02/05/2013

انڌا اونڌا ويڄ - رسول بخش پليجو (Rasool Bux Palijo)


انڌا اونڌا ويڄ

(۱)
متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين،
تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا.
(لطيف)
ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ پاڻ هرتڙن نقادن جي هڪڙي ٽوليءَ موسمي مڇرن وانگر اوچتو وٺي منهن ڪڍيو آهي، جي پاڻ کان وڏيون قلمي بڻڇيون کڻي، ملڪ ۾ ڪاهي پيا آهن، ۽ هنبوڇيون هڻندا، رنڀون ڪندا، ٽاڏون ڏيندا، جيڪو ڪو سامهون ٿو اچين، تنهن کي سٽيندا، ڪٽيندا، ڏاڙهيندا وڃن. وڏا پهتل، وڏا ادبي اولياءَ، ڪانيءَ ڪرامت جا ڌڻي، ٿئي ٿيندي جي خبر، اکيون ڄڻ ته ٽانڊا، منهن تي مصنوعي جلال، ”اسلام! اسلام!“ ”مذهب! مذهب!“ ”اخلاق! اخلاق!“ جا نعرا، ”بچايو! بچايو!“، ”جهليو! پڪڙيو!“  جا واڪا ايڏو ته ڌمچر مچايو اٿن، جو ماڻهن جا ساهه سڪي ويا آهن. ڪير آهي، جو هنن خدائي فوجدارن، مذهبي ٺيڪيدارن، ليسن بردار اديبن، اُڦٽ مار عالمن، ڪڪڙ ڪاٺ ۾ وجهندڙ تيس مارن جي سامهون ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي سگهي! چوطرف ”الامان“ ۽ ”نفسي! نفسي!“ جي پڪار آهي. هر ڪو پيو ڪنبي ته ڪڏهن ٿي اها ڄٽ پوليس مون تي اچي ڪڙڪي. خدا جي پناهه! هڪ هٿ ۾ ٺونٺ جيڏا ادبي پروانا ۽ راهداريون، ٻئي ۾ جهالت ۽ تنگ نظريءَ جا شاهي ڏنڊا، شيطان جي آنڊي جيڏن لقمن جون گردن ٽوڙ ڀريون مٿن تي، تعصب ۽ حسد جون ڇريون بغلن ۾، سڙيل ڳريل پاروٿن ۽ زهريلن خيالن جا ڳوٿرا پٺن تي، مڪر ۽ ريا جا وڏا ڊگها جلسا لوڏيندا، خدا جي خلق ۾ ڪاهي پيا آهن. ڪو شاعريءَ جو بابو آدم ۽ فردوسي، ڪاليداس ۽ شيڪسپيئر جي استادن جو استاد بڻيو بيٺو آهي، ته ڪنهن کي ڏسو ته ڪاليج جي ليڪچراريءَ مان هڪدم اٿندي وڃي افلاطون ۽ سقراط سان ڪلهي گس ڪئي اٿس، ته ڪو وري رات وچ ۾ گمنام شاعرڙي مان ڦري نقاد آخر زمان بڻجي ويو آهي. هيءَ مخلوق اوچتو ڪٿان پيدا ٿي آهي؟ ڇو پيدا ٿي آهي؟ سندن شان نزول ڪهڙو آهي؟ سندس انهيءَ هاءِ گهوڙا، جنون ۽ واويلا ۽ وٺ وٺان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
سر زمين سنڌ تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ فن جو قديم ترين مرڪز آهي. هن کاڻ هزارين اهڙا بي بها لعل ۽ گوهر پيدا ڪيا آهن، جي تاريخ جي پيشانيءَ تي جاوداني آب ۽ تاب سان چمڪندا رهندا. دودي ۽ دريا خان جهڙا دلاور ۽ سرفروش محب وطن، علي شير ”قانع“ جهڙو مورخ ۽ دانشور، ابوالفضل ۽ فيضي جهڙا يگانا ۽ بيمثال عالم، داناءَ ۽ مدبر، شاهه عنايت ۽ شاهه بلال جهڙا دلير ۽ بيباڪ حق پرست ۽ حق گو، لطيف ۽ سچل جهڙا لازوال شيرين ڪلام شاعر هن خاڪ جا ئي ڪرشما هئا. هر دور ۾ هر زماني ۾ هيءَ سرزمين پنهنجو بي بها انساني فصل اپائيندي رهي آهي. سندس واديون ۽ جبل هميشه مٺڙن ۽ رسيلن نغمن ۽ عظيم ۽ اعلى ڪارنامن جي پڙاڏي سان گونجندا رهيا آهن.
شعر ۽ سخن جون مٺيون زندگي بخشيندڙ نهرون ته هتي ڪڏهن به خشڪ نه ٿيون آهن. قاضي قاضن، شاهه ڪريم، لطيف، سچل، بيدل، سامي، سانگي، روحل، دلپت، مسافر، گل، قليچ، مخلص، بلبل، بيوس، حافظ شاهه حيات- هزارين خوشنام بلبلن جا مٺڙا، رسيلا نغما، قسمين قسمين دلنواز لاتيون. هر ڪنهن جي پنهنجي طرز، پنهنجي رس ۽ پنهنجو سر. ڪو پنهنجي دور ۽ زماني جو محبوب، ته ڪو ازلي ۽ ابدي ڏات جو ڌڻي، جنهن جا آلاپ سالن ۽ صدين جون حدون اورانگهي امر ۽ لافاني بڻجي ويا.
تهذيب ۽ تمدن جا وهڪرا هميشه پيا هڪ ٻئي سان ملن. سنڌي تهذيب ۽ تمدن به ڪيترن چشمن جو پاڻي پيتو آهي. سندس شعر ۽ سخن به هندي، فارسي ۽ ٻين ٻولين جي گنج مان حصو ورتو آهي. پر ان سدائين پنهنجي هڪ خاص لئي ۽ نرالو مزاج قائم رکيو آهي. سنڌي شاعريءَ ڪنهن به دور ۾ عربي، فارسي يا هنديءَ جي ٻانهپ قبول نه ڪئي آهي. جن ڏينهن ۾ فارسي سنڌ ۾ راڄ ڌڃاڻي ۽ سنڌ جي درٻار جي پٽ راڻي ٿي ويٺي هئي، تڏهن به سنڌي شاعري، پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو، ۽ پنهنجيءَ راهه تي اڏول مزاجيءَ سان رمندي رهي.
جيڪڏهن ڪنهن سنڌيءَ، فارسيءَ جي آب تاب تي هرکجي، پنهنجي فارسي دانيءَ جي رعب ويهارڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته ماڻهن کانئس نفرت ٿي ڪئي.
جي فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،
جو ٻڌو ٻن ڳالهين سو ڪيئن چائي ڄام،
اُڃيو ته آب گهري، بکيو تان طعام،
اي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿيو. (لطيف)
ليڪن اڄ کان هڪ نسل اڳي ڌاري، سنڌي ۾ هڪ عجيب مرض منهن ڪڍيو.
انگريزن جي ڦوٽ ۽ تفرقي واريءَ پاليسيءَ سبب، سنڌ ۾ هندوءَ ۽ مسلمان جي وچ ۾ وڌندڙ دشمني ادبي ميدان ۾ ڪاهي پيئي. هندو اچي سنڌي ٻوليءَ کي شڌ بنائي، تلڪ لڳائي، ڌوتي ٻڌائڻ جي پويان پيو، ته مسلمان چوي آءٌ کيس ان کان اڳ ۾ چوغو پهرائي، ايراني ۽ عرب بنائي وٺان. اچي جو چٽا ڀيٽي لڳي، سو سنڌ جي ”پر“ ڦري ”ليڪن“ ۽ ”پرنتو“، ”پاڻي“  ڦري ”جل“ ۽ ”آب“، ۽ سنگتي هڪ طرف ”متر“ ٿي پيا، ته ٻئي پاسي”احباب“! سنڌ جي مٺڙيءَ پياريءَ ۽ سهڻي ٻوليءَ کي هنن ظالمن انڌي تعصب وچان اهڙو ته بگاڙي خراب ڪري ڇڏيو، جو سڃاڻڻ کان پري ٿي ويئي. ان دور جون سنڌي لکيتون پڙهي، ماڻهوءَ کي خبر نٿي پوي ته لکندڙ سنڌيءَ ۾ لکيو آهي، يا هنديءَ ۾ يا عربيءَ ۾: جملن ۾ فقط ”آهي“ ۽ ”ناهي“ جهڙا سنڌي اکر ٽنبيا ٿي ويا، ٻيو ٿيو ڀلو!
اها وبا شاعريءَ ۾ ته خاص ڪري گهر ڪري ويئي. شاعرن جا ٻه ٽولا پيدا ٿي ويا، جن سنڌي شاعريءَ تي هندي، فارسي ۽ عربيءَ سان آپريشن ڪرڻ شروع ڪيو، هندن به خوب جوهر ڏيکاريا ته  مسلمانن به. تان جو سنڌي شاعري موڪلائي ويئي. باقي وڃي هندي ۽ فارسي بچيون. مسلمان شاعرن ته خاص ڪمال ڪري ڏيکاريو. شاهه لطيف وارن ٿرن برن، ڏوٿين، جهانگين، پنوهارن، اوٺين، ڏٿن ڏؤنرن جي ملڪ ۾ هڪدم ”لاله“، ”نرگس“ ”سنبل“، ”گلفام“ بنجي ويون. سندن چيلهيون غائب ٿي ويون. سندن قد سرو جيڏا ٿي ويا. سندن اکين مان نماڻائي، قرب ۽ محبت نڪري ويئي: ڪٽاريون هٿن ۾، عاشقن جي ڇانگ پويان، قيامت جي چال هلنديون، سڀني کي آسرا ڏينديون، تڙپائينديون، ”صحن چمن“ ۾ سير ڪنديون نظر اچڻ لڳيون. عاشقن جي صورت به بدلجي ويئي. قميصن ۽ پهراڻن بدران هنن شاعرن کڻي ايراني چوغا پهراين. هاڻي هر ڪو ”آتش سوزان“، ”جگر برين“، ”شعله تپان“ کڻيو، ”دامن کي تار تار ڪرڻ“ يا ”اختر شماري“ ڪرڻ کي لڳي ويو! هر ڪو ڏسو ته نيم بسمل“، ”دم بلب“، ”دم واپسين“ تي. ”نزع جي عالم“ ۾، يعني سدائين سڪرات ۾. جي اتان چڙهيا ته ”ڪوءِ بتان“ ۾ ٺوڪرون پيا کائيندا يا ”وحشت صحرا“ سان دل پيا وندرائيندا. هر ڪنهن جي پويان ”روسياه رقيبن“ جو ٽولو. ماڻهو ڀائيندو ته سنڌي ڇوڪريون آزاد ڇڙواڳ پيون عاشق ڏانهن نهارينديون وتن. رڳو ايتري ڀل ڪن ٿيون، جو هنن سچن عاشقن بدران وڃيو سندن رقيبن سان عشق پچائين. سنڌ جي مظلوم، ڪوٽن ۾ قيد، رسمن ۽ ريتن ۾ جڪڙيل عورت سان هن کان وڌيڪ چٿر ٻي ڪهڙي ٿيندي؟
پر هتي ته سوال هو ”شاعري“ جي وزن، بحر ۽ قافيي جو! سو، هنن شاعرن ان ۾ گهٽتائي ڪانه ڪئي باقي حقيقت سان سندن ڪهڙو واسطو؟
اهي ”اصلي تي وڊا“ شاعر جڏهن سنڌي سخن جي سلطنت تي جلوه افروز ٿيا، تڏهن سندن بخت ۽ اقبال جو ڏؤنڪو چوطرف وڄي ويو. ماڻهو فردوسي، شاهه لطيف، حافظ، سعدي، خسرو، غالب ۽ مير جو نالو ڀلجي ويا ۽ سندن شاعريءَ کي ٻاراڻي کيچل سمجهڻ لڳا. ”سنڌي شاعري“ کي معراج تي پهچائڻ لاءِ، ”سنڌيءَ“ جو اکر هٽائي فقط ”نج ۽ خالص“ شاعريءَ کي رائج ڪيو ويو، جيڪا هڪ اهڙي پاڪ آسماني ٻولي ۾ چيل هوندي هئي، جا پوتر شاسترن وانگر فقط ڪي وڏا جغادري ادبي برهمڻ ۽ مهاراج ئي سمجهي سگهندا هئا. ”ڪي رند پروڙين راز“ وارو مثال اکين اڳيان هو. هن درٻار طرفان ايڏي ته شاهانه فياضيءَ سان خلعتون، لقب ۽ ادبي جاگيرون ورهائيون ويون، جو هر ”شاعر“ جي دروازي تي نوبت وڄڻ لڳي. هر ڪو جهنڊي ۽ خلعت جو ڌڻي! ڪو ”استاد الشعرا“ ته ڪو ”تاج الشعراءَ“ ته ڪو ”ملڪ الشعراءَ“. هنن ”شاعرن“ سنڌي شاعريءَ جي جيڪا ٻيڙي ٻوڙي ۽ مٽي پليد ڪئي، تنهن جا اثر چؤطرف ڦهلجي ويا. سمورو نسل جو نسل بگڙي ويو- ڳالهائڻ، لکڻ، ٻولي سڀ جو ٻيڙو غرق. سنڌيءَ جا موتين جهڙا آبدار لفظ ۽ صدين جي محنت سان سينگاريل سمورا جملا، فقرا، چوڻيون، پهاڪا ۽ محاورا هن ”شاعرن“ جي اٿاريل ڌوڙ جي طوفان هيٺ دٻجي ويا.
اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا. (شاهه)

(۲)
هي جي آيا هير،
سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهن. (شاهه)
دنيا جي ٻين ٻولين جي تاريخ تي نظر وجهبي، ته ڏسبو ته اهي به زواليت جي اهڙن دورن مان لنگهيون آهن.
اردو شاعري جڏهن امير خسرو، سلطان قلي قطب شاهه ۽ ولي دکني جي دور واري ٻاراڻيءَ، ۽ سودا ۽ ذوق جي دؤر واري جوانيءَ جي ڪيفيت مان لنگهي، لکنو جي ”جرات“ ۽”مصحفي“ جهڙن ڀٽن ۽ مسخرن جي هيان طوائفن جي ڪوٺي جي زينت بنجي ويئي، ۽
لگ جا گلي سـي، تاب اب اي نازنين نهين
هـي هـي، خدا کي واسطي مت کر نهين نهين! (انشاءَ)
آنکهين دکهلاتـي هو، جوبن تو دکهاؤ صاحب
وه الگ بانده کـي، رکها هـي جو مال اچها هـي! (امير مينائي)
صنم سنتـي هين تيري بهي کمر هـي
کهان هـي کس طرح کي هـي کدهر هـي؟
انهيءَ قسم جي شعرن تائين محدود ٿي ويئي، تڏهن هندستان جي باشعور طبقي هن ادبي زوال جي خلاف آواز اٿاريو ۽ اردو شاعريءَ جي سمورين واهيات روايتن خلاف بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو. سر سيد، حالي ۽ محمد حسين ”آزاد“ اردوءَ کي سندس روايتي تصنع، تڪلف ۽ فارسيءَ جي انڌي تقليد کان آزاد ڪرائڻ لاءِ جهاد شروع ڪيو. انهن ڪوششن رنگ لاتو، ۽ اردو شاعري، جا رڳو ٺلهن اکرن، پراڻين ۽ پاروٿين تشبيهن ۽ استعارن جو اڻوڻندڙ بيجان بت بڻجي ويئي هئي، تنهن جي جسم ۾ حالي، اسماعيل پاني پتي ۽ ٻين نئون روح ۽ نئون ساهه وڌو. اردو کي درٻارين، محلن ۽ طوائفن جي ڪوٺن جي مصنوعي ۽ گهٽيل ماحول مان نجات ڏياري، عوامي ماحول جي زندگي بخش فضا ۾ آندو ويو. اهڙيءَ ريت اردو هڪ نئين عوامي دور ۾ داخل ٿي، ۽ اقبال، جوش ۽ فيض جهڙا باڪمال شاعر پيدا ڪري ڏيکاريائين.
سنڌي ٻوليءَ کي به ساڳئي دور ۽ ساڳيءَ پيڙا مان لنگهڻو پيو. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ فارسيءَ جي جاءِ تي انگريزي ٻولي سنڌ ۾ رائج ٿي. سنڌ ۾ هيءَ هڪ زبردست علمي ۽ ادبي انقلاب جي شروعات هئي. جيئن عباسي خليفن، هارون الرشيد ۽ مامون الرشيد جي دور ۾ يوناني لاطيني ۽ سنسڪرت علم ادب سر زمين عرب ۾ ڦهليو، ۽ شڪ، ڳولا، آزمائش ۽ ڇنڊ ڇاڻ جو اهو سلسلو شروع ٿيو، جنهن اڳتي هلي دنيا اڳيان المعري جهڙا شاعر ۽ ابن خلدون، ابن العربي، ابن رشد، غزالي، بوعلي سينا ۽ الفارابي جهڙا پنهنجي  زماني جا عظيم ترين ۽ يگانا دانشور ۽ عالم پيدا ڪيا، ۽ عربن کي روءِ زمين جي علمي ۽ ادبي امام طور تسليم ڪرايو، ۽ جيئن عربيءَ جي علمي ۽ ادبي شاهڪارن، اسپين ذريعي يورپ ۾ داخل ٿي، يورپ جي مدي خارج ۽ ٻوساٽيل علمي ادبي ماحول ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ۽ ان جي ادبي ۽ علمي تاريخ ۾ زبردست انقلاب آڻي ڇڏيو، تيئن  سنڌ ۾ انگريزيءَ جو اچڻ هڪ زبردست انقلاب هو. جيئن اسپين ۽ پورچوگال ۾ عربيءَ جي داخل ٿيڻ تي عيسائي عالمن وٺي هاءِ گهوڙا ڪئي هئي ۽ منهن مٿو پٽيو هو ته ”عيسائي دين ٿو وڃي!“ ”جيڪي عربي پڙهن سي ڪافر ۽ دوزخي آهن.“ تيئن سنڌ ۾ ان وقت جي بزرگن وٺي رڙ مچائي: ”ناصاري جي ٻولي جيڪو پڙهي سو ناصارو ٿيندو، وغيره، وغيره،“ ”فرنگيءَ ملڪ ته ورتو پر هاڻي دين به ٿو کسي!“  پر وقت جي وهڪري کي ڪير بدلائي؟ انگريزي ٻوليءَ جي ذريعي سنڌ ۾ ادب جا اهي املهه خزانا کڄي آيا، جيڪي سنڌ کان هزارين ڪوهه پري گذريل ٻن ٽن صدين ۾ يورپ ۾ گڏ ٿيا هيا.
حقيقت ۾ مغربي دنيا جي هيءَ انگريزي ٻولي ۽ ان جو ادب اهو فرض پورو ڪري رهيا هئا ۽ اهو حق ادا ڪري رهيا هئا، جيڪو مشرقي ٻولين ۽ ادبن جهڙوڪ سنسڪرت، عربي ۽ فارسيءَ جو مٿن چڙهيل هو. مغربي علم ۽ ادب جا متوالا ڪاليداس، جئديو، ميران ٻائي، فردوسي، حافظ، خيام، سعدي، معري، بوعلي سينا، ابن خلدون، ابن رشد، فارابي ۽ غزالي جهڙن مفڪرن جي ئي مئخانن مان سرڪيون پيتل هئا. هو ساڳئي اوچي شراب کي نئين زماني جي نون تجربن ۽ احساسن جي بٺين ۾ چمڪائي، صاف ڪري، نين بوتلن ۾ ڀري، مشرق کي پيارڻ لاءِ کڻي آيا هئا. هاڻي شراب جو نشو تيز هو.
سنڌ ۾ انگريزيءَ جو پهريون ڦل قليچ جا ترجما آهن. قليچ شيڪسپيئر کي لطيف جي وطن ۾ وٺي آيو. وڪٽر هيوگو ۽ بيڪن کي ميرن جو ملڪ ڏيکاريائين. يورپ جي ادبي باغن مان مٺا ۽ تازا ميوا پٽي آڻي، سنڌين جي اڳيان رکيائين. افسوس جو سندس نظر رئبلاس، بالزاڪ، ڪروانتيس، ٽالسٽائي، ايبسن، ٿامس پين، روسو، چيخوف، گوگول ۽ خاص ڪري ڊڪنس جي ڦلواڙين ڏانهن نه ويئي، پر هڪڙو ماڻهو نيٺ به ته ڇا ٿو ڪري سگهي؟
ساڳئي وقت انگريزن جو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو ادبي ڪارنامو شاهه جي رسالي جي ترتيب آهي. سورلي لطيف کي ڳوئيٽي، شلر، نٽشي ۽ مارڪس جي وطن وٺي ويو. انگريزن جي آندل پريس ۽ ڇاپخانن، علم جا موتي بازارين ۾ ڍير ڪري ڇڏيا.
