسمن کان متاثر ٿي ڪلام ۾ اُهي واقعات شعوري ۽ غير شعوري طور آڻي ڇڏيندو آهي جي سچ پچ ان دور جي سچي تصوير هوندا آهن. جڏهن به ڪنهن ملڪ ڪنهن خاص دور جي صحيح صورتحال لاءِ مواد ڏسڻو پوندو آهي ته ان وقت نثري مجموعن سان گڏ نظم جو ذخيرو پڻ نظر مان ڪڍڻ ضروري ٿيو پوي ٿو.

ڪتاب” مقالات عزيز“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


ڪتاب” مقالات عزيز“

رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب سنڌ جي هڪ بزرگ تعليمي ماهر ۽ اديب عزيز جعفراڻي صاحب جي مضمونن ۽ مقالن تي ٻڌل آهي، عزيز جعفراڻي صاحب پاران الڳ الڳ موضوعن ۽ موقعن تي لکيل مضمونن ۽ مقالن جو هيءُ ڪتاب هڪ گهڻ رخو ڪتاب آهي، جنهن مان مختلف موضوعن تي ڄاڻ ملي ٿي، ڪتاب کي الڳ الڳ بابن ۾ ورهايو ويو آهي. جن جي ترتيب هيٺ ڏنل آهي.
1. مضمون ۽ مقالا 2. شاهه لطيف 3. تاريخي ۽ ادبي مضمون 4. سياسي مضمون 5. صحافتي مضمون 6. خاڪا 7. ڪتابن جا مهاڳ 8. افسانا. 
ايئن عزيز جعفراڻي صاحب جو پورهيو محفوظ ڪيو ويو آهي. جيڪو سانڍڻ جهڙو آهي، ان مان ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي پڙهڻ ضروري آهي. 392 صفحن جو هيءُ خوبصورت ڪتاب پڪي جلد ۽ سهڻي پني تي سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڇاپيو آهي. ڪتاب جو ملهه 400 رپيا آهي ۽ ڪتاب سنڌ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي.

ڪتاب ”فن ۽ فنڪار“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


ڪتاب ”فن ۽ فنڪار“

رکيل مورائي
هن نالي واري ڪتاب جو پهريون جلد ڪافي سال اڳ ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو هو، هي ڪتاب ساڳئي نالي سان ان جو ٻيو حصو آهي، جنهن ۾ اهي فنڪار شامل آهن جيڪي پهرين حصي ۾ شامل نه ٿي سگهيا هُئا. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي صاحب جي پورهئي جو نتيجو آهي. جنهن هن ڪتاب کي ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ سٺ فنڪار شامل آهن ۽ انهن پاران ڏنل جواب شامل آهن، جيڪي کانئن ڇپيا ويا آهن. ايئن ڪتاب انهن سڀني فنڪارن جي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ برابر آهي ۽ انهن جي شخصي ۽ فني زندگيءَ جي ويجهو ٿيڻ برابر پڻ. ڪوثر ٻرڙي جي هيءَ محنت واکاڻڻ جوڳي آهي. ڪتاب مان اهي پڙهندڙ گهڻو پرائيندا، جيڪي فنڪارن بابت ڪجهه ڄاڻڻ چاهن ٿا. 334 صفحن جو هيءُ خوبصورت پني ٽائيٽل ۽ پڪي جلد وارو ڪتاب سڀني فنڪارن جي تصويرن سان آهي. پيڪاڪ پرنٽرز جو ڇپيل هيءُ سهڻو ڪتاب 300 رپين جي ملهه وارو آهي. ثقافت کاتي گهڻو جس لهڻو جنهن پنهنجي اشاعت کي وسيع ڪندي مختلف موضوعن تي اکين کي وڻندڙ ڪتاب پنهنجي پڙهندڙن کي ڏنا آهن.

17/03/2013

ننڍي ٽهيءَ جو وڏو شاعر امر پيرزادو - رحمت الله پيرزادو (Rahmatullah Pirzado)


ننڍي ٽهيءَ جو وڏو شاعر امر پيرزادو

رحمت الله پيرزادو
امر پيرزادي جو تازو آيل ڪتاب ”عشق“ امر جي شاعريءَ جو مضبوط ۽ خوبصورت حوالو بڻجي سامهون آيو آهي، امر پنهنجي تصورن ۽ نظرين ۾ ايڪسپلور ٿي رهيو آهي. امر سان منهنجو ذاتي لڳاءُ تمام جذباتي نوعيت جو آهي، ڇو ته هو اسان سڀني ۾ ننڍي عمر جو شاعر آهي ۽ ٻيو ته سندس والد انور پيرزادو اسان لاءِ پنهنجي بي لوث قرب وسيلي جيڪا انسپائريشن ڇڏي ويو آهي، ان کي اسان هن جنم ۾ ته فراموش نه ٿا ڪري سگهون.