هوڏانهن ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ عملدار بنجڻ جا اميدوار سنڌي نوجوان، بائرن، شيلي، هارڊي، شيڪسپيئر ۽ ملٽن پڙهڻ لڳا. ڏٺائون ته مومل راڻي، سهڻي ميهار، عمر مارئي کان سواءِ ٻيا به ڪي عاشق ٿي گذريا آهن. ڪافين، ڏوهيڙن، غزلن، بيتن ۽ ڳجهارتن کان سواءِ سانيٽ ۽ ترائيل نالي به ڪي شيون آهن. امير حمزي، گل بڪاولي، ممتاز دمساز، ”عروس ڪربلا“، ۽ حورعجم کان سواءِ ٻيون به ڪي آکاڻيون آهن، جن کي افسانو ۽ ناول چئبو آهي. اهڙي به ڪا مخلوق دنيا ۾ پيئي آهي، جتي پيار ڪرڻ ڏوهه ڪونهي، جتي ڪنوار پنهنجو گهوٽ پاڻ چونڊيندي آهي، جتي زندگيءَ جي هر ميدان  ۾ زالون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلن ٿيون، جتي شاعر وڻن، پکين، جبلن، ندين ۽ سامونڊي نظارن بابت به نظم لکن ٿا، جتي قلم تلوار کي ڪاٽي ٿو، جتي ادب ۽ شاعر درٻارين يا مشاعرن جو سينگار نه، پر انقلابن جو علمبردار آهي، جتي عقل وهمن ۽ تعصب ۾ جڪڙيل نه آهي، جتي شڪ ۽ ” بي ويساهي“ ڪفر نٿا ليکجن، جتي تلاش ۽ ڳولا بدعت نه آهي، جتي آزمائش ۽ تجربي جو راڄ آهي، جتي زندگيءَ ۾ گرمي، تيزي ۽ تڙپ آهي، جتي تمنائون ۽ اميدون مايوسيءَ تي غالب آهن، جتي ’صبر ۽ شڪر‘ جو نالو سستي ۽ بي همتي آهي،جتي طبقي، قوم، مذهب ۽ نسل جي نالي ۾ رچايل ڍونگن جي قلعي کولڻ وارا سوريءَ تي نٿا چاڙهيا وڃن، جتي ماڻهو حاڪمن جي رعيت نه بلڪ ملڪ جا مالڪ ليکيا وڃن ٿا، جتي جي حاڪمن مٿان عام راءِ“، ”شهري آزاديون“، ”آزاد پريس“ ۽”آزاد چونڊون“ جي نالن واريون تلوارون لٽڪيل آهن، جتي ڏاڏي آدم جي واريءَ واريون رسمون رواج ختم ٿي چڪا آهن، جتي عيسائي عالم ۽ اديب ٻين مذهبن جي اڳواڻن، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم، گوتم ٻڌ، زرتشت وغيره جي ساراهه ۾ ڪتاب لکن ٿا، ته کين سنگسار نٿو ڪيو وڃي، ۽ اٽلو کين فراخدل ۽ روشن خيال ليکيو وڃي ٿو، جتي اديب نه صرف پنهنجيءَ ذات ۽ محبوب سان، بلڪ سموريءَ انسانيت سان محبت رکن ٿا. ڪشنچند ”بيوس“ جو نظم ”الله جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي“، حيدر بخش جتوئي جو ”ڀلي آئين جيءُ آئين درياءَ شاهه“ فتح محمد سيوهاڻي جو ”دنيا جو دور“، حافظ شاهه حيات جو نظم ”دلاسو“، وغيره، مغربي ادب جي اثر هيٺ، نئين دور جي سنڌي شاعريءَ جي پرهه ڦٽڻ جا آثار هئا. هنن شعرن جا شاعر پراڻا نالي چڙهيل عاشق نه آهن، جن جو ڪعبو قبلو سندن ليليٰ آهي، جن جي سموري ڪائنات يار جي گهٽيءَ تائين محدود آهي، جي رڳو پنهنجي مطلب جا يار آهن ۽ جن کي پنهنجو يار ملي ته پوءِ سڄي دنيا ڀلي وڃي ڦاهو کائي مري!
هنن شاعرن جو محبوب سندن وطن ۽ عوام آهي. کين ان جي نظارن، ان جي ماڻهن لاءِ اٿاهه قرب آهي. سندن محبت وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ اونهي آهي. وٽن تصوف جي پيچيده مسئلن ۽ بي معنيٰ تشبيهن، استعارن ۽ صنعتن جي سکڻي رڃ يا پراڻو نصيحت جو انداز ڪونهي. هنن جو شعر سادو، صاف، حسين، ۽ اعليٰ جذبو پيدا ڪندڙ آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سيد ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر دائود پوٽي، ڪاڪي ڀيرومل، ڊاڪٽر گربخشاڻي جهڙن مضمون نگارن ۽ انشا پردازن مغربي مضمون نگاريءَ ۽ تحقيق جي ڊول تي سنڌ جي ماحول کي ادب ۾ پيش ڪيو. سندن ٻولي اڳئين دؤر جي تصنع، لفظن جي ڀرمار ۽ معنيٰ  جي پيچيدگين کان آزاد آهي. سندن مضمون بلڪل نوان آهن. هو ڪڏهن گنجي ٽڪر جهڙن مڪاني نظارن کي سهڻي نموني پيش ڪن ٿا، ته ڪڏهن گرهوڙي، ميين عنايت، جلال فقير جهڙن وساريل شاعرن جي نالي کي وري زندهه ڪن ٿا، ۽ ڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لکي اسان جي ادبي ورثي کي عوام آڏو پيش ڪن ٿا. ساڳيءَ ريت پروفيسر شهاڻي، ديوان ڪوڙي مل، پرمانند ميوارام، لعل چند امر ڏني مل، ڄيٺمل پرسرام ۽ ۽ ٻين اهڙا مضمون لکيا، جي درحقيقت سنڌ جا اوائلي مختصر افسانا هئا. هنن جا موضوع سادا ۽ عام هئا، پر ٻوليءَ جي قدرتي حسن ۽ بيان جي بي پناهه دلڪشي ۽ واقعات نگاريءَ جي سچائيءَ جي خيال کان انهيءَ دور جا ڪيترا مختصر افسانا هئا.  جن جو جواب اڄ تائين پيدا نه ٿيو آهي. ”هيڻا هر ڪنهن وهيڻا“ ۽ ”موڳو مئجسٽريٽ“ جهڙن افسانن جي ٻوليءَ ۽ انداز کي ڊڪنس، اسٽينبڪ ۽ گورڪيءَ جهڙن عظيم ترين لکندڙن جي ڀيٽ ۾ فخر سان پيش ڪري سگهجي ٿو.
سنڌي نثر کي هنن لکندڙن سادگي، حسن ۽ ادائگيءَ جي سچائيءَ جي جنهن معراج تي پهچايو، تنهن کان اسان جا اڄوڪا لکندڙ اڃا ورلي ڪو مٿي چڙهي سگهيا آهن. غالب جي مشهور خطن وانگر، هو لکن نٿا مگر ائين محسوس ٿئي ٿو گويا هو ڪنهن گهري دوست سان رهاڻ پيا ڪن. هو سنڌيءَ ٻوليءَ جي فطرتي سونهن جا پارکو ۽ قلم جا ڌڻي هئا.
انهن شاعرن، اديبن ۽ نثر نويسن نئين دور جي ادب جي پيڙهه وڌي. هنن مشرقي زبان جي ادب سان گڏ مغربي نثر نويسيءَ ۽ شاعريءَ جو مطالعو ڪري، ان جي بهترين خوبين کي پنهنجو ڪرڻ جي شروعات ڪئي، ۽ ائين ڪرڻ سان انهن سنڌي ادب جي اوساري کنئي.
ساڳئي وقت هنن بنگالي، هندي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين جي شاهڪارن کي ترجمو ڪري، سنڌي ادب جي دنيا ۾ آندو. ان ڪري سنڌي نوجوان تعليم يافته طبقو، خاص ڪري سنڌي اديب، ويهين صديءَ اندر دنيا ۾ آيل نون خيالن کان واقف ٿيا.
جاسوسي ناولن اسڪولي شاگردن جي دنيا بدلائي ڇڏي. جان عالم، حاتم طائي، امير حمزي جي جاءِ تي بليڪ، شرلاڪ هومز ۽ ڊاڪٽر واٽسن اچي ويا، ويچارو بوقلمون جادوگر وسري ويو ۽ آرسن لوپن جو سڪو ڄمي ويو. انهن ناولن ننڍيءَ ٽهيءَ جي نسل ۾ پنهنجي ماحول جي سستيءَ ۽ بيڪاريءَ لاءِ بيزاري پيدا ڪئي، کين سائنس جي ترقيءَ کان واقف ڪيو، ۽ جادوءَ جو جادو سندن دلين تان لهي ويو. انهن وهمن جي جاءِ سائنس جي ايجادن والاري. هو لنڊن ۽ پئرس جي گهٽيءَ گليءَ جا واقف ٿي ويا. سندن خيالن ۾ اٿل پٿل آئي، ۽ يورپ جي حيرت انگيز ۽ پراسرار دنيا کي نئين جنت سمجهڻ لڳا.
ڏيپلائيءَ جي اسلامي ناولن وري وچولي زماني جي عربي سلطنت واري دور کي رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو. جنگ يرموڪ ۽ سٺ مسلمان مجاهد سٺ هزار ڪافرن کي ماري مڃائين ٿا، عيسائي نينگريون اسلام ۽ اسلامي جانبازن تي فدا ٿيو پون. توحيد سان روشن دليون سلطنت کي زير زير ڪريو ڇڏين. دشمن، اسلامي تلوار جو تاب نه جهلي، طمع ۽ لالچ جا اوزار استعمال ڪن ٿا، پر سيف الله خالد جي فوج جا بااخلاق سپاهي ڪنهن به اهڙي پکڙيل ڄار ڏانهن اک کڻي به نٿا نهارين. هنن ناولن وارو مسلمان بهادر، بي خوف، شريف، بلند اخلاق ۽ پنهنجي دور جي لحاظ کان روشن خيال آهي. هن اسلام کي وسيع خيال، فطري ۽ اعليٰ مذهب ڪري پيش ڪيو، ۽ سنڌي نوجوانن ۾ برادري ۽ انسانيت جو روح ڦوڪيو. هنن ناولن ۾ جابجا اردو، فارسي ۽ سنڌيءَ جا دلچسپ ۽ جاندار شعر ڏنل هئا، جن پڙهندڙن ۾ زندگيءَ جو ولولو ۽ امنگ پيدا ڪيو ۽ منهنجن اقبال، غالب، مولانا ظفر علي خان ۽ ٻين شاعرن جي بهتر شعرن لاءِ چاهه پيدا ڪيو. ڏيپلائي انهيءَ کان سواءِ وهم پرستيءَ جي خلاف مضمون ۽ افسانا لکيا، جن ۾ پير پرستي، قبر پرستي، ٽوڻن ڦيڻن خلاف جهاد ڪيائين. ٻوليءَ جي سادگي ۽ تاثير، ۽ عبارت جي شوخيءَ جي خيال کان هنن لکڻين سنڌي ادب ۾ نيون روايتون پيدا ڪيون.
دستور موجب ڪفر جون فتوائون نڪتيون، ”اسلام خطري ۾“ پيو،”ايماني غيرت“ کي چئلينج مليو، پر هو ۽ ٻيا سڀئي لکندا رهيا ۽ لکندا رهيا.

(۳)
نئون نياپو آيو، راڻي ملا رات،
لڌيسون لطيف چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،
ڪانه پڇي ٿو ذات، جي آئيا سي اگهيا. (شاهه)
گذريل  ٻن عظيم جنگين، پاءُ صديءَ جي ٿورڙي عرصي ۾، دنيا اندر ايڏا اٿاهه ۽ بي پناهه انقلاب آندا، جن جو مثال انسان ذات جي ٽي سؤ صديون لمبي تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي سگهي. اٽڪل ۳۰ هزار ورهيه اڳ جڏهن نيم انسانن جا وحشي ٽولا تندرا جي برفاني علائقن مان يا وچ ايشيا جي صحرائي ۽ جابلو ميدانن مان بچندا، بحر ۽ بر جي جانورن ۽ آفتن توڙي هڪٻئي سان لڙندا، ماريندا ۽ مرندا، انهن کي ۽ هڪٻئي کي ڪچو کائيندا، نيل، فرات، دجله، سنڌو، وولگا ۽ ڊئنيوب ندين جي ماٿرين ۾ اچي لٿا، ۽ انسان جي خوني تاريخ جي شروعات ڪيائون، تڏهن کان وٺي اڄ تائين انساني نسل تي جيڪي وهيو واپريو آهي، سو ويهين صديءَ جي ٻيءَ چوٿائيءَ واري عرصي جي تيز ۽ طوفاني واقعن جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ته ڪجهه به ڪونه هو.
قديم روم جون ڪارٿيج، ايران ۽ يونان سان مشهور جنگيون، ايران ۽ يونان جا تاريخي ٽڪر، صليبي لڙاين جا زبردست ڪوس، تاتارين جون وحشي يلغارون، يورپ جون ٽيهن سالن واريون مذهبي جنگيون ۽ نيپولين جون طوفاني ڪاهون. هنن ڀيانڪ قيامتن جي مقابلي ۾ ڄڻ ته ٻاراڻا کيل هئا.
ليڪن انهن قيامت خيز تباهين جي پيٽ مان زندگيءَ جون اهي بي پناهه نراليون قوتون پيدا ٿيون، جن ڄڻ ته اک ڇنڀ ۾ انسان جي تقدير ۾ زبردست انقلاب آڻي ڇڏيو. سائنس جي عقل چرخ ڪندڙ ايجادن، موٽرن، ريلن، ۽ هوائي جهازن مفاصلن ۽ دورين کي نيست و نابود ڪري، عام انسانن کي ابن بطوطه ۽ مارڪو پولو جو همعصر بنائي ڇڏيو. پريس، ريڊئي، ٽيليفون ۽ ٽيليوزن هر انسان کي جام جشمبد جو مالڪ بنائي ڇڏيو، جنهن جي آئيني ۾ هو روز زمينن توڙي آسمانن جا اسرار ڏسڻ لڳا. عام تباهيءَ سڄي دنيا جي انسانن کي گڏيل خطري کان خبردار ڪيو، ۽ آهستي آهستي اها ڳالهه هر ڪنهن جي دل ۾ گهر ڪري ويئي ته بني آدم سچ پچ هڪٻئي جا عضوا آهن. سڀني کي گڏ مرڻو ۽ جيئڻو آهي، سڀني جا مسئلا، ساڳيا آهن. سموري انسانذات مظلوم آهي. جنگ ۽ جهيڙا انسانيت جي نابالغيءَ واري دور جون خطرناڪ حرڪتون آهن. جنگ بهادرن ۽ دلاورن جو نه، پر ڦورن ۽ ڌاڙيلن جو شيوو آهي. ٻين ملڪن کي غلام رکڻ ۽ عظمت ۽ ناموس ناهي، بلڪ انسانيت خلاف جرم ۽ بين الاقوامي  بداخلاقي آهي.
انسانيت جي انهيءَ تاريخي بيداريءَ لاءِ ميدان تيار ڪرڻ ۾ دنيا جي روشن خيال اديبن ۽ شاعرن زبردست پارٽ ادا ڪيو. گذريل ٻن اڍائي صدين ۾ فرانس ۾ ڊڊرو، والٽيئر، روسو، اناتول فرانس، بالزاڪ، وڪٽر هيوگو، ايمل زولا، سارتري، استاندال، رومين رولان وغيره، انگلينڊ ۾ رابرٽ برنس، بائرن، شيلي، ڪارلائل، برناڊشا، ايڇ. جي. ويلس، ڊڪنس، ٿئڪري، هارڊي، جرمنيءَ ۾ ٿامس مئن، روس ۾ ٽالسٽاءِ، گورڪي، شولو خوف، گوگول، چيخوف، داستوو وسڪي، ماياڪا وسڪي، نيڪراسوو، ايليا اهرنبرگ، آمريڪا ۾ ٿامس پين، مارڪ ٽوئن، والٽ ويٽمن، سمرسٽ ماهم، ٿيڊور ڊريسر، هاورڊ فاسٽ، جان اسٽينبڪ، هيمنگ وي، وغيره، هندستان ۾ منشي پريمچند، رابندر ناٿ ٽئگور، لطيف، غالب، اڪبر اله آبادي، نظير اڪبر آبادي، علامه اقبال، جوش وغيره، ناروي ۾ ابسين، چين ۾ لوهسون، مائؤتون، جهڙن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن دنيا جي انسانن کي نئون نياپو ڏنو. جتي اڳئين زماني ۾ هاڪاري هومر صرف يونان جي عظمت جا ترانا ڳايا آهن، عظيم فردوسي صرف ايران جي ناموس جو ڏونڪو وڄايو آهي، ڪپلنگ فقط انگلينڊ جي شان ۾ قصيدا پڙهيا آهن، نٽشي جرمن قوم کي آسمان تي کنيو آهي، لوئي ڪئميونس پورچوگيز سلطنت جي مدح سرائي ڪئي آهي، ۽ امرءِ القيس عربستان جي ڀٽ، عورتن، تلوارن ۽ شراب جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن، اتي هنن نئين زماني جي شاعرن، اديبن ۽ دانشورن سڄي انسان ذات جي دکن ۽ دردن، آسن ۽ اميدن، احساسن ۽ جذبن جا داستان لکيا. هنن اڳئين زماني جي اديبن ۽ شاعرن جي خيالي ڪاڪ محلن کي ترڪ ڪري، عام انسانن جي عملي جدوجهد ۾ شريڪ ٿي، سموري انسانيت جي روشن مستقبل واسطي جهاد ڪيو. هنن جو اعلان هو.
خدا ڪـي بندي تو هين هزارون بنون مين پهرتـي هين ماري ماري
مين اس کا بنده بنون گا جس کو خدا ڪـي بندون سـي پيار هوگا. (اقبال)
ادب ۽ شاعري هنن لاءِ دماغي عيش جو سامان يا بادشاهن ۽ اميرن کان انعام حاصل ڪرڻ جو وسيلو نه هو. قارون جا سمورا خزانا به هنن کان سندن ضمير خلاف هڪ سٽ به لکائي نٿي سگهيا. هنن جو قلم صرف ڪنهن سهڻي جي قيد ۽ بت، هار ۽ سينگار، ناز ۽ ادا، ستم ۽ بيوفائيءَ جي داستانن لاءِ وقف ٿيل ڪونه هو، بلڪ هنن پنهنجن قلمن سان ساريءَ دنيا کي حسين جنت بڻائڻ ٿي گهريو. هنن انسانن جي برف جيان ڄميل خيالن جي دنيا ۾ بارود جون سرنگهون هنيون، جن جي ڌماڪن بادشاهن ۽ سلطنتن ۾ زلزلا وجهي ڇڏيا. هنن ڪيئن ڇٽ پٽن سان هڻي ڇڏيا، ڪيئن ظلم ۽ ستم جا جهونا ڳڙهه جلائي خاڪ ڪري ڇڏيا. هنن جي قلمن ۾ کنوڻ جي شوخي، طوفانن جي مستي ۽ قيامتن جي سچائي هئي. آمريڪي، فرينچ، روسي ۽ چيني انقلابن جا ڀنڀٽ هنن جي ئي دکايل چڻنگن مان ٻريا هئا.
گذريل جنگ عظيم بعد دنيا جي سمورن ملڪن جا ادبي وهڪرا پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا، ۽ قبائلي، قومي ۽ ملڪي ادب بدران هڪ اهڙو وسيع ۽ اعلى ادب ۽ شعر وجود ۾ اچڻ لڳو، جو رڳو ٻوليءَ ۽ بناوت جي خيال کان قومي ۽ ملڪي هو. منجهس عشق، محبت، درد، فراق حادثن، روز مره جي واقعن، خانداني جهيڙن جهٽن، دشمنين، نفرتن، سماجي ريتن رسمن، انساني مايوسين، نااميدين، ڪاميابين ۽ ڪامرانين جا اهي ذڪر هئا، جي اصل کان وٺي اديبن ۽ شاعرن  جا موضوع هئا. هنن جون لکڻيون پنهنجين ٻولين جا شاهڪار آهن. سندن تخليقون سندن وطن جي ماڻهن جو جيئريون جاڳنديون تصويرون پيش ڪن ٿيون. مگر هنن جي نظر نرالي هئي. ڳالهه ساڳي، حقيقتون ذري گهٽ ساڳيون، پر انهن کي ڏسڻ واري اک ٻي هئي. هي اکيون رونشو ڏسندڙ تماشاين جون نه هيون، واٽهڙو مسافرن جون نه هيون، جو جيڪي به ٿئي سو ڏسي، کن پل لاءِ مزو وٺي يا خفي ۽ ناراض ٿي، پنهنجي راهه وٺي رمنديون رهن:  هي اکيون انهن جون هيون، جي نه رڳو تماشائي پر خود تماشو هئا، جيڪي ٿئي پيو سو ساڻن ٿو ٿئي، مٿن ٿو ٿئي. هنن جي قلم جو گهوڙو ميڙي ۾ ”پڙ ڀڄڻ“ وارو گهوڙو ناهي، جو صرف انهيءَ ڪري ڀڄائجي ٿو ته ماڻهو سندس ٽور ۽ پنڌ ڏسي داد ڏين، سندس چال ۽ شان، سندس وک ۽ ڊول، سندس سيج ۽ سينگار ڏسي واه واه ڪن. هنن اديبن جو قلم فقط انهيءَ ڪري جولان کائي ٿو، ڇاڪاڻ ته هنن کي تمام ضروري پيغام ڏيڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هو محسوس ٿا ڪن ته جيڪي هنن ڏٺو سو ٻين کي ٻڌائڻ بنهه ضروري آهي. سڀ ڪجهه ڏسي وائسي چپ ڪري ويهڻ هنن وٽ بداخلاقي آهي، جرم آهي، انسانيت جي وقار ۽ شان جي خلاف آهي. هو بي زبان ۽ مظلوم انسانيت جي زبان آهن. هو صدين جي گونگيءَ پڪار جو پڙاڏو آهن، هنن جي اک زمانن ۽ مڪانن جي سرحدن کي چيري، انسان جي ازلي بلنديءَ  ۽ پستيءَ جي داستان کي ڏسي  ٿي ۽ انهيءَ کي پڙهي ٿي. هنن لاءِ عام انسان آدم آهي، هر عورت حوا آهي، هي اديب، شاعر ۽ دانشور سموري انسان ذات جي ساٿ سان هلندڙ ۽ ان جا حامي ۽ علمبردار آهن. سندن ادب انسانيت جو گڏيل ورثو آهي.
ٻي جنگ عظيم نه رڳو انسان ذات تي عظيم ترين تباهي آندي، پر ان تباهيءَ خلاف انسانن جي دلين ۾ عظيم ترين احتجاج جو طوفان پڻ برپا ڪيو. جيئن نيپولين جي جنگين سبب ٽالسٽاءِ جو عظيم شاهڪار ”جنگ ۽ صلح“ ناول پيدا ٿيو، ۽ پهرينءَ جنگ عظيم لارمارڪ جي ناول ”مغربي جنگي ميدان خاموش آهي“، ۽ جان گالو ورديءَ جي افسانن ”ٽئٽرڊ ملين“ جهڙن انسان دوستيءَ سان ٽمٽار  ادبي ڪارنامن کي جنم ڏنو، تيئن ٻي جنگ عظيم ايليا اهرنبرگ جي ناول ”طوفان“ ۽ ”پئرس تي قبضو“ تاجيڪ شاعر بابر جمبول جي نظم ”مادر وطن“، ازبيڪ شاعر مرزا ترسون راده جي نظم ”مشرق“، مخدوم محي الدين جي نظم ”جنگ آزادي“، ۽ سردار جعفري جي نظم ”صلح جو ستارو“ جهڙن لافاني امن پرور ادبي تخليقن کي وجود ۾ آندو. انگريز ديو کي هٽلري آفت جي چنبي ۾ ڦاٿل ڏسي، هندستان جي مظلوم ۽ محڪوم عوام  ۾ آزاديءَ جي آس ۽ همت پيدا ٿي. ڪرشنچندر، خواجه احمد عباس، مجاز دهلوي، نياز حيدر، ڪيفي اعظمي، ساغر نظامي، ساحر لڌيانوي، اختر الايمان، فيض احمد فيض، سردار جعفري، مخدوم محي الدين، جگن ناٿ آزاد، مهندر ناٿ، ديوندر ستيارٿي، احمد نديم قاسمي، عصمت چغتائي، ۽ ٻين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن آزاديءَ، بغاوت ۽ انقلاب جا شعلا ڀڙڪايا.
هيڏانهن سنڌ ۾ هڪ طرف ”فعولن فاعلانتن، جو پراڻو ڏاڏي آدم جي واري وارو بي سرو رينگٽ چالو رهيو، ته ٻئي طرف ڪاليجن ۽ اسڪولن جي نوجوانن ۾ بيداري ۽ ملڪي آزاديءَ جو زبردست جذبو ۽ ولولو پيدا ٿيو. انهيءَ تحريڪ جا باني شيخ اياز، نارائڻ شيام، هري دلگير، حيدربخش جتوئي، گوبند مالهي، اُتم ۽ ٻيا نوجوان هئا. هنن افسانه نگارن، مضمون نويسن ۽ شاعرن جي جماعت نه رڳو سوين سال پراڻي اردو شاعريءَ جي پراڻن لتاڙيل پيچرن کان پاسو ڪيو، بلڪ خود سنڌي ادب ۾ اهڙا بيان جا طريقا پيش ڪيا، جي جيتوڻيڪ مغربي دنيا ۽ ايشيا جي اڀرندڙ ملڪن ۾ گهڻو اڳي رائج ۽ مقبول ٿي چڪا هئا، پر سنڌ لاءِ بلڪل نوان، غير مانوس ۽ سچ پچ ته اوپرا هئا. شيخ اياز جو گيت ”انقلاب“ ئي وٺو-
”ڳاءِ ڳاءِ نوجوان، جيئن زمين آسمان
جي کلي پوي زبان، زندگي اٿي چوي- انقلاب!
هي به ڪو نياءُ آ، جو مزور ڀاءُ آ،
سو لهو پئي پيو- جنهن سبب جيئي پيو،
سو پئي پيو شراب- انقلاب!“
سنڌ، جنهن ۾ هزار سالن کان برهمڻ شاهيءَ جون آهني زنجيرون ڇڻاٽ ڪنديون رهيون، جنهن کي اسلام جي نور سان منور ڪرڻ وارو حجاج بن يوسف ثقفيءَ  جهڙو اسلامي تاريخ جو بدنام ترين قاتل هجي، جا ڄڻ ته روز ازل  کان پنهنجي ملڪ کان لوڌيل ۽ تڙيل ڌاڙيلن ۽ لٽيرن لاءِ جاگير طور وقف ٿيل هئي، جنهن جي تاريخ جو هر باب ڦرلٽ، ظلم، ڏڪار ۽ دهشت انگيزيءَ سان ڪارو ٿيل آهي، جا هر دور ۾ مدد خان، نادر شاهه ۽ ابداليءَ جهڙن بين الاقوامي ڌاڙيلن هٿان باهه ۽ رت جي سمنڊ ۾ ٻڏندي رهي آهي، اتي جي هيسيل، پيڙيل ۽ بيحس عوام اڳيان ”انقلاب“ جو نالو وٺڻ ڄڻ ته ڪانءَ اڳيان ڪمان رکڻ آهي. ڇا سنڌ، ۽ ڇا انقلاب!  وري مزور ڀاءُ! ڀلا سنڌ ۾ مزور به ڪڏهن ڀاءُ ٿيو آهي؟ اول ته هتي مزور نه پر هاري آهي. اهي به، سڀني کي خبر آهي ته گونگيءَ گانءِ وانگر، صدين کان، ڪوڏر ڪلهي تي، گوڏ ٻڌيو ڊوڙندا وتن، انهن جو انقلاب ۾ ڇا وڃي؟
پر هنن شاعرن ۽ اديبن جي نظر رڳو سنڌ نه پر سموريءَ دنيا جي تاريخ تي هئي، هنن کي خبر هئي ته اڄوڪي دنيا اور آهي. کين معلوم هو ته اوڀر ۽ اولهه ۾ انقلابي طوفان اٿي رهيا آهن، جي انگريزي سلطنت شاهيءَ جي بنياد ۾ زلزلا وجهي ڇڏيندا. کين محنت ڪندڙ طبقي جي اسرندڙ قوتن جو صحيح اندازو هو. سنڌ جهڙي جهالت جي ماريل ۽ دنيا جي ڪنڊ ۾ اڇليل ننڍڙي ٽڪري کي خبر هجي نه هجي، پر دنيا ۾ عظيم انقلاب اچي رهيا هئا. هنن نوجوانن دنيا جي ٻين ملڪن جي روشن خيال، عوام دوست اديبن جي نقش قدم تي نئين دور لاءِ نئين ادب تخليق ڪرڻ جي شروعات ڪئي. هنن پنهنجي ادب ۾ سنڌ جي ڏتڙيل ۽ مظلوم هارين جي حالت جو نقشو چٽيو، سنڌ جي سماجي رسمن ۽ ريتن جي پردي ۾ جيڪي ناحق ۽ ظلم ٿين ٿا، تن جي بيخوفيءَ  سان اوگهڙ ڪئي. هنن محنت ڪندڙ طبقي جي حقن مٿان لڳندڙ ڌاڙن جو ذڪر ڪيو. هنن غلاميءَ خلاف آواز اٿاريو. هنن انگريزي دٻاءَ ۽ دهشت انگيزيءَ کي پوريءَ قوت سان بي نقاب ڪيو.
انهيءَ کان سواءِ هنن سنڌي ادبي ٻوليءَ کي ان گند ڪچري کان پاڪ ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪئي، جيڪو ڪيتري ئي وقت ۾ سنڌي ادب ۾ گڏ ٿي چڪو هو. اڦٽ مار، دير هضم، اوپرا لفظ، فرسوده ۽ بي معنيٰ ڌاريون تشبيهون ۽ استعارا، ۽ مدي خارج، اڏوهي کاڌل صنعتون ترڪ ڪيون ويون.

(۴)
موکي! متارن جا ننڍا ڪيم نهار،
سامايا سري ڌڻي، اڇا اڱڻ ڌار،
ناڻو ڪيم نهار، سر پڻ ڏيندا سٽ ۾. (شاهه)
ڳالهه ڪندا آهن ته مڪتب جا خٿابي اٺ کي به مسجد تي چاڙهي ويا. اها ڳالهه صحيح هجي يا نه، پر شاگردن جي ستاديءَ ۾ ته ڪو شڪ ڪونهي. تاريخ شاهد آهي ته هن دور جا سمورا انقلاب (ذهني، سماجي ۽ سياسي) ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ڄاوا ۽ نپنا آهن. اهي دهلي، علي ڳڙهه ۽ ڪلڪتي، لاهور ۽ ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان ڀڙڪي اٿيل بغاوت ۽ انقلاب جا اُلا هئا، جن دکي دکي، ڀنڀٽ بنجي، انگريز اقتدار جي آسمان سان ٽڪر هڻندڙ هيبتناڪ قلعن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو. اهي استنبول جي فوجي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد هئا، جن خليفہ المسلمين، امير المومنين، سلطان عبدالحميد جي مدي خارج، رجعت پرست ۽ وطن دشمن حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، ترڪيءَ جي قسمت کي اهڙو بدلائي ڇڏيو، جو جيڪا ترڪي يورپ جي ”بيمار زال“ ليکبي هئي ۽ جيڪا پهرين عالمگير جنگ ۾ جرمنيءَ سان گڏ بريءَ طرح شڪست کائي چڪي هئي ۽ روس، انگلينڊ، فرانس ۽ يونان کيس پاڻ ۾ حصا پتيون ڪري ورهايو ويٺا هئا، تنهن پنهنجي نوجوان انقلابين جي جهنڊي هيٺ ايندي شرط، يورپ جي فاتح طاقتن کي اهي اکيون ڏيکاريون، جو مڙس پنهنجن حصن پتين تان هٿ کڻي، ٽپڙ گول ڪري، يڪساهيءَ وڃي گهر پهتا. وري اڃا تازو ڪالهوڻي ڪالهه جڏهن جلال بايار ۽ عدنان مندريس جي ٽوليءَ آمريڪي جيٽ طيارن ۽ راڪيٽن جي زور تي ترڪيءَ ۾ نادر شاهي ظلم کڙو ڪيو ۽ وڏن وڏن سياسي ليڊرن، مدبرن ۽ فوجي جنرلن کي ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جي همت نٿي ٿي، تڏهين ترڪيءَ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا سرويچ نوجوان مستن وانگر ڪڏي، ميدان ۾ ڪاهي پيا. استنبول جي گهٽين ۾ ڪوس شروع ٿي ويو. هزارن کي قتل ڪري، سندن لاش ساڙي گم ڪيا ويا. پر نوجوان شاگرد ڪسندا، ڪٽبا، مرندا ۽ وڙهندا رهيا.
پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لچڪيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا!
 آمريڪا جي راڪيٽن ۽ جيٽ هوائي جهازن جو خوف دلاورن جي دلين کي ڏڪائي نه سگهيو. مندريس جي طاغوني فوج هنن جي پهاڙ جهڙن مضبوط ارادن کي شڪست ڏيئي نه سگهي. تان جو حق جي فتح ٿي، ۽ آمريڪا جو لاڏلو ۽ ڊلس جو دادلو مندريس، شاگردن جو جلاد مندريس (۽ ان وقت جي پاڪستاني حاڪمن سهروردي ۽ ڪمپنيءَ جو پڳ مٽ يار مندريس) ائين ميدان مان الوپ ٿي ويو، ڄڻ ڪڏهن هوئي ڪونه. اهي ڏکڻ ڪوريا جا سپوت شاگرد ئي هئا، جن سنگمن ريءَ جي بربريت ۽ ڊڪٽيٽرشپ کي لحظي ۾ فنا ڪري ڇڏيو، ۽ هو ٽپڙ ٻڌي، رات وچ ۾ بنا ٽڪيٽ وڃي، پنهنجي آقائي گهر آمريڪا کان نڪتو. جپان جي انقلابي شاگردن جي مظاهرن ۾ ”نانگن وارن ناچن“ آمريڪي صدر آئزن هاور لاءِ جاپان جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ جپاني حڪومت بيوس ۽ لاچار بنجي، صدر صاحب کي لکي موڪليو ته اوهين مهرباني ڪري في الحال تڪليف نه ڪريو، ڪنهن ٻئي وقت تشريف فرما ٿجو! اهو ٻيو وقت آئزن هاور صاحب لاءِ وري ڪونه آيو. مصري انقلاب جو ٻج به مصر جي فوجي اڪيڊميءَ جي شاگردن پوکيو. اتي جي هوئڻهار ۽ زنده دل نوجوان شاگردن، ناصر، انورالسادات، عامر ۽ ٻين شاهه فاروق کي مصر مان هڪالي ڪڍيو، ۽ مصر، جو اڳي جاگيردارن ۽ پاشائن جو پيڙيل ۽ انگريزن جي آنڪي ڀريندڙ ٿرڊ ڪلاس ملڪ هو، تنهن کي تندرست ۽ توانا ڪري، دنيا جي اڀرندڙ قوتن جي صف ۾ آڻي کڙو ڪيو. برصغير هند- پاڪ جي جنگ آزاديءَ ۾ شاگردن جيڪو حصو ورتو، سو تايخ ۾ ياد رهندو. جڏهن سنڌ اندر ”هندستان خالي ڪريو“ تحريڪ هلائي ويئي، تڏهن جنهن شخص پهرين سر ڏنو هو، سو هڪ ڪمسن ۽ ڪمزور جسم وارو شاگرد هيمو ڪالاڻي هو، جنهن ڦاسيءَ جي تختي تي وطن جي آزاديءَ جا نعرا هڻندي دم ڏنو. مطلب ته اوڻيهين ۽ ويهين صديون در حقيقت نوجوان طبقي جون صديون آهن. جڏهن جڏهن ۽ جتي جتي اونداهين جو راڄ آهي، ملڪي نظام حيواني آهي، ماڻهو گونگا، ٻوڙا ۽ مظلوم آهن، سڀ ”شريف“ ۽ ”سمجهو“ ماڻهو چپن کي چنو لايو تماشو ويٺا ڏسن، واهيات خيالن ۽ فرسوده دستورن جو سڪو ڄميل آهي، تڏهين شاگرد ۽ تعليم يافته نوجوان ميدان ۾ ٽپي پون ٿا.
پري پتنگ آئيا سي سهائي جل،
ڪندا ڪنڌ اڇل، ڏيندا مچ کي. (شاهه)
هو نئين فڪر ۽ تخيل جون نيون جڳمڳائيندڙ مشعلون کڻي، اونداهين جي سيني کي چيرين ٿا، هو اهڙا نوان خيال ۽ اصول کڻي اچن ٿا جي ڪنهن سئا نه ٻڌا.
هي جي آيا هير، سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهين!
ڏوٿي سا ڏورين، جو جوءِ مئي نه ٻڌي!
هو مدي خارج ريتن ۽ رسمن جي ڪوٽن، اڏوهي کاڌل اخلاقي سياسي ۽ سماجي قدرن ۽ نظامن جي پاڙن کي پنهنجن روشن نظرين، اٽل ارادن ۽ بلند حوصلن جا چنجور کڻي اچي لڳن ٿا.
سپ، کپر سڄا ڳهي، نانگن ڳوليو کاءِ،
تنين لئي واجهاءِ، مڻيو جن مٿن ۾! (شاهه)
ڪي سياڻا ڪي ڏاها اول سندن ڳالهين کي بيزاريءَ مان کلي. ٽاري ڇڏين ٿا، ۽ ڪي سندن بدتميزيءَ تي ڪاوڙجن ٿا. ٻيا انهن جي پاڳلپڻي تي عجب کائين ٿا. ڪن کي مٿن رحم ٿو اچي. نيٺ جن جي پيٽ تي لت ٿي اچي، يا جن جي رنگ ۾ ڀنگ پوي ٿو، سي دٻاءَ ۽ ڏاڍ جي مشنريءَ کي حرڪت ۾ آڻين ٿا. مٿن فتوائون نڪرن ٿيون، کين سر بازار خوار ۽ ذليل ڪيو وڃي ٿو، کين ڪاٺ ۾ هنيو وڃي ٿو يا سوريءَ تي لٽڪايو وڃي ٿو. پر هي پنهنجيءَ ڌُن ۾ پنهنجيءَ منزل جي خيالن ۾ غرق، ٽوڪن ۽ چٿرن کان بي نياز، نڪته چينيءَ ۽ ڪاوڙ کان لاپرواهه- پنهنجي عظيم اصولن لاءِ زندگيءَ جي بازي لڳائيندا، اڏول قدمن سان منزل مقصود ڏانهن وڌندا رهن ٿا.
ڪنڌ ڪٽارو منهن وٽي، عادت سندن ايءَ،
تنهين تڪون ڏنيون، جنبي منجهان جيءَ،
سرو تن سپيءَ، جنين سانگ نه ساهه جو.
هي ماڻهو عجيب مٿي ڦريل ۽ اونڌي کوپڙيءَ وارا ٿين ٿا. ساري دنيا هڪ طرف ته هي ٻئي طرف، هي چڱي ڀلي بدن کي اَڪ جو کير مکين ٿا، ککر ۾ کڙا هڻن ٿا، ڏينڀن جي مانارن ۾ هٿ وجهن ٿا. جڏهن هر ڪو ماڻهو رات ڏينهن رڳو سکي ٽڪر کائڻ ٻچن پالڻ ۽ آئيندي جي آذفي ٺاهڻ ۾ مشغول آهي، جڏهن هر ڪو ججهن جي صلاح تي هلي، هائو ۾ هائو ملائي، پاڻ وڻائي ٿو، عزت ۽ مان شان حاصل ڪري ٿو ۽ دنيا جي نعمتن سان مالا مال ٿئي ٿو، تڏهن هي ”چريا“  پنهنجي ڦٽائي پرائي پچار ڪندا رهن ٿا. اهڙيون ڳالهيون پيا سوچيندا، جن جو نه ساڻن واسطو، نه سندن اهل عيال، اوڙي پاڙي يا مائٽ مٽ سان. ٻيو ته ٺهيو، پر جنهن قوم جو درد سيني ۾ کڻيو ويٺا هوندا، سا پڻ اڪثر منجهانئن انت بيزار رهندي.
ماڻڪ چوڻو جن جو، هنج حضوري سي،
ڇلر ۾ چهنب هڻي، مڇي سن نه اي،
لوڪ ته لکيا ٿي، جيلاهن ٻين پکن گڏيا.
هي ”چريا“ بڻائتا آهن. سندن نسل روز اول کان وٺي هليو اچي.

(۵)
عاشق زهر پياڪ وه ڏسي وهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ،
توڻي چڪنن چاڪ، ته به آه نه سلين عام سين. (شاهه)
 اڄ کان اٽڪل اڍائي هزار ورهيه اڳ، انهن چرين جي نسل جو هڪڙو ”بي مسو، چريو“ هڪڙي سهڻي ۽ شاندار شهر ۾ رهندو هو. سندس شهر جا ماڻهو وڏا بهادر، وڏا قابل ۽ وڏا دولتمند هئا، اهو ”چريو“ پٿر گهڙيندو هو. کيس پيرن ۾ جتي ڪانه هئي، سو سدائين پيرن اگهاڙو گهمندو هو. سندس ٻار اڪثر لنگهڻ ڪاٽيندا هئا. پر هو بازار ۾ وڃي، هر ڪنهن ماڻهوءَ کان سوال پڇندو هو ۽آڏي پڇا ڪندو هو، وڏن ليڊرن، فوجي سپه سالارن ۽ اميرن سان بحث ڪندو هو ته ”اوهين جيڪي چئو ٿا سو سمجهو نٿا، ۽ جيڪي سمجهو ٿا سو ڪريو نٿا.“ ساڻس نوجوانن جا ٽولا هوندا هئا، جي به سندس چوڻي تي لڳي ”اشرافن“ جون پڳون لاهيندا ۽”سچ“۽”انصاف“ جي ڳولا ڪندا هئا. آخر سڀ ”اشراف“ اهڙا اچي بيزار ٿيا، جو کيس چيائون ته يا ته پنهنجن حرڪتن کان باز اچي ماٺ ڪري ويهه، يا شهر خالي ڪري وڃ. نه ته توکي موت جي سزا ڏينداسون. هن ستر ورهين جي پوڙهي ”چرئي“ چيو ته مون کي موت قبول آهي، باقي آءٌ سچ چوڻ کان ڪين رهندس، نڪي ملڪ ڇڏيندس. ائين چئي، مرڪندي، زهر جو پيالو پي ويو اڄ ان ”چرئي“ جي عقل جو ڌاڪو آهن. هن جو هڪڙو هڪڙو اکر آيتن وانگر ياد ڪيو وڃي ٿو. هو انسان ذات جو هڪ عظيم فرزند ڪري ليکيو وڃي ٿو. سندس واکاڻ ۾ سوين ٻولين ۾ هزارين ڪتاب لکيا ويا آهن. سندس نالي وٺڻ سان روءِ زمين جي ماڻهن جا ڪنڌ ادب وچان جهڪي وڃن ٿا. ان ”چرئي“ جو نالو سقراط هو.
ان کان اٽڪل ۵۰۰ ورهيه پوءِ هڪڙو ٻيو ”چريو“ پيدا ٿيو. هو هڪڙي عبادت خاني ۾ ٻهاري ڏيندڙ ڇوڪريءَ جو پٽ هو. سندس وطن وارا هڪ زبردست ڌارئين بادشاهه جي رعيت هئا. ان بادشاهه جي قوم، ٻين قومن کي غلام ڪري هلائيندي هئي. ان ”چرئي“ پنهنجو اباڻو ڌنڌو ڇڏي، اچي مهاڻن ۽ ڌراڙن جو پاسو ورتو. چي، ”انسان سڀ ڀائر آهن. غلام نه ٿيڻ کپي“ ماڻهو هيءَ ”عجيب ڳالهه“ ٻڌي وائڙا ٿي ويا، چي، ماڻهو ڀلا غلام ڪيئن نه ٿيندو! غريب ۽ هيڻا هميشه ڏاڍن جا غلام ٿيندا رهيا آهن. هي بيوقوف چوي ڇا پيو؟ آخر سندس ئي سنگتين مان هڪڙي وڃي سرڪاري عملدارن وٽ چغلي هنئي ته فلاڻو پاڳل ٿيو آهي ۽ الاهي بيهوديون ڳالهيون پيو ماڻهن کي سيکاري! عملدار باهه ٿي ويا، ۽ ان”چرئي“کي ٻڌي وٺي آيا. سڀني ”شريف“،”سمجهدار“ ۽ ”عقلمند“ ماڻهن کيس سمجهايو. پر هن جي اتي به اهائي لولي ته ”ماڻهو سڀ ڀائر آهن!“ ڀلا، ههڙي ڪفر جي ڳالهه سمجهدار ۽ شريف ماڻهو ۽ سرڪاري عملدار ڪيئن برداشت ڪندا؟ لکپڙهون هلي ويون. آخر مٿان حڪم آيو ته سوريءَ تي چاڙهيوس! هو سوريءَ تي چڙهي ويو، باقي پنهنجيءَ ڳالهه تان ڪونه لٿو. پوءِ ان بادشاهه جي پوين اعلان ڪيو ته اهو ”چريو“ جنهن کي اسان جي وڏن سوريءَ تي چاڙهيو هو، سو دراصل وڏو ڏاهو هو! اسان جو ابو هو بلڪ خدا جو پيغمبر هو، خدا جو نور هو، خود خدا هو! اڄ دنيا جا ۱۰۰ ڪروڙ انسان کيس خدا ڪري مڃن ٿا ۽ ۴۰ ڪروڙ ٻيا ماڻهو کيس خدا جو نبي، ”حضرت عيسيٰ! روح الله عليه اسلام“ ڪري مڃين ٿا.