ڪتاب: ”راڳ نامو“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


ڪتاب: ”راڳ نامو“

رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشهور صوفي محمد صديق سومري جو سهيڙيل آهي، جيڪو  پاڻ شاعر به هئو، پر هن ڪتاب کي شاهه عنايت شهيد جي درگاهه تي ڳايو ويندڙ راڳ جو يادگار ڪري ڪوٺيو ويو آهي، جنهن کي سوا سئو سال کن اڳ صوفي محمد صديق عرف صوفي صادق فقير ترتيب ڏنو جيڪو هن راڳ جو باني هو خود پاڻ هئو. سنڌ جي نامياري عالم ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ هن ڪتاب جي تصحيح ڪئي آهي ۽ مقدمو لکيو آهي، جنهن جي اجوري طور سندس نالو  ڪتاب جي ٽائيٽل تي ڏنو  ويو آهي، جڏهن ته صوفي صادق جو نالو اندر ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي. ٿيڻ ائين گهربو هئو ته اصل مرتب جو نالو ٽائيٽل تي ڏنو  وڃي ها، جنهن بابت اداري کي وضاحت ڪرڻي آهي. ڪتاب هڪ فڪري واستگي رکندڙ آهي ۽ لاجواب پني تي پڪي جلد سان ڇپيل آهي. ٻه سئو چوونجاهه صفحن جي هن ڪتاب جو ملهه ٻه سئو ستر رپيا آهي. ڪتاب سنڌ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي.

نجفي تارڪ جو سنڌي ڪلام - رکيل مورائي (Rakhyal Moarai)


فقير هدايت علي نجفي تارڪ جو سنڌي ڪلام

رکيل مورائي
يقين سان هيءُ اهم ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري عالم سائين نواز علي شوق صاحب جو اهو مقالو آهي، جيڪو هن کي ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ڏياريندڙ آهي. پي ايڇ ڊيءَ لاءِ لکيل هي مقالو سائين شوق صاحب 1987 ۾ پيش ڪيو هئو، سندن نگران سنڌ جو هاڪارو محب وطن تاريخ نويس پير حسام الدين راشدي هئو. هيءُ ڪتاب سڀني حوالن سان هڪ اهميت رکندڙ ڪتاب آهي، جيڪو تحقيق جو گهرجون ته پوريون ڪري ٿو پر هڪ دور جي ادبي تاريخ به ٻڌائي ٿو. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل هيءُ ڪتاب 303 صفحن تي پکڙيل آهي. آفسيٽ پيپر تي پڪي جلد واري هن ڪتاب جو ملهه 500 رپيا آهي. ڪتاب خوبصورت ڪري چاپڻ جو سهرو سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سرتي آهي. ڪتاب سنڌ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي.

سنڌي صورتخطيءَ ۾ ... - الطاف حسين جوکيو (Altaf Hussain Jokhyo)


سنڌي صورتخطيءَ ۾ عربي لفظن جي درست استعمال جو معاملو
الطاف حسين جوکيو

عربي ٻوليءَ جي لفظن جو استعمال سنڌي ٻوليءَ ۾ عام جام ٿئي ٿو، ايتري قدر جو ڪافي لفظن ۾ پنـﻫـنجائپ محسوس ٿئي ٿي. عربي ٻوليءَ جي لفظن جي استعمال سبب چند لفظن جي صورت ۾ امڪاني ڦيرا به ٿين ٿا، ان جي سببن ۾ ’آوازن جي ڌاريائپ‘ به آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’آوازن جي ڌاريائپ‘ سبب عربي لفظن جي صورت جي ڦيري جا ٻه انداز جاچيا ويا آهن، جيڪي مونجھاري جو سبب بڻجن ٿا:
1.       اهڙا لفظ جن جي آوازن/اکرن جي مٽجڻ/مٽائڻ سبب معنوي فرق يا وياڪرڻي حيثيت بگڙجي وڃي ٿي؛ جيئن:
·        عربيءَ موجب معنوي فرق جو بگڙجڻ: واضع ۽ واضح،  وغيره.
·        سنڌيءَ موجب معنوي فرق جو بگڙجڻ: مهل ۽ محل وغيره.
·        وياڪرڻي حيثيت جو بگڙجڻ: تـﻫـمل ۽ تحمل وغيره
2.       اهڙا لفظ جن جي آوازن/اکرن جي مٽجڻ/مٽائڻ يا تقليب سبب لفظ جي معنوي فرق يا وياڪرڻي حيثيت کي ڪو ڇيـﻫـو ڪونه ٿو رسي؛ جيئن:
·        آوازن/اکرن جو مٽجڻ: بصل- بصر، فوم- ٿوم وغيره.
·        آوازن/اکرن جي تقليب: قفل- قلف/ڪرف وغيره.

16/03/2013

جاگرافيءَ جي پهرين لغت - وقار حسين تنيو (Waqar Hussain Tunio)


سنڌي ٻوليءَ ۾
جاگرافيءَ جي پهرين لغت ــــ هڪ تعارف
وقار حسين تنيو
جاگرافيءَ کي مڙني علمن جي ماءُ به سڏيو ويندو آهي. هن مضمون کي قديم زماني کان وٺي تمام گھڻي اهميت رهي آهي. جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ جاگرافيءَ بابت معلومات جي جاچ ڪنداسين ته ان ڳالهه جو شدت سان افسوس ٿيندو ته هن اهم مضمون جو به ٻين سائنسي مضمونن وانگر سنڌيءَ ۾ ڪو خاص مواد موجود نه آهي. مان جاگرافيءَ جي شاگرد ۽ استاد هئڻ ناتي انهيءَ کوٽ کي مسلسل محسوس ڪيو آهي. اهڙي کوٽ جي حوالي سان سنڌيءَ ۾ جاگرافيءَ جي لغت نه هئڻ جو به شديد احساس رهيو آهي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران ”سنڌيءَ ۾ جاگرافيءَ جي پهرين لغت“ جنهن کي ناليواري ليکڪ رضوان گل پنهنجي محنتن سان تيار ڪيو آهي، اڄ اسان جي هٿن ۾ آهي، جيڪا ڳالهه خاص طور تي جاگرافيءَ سان واسطو رکندڙ استادن ۽ شاگردن لاءِ تمام گھڻي خوشيءَ جو باعث آهي. جاگرافيءَ جي هن لغت ۾ ليکڪ ۽ محقق رضوان گل لکي ٿو ته:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص طور تي سائنسي مواد جي حوالي سان تمام گھڻي کوٽ رهي آهي انهيءَ کوٽ کي مون شدت سان ان وقت محسوس ڪيو جڏهن جاگرافيءَ جهڙي اهم ۽ بنيادي سائنسي مضمون بابت سنڌيءَ ۾ مواد جي کوجنا شروع ڪئي، پر مان ان وقت تمام گھڻو مايوس ٿيس جڏهن اهو معلوم ٿيو ته جاگرافيءَ جي حوالي سان ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪا لغت سري کان آهي ئي ڪونه! تحقيقي حوالي سان جڏهن مون جاگرافيءَ جي ڪتابن جو مطالعو ڪيو ته ڪيترن ئي ڏکين لفظن يا اصطلاحن جي معنى انگريزي ۾ شايع ٿيل جاگرافيءَ جي لغت مان ڏسڻي ٿي پئي. ان دوران سِي ايس ايس ۽ جاگرافي ۾ ايم. ايس سِي ڪندڙ ڪيترائي شاگرد پڻ مون کان معلوم ڪندا هئا ته جاگرافيءَ جي سنڌيءَ ۾ لغت ڇو نه آهي؟! جنهن جو مون وٽ ڪوبه جواب نه هوندو هيو.

13/03/2013

خدا جو قسم - مشتاق گبول (Mushtaq Gabol)


خدا جو قسم
مشتاق گبول
سندس ننڍپڻ سدائين زخمي حالت ۾ گذريو هو، ڇو ته هو سدائين پوپٽ پڪڙڻ جي چڪر ۾ ڪنڊن سان ڀريل لوڙهن تي وڃي ڪِرندو هو ۽ جيستائين زخمي هوندو هو سندس اکين ۾ حسرتن جا پوپٽ اڏامندا رهندا هئا ۽ ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ وري ساڳيا پوپٽ، ساڳيا ڪنڊا، ساڳيا لوڙها ۽ ساڳيا زخم!
وقت ۽ عمر جي وڏي ٿيڻ سان گڏوگڏ هو به وڏو ٿيندو ويو ۽ هن سان گڏ اُهي پوپٽ، اُهي ڪنڊا، اُهي لوڙها به وڏا ٿيندا ويا. پوپٽن شاعريءَ جو روپ ڌاريو، ڪنڊا سماج جا اُهي رويا ٿي اُڀريا جيڪي اڪيلي ماڻهو کي اڃان به اڪيلو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ لوڙها سماج جا اُهي هٿ ٺوڪيا اصول، جن ۾ ڪنهن به تخليقي ماڻهو کي پنهنجو ساهه گهٽجندي محسوس ٿيندو آهي.