ان کان اٽڪل ۶۰۰ سال اڳ، هندستان ۾ هڪڙي بادشاهه جو پٽ اوچتو ”کري پيو“ ۽ رات جو پنهنجي سهڻي، من موهڻي زال ڇڏي ڀڄي ويو. ڳولي وڃي جهليائونس. ڏسن ته هڪ پپر جي وڻ هيٺ اکيون پوريون ويٺو آهي. پڇيائونس ته ”خير ته آهي؟“ چيائين ته ” هيءَ دنيا سڀ ڪوڙ آهي. پنهنجو دين ڪوڙو آهي. پنهنجا عالم، ولي ۽ اولياءَ سڀ مڪر پيا ڪن. روزا رکڻ، غارن ۾ ويهي پاڻ کي بکون مارڻ ۽ قربانيون ڏيڻ، سڀ بيهوديون ڳالهيون آهن. اول انسان انسان ٿئي، دل صاف رکي، پنهنجي نفس سان وڙهي، پوءِ ٻي ڳالهه!“ شاهي محلن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ته هي ڪهڙو ڪلور! لاکيڻو پٽ هٿن مان پاڳل ٿي پيو! ديني عالم، فقيهه ۽ مذهبي پيشوا  اچي مڙيا ته ”شهزادا سائين، اجهو هنن ڪتابن ۾ لکيو پيو آهي ته اسين خدا جي سسيءَ مان ٺهيا آهيون، اوهين سندس ڪک مان، واپاري وڙا سندس چيلهه مان، ۽ ٻي سڄي غريب مخلوق سندس پيرن مان. پنهنجو ديني فرض آهي ته حڪومت ڪريون ۽ هنن جو ڪم آهي ته اسان جي غلامي ڪن. صاف ڳالهه پيئي آهي، خدائي فرمان آهي، ڪو تنهنجي منهنجي وس ته ڪونهي!“ هن کلي چيو ته ”اهي ڪتاب سڀ ڪوڙا آهن. اوهين سڀ مڪار آهيو! انسان سڀ ڀائر آهن، ڪوبه خدا جي سسيءَ مان يا پيرن مان ڪونه ٺهيو آهي. سڀ گنهگار آهيون. اچو ته پنهنجو نفس پاڪ ڪريون!“ هاڻي سڀني کي پڪ ٿي ته هي ڪافر ٿي ويو آهي، پاڳل آهي. پر بادشاهه جي پٽ کي ڇا ڪن؟ پوءِ اهو شخص سڄي زندگي محلن بدران وڻن جي هيٺان ويٺو رهيو ۽ ماڻهن کي عجيب غريب ۽ زماني جي دستور خلاف ڳالهيون ٻڌائيندي مري ويو. پوءِ، گهڻو پوءِ، ڪن ماڻهن چيو ته اهو شهزادو سچو هو. هو بيشڪ نيڪ ۽ دانا هو. خدا جو پاڇو هو! پوءِ هنن سندس چيل ڳالهيون گڏ ڪري ڪتابن ۾ لکيون، سندس مورتيون ٺاهيون، سندس عبادت شروع ڪيائون ۽ سندس مذهب ڦهلايائون، تان جو ان ”چرئي“ شهزادي جا اڄ دنيا ۾ ڪروڙين پوئلڳ آهن. ساري انسان ذات کيس ڏاهو گوتم (ٻڌ) ڪري ليکي ٿي ۽ سندس احترام ڪري ٿي.
اٽڪل ڏيڍ هزار سال ٿيندا ته هڪڙي رڻ پٽ ۾ هڪڙي قوم رهندي هئي. ان قوم جا ماڻهو وڏا بهادر ۽ دلير هئا. منجهن وڏا شاعر ۽ وڏا داناءَ هئا. هو بلڪل مذهبي ماڻهو هئا.  پنهنجن مذهبي عالمن جي ڏنل هدايت موجب، هو پنهنجي ديوتائن جي دل جان سان عبادت ڪندا هئا. منجهانئن جيڪي سرنديءَ وارا ۽ ديندار ماڻهو هئا، تن ٻين نيڪ ۽ ديني ڪمن سان گڏ، پنهنجن ديوتائن جا سٺا ۽ سهڻا بت ٺهرايا ۽ انهن کي هڪڙيءَ پاڪ جڳهه ۾ رکيائون. سڀ ديندار مرد ۽ عورتون، خلوص دل سان، اتي اچي پنهنجن پنهنجن بتن جي عبادت ڪندا هئا، مٿن صدا ڏيندا ها، کانئن دعائون گهرندا هئا. ان شهر ۾ هڪڙي نهايت نيڪ خاندان جا ماڻهو رهندا هئا. هو ٻين سڀني کان وڌيڪ پنهنجن ديوتائن جي عبادت ڪندا هئا، سڀني کان وڌيڪ مٿن سچائي ۽ مذهبي عقيدن جي پختائي ڏسي، کين کڻي ان عبادتخاني جو مجاور ڪيو. پوءِ پشتا پشت انهيءَ گهر جا ماڻهو انهن بتن جي عبادت ڪندا رهيا. ماڻهن کي بتن جي عبادت جي واٽ سيکاريندا رهيا ۽ پنهنجي دين کي زور وٺائيندا رهيا. انهيءَ ڪري سڄي ملڪ ۾ ماڻهو سندن عزت ڪندا هئا ته هي بتن جا خاص پيارا ٻانها آهن: انهن جي جيتري عزت ڪجي، بت اوترو وڌيڪ خوش ٿيندا! آهستي آهستي هي خاندان سڄيءَ قوم جو مذهبي امام ٿي ويو. پر، اوچتوئي اوچتو وڏي مجاور جو هڪڙو پوٽو جنهن جا ماءُ پيءُ مري ويا هئا، تنهن وٺي اعلان ڪيو ته ”ڏاڏو جن بتن جو مجاور آهي، سي بت ڪوڙا آهن! پاڻ جنهن مذهب تي آهيون، سو ڪوڙو آهي، تنهن ڪري آءٌ هي بت ڀڃندس!“ چؤطرف هراس ڇانئجي ويو ته هيءَ ڪهڙي ماجرا؟ ههڙي ديندار ۽ مذهبي پيشوا جو پوٽو، ههڙيون ڪفر جون ڳالهيون پيو ڪري! ٻيو ڪو ڪوري موچي يا جاهل ماڻهو بتن کان منڪر ٿئي ته به ٺهيو، هي ته خود بتن جي پياري وڏي مجاور جو پوٽو آهي! سو پيو چوي ته پنهنجن ابن ڏاڏن جو دين ڪوڙو آهي ۽ هي پاڪ بت ڀڃي ڇڏيو! هن کي ٿي ڇا ويو آهي؟ هنن دانائن ۽ ڏاهن ديني ڪتاب جاچيا، پنهنجي علم ۽ دانائيءَ جي سمنڊ ۾ غوطا هنيائون، آخر وڃي اهو راز ڳولي لڌائون ته مجاور جي پوٽي تي جادوءَ جو اثر آهي ۽ چريو ٿي پيو آهي! پوءِ وڏا جادوگر وٺي آيا ته هن کي چڱو ڀلو ڪريو ته هي ڪفر جا ڪلما بند ڪري. پر هن شخص تي ڪوبه اثر ڪونه پيو. تڏهن چيائون ته جادوءَ جو اثر ڪونهيس، ته پوءِ ڪو مڪر ٺاهيو اٿس. سو، صلاح ڪيائون ته وڏي مجاور جو پوٽو آهي، ههڙي درويش ۽ بتن جي سچي عبادتگذار جي اولاد سان سختي ڪرڻ ٺيڪ ناهي. تنهن ڪري کڻي ڪنهن سهڻيءَ زال جو سڱ ڏيونس. پر هن اها ڳالهه رد ڪري ڇڏي. تڏهن چيائونس ته ”ڀلا اجايو ضد ٿو ڪرين ته کڻي ٿا توکي سڄي ملڪ جو بادشاهه ڪريون. تون ڀلائي ڪري ڏاهو ٿيءُ، ههڙي نيڪ ۽ ڀلاري خاندان جو اولاد ٿي، ڪفر ۾ ڪاهي نه پئه! ابن ڏاڏن جي دين کان پٺ نه ڦير!“ سندس چاچي به هنن جي تائيد ڪئي ۽ مائٽاڻي نصيحت ڪيائينس ته هروڀرو چريو نه ٿيءُ ۽ نڪي اسان کي ڏٺو ڪر، کڻي بادشاهي وٺ. تنهن تي سندس ڀائٽي چيس ته ”چاچا! جيڪڏهن منهنجي هڪ هٿ تي سج ۽ ٻئي تي چنڊ رکندا، ته به آءٌ انهن بتن جي مخالفت ڪونه ڇڏيندس!“ بس پوءِ ته سڀني کي پڪ ٿي ته هي بلڪل گمراهه ٿي ويو آهي، سو ائين ڪونه مڙندو. پوءِ سندس سر جا ويري ٿي بيٺا. مائٽ مٽ جاني دشمن ٿي بيٺس ته هن ڪفر جو خاتمو آڻينداسين، يا پنهنجن ابن ڏاڏن جي دين تان سر ڏيئي سرها ٿينداسين.
اهو ماڻهو جنهن پنهنجن عجيب غريب ڳالهين سان اوڙي پاڙي، مٽن مائٽن، بلڪ سڄيءَ قوم کي بيزار ڪري وڌو، جنهن پنهنجن ابن ڏاڏن جي دين جو خانو خراب ڪري ڇڏيو، جنهن تي وقت جي سڀني عالمن ڪفر جون فتوائون ڪڍيون، ۽ جنهن جي علاج لاءِ سندس مائٽ پنهنجي زماني جا جراح ڊاڪٽر يعني جادوگر وٺي آيا، سو روءِ زمين تي ”پيغمبر آخر زمان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم“ لکيو وڃي ٿو، ۽ سڄي دنيا سندس عقل، فهم ۽ دانائيءَ جو داد ڏئي ٿي.
هي مخالفت جا طوفان، هي ڪفر جون فتوائون، هي خطري جا گهگهو، هي ”دين ٿو وڃي“، ۽”مذهب کي بچايو“ جا واڪا فقط ديني ۽ مذهبي عقيدن لاءِ وقف ڪينهن، پر انساني عمل ۽ تخليق جي ميدان ۾ ڪنهن به نئينءَ وک، نئين قدم ۽ نئين خيال کي قبول ڪرڻ لاءِ زمانو يڪدم تيار نٿو ٿئي. سندس نازڪ هاضمو اهڙيون دير هضم شيون هضم ڪرڻ کان نابري واريو ويهي. وقت جي نام نهاد ”دانائن“ ۽”عالمن“ کي هڪدم ذهني قبضي ۽ پيچش جي شڪايت ٿيو پوي، ۽ هو وٺيو گهوڙا گهوڙا ڪن ته ”ڪاري قيام ٿي ويئي.... ڊوڙو! ڊوڙو! جهليو! پڪڙيو! نه ته دنيا هٿن مان ٿي غرق ٿئي.“
سر وڃايو سرهو ڪوڙن ڪانئر،
آڌيءَ رات اٿي ڪري دادا دانهون ڪن:
سندي ذات هنجن، منهن کوڙي موتي چڻي! (لطيف)
ڪنز، قدوري، قافيا، جي پڙهي پروڙين سڀ،
ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾، پيئي ڪڇي اڀ! (شاهه)
ننڍي هوندي ٻڌندا هئاسون ته ڌرتيءَ کي هڪڙو ڍڳو سڱن تي جهليو بيٺو آهي. جڏهن هڪڙو سڱ ٿڪجيس ٿو، تڏهن ڌرتيءَ کي اڇل ڏئي، ٻئي سڱ تي کڻندو آهي. هي زلزلا ۽ ٻوڏون، جي اچن ٿيون، سي ڍڳي جي انهيءَ ڪنڌ اڇل جي ڪري. اها ڳالهه ماڻهو مڃين يا نه. پر ڌرتيءَ تي اهڙا ماڻهو هر وقت هر دور ۾ موجود آهن، جي سمجهن ٿا ته جنهن ڍڳي جا سڱ دنيا کي کنيو بيٺا آهن، سي اسين آهيون. اهي چوندا آهن ته جي اسين نه هجون ته دنيا ٻئي ڏينهن تباهه ٿي وڃي. هنن پنهنجن اونڌن ابتن خيالن، وهمن، وسوسن، خوش فهمين ۽ تعصبن جا بت ٺاهي. انهن سان وڏا شاهي مندر سينگاري ڇڏيا آهن، ۽ سڄي عمر انهن بتن جي پوڄا ڪندا رهن ٿا. بلڪل سچيءَ دل سان سمجهن ٿا ته جيڪو به ماڻهو سندن انهن خيالي مندرن ۾ سيس نٿو نوائي ۽ ٻل نٿو چاڙهي، سو گمراهه آهي، ڪافر آهي، سوريءَ تي چاڙهڻ جي لائق آهي. هنن پنهنجن انهن وهمن ۽ وسوسن کي ترتيب ڏيئي، وڏا دفتر ڀري ڇڏيا آهن. جيڪو به سندن انهيءَ واهيات ۽ گمراهه ڪندڙ واٽ تان ٿورو ٿڙي ٿو، تنهن تي اهي دفتر کڻيو چڙهيو وڃن ته ”هي ڏس، لکيو ڪين پيو آهي ته فقط اسان واري واٽ صحيح آهي!“ هنن جي خيال ۾ جيڪي هن کان اڳ هو ۽ هينئر آهي سو پاڪ آهي، مقدس آهي ۽ هٿ لائڻ کان پري آهي. ان ۾ تر جيتري به ڦير ڦار نه ڪريو، نه ته قيامت اچي ويندي. بس اڄ کان پوءِ ڪا به نئين ڳالهه نه ڪريو. جيڪي به ٿيڻو هو سو ٿي ويو. هاڻي جيڪي آهي، تنهن ۾ ڦيرو اچڻو ڪونهي.
اٽڪل ۴۰۰ ورهيه ٿيا ته اٽليءَ جي هڪڙي شهر ۾ هڪڙو نوجوان رهندو هو. هن کي نين نين شين جي کوجنا جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هن هڪڙو اوزار ٺاهيو، جنهن سان هو پري پري ڏسي سگهندو هو. هو رات جو اهو اوزار اکين تي رکي، چنڊ ۽ تارن کي جاچيندو هو، ۽ انهن بابت عجيب ۽ نيون ڳالهيون سوچيندو هو. ڏينهن جو جڏهن سندس ٽهيءَ جا نوجوان ڌنڌا ڌاڙيون ڪري گذر سفر ڪندا هئا، کيل تماشا ڏسندا هئا ۽ عشق ۽ محبتون ڪندا هئا، تڏهن هيءَ زمين تي ڪاٺيون کوڙي، انهن جا پاڇا ويهي ماپيندو هو. پوءِ پنن تي عجيب آڏيون ابتيون شڪليون ڪڍندو هو ۽ پينسل وات ۾ وجهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويندو هو. ماڻهو هن جي حالت ڏسي، عجب ۽ افسوس کڻندا هئا. هڪ ڏينهن هن وٺي خوشيءَ جي رڙ ڪئي. ماڻهو ڇرڪي ويا ۽ پڇيائونس ته ڇا ٿيو؟ چيائين ته”مون حساب ڪري ڏٺو آهي ته هيءَ ڌرتي گول آهي، چؤڪنڊي ناهي!“ ماڻهن چيو ته اسان سمجهيو ته تو ڪو خزانو ڳولي لڌو آهي! آخر ڳالهه وڃي پادرين جي ڪنن پيئي، تن کيس گهرايو. ”اسان ٻڌو آهي ته تون مذهب کان ڦري ويو آهين ۽ چوين ٿو ته ڌرتي گول آهي؟“ چيائونس ”ڪل ته ڪانه ٿڙي اٿيئي؟“ ڌرتي گول هجي ها ته پاڪ انجيل ۾ ڪونه لکيو پيو هجي ها! ڏيکار ڪٿي لکيل آهي ته ڌرتي گول آهي؟“ هن چيو ته انجيل ۾ برابر لکيل ڪونهي، باقي مون سڄي زندگي خاطريءَ جهڙي جاچ ڪئي آهي تجربا ڪيا اٿم ۽ بلڪل ٺيڪ ٺيڪ حساب لڳايو اٿم ته ڌرتي گول آهي.“ چيائونس ته ” توکي ڪير ٿو پڇي؟ ڀلا ٻڌاءِ ته تون سچو يا خدا جو ڪلام، انجيل سچو؟“ هن چيو ته ”انجيل سچو، پر ڌرتي گول آهي!“  بس، پوءِ ته هڪ زبردست مذهبي عدالت قائم ٿي ويئي، جنهن ۾ وڏا وڏا مقدس پيشوا، فقه جا صاحب، علم جا بحر، الاهي اسرارن جا يگانا ڄاڻو ۽ دانائي جا اٿاهه سمنڊ اچي گڏ ٿيا. هو پاڻ سان ديني ۽ دنيائي علمن جي ڪتابن جا اٺ ڀرائي کڻي آيا. هنن نيڪ انسانن ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون انهن ڪتابن جو اکر اکر ڪري جاچي ڏٺو، پر ڪنهن به پاڪ ڪتاب ۾ لکيل ڪونه هو ته ڌرتي گول آهي. هنن پنهنجا مقدس ڪنڌ لوڏيا، معاملو صاف هو، ڌرتي هرگز گول ٿي نٿي سگهي. ڪتابن ۾ اهڙي ڳالهه ئي ڪانهي! هن نوجوان زبردست ڪفر جو ڪم ڪيو آهي! پوءِ کيس حڪم مليو ته ”هي ڪپڙا لاهي، ڳوڻ جا ڪپڙا پاءِ! پير ۽ مٿو اگهاڙو ڪري ۳ مهينا عبادتخاني ۾ پنهنجي گناهه لاءِ پڇتاءِ ۽ توبهه زاري ڪر ۽ چوندو رهه ته ڌرتي گول ناهي، مون ڪفر بڪيو آهي:پوءِ تنهنجو ڏوهه معاف ڪرائڻ لاءِ اعظم کي عرض ڪيو ويندو!“ هن بيواهه شخص ڳوڻ جا ڪپڙا پاتا ۽ وڏيءَ درگاهه جي دروازي تي ڪري، چوندو رهيو ته ”توبهه ٿو ڪريان، پاڪ انجيل سچو، آءٌ ڪوڙو، ڌرتي گول ڪانهي.“ آخر ۳ مهينا پورا ٿيا، هو واپس موٽيو. پڇيائونس ته ”ڪيئن هاڻ ٺيڪ ٿيو آهين؟ وري متان اهڙو ڪم ڪرين!“ تڏهن ڀڻ ڀڻ ڪري چيائين ته ”مون توبهه ڪئي، آءٌ ڪوڙو ۽ انجيل سچو.... پر ڀانيان ٿو ته ڌرتي پڪ گول آهي!“ آخر هن چرياڻ مان جند ڇٽڻ جو ٻيو ڪو رستو نه ڏسي، مقدس پادرين فتوا ڏني ته هن کي جيئري باهه ۾ ساڙيو وڃي. هن کي پوءِ جيئري باهه جي آڙاهه ۾ اڇليو ويو، ۽ هو ان ۾ سڙي شهيد ٿيو. ان ماڻهو جو نالو گئارڊونو برونو هو، جنهن کي دنيا اڄ انسانذات جو عظيم محسن ڪري ليکي ٿي. اڄ اسڪول جي شاگردن کي به خبر آهي ته ڌرتي گول آهي، سڄيءَ دنيا جو ڪاروبار انهيءَ ڄاڻ تي هلي ٿو. اڄ برونو جا ڳولي ڪڍيل اصول سائنس لاءِ قانون جي حيثيت رکن ٿا. پر ان وقت ڪتابن ۾ جو لکيل ڪونه هو، سو ڀلا ان زماني جا ماڻهو ڪيئن مڃين ته ائين ڪو ٿي سگهي ٿو!
جنهن سال برونو اٽليءَ ۾ ڄائو هو، انهيءَ ساڳئي سال انگلينڊ جي هڪڙي ننڍڙي واپاريءَ کي هڪ پٽ ڄائو. هن ٻه چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيا، پر پوءِ کري پيو. پاڻ کان گهڻو وڏيءَ هڪڙيءَ عورت کي کڻي زال ڪيائين. ڪم ڪار کان جواب، سڄو ڏينهن پيو رلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڇا ڪندو هوجوترجي زميندار جي ٻيلن ۾ بنا موڪل وڃي شڪار ڪندو هو. هڪڙي ڀيري پڪڙجي پيو. ٻڌي ٿاڻي تي وٺي آيس، پر پڻس هو ڳوٺ جي ڪائونسل جو ميمبر، تنهن ميڙ منٿ ڪري پٽ کي ڇڏايو. پوءِ گهر وڃي پڇائي مار ڪڍيائنس. هوڏانهن جوڻس به اچي ڪوڪر ڪري کنيس ته ”مئا، بي ڪما! ڪو ڌنڌو ڌاڙي ته نٿو ڪرين، پر اٽلو وڃيو هچائون ڪرين!“ تنهن تي مڙس رسي، وڃي لنڊن کان نڪتو. اتي نوڪريءَ لاءِ گهڻائي مٿا ڏنائين پر ڀلا پڙهيل هو پورو سارو، سو ڪٿان ٿي نوڪري مليس. آخر رلي رلي ٿڪو، سو وڃي هڪڙي ناٽڪ ڪمپنيءَ ۾ ڀرتي ٿيو. شڪل جو هو پورو سارو، سو مڙئي انڌا منڊا پارٽ پيو ڪندو هو.