12/03/2013

ناول ”ڪيف ڌاران ڪوءِ...“ جو تنقيدي جائزو - مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)


منير چانڊئي جي ناول
”ڪيف ڌاران ڪوءِ...“ جو تنقيدي جائزو
مبارڪ علي لاشاري
سنڌي ٻولي ۾ سرجندڙ ادب ۾ تعداد يا مقدار جي حوالي سان جيتري شاعري سرججي پئي ان جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻي گهٽ پئي سرججي پر وري مقدار جي حوالي سان ڪهاڻي کان به گهٽ ناول پيو ڇپجي يا لکجي. اها شڪايت نه صرف منهنجي پر تقريبن لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي آهي. پر وقت گواه آهي ته نثر جا ڪتاب خاص ڪري امر جليل جا ۽ ناول خاص ڪري طارق عالم ابڙو جو رهجي ويل منظر، ڏيپلائي جو سانگهڙ ۽ تازو منير چانڊيو جا ٻه ناول ڪيف ڌاران ڪوءِ ۽ تو پڄاڻان.... (جيڪي ذهن تي نٿا اچن تن کان معذرت) پڙهيا ۽ پسند ڪيا وڃن ٿا. انهن ڪتابن جا ڪيترائي ڇاپا اچي ختم ٿي چڪا آهن ۽ اڃا به سندن گهرج موجود آهي. جيتوڻيڪ اسان وٽ ناول يا ڪو به ادبي ڪتاب (تخليقي ادب) ايترو ڪونه ٿو پڙهيو وڃي، نه ئي کپي ٿو پر پوءِ به مايوس ٿيڻ جي بجاءِ ڪجهه مثبت شيون ڏسڻ گهرجن.

10/03/2013

ووٽ بنا سوچ جي! - مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)


ووٽ بنا سوچ جي!
مبارڪ علي لاشاري
نظم
گلزار سيال
ووٽ بنا سوچ جي،
تخت جڙي خير جو،
موٽ ملي خير جي،
ديس جڙي خير جو.

چور درن تي چون
پاڻ ڳلي تي سڌي
نوڪ رکو تير جي
مان رکو تير جو
جان هرڻ ڏيئي ڇڏي
پيٽ ڀري “شير” جو
تخت جڙي خير جو.

روز پڙهو ٿو اچي
ماپ پٺي جي ڏيو
جيئن اڌي ۾ هڻي
فوج لتون خير جون
کيڏ ڪندي منصبي
ٺينگ ٽپا ٿو هڻي
نان ونڊي ڀولڙو،
ونڊ هلي خير جو،
لوڇ بنا لوچجي،
ووٽ بنا سوچ جي،
ديس جڙي خير جو،
موٽ ملي خير جي،
تخت جڙي خير جو
بخت جڙي خير جو.

ادب کي اسين جيڪڏهن ”صرف“ ادب جي لبادي ۾ ڏسنداسين ته ادب ”ادب“ بنهه نه لڳندو پر جي اسين ادب کي زندگي، رابطن جي ذريعي اجتمائي شعور/سمجهه، روزمره جي حالتن جي عڪاسي، پرک ۽ ساڃهه جي نقطه نظر سان ڏسنداسين ته ادب اسان جو رهنما نظر ايندو. ڇوته هڪ اديب لطيف سائين چواڻي ”اک الٽي ڌار“ رکي ٿو. هو شين کي پنهنجي ضمير جي اولڙي ۽ عڪس ۾ ڏسي ٿو جتي پنهنجي تخليق يا شعر جو ذميوار ڪنهن ڀوتار، باس، سيٺ، سياستدان يا ڌاڙيل وٽ هجڻ بجاءِ سڀ کان پهرين پنهنجي ضمير آڏو آهي ۽ ساري زندگي اهو سرجيل ادب سندس شناختي سرٽيفڪيٽ هوندو آهي. ان ڏس ۾ مثالن سان سموري دنيا ڀري پئي آهي هتي حوالا ڏيڻ جي ضرورت ناهي.