هي اهو زمانو هو، جڏهن دنيا تي هڪ نامور شاهي جوڙي جو سڪو هلندو هو. مغرب ۾ هاڪاري راڻي ايلزبيٿ جو ڌاڪ هو ته مشرق ۾ اڪبر اعظم جو نالو روشن هو! اسپين ۾ مسلمانن جو ڪوس پئي ٿيو ۽ سنڌ ۾ مرزا باقي چرئي ڪلور پئي ڪيا. يورپ سڄو پوپ جي خرمستن سبب تفرقي ۾ هو. هي انگلينڊ جي ڦوهه جوانيءَ جو دور هو. انگلينڊ سمنڊن جو والي هو. انگريز ملاح ڊريڪ سڄيءَ دنيا کي چوڌاري ڦري آيو هو. انگلينڊ ۾ علم ۽ هنر جا درياءَ پئي وهيا. هي ڳوٺاڻو ڇوڪرو، لنڊن جهڙي عظيم ترين شهر ۾ ويڳاڻو ٿيو پيو هلندو هو. ڪمائي هيس پوري ساري، سو ڪنهن سان ڪونه ملندو هو. آخر هڪ دفعي ڇا ڪيائين، جو لڪ ڇپ ۾ ويهي هڪڙي کيل جي آکاڻي لکيائين. جڏهن ناٽڪ جي آکاڻي سنگتين کي پڙهي ٻڌايائين، تڏهن اهي اچي کل ۾ ڇٽڪيا، چي، ”ميان، ڏيڏريءَ کي زڪام ٿيو آهي! اهي ڪم ڪن ته ڀلي لنڊن جا وڏا قابل اديب ۽ ڊراما نويس ڪن، تون اڍائي اکر مس پڙهيو آهين ۽ اڃا ڪالهه جهنگ مان رلي رلي شهر ۾ آيو آهين، سو ٿو اهڙا ڪم ڪري سگهين!“ همراھ اچي ڦڪو ٿيو ۽ کڻي ماٺ ڪيائين. پر کانئس رهيو نه ٿيو، سو ٻيو به کيل لکيائين، ٽيون به لکيائين، پر ڪنهن پڇيس به ڪونه. آخر هڪڙو کيل ڇپايائين، ماڻهن پڙهي اڇلي ڇڏيو. ”ڀلا ائين به ڪو کيل لکبو آهي؟ نه ٻوليءَ ۾ چس، نه ڳالهه ۾ سواد!“ پر هيءَ همراھ نه مڙيو. سڄا سارا ۲۵ کيل لکيائين. مس مس وڃي ڪي اسٽيج تي پيش ٿيا. گهڻا فيل ٿيا، پر ڪي مڙيئي پسند پيا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن پنهنجي ناٽڪ ڪمپني کولي، جنهن ۾ ائڪٽنگ به پيو ڪندو هو ته ناٽڪ به لکندو هو. آخر ۵۲ ورهين جي عمر ۾ مري ويو. مرڻ کان اڳ البت هڪڙو ٻنيءَ ٽڪرو ورتو هئائين، ٻيو ٿيو ڀلو. اڪثر ماڻهو سندس ناٽڪن کي بيڪار ۽ واهيات سمجهندا هئا ۽ چوندا هئا ته ”جهڙو پاڻ جهنگ جو ڄٽ هو، تهڙا ڄٽاڻا ناٽڪ لکيا اٿس، سندس ناٽڪن جو ڪوبه چٽو مقصد ڪونه آهي، سڀ ڳالهيون گڏ وچڙ ٿيون پيون آهن، پڇاڙيءَ تائين پتو نٿو پوي ته مطلب ڪهڙو اٿس، وغيره وغيره. ڪن چيو ته فلاڻي ناٽڪ جي ڪاپي ڪئي اٿس، ادبي چور آهي. مطلب ته ڪنهن ڪم جو ڪونهي. ڀلا، ٻيلن جو چور، ٻاهراڙيءَ جو ڄٽ، لنڊن جي اعلى اديبن ۽ زبردست ڊراما نويسن جي اڳيان ڇا بيهي سگهندو؟
انهيءَ ڳالهه کي گهڻو وقت ٿي ويو. زمانو بدلجي ويو. زماني جا معيار بدلجي ويا. وقت جون ڇوليون نامورن جي ناموس کي گهلي گمناميءَ جي سمنڊ ۾ اڇلي آيون، ته ڪن کي اتان ڪڍي آڻي ڪناري تي رکيائون. ماڻهن پراڻا ادبي دفتر پٽيا، انهن کي پڙهايائون، توريائون تڪيائون.... اوچتو رڙ مچي ويئي ته ”اهو ٻهراڙيءَ جو ڄٽ، ٻيلن جو چور ۽ گمنام ائڪٽر وڏو اديب هو، وڏو دانا هو. يگانو ڊرامه نويس هو، انگلينڊ جو عظيم ترين شاعر هو! هن جهڙو نه ٿيو نه ٿيندو!“
۴۰۰ سال ٿي ويا آهن. اڄ سموري مذهبي دنيا انهيءَ راءِ سان شريڪ ٿي ويئي آهي. کيس دنيا جي مٺ جيترن عظيم ترين شاعرن ۽ اديبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ علم ۽ ادب جي سلطنتن ۾ هن جو سڪو رائج آهي. هن جا عاشق دنيا جي ڇهن ئي کنڊن ۾ ويٺا آهن. دنيا جي ڪابه ٻولي ڪانهي جنهن ۾ هن جا شاهڪار ترجمو نه ٿيل هجن ۽ ها، جن ”قابلن“، ”دانائن“ ۽ ”عالمن“ کيس ”ڄٽ“ ”جاهل“ ۽ ”ادبي چور“ ٿي سڏيو، تن جو نالو نشان به ڪونه بچيو آهي. ڪنهن کي خبر ڪانهي ته اهي ”وڏا بزرگ“ ڪهڙي باغ جي موري هئا.
ان ٻهراڙيءَ جي ڄٽ، ٻيلن جي چور ۽ ڪوجهيءَ شڪل واري ائڪٽر ۽ ناٽڪ لکندڙ جو نالو شيڪسپيئر هو!
جڳ جي پٺ وٺڻ بدران جڳ کي پنهنجي پٺ وٺائڻ وارا ماڻهو هر ميدان ۾ هر زماني ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن. ۽ ٿيندا رهندا. هو ماڻهن جي لتاڙيل گسن تي هلڻ بدران پنهنجون نيون راهون ڳولي ڪڍن ٿا. هو پنهنجي زماني جي دستورن، قاعدن، عقيدن، رسمن ۽ ريتين تي اکيون ٻوٽي هلڻ بدران پنهنجي اعلى عقل، بلند همت، بي پناهه حوصلي ۽ زبردست قوت عمل سان وقت جون واڳون پنهنجي قبضي ۾ آڻن ٿا ۽ زماني جي تقدير بدلايو ڇڏين. ”سج“  ڏسڻ ۾ ڪهڙو به اڻوڻندڙ، تلخ ۽ ڀيانڪ هجي، پر هو ان سان اکيون اکين ۾ ملائڻ کان ڪين ٿا هٻڪن، چاهي دنيا ناراض ٿي پوي يا زماني جو بنايل نظام درهم برهم ٿي وڃي. هو پنهنجي مقصد کان تر جيترو به هٽڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. سچ سچ آهي، چاهي ان جي ڳچيءَ ۾ زماني جي خواريءَ جو طوق پيل هجي يا پيرن ۾ ڏاڍ جون ٻيڙيون. هنن جون نظرون سچ جي مٿان هٿراڌو لڳايل ڪاراٺ ۽ بدناميءَ جي دامن کي پار ڪري ان جي اصلي حسن ۽ جمال کي تاڙي وٺن ٿيون. هو زماني جي ڪاوڙ ۽ عتاب جي ٽانڊن جي آڙاهن کي لتاڙيندا؛  سچ جي آستانن تي پهچن ٿا. وهم، وڪڙ، ناحق ۽ جهالت جون ڏائڻيون جڏهن دستورن، رواجن، قانونن ۽ عقيدن جا ٻهڪندڙ ۽ زرق برق وڳا ڍڪي، ڳچين ۾ ماڻهن جي مڃتا ۽ تابعداريءَ جا چمڪندڙ هار لوڏينديون، ناز نخري سان ٽلندي ٽلندي، عقلن کي خرچ ڪريو ڇڏين، تڏهن هي اچانڪ هٿ وڌائي سندن انهيءَ ٺڳي جي لباس کي سٽ ڏيئي ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري، سندن اصلي ڪراهت جهڙي روپ کي اگهاڙو ڪريو ڇڏين. هي انسان ذات جو ضمير آهن، روشنيءَ جا اوچا منارا آهن، جي تاريخ جي اجهاڳ سمنڊ جي هر منزل تي انسانيت جي ٻيڙي کي وهم ۽ تعصب جي خوفناڪ ڪُنن ۽ ظلم ۽ وحشت جي هيبتناڪ طوفانن کان بچائين ٿا.
ٻئي طرف اهي آهن، جي هر زماني ۾ ماڻهن کي چوندا رهن ٿا ته پنهنجي دماغن کي ڪلف چاڙهي ڇڏيو! زبانن تي مهرون لڳائي ڇڏيو! سوچڻ گناهه آهي، سمجهڻ ڪفر آهي: اکيون بند ڪري، جيڪي اوهان کي چئجي سو مڃو، تابعداري ڪريو! جيڪو ائين نه ڪندو سو لعنتي آهي، ڪافر آهي، زنديق آهي، واجب القتل آهي!
هو انساني تخيل جي رنگبرنگي، من موهيندڙ ۽ حسين پکين جا نازڪ پرڙا کوهي انهن کي لوهي پڃرن ۾ بند ڪرڻ گهرن ٿا. نوان تجربا، نيون تحقيقون، نيون طرزون ۽ نوان خيال هنن جي دين ۾ حرام آهن. زندگيءَ جي ڪنهن به ميدان ۾ هڪ وک به اڳتي کڻڻ هنن وٽ ڪبيرو گناهه آهي.
هنن جو نسل به ايامن کان دنيا ۾ قائم آهي. هو هر ظلم ۽ وحشانيت جا علمبردار ۽ گمراهين ۽ اونداهين جا پرچاري آهن، هي وحشي ۽ بزدل قبيلو روز اول کان وٺي، ڪڏهن رسم و رواج جي قديم غارن مان ته ڪڏهن مذهب ۽ دين جي اوچن منارن تي ويهي، انسانن جو شڪار ڪندو رهيو آهي.
هي ماڻهو هرڪا بڇڙائي ۽ بيهودائي، ڪنهن نه ڪنهن نيڪ ۽ چڱيءَ شيءَ جي نالي ۾ ڪن ٿا. هي اهي آهن، جن اڍائي هزار ورهيه اڳ ”يوناني اخلاق“ جي نالي ۾ سقراط کي زهر جو وٽو پياريو، جن ٻه هزار ورهيه اڳ ”قانون ۽ انصاف“ جي نالي ۾ مريم جي مسڪين ۽ ٻالي ڀولي پٽ کي ”باغي“ ٺهرائي، سوريءَ تي چاڙهيو، جن صدين لاءِ”ڪرشن ڀڳوان“ جي نالي ۾ هندستان جي ڪروڙها انسانن کي ”شودر“سڏي، سندن ڪنن شيها پلٽايا،جن ۱۴۰۰ ورهيه اڳ مڪي ۾”ابن ڏاڏن جي دين“ جي نالي ۾ آمنه جي لال (صلعم)  کي ”پاڳل“ ۽ ”ڪافر“ ٺهرائي سندس قتل جو حڪم ڏنو، جن ”اسلامي خلافت“  جي نالي ۾ حسين کي ”باغي“ جو لقب ڏيئي ڪربلا ۾ ڪٺو، جن ”پاڪ مريم“ جي نالي ۾ يورپ جي لکها عيسائين جو ڪوس ڪيو ۽ ”مقدس ڪليسا“ جي نالي ۾ اسپين ۾ مسلمانن کي حرف غلط وانگر مٽائي ڇڏيو! ها، هي اهي ساڳيا آهن، جن عراق، شام ۽ مصر ۾ ”چئن يارن“ جي نالي ۾ لکها مسلمانن کي ”شيعو“ ٺهرائي، سندن سر قلم ڪيا، ۽ ساڳئي وقت ”علي“ جي نالي ۾ اوترن ئي مسلمانن کي ”سني“ ٺهرائي، جن ٻچي مارائي ڇڏيو!
هو ڪڏهن ”جرمن تهذيب“ جي نالي ۾ بيگناهه مردن، عورتن، ٻارن ۽ ٻڍن کي مشين ۾ پيڙي، منجهائن خوشبودار صابڻ ٺهرائين ٿا، ته ڪڏهن ”فرينچ تهذيب“  جي نالي ۾ جميله بوپاشا جهڙين معصوم الجزائري ڇوڪرين کي اگهاڙو ڪري ساڻن وحشياڻه عقوبتون ڪن ٿا!
اڄ به انهيءَ قبيلي جا ماڻهو ”مغربي تهذيب ۽ ”آمريڪي آزادي“ جي نالي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ ويٽنام جي مظلوم انسانن جو کليو کلايو شڪار ڪري رهيا آهن.
هي ماڻهو ڪڏهن ”مذهب“ ۽ ”تهذيب“ جي پردي ۾ لڪي ڪارروايون ڪن ٿا، ته ڪڏهن ”ادب“ ۽ ”اخلاق“ جي کڏڻن جي اڙ مان پنهنجي زهريلا ڀالا هڻن ٿا.
سنڌ ۾ اڄڪلهه جيڪي ماڻهو ”ادب“ ۽ ”اخلاق“ جي نالي ۾ ”ڪافر“، ”باغي“، ”ڪميونسٽ“، ”ملحد“، ”دهريو“ جي فتوائن جا زهري خنجر کڻي ملڪ ۾ ڪاهي پيا آهن، سي انهي پراڻي پاپي قبيلي جي هڪڙيءَ بدنام شاخ جا ماڻهو آهن. جن کي ادبي داداگيريءَ ۽ قلمي غنڊاگردي ۽ سرڪاري دلاليءَ جو اذن مليل آهي.
پيار ڪيو آهي. ٻين وانگر، اسان جا موجوده شاعريءَ جا ابا ۽ باقاعدي شاعر به شاهه جي عظمت جا قصيدا ڳائين ٿا.
ڏسڻو هي آهي ته آيا اهي شاهه جا معتقد ۽ مريد رڳو عقيدت جا لفظي پڙ چاڙهڻ جا ملوڪ آهن، يا سچ پچ سندس روايتن ۽ قدرن تي ايمان رکن ٿا، انهن جي پيروي ڪن ٿا ۽ ان واٽ تي هلن ٿا! ڀلا، شاهه جي هن بي پناهه مقبوليت جا اصل سبب ڪهڙا آهن؟ ماڻهو چون ٿا ته هو انهيءَ ڪري مقبول آهي، ڇاڪاڻ ته هو صوفي، درويش، ولي ڪامل، حق آگاهه، بحر معرفت، مخزن اسرار الاهي ۽ شارح قرآن هو. هو بيشڪ اهو سڀ ڪجهه هو، پر سوال آهي ته سنڌ ۾ جتي خدا جي فضل سان گهر عيد آهي، شهر شهر بلڪ ڳوٺ ڳوٺ کي پنهنجو ڪامل ولي، مرشد حق آگاهه، درويش معرفت رسيده آهي، اتي هڪڙو ٻيو به ولي پيدا ٿيو ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. رڳو اسان جي ٺٽي واريءَ مڪليءَ ۾ ئي چون ٿا ته سوا لک اوليا الله جا پيا آهن. سڀ درويش، سڀ ڪامل، سڀ ولي، سڀ ڪرامتن جا صاحب. هڪڙو ٻئي کان زور، سيوهڻ، روهڙي ۽ جهوڪ چوطرف ڪرامتون، اسرار، لقاءَ، حال، قال! درحقيقت سنڌ ۾ ولين کان سواءِ ٻيو آهي ڇا؟ پر سڄيءَ سنڌ ۾ ”لطيف“ فقط هڪڙو آهي ۽ رهندو. ڇو ته هو ولي هجڻ کان قطع نظر، هڪ نرالو ۽ پيارو انسان هو. خدا رسيده ته گهڻائي پيا آهن، پر هو انسان رسيده هو. هن انسانن جي روح ۾ جهاتي پائي. انسانن جا دک درد، سندن جذبا ۽ احساس ڏٺا هئا.
هو سچو مومن هو، اسلام جو پيرو ۽ توحيد پرست هو. پر هن عرب ۽ ايران جي بدران پنهنجي دل جو ڪعبو بدنصيب ۽ پياري وطن سنڌ کي بنايو. ايران جي آبجو ۽ شيراز جي باغن ۾ ٽڙندڙ سرو، سمن، لاله، نرگس ۽ سنبل جي بدران هن پنهنجي وطن جي پسين، پيرن ۽ ڏونرن جي حسن جا نغما ڳايا. جتي ان وقت جي هند ۽ سنڌ جا نام ڪٺيا شاعر بهادريءَ جي رستم، سهراب ۽ اسفنديار جا مثال ڏيندا هئا، اتي هن پنهنجي وطن جي هيرن، ابڙي، جکري ۽ سپڙ تان گهورون گهوريون، سندن سخا، مردانگي ۽ دليريءَ جا داستان ڳائي، کين امر ۽ لازوال ڪري ڇڏيائين. هو جڏهن خود خدا جي رحم، ڪرم، عنايت، محبوبيت ۽ بي نيازيءَ جي شان بيان ڪرڻ لاءِ حسين استعارا ڳولي ٿو، تڏهن کيس وطن جا دلير ۽ بانڪا ياد اچن ٿا ۽ هو خدا کي پنهون، تماچي، جکرو، چنيسر، راڻو ۽ سپڙ سڏي ٿو. هيءَ ڳالهه آهي، جا ڪنهن به عرب، ايراني هندي يا سنڌي شاعر نه ڪئي آهي. هن جي خوبصورت دليريءَ اڳيان خود روميءَ جهڙي مست جي سموري آگ ۽ جلال عاجز ٿا لڳن.
لطيف هر ڳالهه ۾ پنهنجي دور جي ٻين شاعرن کان نرالو آهي. ان وقت هند ۽ سنڌ تي فارسيءَ جو راڄ هو درٻار جي زبان فارسي هئي. علم ۽ فن جي زبان فارسي هئي. سنڌي شاعري صرف ڳوٺن ۾ نامعلوم جڳهن تي ڀڻڪو ڪندي هئي، نه ته هر هنڌ فارسي شاعريءَ جو بول بالا هو. لطيف انهيءَ روايت ۽ دستور کي اورانگهي ۽ لتاڙي، پنهنجي الڳ راهه ورتي. هن پنهنجي وقت جي فارسي گو شاعرن وانگر فارسي شاعريءَ جي تقليد ۽ فارسي بحرن ۽ وزنن ۾ به شاعريءَ ڪانه ڪئي، نه وري هن ان وقت رائج شاعريءَ جي مضمون يا انداز جي پيروي ڪئي. هن جي ٻولي، بحر، وزن، تشبيهون، استعارا، بندشون، موضوع ۽ انداز نظر خاص پنهنجا ۽ دنيا کان نرالا هئا. ان وقت جا ناليرا شاعر مثنويون، قطعا، غزل، نظم، شهر آشوب ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ايراني طريقا اختيار ڪري مقبوليت حاصل ڪندا هئا. هو پنهنجا طريقا اختيار ڪري مقبوليت حاصل ڪندا هئا. هو پنهنجي مادري ٻوليءَ کي انهيءَ لائق ئي نه سمجهندا هئا ته ڪو اها شاعريءَ لاءِ ڪتب آندي وڃي. تنهن ڪري شاهه لطيف جي پهرين خصوصيت روايت کان مڪمل بغاوت آهي. جتي روايتي شاعريءَ جا موضوع فقط هجر ۽ فراق، ظالم ۽ هرجائي محبوب، رقيب روسياهه، فلڪ ناهنجار، معشوق جي قدبت جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪرڻ ۽ سندس ڪفر جي تلاش ڪرڻ هئا، اتي لطيف ڏٿ ڏوريندڙ ڏوٿين، برسات لاءِ واجهائيندڙ هارين، جهنگلن ۾ ڀڻڪندڙ ماروئڙن، سمنڊن ۾ اکا وجهندڙ هندو ڇوڪرين، ساٽياڻين، مهاڻين، ماڱرين، جوڳين، ڦورو سردارن، سندن ستايل ڀاڳين، سخي ڏاتارن، مڱڻهارن، اٺن، هنجن، روھ جي ڪونجڙين، سپن، کپرن ۽ ٻين اهڙن سنڌي زندگيءَ جي ڪردارن کي پنهنجو موضوع بنايو آهي. هن جا ڪردار اهي آهن، جيڪي سنڌ ۾ سچي پچي معنيٰ، مقصد ۽ حقيقت رکن ٿا. هن کي پنهنجي وطن جي چپي چپي سان، ۽ سندس هر مرد، ٻار ۽ عورت سان، هر مظلوم سان هر ڏکويل، هر خوبصورت ۽ پياريءَ شيءَ سان والهانه محبت آهي. هو شاعري انهيءَ ڪري نٿو ڪري ته ڪو کيس پنهنجي شاعرانه ڪمال جي نمائش ڪرڻي آهي، پر ڇاڪاڻ ته کيس اهڙي ته حساس، عميق ۽ انساني همدردين سان ڀرپور دل آهي، جو هو بي اختيار پلٽيو پوي. هن کي سنڌي ٻوليءَ سان عشق آهي. هو ان زبان جو اهو جوهري آهي، جنهن وٽ ماڻڪن جا مٽ ڀريا پيا آهن. هن سنڌي زبان جي معمولي لفظن مان ڪڏهن ماکيءَ جو ڪم ورتو آهي، ته ڪڏهن شراب جو نشو پيدا ڪيو آهي. انهن لفظن مان هو ڪڏهن احساس جا ٽانڊا ۽ مچ ٻاري ٿو، ته ڪڏهن احتجاج ۽ بغاوت جا بارود ڀري ٿو. ڪو به اهڙو موضوع ڪونهي، ڪو به اهڙو واقعو نه آهي، ڪو به اهڙو احساس نه آهي، جنهن کي لطيف شاعريءَ جي معيار کان گهٽ سمجهي نظر انداز ڪيو هجي. هن سنڌ جي عام ماڻهن، مردن ۽ عورتن، خاص ڪري عورتن جي جذبن جي جنهن خلوص، امنگ ۽ جذبي سان ترجماني ڪئي آهي، تنهن جي بيان لاءِ دفتر کپن. شاهه جي شاعري درحقيقت هتي جي عام ماڻهن جي زندگيءَ جو هڪ درد انگيز ۽ من موهيندڙ داستان آهي.
لطيف جي عظيم روح ۽ سندس فن جي عظيم روايتن کي برقرار رکندڙ ۽ ان کي اڳتي وڌائيندڙ ۽ سنواريندڙ ئي سنڌ جا صحيح اديب ۽ شاعر آهن ۽ نه اهي جن ان جي انسانيت پرور، جرات مندانه ۽ تخليقي روايتن کان ڀڄي، ٺلهي تڪبنديءَ جي بي روح ۽ بي معنى رينگٽ مچايو آهي.
سنڌيءَ کي مڏيءَ ڪاتيءَ سان ذبح ڪرڻ، سنڌي شاعريءَ جي شاندار ۽ روشن چهري کي داغدار ڪرڻ، سنڌ جي ماحول ۽ قومي مزاج سان چٿر ڪرڻ، سنڌي شاعريءَ جي قافلي کي اوجهڙ ڏانهن منهن ڏيڻ ۽ سنڌ جي پنهجي ادبي روايت کان بغاوت ڪري ٻين جي غلامي ڪرڻ وارن مان هڪڙو بزرگ ابراهيم خليل اڄڪلهه شاهه لطيف جي غم ۾ سينو ڪٽي، اوڇنگارون پيو ڏئي، ان ”لطيف“ جو دم پيو ڀري، جنهن جي مٺڙي ٻوليءَ کي پاڻ ۽ سندس قبيلي جي ماڻهن جيئري قبر ۾ پوري ڇڏڻ ۾ ڪين گهٽايو، جنهن جي ٻوليءَ مان کين ڌپ ٿي آئي، جنهن جي فني روايتن کي هنن حقارت سان ٺڪرائي ڇڏيو ۽ جنهن جي جاري ڪيل شعر جي آبِ حيات جهڙين شفاف ۽ حيات بخش نهرن کي ڪن ۽ گند سان ڀرڻ هنن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنائي ڇڏيو.
شاهه جي حب جو سانگ رچائڻ ۽ پنهنجن ڇاڙتن جي هٿان ٽڪو ڏيئي حشر پٽائڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ هي اردوءَ ۽ فارسيءَ جي شاهي درٻارين جا منصبدار، پنهنجي زماني جا فردوسي ۽ حافظ، مير ۽ غالب، عرفي ۽ رودڪي، ادبي آسمانن جا باشندا، عاج جي محلن جا مڪين، اڄ هن حال ۾ هيٺ زمين تي ڇو پيا ڏسجن؟ کين اوچتو جهانگين ۽ مارن جو ”شاهه“، پٽن ۽ وٿاڻن جو ”لطيف“ ڪيئن اچي ياد پيو آهي؟
خليل ۽ ٻين فارسي زده تڪبند ”شاعرن“ نه رڳو هيئت جي اعتبار کان بلڪ موضوع، مواد ۽ اسلوب جي نقطه نگاه کان پڻ سنڌي شاعريءَ جي ماضيءَ جي عظيم ورثي کان بغاوت ڪئي. هنن ڪلاسيڪي ۽ روايتي سنڌي شاعريءَ جي روايتن کي پُٺ ڏيئي ۽ سندس بي بها خزانن کي نظر انداز ڪري، نه رڳو فارسي هيئتون ۽ سانچا اختيار ڪيا، بلڪ سندن ٻولي، محاورا، تشبيهون، استعارا، ترڪيبون، بندشون ۽ ماحول سڀ غير سنڌي ۽ اوپرا هئا. سندن تڪبنديءَ جون پاڙون سنڌ بدران ايران ۾ لٽڪيل هيون. سندن راهه بلڪ الڳ هئي. اها الڳ راهه سنڌي شاعري کي ڪنهن نئين شاداب ۽ سرسبز منزل ڏانهن نه، پر پراڻي، لتاڙيل ۽ ڀڙڀانگ اوجهڙ ڏانهن وٺي ٿي ويئي. ان جا مکيه سبب هي هئا:
(۱)     هن پنهنجي وطن، ٻوليءَ ۽ روايتن کان پاڻ کي ڇني، ڌار ڪري، ٻئي ملڪ، ٻيءَ ٻوليءَ ۽ ٻئي ماحول سان ناتو ڳنڍيو، جنهن ڪري سنڌين لاءِ سندن شاعريءَ ۾ ڪابه دلچسپي ۽ اصليت نه رهي.
(۲)    جنهن ڌارينءَ شاعريءَ جي روايتن ۽ سانچن تي هنن هلڻ شروع ڪيو، خود ان ۾ جيڪي ارتقائي تبديليون ٿيون ۽ ويهين صدي تائين اها موضوع ۽ هيئت جي خيال کان جنهن منزل تي پهچي چڪي هئي، تنهن جي هنن کي ڪابه خبر ڪانه هئي. هنن ويهين صديءَ ۾ ويهي فارسيءَ جي ان دور جو نقل ڪرڻ شروع ڪيو، جو ۸-۹ صديون اڳ ۾ ختم ٿي چڪو هو.
(۳)    جنهن ۸-۹  صديون اڳ جي فارسيءَ کي هنن سامهون رکيو، ان جي زبردست روح ۽ عظيم معيار کي قائم ڪرڻ ۽ ان جي اعلى روايتن کي پنهنجو ڪرڻ جي منجهن صلاحيت نه هئي. هو حافظ، سعدي، خيام، رومي جي زنده  خيالن، گهرن ۽ جاندار احساسن ۽ بلند پروازين کي سمجهڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ بدران فقط معمولي قسم جا نقال ۽ لڪير جا فقير ئي رهجي ويا. جنهن ڪري نه هيڏانهن جا رهيا نه هوڏانهن جا. سندن شاعري فارسيءَ جي اعليٰ ۽ روشن خيالن ۽ شاندار فني ڪارنامن جي هڪ بيروح، بي جان ۽ مرده تصوير هئي. فارسي جي اٿاه، گهري ۽ سدا شاهوڪار سمنڊ مان ٽٻيون هڻي، موتي ميڙڻ بدران، هنن فقط چلرن ۾ چنهبون ٻوڙيون ۽ ستيون ۽ سانگوٽا ميڙيا. درحقيقت هنن جي شاعريءَ کي فارسي شاعريءَ جي تقليدي شاعري ڪوٺڻ به فارسي شاعريءَ جي شاندار نالي تي هڪ بدنما داغ  ۽ زبردست بهتان آهي. انهيءَ بي بنياد، نقلي، بي جان ۽ نام نهاد شاعريءَ جي رائج ٿيڻ ڪري سنڌي شاعريءَ جو واڌارو بيهي رهيو ۽ ان جو مستقبل سخت خطري ۾ پئجي ويو.

(۸)
محلين آيو مڱتو، کڻي ساز سري،
لڳي تند تنبير تي، پيا ڪوٽ ڪري،
هنڌين ماڳين هوءِ ٿي ٻيجل دانهن ٻري،
جهونا ڳڙهه جهري، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾. (شاهه)
سنڌي شاعريءَ کي انهيءَ اوجهڙ مان ڪڍي نئين ۽ روشن راهه تي گامزن ڪرڻ ۽ جنهن شخص سڀ کان وڌيڪ ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، سو آهي شيخ مبارڪ اياز. هن سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مقبول صورتن، جهڙوڪ ڪافي، وائي بيت، دوهي، ڇيڄ کي وري رائج ڪيو آهي ۽ انهن کي نئون رنگ ۽ آب تاب ڏيئي سنواريو ۽ سينگاريو آهي. هن روايتي شاعريءَ کان غزل جو سانچو وٺي ان ۾ نه رڳو سنڌي ۽ اصلي رنگ ڀريو آهي پر ان کي وڌيڪ خوبصورت ۽ دلڪش بنايو آهي. هن مغريت توڙي مشرق جون مقبول ۽ مشهور شعري صنفون، سانيٽ، ترائيل، آزا دنظم، جاپاني هائيڪو، سنڌيءَ ۾ رائج ڪيون آهن ۽ سنڌي شاعري کي هيئت جي اعتبار کان بين الاقوامي سطح تي آندو آهي. هن موضوع جي اعتبار کان ماضي توڙي حال جي زنده خيالن ۽ تصورن کي نئين انداز ۽ نئين رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. فارسي شاعريءَ جي عظيم خيالن، تنگ نظري، تعصب ۽ ريا جي پرده چاڪي ۽ بي نقابي، انسان دوستي، همه اوست ۽ صلح ڪل جو پيغام، انالحق جا آواز، بيباڪي، شوخي ۽ سرمستي ۽ هندي شاعريءَ جي خوبصورت سادگي ميٺاج، نرميءَ ۽ فطري حسن، سندس شاعريءَ ۾ ته ڄڻ نئون جنم ورتو آهي. هن هڪ طرف موجوده دور جي بين الاقوامي سماجي قدرن، جهڙوڪ عوام دوستي، بين الاقواميت، جمهوريت پسندي، سماجي انصاف، جي ڀرپور ۽ پراثر ترجماني ڪئي آهي، ته ٻئي طرف سنڌ ۽ وطن دوستي جي قدرتي جذبن کي لافاني بنايو آهي. هن سنڌي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ ۽ ماحول جي خيال کان هڪ نئون روح ڦوڪيو آهي ۽ ان کي هڪ نئون جنم عطا ڪيو اٿائين. هن سنڌي شاعريءَ جي دمن کي حسين ۽ پيارين نج سنڌي تشبيهن، ترڪيبن، استعارن ۽ بندشن جي هڪ اٿاهه ذخيري سان مالا مال ڪيو آهي ۽ پراڻين تمثيلن ۾ نيون معنائون ۽ نوان مفهوم ڀريا آهن.
سندس شعر ۾ اهي سموريون خوبيون ڪي مٿان مڙهيل يا زور ڪري ٽنبيل نه آهن. پر اهي قديم ۽ جديد قدر، اهي اعلى شاعراڻيون روايتون، اهي وسيع گونا گون موضوع سندس ذهن جي هيٺانهين تهن ۾ ائين جذب ٿيل آهن ۽ سندس اعليٰ شعور انهن کي اهڙيءَ ته خوبي، صفائيءَ ۽ چٽائيءَ سان پروڙيو آهي، سندس دل انهن کي اهڙيءَ سچائيءَ ۽ شدت سان محسوس ڪيو آهي جو اهي خوبيون سندس شاعريءَ جو ضمير بنجي ويون آهن. ان قيمتي مٽيءَ کي هن هڪ قابل ڪنڀار وانگر پنهنجي نراليءَ ڪاريگريءَ سان گهڙيو، چٽيو ۽ سينگاريو آهي ۽ جيڪي ڪجهه پيش ڪيو آهي تنهن تي اعلى فن جي مهر لڳل آهي. انهن سڀني ڳالهين کان سواءِ منجهس اهو قدرتي جوهر آهي، جو عظيم تخليقون پيدا ڪندو آهي، اها ڪيميا جا لوهه کي سون بنائي ٿي، اها اڻ لڀ ۽ املهه شيءَ، جنهن کي ڏات چوندا آهن.
درحقيقت سچي پچي شاعر تي اهو لکي، جو شعر کي پنهنجي سيني ۾ محسوس ڪري سگهي، جنهن جي روح ۾ موسيقي هجي، جنهن جي ذهن تي سچ ۽ سونهن جو کنوڻيون چمڪيون هجن. تنهن کان پوءِ، عظيم شاعري ڪو آلجبرا جو حساب ڪونهي، جو هڪڙو ٻئي کي سمجهائي سگهي. اها پاڻ محسوس ڪبي آهي، ٻڌائي نه سگهبي آهي. لطيف تي سون سالن کان اسان جا بزرگ لکندا اچن. سنڌي ٻوليءَ جون سموريون صفتون ۽ تعزيتي اکر کٽائي ڇڏيا اٿن، پر اهڙا سوين مقالا پڙهڻ کان پوءِ به ذهن تي اها ڪيفيت پيدا نٿي ٿئي، جيڪا لطيف جي ٻن سٽن کي پاڻ پڙهي ڏسڻ سان ٿئي ٿي. درحقيقت هر سال جيڪي بزرگ لطيف جهڙي ديو پيڪر، هماليه جبل جيڏي انسان کي خراج عقيدت ڏيڻ جي بهاني پنهنجن ذاتي راين جي تنجڻن ۾ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ کيس پنهنجي تنگ نقطه نظر جي پتڪڙي چيچ هٿ ۾ ڏيئي، پنهنجي مرضيءَ موجب پيرڙيون کڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، تن جي خوداعتمادي ۽ خوشفهميءَ تي مون کي هميشه ساڳئي وقت کل ۽ روئڻ ايندو آهي. آءٌ تصور ۾ ڪيتريون ٻليون ڏسندو آهيان، جي ڪنهن ڪيهر شينهن جي ڪلهي تي چڙهي، بزرگانه شفقت سان سندس پٺ ٺپري سندس سرپرستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون هجن. عظيم شاعري ۽ عظيم فن لافاني شيون آهن، اسين، جي فاني ۽ عارضي تماشائي آهيون، تن جي هر راءِ فنا جو بقا کي هڪ نماڻو سلام ٿي سگهي ٿو ۽ بس. بقا کي فقط بقا سمجهي سگهي ٿي، خود شاعر ۽ فنڪار به نه. ڇو ته شيڪسپيئر، فردوسي، غالب، لطيف، ڪاليداس، خيام ۽ ميران کي اهو وهم ۽ گمان ۾ به هوندو ڇا ته ايندڙ نسل سندن پويان هيئن چريا ٿي پوندا؟ اڃا ته دهلي دور آهي. اڃا ايندڙ صديون اينديون، اهي خدا ڄاڻي ڇا ڪن. اسين ته فقط ايترو چئي سگهون ٿا ته.
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرين کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
اياز جي شاعري به پڙهڻ جي شيءَ آهي، روح سان محسوس ڪرڻ جي شيءَ آهي. لفظي وڍڪٽ ۽ آپريشن سان سمجهائڻ جي ڳالهه ڪانهي.
اهو به ضروري نه آهي ته هر ڪو شاعريءَ کي پسند ڪري. بوعلي سينا طب تي لافاني ڪتاب لکيا آهن پر اسان کي اهو پڙهندي ڪو لطف نه ايندو ڇو ته اسان جو ايڏانهن لاڙو ڪونهي. نزاڪت علي سلامت عليءَ جي قوالين جي هاڪ آهي، پر گهڻن لاءِ اهي ائين ڄڻ دٻي ۾ ٺڪريون، چيني ماڻهو خوبصورت راڳ ڳائين ٿا، ته اسين ڀانيون ٿا ته روئن پيا.
اسين سنڌي ماڻهو هونئن به ايترو ته علمي طرح پوئتي پيل آهيون. ايترو ته زماني جا ستايل آهيون، جو اسان کي شاعري پڙهڻ جهڙي ذهني عيش جي فرصت ئي ڪانهي، تنهن ڪري اسان مان جيڪي خود شاعريءَ کي ئي واهيات شيءَ سمجهندا آهن، تن کي اياز جي شاعريءَ ۾ ڪجهه به نظر نه اچي، سڀ ڪجهه بڪواس لڳي، ته عجب جي ڳالهه ڪانهي. هوءَ  پنهنجيءِ جاءِ تي صحيح آهن. پر جيڪڏهن توهان پنهنجي ٻين ڀائرن کان وڌيڪ خوش نصيب آهيو، توهان لطيف پڙهيو آهي، سچل پڙهيو آهي، توهان غالب، مير، رومي، فردوسي ۽ ٻيا شاعر پڙهيا آهن ۽ شعر جي جادوءَ کي جيءَ ۾ محسوس ڪيو آهي. جي توهان خوابن جي جنتن جو سير ڪيو آهي، ته پوءِ توهان کي اياز جي شاعريءَ جي دنيا جو به سير ضرور ڪرڻ گهرجي. هيءَ دنيا توهان جي ڏٺل وائٺل به آهي، ته بلڪل نرالي به آهي. هتي ماضي به آهي ته حال ۽ مستقبل به. سنڌ به آهي ته هند به، بلڪ سارو جهان به. سرڪ ۽ مرڪ به آهن ته لڙڪ به. حال اونده انڌڪار به آهي ته نور ڀري نيراڻ به. خوشي ۽ سرمستي به آهي ته پڇتاءُ  جي پيڙا به. هتي خودي به آهي ته بي خودي بلڪ نيستي به. نهايت ساديون ۽ معصوم تمنائون، ننڍڙا ذاتي غم ۽ خوشيون به آهن ته ابن آدم جي ازلي بدنصيبن ڏکن، بکن ۽ موت جو ماتم به آهي.
*
اياز اهو شهباز آهي جو ڪڏهين ڏسو ته اکين تي کوپا چاڙهايو اوهان جي پڃري ۾ بند ٿيو پنهنجي حال تي ڳوڙها پيو ڳاڙهي ۽ خوشيءَ جي چوڳي ذري لاءِ پيو واجهائي ۽ اهو ملڻ تي بود ۾ ڀرجي نچڻ لڳي ٿو ته ڪڏهن ڏسو ته هڪئي ڀڙڪي سان مٿي، تمام مٿي نڪريو وڃي. انهن نامعلوم بلندين تي جتي پاڻ ۽ پر، پنهنجي ۽ ڌارئي، ديس ۽ پرديس، قوم، نسل، مذهب ماضي ۽ حال ۽ مستقبل، خوشي ۽ غم، آس ۽ نراس، هستي ۽ نيستيءَ جون سرحدون نظر کان اوجهل ٿيو وڃن. جتان خود ڌرتيءَ جو هي لکها سالن کان ڦرندڙ گولو قابل رحم لڳي ٿو. جتي آگاهي ۽ ڄاڻ جون ننڍڙيون ٻيڙيون حيرت جي بي انت بحر ۾ غرق ٿيو وڃن. سندس نگاهه معموليءَ کان معمولي شيءَ روزمره جي نظاري تي به آهي، ته انهن حيرت انگيز منظرن ۽ ڪائناتن تي به آهي، جيڪي مادي وجود کان بي نياز آهن ۽ جن کي فقط تخيل جون اکيون ڏسي سگهن ٿيون. سندس سيني ۾ ڄڻ ته هزارها لکها دليون آهن، جي هر انساني جذبي، احساس، شعور ۽ لاشعور جي چرپر کي محسوس ڪن ٿيون ۽ ان جي موٽ ڏين ٿيون. سندس اظهار ۾ قيامت خيز طوفانن جي انڌي قوت به آهي ته چشمن جو سريلو، جهيڻو سر به آهي ۽ ڍنڍ جي بيٺل پاڻيءَ جو نشيلو سڪون ۽ موسيقي ڀريل ماٺ به. هو ٻوليءَ جو جادوگر آهي. سندس طلسمي ڏات جي اشاري ملڻ سان بظاهر معمولي ۽ مئل اکر اک ڇنڀ ۾ جيئرا ٿي معنيٰ ۽ مطلب جا رنگبرنگي ويس اوڍي ذهن جي اسٽيج تي رقص ڪرڻ لڳن ٿا ۽ دل جي تارن تي عجيب اڻ ٻڌل ۽ حسين راڳ ٻڌائڻ لڳن ٿا. ننڊا کرن ۽ اٻوجهه لفظن کان هن اظهار جا اهي معرڪا سر ڪرايا آهن جو حيرت وٺيو وڃي ته هنن ڄاتل سڃاتل لفظن ۾ ايڏي نواڻ، ايڏو مايو، ايڏيون گهرايون ۽ ايڏو مفهوم ڪٿان آيا! اها ٻولي جنهن ۾ هيستائين صرف وچولي دور جو فڪر ۽ شعور پيش ٿي سگهيو آهي سا هڪڙي ئي ڇال سان صدين جو سفر طي ڪري دور جديد جي جديد ترين خيالن جي اظهار جو وسيلو بنجي ويئي آهي. نج سنڌي اکر نج سنڌي تشبيهون، استعارا ۽ ترڪيبون اياز جي شاعري جو مکيه ۽ مرڪزي جزو آهي. سندس هر سٽ ستن پاڻين ۾ ڌوتل آهي، لفظ لفظ گهڙيل ۽ سنواريل آهي.
اياز جي شاعري ڪنهن هڪ فرد جي خالص ذاتي ڪرامت ڪانهي، اها سنڌ بلڪ دنيا اندر شعر ۽ فڪر ۽ شعور جي صدين جي ارتقا جي خاص منزل جو هڪ خوبصورت ۽ شاندار نشان آهي. مشرق ۽ مغرب جي قديم ۽ جديد عظيم شعري ورثي شيڪسپيئر، بائرن، شيلي، ڪيٽس، بادلير، ميران، خيام، رومي حافظ، لطيف، سامي، سچل، بيوس جي شاعريءَ جي پس منظر جي غير موجودگي ۾ اياز جي شاعريءَ جو وجود ۾ اچڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن کيس شاهه عنايت، لطيف، سچل، سامي ۽ بيدل جي سنواريل ۽ اجاريل سنڌي زبان ۽ انداز بيان ورثي ۾ نه ملن ها ته منجهس اها دلربائي، اها اٿاهه ڪشش ۽ نفاست هرگز نه ملي ها. ساڳيءَ طرح مشرق ۽ خاص ڪري سنڌ جي مخصوص سماجي ۽ تاريخي حالت ۽ اڄوڪي سماجي ۽ فڪري ماحول کان سواءِ به اها شاعري اها نه هجي ها جيڪا آهي.
ليڪن انهن سڀن ڳالهين جي باوجود بلڪ ڪنهن حد تائين انهن ڳالهين ڪري ئي اياز جي شاعري سڌ اندر هن دور، هن صديءَ جي عظيم ترين اڪيلي ادبي حقيقت آهي.
زوال پذير تڪبند شاعريءَ واري لمبي مرض الموت کان پوءِ سنڌي شعر جو نه رڳو جيئرو رهجي وڃڻ پر ان ڦوهه جوڀن تي رسڻ جنهن تي اياز کيس رسايو آهي، سو هڪ عظيم ادبي معجزي کان گهٽ ڪونهي. وطن جي خاڪ انهي ڪرشمي تي جيترو به فخر ۽ ناز ڪري سو گهٽ آهي.
اياز جي شاعريءَ ۾ ڪو نقص آهي ته اهو هيءُ ته هو سٺو قصيده گو ڪونهي، تنهن ڪري سرڪاري شاعر بنجڻ جي سعادت کان محروم رهجي ويو آهي، بلڪ سرڪار نامدار مڪاني چغلخورن ۽ ادبي جا سوسن جي رپورٽن تي سندس ڪلام جي هڪڙي مجموعي جي ڪن صفحن تي بندش وجهڻ فرمائي آهي ۽ اهڙيءَ ريت اسان جي چغل برداري کي کڳيون هڻڻ ۽ جهمريون پائڻ جو موقعو عنايت ڪرڻ فرمايو آهي.
پر انهن بندشن ڪري ڇا ٿو ٿئي؟ هي ته ڪتاب آهي پر تاريخ ۾ پڙهيو اٿئون ته انگلينڊ جي ڪنهن زنده دل بادشاهه مورڳو سمنڊ جي لهرين تي به بندش وجهي ڇڏي هئي ته ”خبردار اڳتي نه وڌجو!“ محمود غزنويءَ به فردوسيءَ تي بندش وڌي هئي. آفريڪا جا ڪيترا قبيلا اڃا تائين سج تي تير اڇلائي ان کي ڊوڙائي ڀڄائڻ جون ڪوششون ڪندا آهن. سج، چنڊ، سمنڊ ۽ شعر تي بندش وجهڻ وارا بندشون وجهندا رهندا آهن. سج ۽ چنڊ چمڪندا رهندا آهن، سمنڊ ۽ شعر موجون ماريندا رهندا آهن.
سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ،
وه وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين. (شاهه)
درحقيقت هي دور سنڌي ادب جي سڀ طرفي واڌاري، اوسر ۽ نيسر جو دور آهي. ادب ۽ شعر جي باغ جا سمورا ٻوٽا سرسبز آهن. شعر، افسانا، مضمون، تنقيدون، داستان، قصا، لوڪ ڪهاڻيون، ناول، تحقيقي مضمون وغيره هڪ ٻي پٺيان ميدان ۾ اچي رهيا آهن.
سنڌ ۾  هند ۾، سنڌي اديب مرد خواه عورتون، هر وقت نوان تجربا، نيون ڪوششون ۽ نيون تخليقون پيش ڪري رهيا آهن، جن جي پوري جائزي لاءِ مڪمل ڪتاب کپن.
سنڌي ادبي بورڊ، ان جا ڪتاب ۽ ان جي لوڪ ادب اسڪيم هڪ طرف ته ”مهراڻ“”نئين زندگي“”روح رهاڻ“ ”نئين دنيا“ ”ڪونج“ وغيره  رسالا ٻئي طرف ته اخبارن جا ادبي صفا ٽئي طرف، مطلب ته سنڌ جو ادبي قافلو پوري جوش خروش سان اڳتي گامزن آهي.
منزل برابر دور آهي. ٻيا اسان کان اڳتي، گهڻو اڳتي آهن. پر اسين اوجهڙ مان نڪري چڪا آهيون.
اها حالت ڏسي اهي جيڪي پاڻ وک کڻي نٿا سگهن، جيڪي پاڻ چرڻ کان لاچار آهن، سي ڏنڊا کڻي بيهي رهيا آهن، ته خبردار متان اڳتي وڌيا آهيو! جيڪو ويهي پنڪيون نٿو کائي، اٺ پکيءَ وانگر ريتيءَ ۾ سسي نٿو لڪائي، چمڙي وانگر روشنيءَ کان ڊڄي نٿو لڪي، سو ڪافر آهي، دهريو آهي، اسلام جو دشمن آهي.“

(۹)
ڏم ڏيهاڻي ڏي سندا ميهر مهڻا
جهليم سي جهوليءَ ۾ پلئه پايوسي
مرجان چاليهه چي سڱا سپرين جي. (شاهه)
ڪجهه عرصي کان نام نهاد ”اسلام دوست“ نقادن جي هڪڙيءَ گئنگ، هڪڙي سنڌي اخبار جي شوشي باز ايڊيٽر جي سرڪردگيءَ هيٺ. شيخ اياز، گرامي ۽ ٻين سنڌي اديبن تي ڪريل ۽ ناشائسته حملا شروع ڪيا آهن. جي ڪريل ذهنيت، اٿاهه جهالت ۽ سستي شهرت جي بي انتها بک جو نتيجو آهن. اهي اپاهج ۽ لولن ذهنن ۽ ناڪام هوس جو، ڪال ۽ ڏات کان بدترين ۽ ڪمينو انتقام آهن. هي شخص سکڻيون ڪنيون آهن، جيڪي گهڻو اڀامن ٿيون، ٺلها چڙا آهن جيڪي گهڻو وڄن ٿا. هنن جي لفظ لفظ ۾ حسد، ڪيني ۽ بغض ۽ ساڙ جا ٽانڊا ۽ فتني ۽ تعصب جو زهر آهي. هي جاهل ۽ ڪم ظرف شخص اهل ڪمال ۽ اهل سخن تي ٺٺوليون ڪن ٿا، کين بد شد ڳالهائين ٿا ۽ کين ڌمڪيون ڏين ٿا. هي جهالت جي اونداهن ٻرن ۾ لڙڪيل چمڙا ۽ ويران کنڊرن ۾ ويٺل چٻون ادب ۽ فن جي آسمانن تي پرواز ڪندڙ شهبازن تي ڏند ڪڍي کلن ٿيون، سندن اهلون ڪن ٿيون، ۽ ڪانگن ۽ ڪٻرن جو داد حاصل ڪري، ڦونڊ ۾ ڀرجي نچن ٿيون. هنن تنقيد جي شريفاڻي لباس ۾ مڪريل، گلاخور ۽ چغلباز ڌوتين وانگر، اخلاق ۽ شرافت جا ليڪا لنگهي، سٿڻون گوڏن کان مٿي کڻي، سنڌ ۾ هڪ زناني ويڙهه شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ تاڙ پيئي لڳي، يار چگهه پيا نڪرن ۽ ڪچين گارين جو ڌوڙيو پيو پوي. هنن هڪ اهڙو تماشو شروع ڪيو آهي، جو جيڪڏهن اردو يا ٻين ٻولين وارا  سڻي سمجهي سگهن، ته جيڪر سنڌين جا ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃن. دنيا حيران ٿي ويندي ته ڇا هي آهي تنقيد جو معيار ۽ هي آهي فهم ۽ سخن جي پرک ۽ ان جو طريقو! هنن شخصن جيڪو ادبي سانگ رچايو آهي، تنهن ۾ پاڻ کي ادب جا ڪوٽوال مقرر ڪيو اٿن. اديبن جي زبان بند رکڻ لاءِ هو مٿن ڪفر ۽ الحاد، ڪميونزم ۽ بداخلاقيءَ جي الزام جا ڏنڊا-الارين ٿا، سندن ادبي تخليقن کي پنهنجين ٽيڏين اکين سان گهورين ٿا،  ته کين اهي ٽيڏيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. افسانه ٽيڏا، شعر ٽيڏا، مضمون ٽيڏا، بلڪ سري کان ئي هڙئي ڪتاب ۽ رسالا به ٽيڏا!  جيڪا ڳالهه سندن تنگ ۽ تاريڪ دماغ ۾ ماپي نٿي سگهي، سا ڪفر آهي، الحاد آهي. نه رڳو محب وطن ۽ عوام دوست اديبن ۽ سندن تخليقن تي هي واهيات ۽ شر انگيز حملا ڪن ٿا، ۽ سندن پويان ڀنڊي ٻارين ٿا، بلڪ انگريز پوليس جي چغلخورن ۽ دلالن وانگر سرڪار وٽ به چغليون هڻن ٿا. چي فلاڻو اديب خطرناڪ آهي، ان کي جيل ۾ وجهو، فلاڻو شاعر دهريو آهي، ان کي سنگسار ڪريو، فلاڻي کي نوڪريءَ تان لاهيو، ۽ فلاڻي تي ڪارروائي ڪريو! هنن جو وس پڄي ته هوند سمورا ڪتاب، جي سندن سمجهه کان ٻاهر آهن، سي ساڙائي ڇڏين ۽ سڀني اديبن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏين. سندن لهجو ادبي سنجيدگيءَ ۽ علمي توازن بدران مڇيءَ مياڻ واريءَ بدزبانيءَ، شودن جي بازار واريءَ داداگيريءَ جو بدترين مثال آهي. جتي ادبي دنيا ۾ ”ادب براءِ ادب“ ۽ ”ادب براءِ زندگي“ جو بحث پيو هلي، اتي هي وري پنهنجي ”يخي براءِ يخي“ ۽ ”فتنو براءِ فتنو“ جا منصبدار بنيا بيٺا آهن.
درحقيقت جعلي اديبن ۽ نقلي نقادن جي هيءَ سونهري ٽولي، هٽلري جرمنيءَ جي انهيءَ عوام دشمن ۽ رجعت پسند گسٽاپو پوليس جي ايجنٽن جو نئون روپ آهي، جن گوئبلز جي اڳواڻيءَ هيٺ اٽڪل ٽيهارو سال اڳ جرمنيءَ ۾ محب وطن ۽ عوام دوست اديبن خلاف رڻ ٻاري ڏنو. کين يهودي، ڪميونسٽ ۽ غدار ٺهرائي، ڪن کي جلاوطن ڪرايائون، ڪن کي نازي تهخانن جي جهنم ۾ عذاب ڏياريائون. ڪن کي مشينن ۾ پيڙايائون ۽ ڪن کي رستي هلندي شوٽ ڪرايائون. جرمنيءَ جا عظيم ترين فرزند،ٿامس مئن(شهره آفاق ناولن ”يد نبروڪ ڪٽنب“ ۽ ”جبل“ جو مصنف)، آئنسٽائن (ويهين صديءَ جو عظيم ترين سائنسدان) ۽ هزارين ٻيا اديب، فنڪار، مصور، دانشور، موسيقار ۽ اهل ڪمال انسان انهن نام نهاد نقادن جي بهتان طرازيءَ ۽ الزام تراشيءَ جو شڪار ٿي ويا. تان جو جرمنيءَ ۾ ڪن ٿرڊ ڪلاس، بي ضمير ۽ مسواڙي ليکڪن ۽ فنڪارن کان سواءِ ڪوبه صاحب ڪمال ڪونه رهيو. هي رنگروٽ ڄامڙا، ميسولنيءَ ۽ هٽلر جا نازي نمائيندا. سنڌ سان به اهائي ڪار ٿا ڪرڻ گهرن. جيئن وتائي فقير اهڙن ماڻهن لاءِ چيو هو ته سڄو جهان عيد جي ڏينهن مري وڃي، باقي آءٌ ۽ امان وڃي رهون، پوءِ امان ۽ آءٌ گڏجي، ماڻهن جا ڀت ڍوئي گڏ ڪريون، پوءِ امان به مري وڃي، باقي رڳو وتايو ۽ ڀت وڃي بچن، سو هن سونهري ٽوليءَ جي به مرضي آهي ته سنڌ جا هڙئي اديب ۽ شاعر ميڙي جيل ۾ وجهي ڇڏجن، باقي کين ڇڏي ڏجي ته پيا چٻرن وارا چرڙاٽ ڪن. انهي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هنن پنهنجي روزانه اخبار ۾ هڪڙو ڪوڙن جو ڪارخانو ۽ فتنن جي فئڪٽري کولي آهي، جنهن ۾ پراڻن اوزارن يعني کريل ٿرڊ ڪلاس ڪوڙن الزامن ۽ گارين تي مذهب ۽ اخلاق جا روغن لڳائي، مٿانئن انگريزي پالش ٿڦي چلڪائي، وڏي پيماني تي سپلاءِ جو ڪاروبار شروع ڪيو اٿن. پنهنجي گدام ۾ جيڪي انهيءَ گاسليٽي مگر چلڪندڙ مال جا کوکا ڀريو ويٺا آهن، تن ۾ سڀ کان چالو جنس ”دهريت“ ۽ ”ڪفر“ جي ليبلن چنبڙائڻ جي ڪل آهي. اهو سندن خاص ۽ پيارو هٿيار آهي. کين ان تي ايترو ناز آهي، جيترو آمريڪا کي ائٽم بم تي به ڪونه هوندو. جيئن روس ۽ آمريڪا جا راڪيٽ تيار آهن، رڳو بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي، تيئن انهيءَ گئنگ جون فتوائون تيار آهن. ڪنهن تي ڪاوڙيا  ته سٽ ڏيئي پنو کڻي، لکندا شيطان جي آنڊي جيڏا ليک ته فلاڻو شعر، فلاڻي سٽ غير اسلامي آهي، فلاڻو اديب بي دين ڪافر ۽ ڪميونسٽ آهي، وجهوس جيل ۾.
هن گئنگ تنقيد جي پردي ۾ نئين دور جي اديبن ۽ شاعرن خلاف جيڪا فتنه انگيز پروپئگنڊا شروع ڪئي آهي، تنهن ۾ هن بار بار مذهب ۽ دين جي آڙ ورتي آهي. هنن چالاڪ ۽ عيار پروپئگنڊا بازن کي خبر آهي ته هتي جي سادي سودي ۽ اٻوجهه عوام کي برغلائڻ ۽ اشتعال ڏيارڻ لاءِ مذهب جي آڙ وٺڻ جهڙو ٻيو ڪارگر هٿيار ڪونهي.
آخر جڏهن سمگلر ۽ بليڪ مارڪيٽر به پنهنجي نيڪ ڪمائيءَ مان بڻايل بنگلن تي ”هذا من فضل ربي“ جي آيت اڪرائي ڇڏين ٿا، جڏهن هر عقلمند پنهنجي توفيق آهر دين جي نالي کي استعمال ڪري پنهنجا مطلب پورا ڪري سگهي ٿو، تڏهن اسان جي نقلي نقادن ڪهڙي ٻلي ماري آهي، جو دين جي نالي مان رڳو ايترو به فائدو وٺي نه سگهن، جو مفت ۾ سستي شهرت ۽ انتقامي تسڪين ئي حاصل ڪن.
رهيو نقادن هجڻ جو سوال، سو جتي ڊريسر ۽ ڪمپائونڊر جراح ۽ ڊاڪٽر سڏائي موجون ڪري سگهن ٿا، جتي پساري مسيح الملڪ بنجي سگهن ٿا، جتي مئٽرڪ فيل وزير بنجي سگهن ٿا، اتي هي همراهه ڇو نه نقاد بنجن؟ آخر، هي انگريزي، سنڌي اردو لکي پڙهي ڄاڻن، شعر ۽ ادب جو ٻيو نه ته به نالو ضرور ٻڌو هوندائون، پوءِ کڻي: تنقيد جي دعوا ڪيائون ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي پيئي؟ ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. وقت تي ماڻهوءَ کي الائي ڇا ڇا ڪرڻو ٿو پوي.
پر مصيبت هيءَ ٿي آهي، جو همراهه مسخريءَ مسخريءَ مان، سچ پچ بم رکي، مڇن کي تاءُ ڏيئي، باقاعدي بورڊ هڻي ”نقاد اعظم“ بنجي، بالم ٿي ويهي رهيا آهن. بس، زمينن جنبد، نه جنبد گل محمد!
حضرت داغ جهان بيڻهه گئـي- بيڻهه گئـي.
ڊاڪٽر خليل جي هڪ افساني ”باغائي“ ۾ هڪ ٻڍي باغائيءَ کي نئين مالڪياڻيءَ سندس پوکيل باغ مان ڪڍي ڇڏيو. هن اعتراض ڪيو ته باغ مون هنيو آهي. مالڪياڻيءَ چيس ته ”نڪر ٻاهر، هي باغ قانوني طرح منهنجي ملڪيت آهي.“ انهيءَ حادثي ڪري باغائي ويچارو چريو ٿي پيو ۽ چوندو پيو هو ته ”باغ منهنجو ناهي، جو قانون ۾ ائين لکيل ڪونهي.“ تڏهن چرين جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر خليل سندس علاج خاطر ڪوڙا پروانا لکي ڏنس ته هي اسپتال جو باغ تنهنجي ملڪيت آهي ۽ قانون ۾ ائين لکيل آهي. پوءِ هو ڏاڍو موج سان ڪاغذن جا ٿها بغل ۾ کڻي، سڀني کي ڏيکاري، چوندو وتندو هو ته ” هي باغ منهنجو آهي، قانون ۾ ائين لکيل آهي.“
سو هي همراهه به هاڻي گارين جا دفتر بغل ۾ کڻي، سڀني کي چوندا وتن ته ”اسين نقاد اعظم آهيون. قانون ۾ ائين لکيل آهي.“
اچو ته ڏسون ته قانون ۾ سچ پچ ڇا لکيل آهي؟
هنن پنهنجي چارج شيٽ ۾ شيخ اياز، تنوير، رباني، جمال ابڙي ۽ ٻين نئين دور جي نوجوان اديبن تي ۽ شاعرن تي جيڪي تهمتون مڙهيون آهن، تن ۾ مکيه الزام هي آهن ته سندن شعر ۽ ادب دين ۽ مذهب جي خلاف آهن. هنن سندن تخليقن مان ڪي حوالا ڏيئي، مذهب ۽ اخلاق جون حجتون اٿاري،  شد مد سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سندن نظريا ڪافرانه ۽ ملحدانه آهن، هو بداخلاق، دهريا ۽ سوريءَ تي چاڙهڻ جي لائق آهن.
جنهن ديده دانسته بدديانتيءَ ۽ شرانگيزيءَ سان هنن انهن جملن ۽ شعرن جي دستوري ۽ قدرتي معنيٰ کي لڪائي، سندن لفظن کي ڇڪي تاڻي، مروڙي سروڙي، مٿن هٿرادو معنائون ۽ مطلب مڙهيا آهن، تنهن کي في الحال ڇڏي، اچو ته ڏسون ته ادب ۽ خاص ڪري شعر تي انهيءَ ڪٽر ۽ تنگ نظريءَ واري رنگ ۾ نڪته چيني ڪرڻ جا ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا.

(۱۰)
ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو. (شاهه)
اچو ته ٿورين گهڙين لاءِ پنهنجي اکين تي انهن نقلي نقادن جي اکين واري تنگ نظريءَ، ڪج فهميءَ، ڪج بحثيءَ ۽ مجهوليت جا کوپا چاڙهي، ادبي دنيا تي نظر وجهون، ته ڪهڙا ڪرشما ٿا نظر اچن!
چڱو، هاڻي پريان ڏسو ته ڪير پيو اچي؟ آهي ته ڏٺل وائٺل، پر اڄ هنن کوپن چاڙهڻ ڪري سڃاڻڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. الائي ڇو سندس شڪل بگڙيل، ڀوائتي ۽ ڊيڄاريندڙ پئي لڳي! اکين مان اُلا پيا نڪرنس! ڪير آهي؟
اجهو، ڪجهه پنهنجي منهن پيو ڳالهائي، ڪن لائي ٻڌونس ته ڇا پيو چوي.
نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،
ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي ان ري!
واڄٽ ويراڳين جا، مون وٽ وڏي وٿ،
سون سڀيئي سڱيون، پسي ڪين مَ ڪٽ،
ويساهي ويل ڪنهين، پورب ويندو پٽ،
کنيائون هيل هٿ، آءٌ نه جئندي ان ري!
نانگا نانيءَ هليا، سامي سڀيئي،
وهڪ مون ويئي، آءٌ نه جئندي ان ري!
(ڇا! تڏهن مسلمان ڪونهي! ڪنهن هندو جوڳيءَ جو چيلو آهي. گرو ويو هليو اٿس، تنهن کي پيو ياد ڪري.)
ڪن ڪٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪن چير،
سدا ويهن سامهان، عاشق اتر هير،
تسا ڏيئي تن کي، ساڙيائون سرير،
جي فنا ٿيا فقير، هلو تڪيا پسون تن جا!
سامي کامي پرينءَ لئي، ڪسي ٿيا ڪباب،
جهڙو ڏسن ڏوهه کي، تهڙو ڪن ثواب،
اوتين ارتي گاڏئون، منجهان اکين آب،
سندو ذات جواب، ڪهڙو پڇين تن کي!
(مار، هي ته ڪو دين دنيا کان نڪتل آهي! نڪو ڏوهه نڪو ثواب. نڪو بهشت نڪو دوزخ، هي ته ٻنهي پٿرن مان ٻاهر آهي. ڪو ڪٽو ڪافر ٿو ڏسجي!)
اکر پڙهي اُڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪياءُ؟
ڀيرئين ۽ ڀانئيين، ايڏا ايئن نه آءُ،
ورق ورائيين وترا، ملا مٺيئي ماءُ،
ان سرڪيءَ سندو ساءُ، پڇج عزازيل کي!
عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا،
منجهان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو.
(استغفر الله ربي! پيغمبرن جي وارثن عالمن سڳورن جي شان ۾ گستاخي  ۽ شيطان ملعون جون ساراهون!)
گهٽن ۽ گهٽڪن، وٽيون پين وه گاڏيون،
برخيز بده ساقي، پيار کي پرين،
پڪين نه پرچن، مٽ تڪيائون منجهيان!
موکي منڌ پيار، اونچو اونچي مٽ مان،
ڏيندي ڏاتارن کي، وٽيءَ وجهه ۾ وار،
سر کڻي سردار، اڱڻ تنهنجي آئيا.
جه سي اڱڻ آئيا، ته سرو ڪندا سڃ،
سائي ٿيندي اُڃ، هي پيتو، هو آڻ ڪي!
ڪنڌ ڪٽارو، منهن وٽي، عادت سندين ايءَ،
تنين تڪون ڏنيون، جنبي منجهان جيءَ،
سرو تن سسيءَ، جنين سانگ نه ساهه جو.
(وڏو ڪو گڙنگ موالي ۽ شرابي آهي! ماڻهن جا اخلاق ٿو خراب ڪري، کين حرام شين جي ترغيب ٿو ڏئي، بدعتي ۽ رافضي آهي!)
موکي متارن جا، ننڍا ڪيم نهار،
ساماڻا سري ڌڻي، اڇا اڱڻ ڌار،
ناڻو ڪيم نهار، سر پڻ ڏيندا سٽ ۾.
(هاڻي ته ليڪو لنگهي ويو! ننڍن ڇوڪرن کي به آڀاري، شرابي بنائي، سندن خانو خراب ڪري!)
رات سهائي، ڀونءِ سنئين، پرت نئين، پنڌ پور،
ميا! محبوبن جي، هلي وانءُ حضور،
جي چڻڪن چت ۾، سي ڪيئن سڄڻ ڏور،
الله لڳ اسور، اُتان ئي ٿي آءُ تون.
چنڊ تائي تنهنجي، سهائيءَ ۾ سور،
لايان لعل لنڱن کي، چندن ڀري ٻور،
ڪوماڻو ڪپور، مون واجهائيندي پرين کي!
اڀر چنڊ، پس پرين، تو اوڏا، مون ڏور،
سڄڻ ستا ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور،
پيرين آءٌ نه پڄڻي، ٻاٻل ڏئي نه ٻور،
جنهن تي چڙهي اسور، سنجهي سڄڻ سيٽيان.
(بداخلاقيءَ، حرامڪاريءَ جون کلم کلا ڳالهيون! هيءَ ڇوري ڪنهن لوفر سان کري پيئي آهي. بيحيا، اٺ کي پيئي منٿون ڪري ته نئين نئين سنگت رکي اٿم، تڪڙو هلي يار وٽ پهچائينم ته اڇو منهن ڪريان. چنڊ ٿو اڀري ته ڄڻ هن کي ٽيڙ تپ چڙهيو وڃي.
حرامخور، چوي ته پنهنجي نازڪ بدن کي چندن جي خوشبوءِ ملي، يار لاءِ تيار ڪيو اٿم، پر هو آيوئي ڪونهي ۽ منهنجو جسم ڪومائجي ويو آهي! يا وري خيال پٺتي ڊوڙائي ته چگهس بدن کي ڪپور ملي اڱڻ ۾ ستو پيو آهي. ڀانئي ته پڻس بيغيرت ٿي کيس گهوڙي تي چاڙهي وڃي يار جي حوالي ڪري اچي، جو سدوريءَ ڌيءَ کي پنڌ نٿو پڄي. ههڙي بي حيائي ۽ بي غيرتي ڪنهن ٻڌي؟)
جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي مل،
سمي جي سهاڳ جي ڪنهن نه پيئي ڪل،
مٽي ان مرسل، اصل هئي ايتري.
جکري جهو جوان، ڏسان ڪونه ڏيهه ۾،
مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان،
فڪان قلب قسين اوادنى، ايءُ سريس مڪان،
خبر لاءِ خليل جي قادر مڪو قرآن،
ايءَ آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙا!
(لاحول ولا قوت الا بالله العلي العظيم! جکري سمي کي هيءُ گستاخ ”رسول“ ڪري ٿو سڏي؟ چه نسبت خاڪ را باعالم پاڪ! قادر جکري تي قران موڪليو؟ خدا جي پناهه!  رب منهنجا، تون پناهه ڏي هن ڪفر کان!.... ڇا ٿا چئو؟ جکري کي رسول پاڪ نه، پر رسول پاڪ کي ”جکرو“ ٿو ڪوٺي؟ نعوذ بالله من شرذالڪ! اهو ته اڃا به بدتر ٿيو. شرف ڏيڻ لاءِ اعلى شين جو نالو ڏبو آهي. رسول پاڪ کي شرف ڏيڻ لاءِ ته کيس ”احمد بلاميم“ چئبو آهي، خاتم المرسلين سڏبو آهي. توبهه، فخر موجودات، سرور ڪائنات، خيرالبشر کي ڦيرائي ”جکرو سمو“ ڪيو اٿس.... توبهه، توبهه!)
نه ڪنن ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ،
ننڍيءَ وڏيءَ  گدريءَ، سڀني آهي سياءُ،
لم يلد ولم يولد، ايءُ نجابت نياءُ،
ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو.
(هاڻ ته حد ٿي ويئي! لم يلد ولم يولد، يعني نه ڪنهن کي ڄڻي ٿو ۽ نه ڪنهن ڄائو اٿس، سا ته الله تبارڪ و تعالى جي صفت آهي: ذات باري تعالى کي ”تماچي“ سڏڻ يا تماچيءَ کي خدا جون صفتون ڏيڻ نسورو شرڪ، نسورو ڪفر!)
اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
لهي وڃ گمان، صحي سڃاتم سپرين.
پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
(تنهن جي معنيٰ ته محبوب پنهون پاڻ آهي. عاشق ڪيئن محبوب ٿيندو؟ سسئي ڪيئن پنهون ٿيندي؟ هيءُ ته سنئون سڌو گمراهه صوفين وارو ”انالحق“ وارو نعرو آهي ته اسين پاڻ خدا آهيون. نعوذبالله!)
ڪافر ٿي نه ابهين، باب شرع جا ڇڏ،
من مشرڪن گڏ، ته ويجهو ٿين وصال کي.
(يعني ته اسلامي شريعت جا منڪر ٿي وڃي ڪافرن ۽ مشرڪن ڀيڙا ٿيو! هيءَ ڪافر بنائڻ جي تحريڪ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڀارت جي مهاسڀائي هندن جي شديءَ جو پرچار آهي. هي شخص پڪ ڀارت جو ايجنٽ آهي! ڏسو نٿا ته رڳو واڻين جون خبرون پيو ڪري.)
اُڀيون تڙ پوڄين، وهون وڻجارن جون،
آڻيو اَکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي.
جنين ڪارڻ مون ٿي تڙ پوڄارا پوڄيا،
پنيم اميدون، سي ئي سڄڻ آئيا.
جا جر جاٽون نه ڏئي، ڏيا نه موهي،
سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون.
ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
ان کي مند اتر جي اوچتي آئي،
وڻجارن وائي، آهي پرئن پار جي.
روح ۾ رهين رام، ٻهر ٻولين ڪي پيو،
پيالو پر ڪري، خوب پيتائون جام،
تهان پوءِ تمام، تن تڪيا تاڪي ڇڏيا.
نڪي هيٺ نه بيٺ، نڪي گبرين ۾،
رام ڪيائون ڏيٺ، وڃڻ ڪين ڪلهي ڪيو.
اڄ نه اوطاقن ۾، دونهين ڌنڌ نه لاٽ،
ويا ويراڳي نڪري چت چکائي چاٽ،
آءٌ ماريس تنهين ماٺ، جيجان جوڳيئڙن جي.
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
سک نه ستا ڪاپڙي لاهي لانگوٽي،
انهن جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته پر گروءَ جي پار،
هوائون هنگلاج ڏي ويندي سڀ وسار،
نانگ ناٿ نهار، سامي وڏيءَ سڪ سين.
 (ڳالهائڻ ۾ جوش ۽ جذبو ڏسوس ٿا؟ اکيون ته ڪيئن پيون ٻرنس‘! جي روس جو موڪليل ڪو ڪميونسٽ انقلابي هجي ته به عجب ڪونهي! ماڻهن کي ڏسو ته ڪيئن نه پيو ڀڙڪائي.)
پتنگ چائين پاڻ کي، پسي مچ مَ موٽ،
سهائي سپيرين جي گهڙ ته ٿئين پسين گهوٽ،
اڃا تون اروٽ، کوري خبر نه لهين!
ڌوڌا تون نه ڌئين، آگ اوڏو نه وڃين،
اُلا جي عشق جا سي تان تون نه سهين،
اڀو ائين چئين، ته آءٌ آڳڙيو آهيان.
ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،
جت مترڪن منهن ڪڍيا،سانداڻيون سهڪن،
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي!
چڙهيو چڪاسين چاءِ، آڳ ٻرندي آئيا،
وهسن واڙيءَ ڦل جيئن، محبتي مچ لاءِ،
آڻي پاڻ اڙاءِ، کڻي کوري وچ ۾!
محبت جي ميدان ۾ ڪر پڙاڏو پٽ،
سرسوريءَ، ڌڙ ڪنگرين، متان ڪڇين ڪٽ،
عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي!
ڪنڊا مون پيرن ۾ توڻي لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين، جتي ذات نه پائيان!
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا!
(غريب عوام ۾ بي آرامي پيدا ڪرڻ ۽ طبقاتي ڪشمڪش پيدا ڪرڻ لاءِ، غريبن جي همدرديءَ جا نعرا پيو هڻي.)
کاهوڙي کجن، پسيو پورهيت ويسرا،
سي ڏوٿيئڙا ڏور ويا، رڃن جي رهن،
ڪامل آهي تن مون پريان جي ڳالهڙي!
(مطلب اٿس ته ”پورهيت“ ۽ مزدور طبقي کي ويسر ۽ غافل ڏسي ”کاهوڙي“ يعني ڪميونسٽ انقلابي اڳواڻ افسوس ٿا ڪن: وٽن ڪو مخفي پيغام آهي، جو هو عوام کي ٻڌائڻ چاهين ٿا!
سڪا منهن سندن پيرين پراڻا کٿرا
سا جوءِ ڏوري آئيا سونهان جت منجهن
ڳجها ڳجهون ڪن تنهان پرائي پنڌ جون!
(وري به اهوئي ساڳيو ”مخفي پيغام!“)
پيئي جنين باس گنجي ڏونگر گام جي
ڇڏي سڀ لباس لوچي لاهوتي ٿيا!
پيو جن پرو گنجي ڏونگر گام جو
ڇڏي کيٽ کرو لوچي لاهوتي ٿيا.
پيئي جن پڻي گنجي ڏونگر گام جي
ڇڏي ننڊ گهڻي لوچي لاهوتي ٿيا!
(اهو ”گنجو ڏونگر گام“ شايد روس کي ٿو ڪوٺي، جنهن جي حرص ۾ جيڪو ويو، سو ڇٽو. هي شخص ماڻهن کي ڪميونسٽ بنجي روس وڃڻ لاءِ پيو هرکائي!)“
متان گهڙين سهڻي، اڄ درياءَ ۾ ٿئي دم،
ڪاري رات ڪنن ۾،تنهنجو ڪهڙو اٿئي ڪم،
متان جاڳي ڏم، پڇي پاڙي واريون.
پڇي پاڙي واريون، ڪوهه ڪريندو ڏم،
ڪاريءَ رات ڪنن ۾ آهي ڪاڻيارن ڪم،
هي هڏو ۽ چم، گهوريو محب ميهار تان!
سندو ڏم ڏهڪار هڏهين ڪونهي هن کي
هن پاڻيءَ سين پنهنجو پسائي نه سينگار
ڪارڻ منڌ ميهار ڪاريءَ رات ڪن تري.
(ڀلا اِها سهڻي ڪير هئي؟ گهر گهاٽ ڪونه هوس ڇا جو رات جو ٿاٻا پيئي کائيندي هئي؟...... ڏم نالي هڪ ماڻهوءَ جي زال هئي. هڪڙي ميهار سان عشق ٿي ويس. حرامخور چئبي ٻيو ڇا! پوءِ؟ رات جو لڪيو گهڙي تي تري يار وٽ ويندي هئي... زانياڻي بي حيا ڪنهن جاءِ جي! پر هي شخص ته اهڙيون تعريفون پيو ڪريس ڄڻ ته ڪا ولياڻي هئي!)
ته ڪر ڪئين سئي، جي سير نه گهڙي سهڻي،
هت حياتيءَ ڏينهڙا، هڏ هين تان نه هئي،
چڪي تنهن چري ڪئي، جا ڏنس ان ڏهي،
هونئن به هوندي مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا!
(چئبو ته هن جو خيال آهي ته سڀ رنون مڙس ڇڏي وڃي يار هٿ ڪن ته نالو ٿئين! هي شخص ماڻهن جو مٿو وڃائي ڇڏيندو، جي بدڪار رنن کي ايتري هشي ملي ته پوءِ ڪهڙي پنهنجي مڙس جي گهر ۾ ويهندي!)
جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس
چوٽا تيل چنبيليا ها ها هو هميش
پسيو سونهن سيد چئي نينهن اچن نيش...
(اهي وري ڪير آهن؟
(”واڃاڻيون!“
(”ڇا ٿيون ڪن؟“
(”ماڻهو ڦاسائينديون هيون.“
(”ڪير؟ ڪير؟“
(”جيڪو به اچي! هو چئي ڪين پيو:“)
هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي نينهن اڇل
نڪا جهل نه پل سڀڪو پسي پرينءَ کي.
هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي گهڙجي نينهن
نڪا رات نه ڏينهن سڀڪا پسي پرينءَ کي.
(”رات ڏينهن!“
(”ٻيو ڇا“
(”پر هيءُ شخص انهن بدڪارن جي ساراهه ٿو ڪري؟“
(”ٻيو وري ڇا؟ ٻڌ!“)
جهڙا پانن پن تهڙيون شالون مٿن سايون
عطر ۽ عنبر سان تازا ڪيائون تن
مڙهيا گهڻو مشڪ سان چوٽا ساڻ چندن
سونهن رپي سون سان سندا ڪامڻ ڪن...
(”اڙي، هي ته سندن باقاعدي اشتهاربازي پيو ڪري!“
(”هائو اڃا ٻڌ!“
گجر کي گجميل جون تارن ۾ تبرون
هڻي حاڪمن کي زور ڀريون زبرون
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون پسو پرڏيهين جون!
جت رانيائين راڻن کي چندن چڪ ڪري
هاڻي انهيءَ ڀيڻئين وره وراڪا ڏي
سوڍو سڃ ڪري مومل ماري هليو.

(”راڻن کي رانيائين؟“
(”هائو.“
(”راڻن کي يعني ته هڪ نه پر گهڻا؟“
(”هائو.“
”مومل کين رانيو معنيٰ؟“
(”يعني عام جام!“
(”کلم کلا جنسيت؟“
(”تڏهن وري ڇا؟“)
چنيسر سين چاڳ متان ڪا منڌ ڪري
جئن مون پوءِ پروڙيو ته هيءُ نه ماڻي ماڳ
ڏمريو ڏهاڳ مرن کي موران ڏي.
(”چنيسر ڪير هو؟“
(”واڻيو راجا.“
(”سسئي؟“
(”واڃاڻي؟“
(”ٻيجل؟“
(”واڻيو مڱڻهار“
(”راءِ ڏياچ به واڻيو هو نه؟“
(”ها.“
(”راڻو؟“
(”واڻيو.“
(”ڀلا مارئي؟“
(”واڃاڻي.“
(”سڀ واڻيا؟“” ڀلا لاکو ڦلاڻي ڪير هو؟“
(”ڌاڙيل!“
(”ان جي تعريف ڪئي اٿس؟“
(”زبردست!“
(”سر ڪارايل ۾ ڇا ٿو چئي؟“
(”پکين ۽ نانگن جي تعريف پيو ڪري!“
(”۽ پورب به؟)
(ڪانگن جي ڳالهه آهي.“
(”کنڀات؟“
(اٺ کي منٿو پي ڪري. ٻڌينس ڇا پيو چوي:)
رات سهائي ڀونءِ نئين ڀائي گهرجي ڀل
آهر ۾ ايلاچيون چندن چري چل
مون توئي سين ڳالهڙي ٻئي ڪنهن مَ سل
هاهر ڪندو هل ته کجايون کرن کي.
(”ڏهر؟“
(”مڇين ۽ پکين جي ڳالهه آهي.“
(”هي آهي ڪهڙي بلا؟“
(”وڏو شاعر ٿا چونس!“
(”شاعر؟ هي شاعر نه پر هڪ خطرناڪ جنسيت زده بداخلاقيءَ جو پرچار ڪندڙ ڀارتي ۽ روسي ايجنٽ ۽ ”فرائڊ“  کان متاثر ٿيل! ٿو ڏسجي! ڀلا نالو ڇا اٿس؟ خير نالو پڇي ڇا ڪبو؟ اهو ڪو شاعر ٿوروئي آهي جنهن جو نالو ياد ڪجي. اهڙا بي دين گهڻا!)
توهان ڏٺو ته جهالت ۽ تعصب جيڪڏهن پنهنجيءَ تي اچن ته فرشتن کي شيطان ثابت ڪري سگهن ٿا.
درحقيقت جيڪڏهن شاهه اڄ زنده هجي ها ته هي زهريلا نانگ ان کي به ڏنگڻ کان ڪونه رهن ها. پر ڇا ڪن لطيف جيئرو ڪونهي ۽ ٻيو ته لطيف تي سڌو حملو ڪرڻ کان ڊڄن ٿا.
هي ڪو رڳو اياز جا دشمن ڪينهن. هنن جي شعر سان دشمني آهي. ترقيءَ سان دشمني آهي. انساني عقل سان دشمني آهي. انساني سوچ سان وير آهي. کين روميءَ، اقبال، سعدي، غالب، مير، شيڪسپيئر، لطيف، سچل هر هڪ شاعر سان دشمني آهي. پر ڪڇي نٿا سگهن. تنهن ڪري مڪاري ڪري رڳو موجوده دور جي زندهه شاعرن تي حملا ڪن ٿا. هنن کي اونده کپي بند زبانون کپن. خالي ۽ کوکلا ذهن کپن. ويران ۽ اجڙيل دماغ کپن. ته جيئن هو پنهنجي فوجداري هلائي سگهن. خلق خدا جو ساهه مٺ ۾ ڪري سگهن.

(۱۱)
صورت سڀ سلطان
پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو. (سچل)
هن سونهري ٽوليءَ جا تيسمار خان وڏي فخر ۽ آڪڙ سان نئين دور جي اديبن جا ڪي شعر ۽ ادبي فقرا نيزن تي الٽا ٽنگي، سڄي ملڪ ۾ هوڪا پيا ڏين ته اجهي هي بلائون ماري آيا آهيون. هي دهريت جي ست سسي راڪاس جو سر آهي، ۽ هي بداخلاقيءَ جي ديوي جو ڌڙ!
هنن جاهل جيتامڙن کي اچو ته سچا پچا ديو ۽ اجگر ڏيکاريون! هيٺ اقليم شعر و سخن جي ڪن اهڙن تاجدارن جا شعر ٿا ڏيون، جن جي عظمت جو ڏونڪو چؤطرف وڄيل آهي.
ٺڙڪو نقاد وڏي شوق سان کين ڪافر، دهريو، منڪر ۽ بداخلاق ثابت ڪري، پنهنجو نالو ڪڍي سگهن ٿا.
 سچل:
آهيان پاڻ الله، عشق ڪنان ٿو عبد سڏايان.
ايجها ڪم ڪريجي،جنهن وچ الله آپ بڻيجي.
(يعني اهڙو ڪم ڪجي، جو ماڻهو پاڻ الله ٿي پوي!)
پنهنجي ذات لڪائي،ڪيئن ٻي ذات سڏايان،
اعلى اعظم شان جي نوبت نينهن وڄايان،
منصوريءَ جي موج ۾ ٿو اناالحق الايان!
پاڻ پنهنجو پاڻهي، صورت منجهه سڃاڻ،
الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ!
مذهب بابت سندس راءِ آهي ته مذهبن ماڻهن کي منجهائي گمراهه ڪري ڇڏيو آهي. هو چوي ٿو:
منجهايو ماڻهن کي، ملن مذهبن،
محڪم ماڻهن کي ڪيو، تن جي زنجيرن،
هون حديثن ڪينڪي، نڪي آيتن،
سوگها سڀيئي ڪيا، نامراد نيرن.
خواجه غلام فريد:
خواجه غلام فريد، ملتان جو شيرين ڪلام شاعر، انهن چوٽيءَ جي شاعرن مان آهي، جن جي ورسي پاڪستان ۾ سرڪاري طور ملهائي ويندي آهي. فرمائي ٿو:
بڻ دلبر شڪل جهان آيا،
هر صورت عين عيان آيا
ڪٿ عيسى تي الياس نبي
ڪٿ لڇمڻ رام تي ڪان آيا
ڪٿ پنڊت، جوشي، جوڳي هي،
ڪٿ سامي تي ڪٿ يوڳي هي،
ڪٿ مصر پيراڳي روڳي هي،
ڪٿ بيد بياس دا گيان آيا.
سوليءَ سنڌيءَ ۾ مطلب ٿيو ته رب پاڪ هر صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي. ڪڏهن عيسيٰ ۽ الياس نبين جي روپ م اچي ٿو ته ڪڏهن لڇمڻ، رام، ڪرشن ۽ ڪنهيو ٿي اچي ٿو: پنڊت، جوڳي ۽ ويد پڙهندڙ ٻانڀڻ به خدا جا جلوا آهن.
ٻين لفظن ۾ عيسيٰ، الياس، لڇمڻ، رام، پنڊت ۽ جوڳي سڀ خدا جا اوتار آهن. هندن جو ته هوبهو ساڳيو نظريو آهي ته رام ۽ ڪرشن ڀڳوان جا اوتار آهن.
سچل به ساڳي ڳالهه ٿو ڪري. هن جي نظر ۾ ته هنومان به خود خدا جو نور هو ۽ خود خدا هو.
صورت سڀ سلطان،پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو
ڪاٿئين پٽي پوٿيون، ڪاٿئين پڙهي قرآن،
ڪاٿئين اناالحق چوي،ڪاٿئين ڦيرائي فرمان،
ڪاٿئين احمد بلاميمي، ڪاٿئين هنو مان.
خواجه غلام فريد تنگ نظر ۽ ٺڙڪو نڪته چينن جي شڪايت ڪندي چوي ٿو:
ملان مارن، سخت ستاون،
ڳجهڙي راز دا ڀيد نه پاون،
بيوس شودي هن معذور.
”شودي“ لفظ مان سندس شيد بيداريءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هو عاشقن کي منصور ۽ بايزيد بسطامي ٿيڻ جي تلقين ڪري ٿو:
عاشق مست مدامي،
ڪهه سبحاني بڻ بسطامي،
آک اناالحق، ٿي منصور!
هي بايزيد بسطاميءَ جي ”سبحاني ما اعظم شاني“ (”سڀني تعريفن جي لائق آءٌ آهيان. منهنجو ڪيڏو نه اعليٰ شان آهي. يعني پاڻ خدا آهيان.“) واري مشهور نعري ڏانهن اشارو آهي. منصور به اناالحق جو نعرو هڻي پاڻ کي خدا سڏايو هو. خواجه فريد به عاشقن کي ساڳئي اعلان ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي. هي دين ۽ مذهب جي پابندين کان باغي آهي. صاف لفظن ۾ چوي ٿو:
 هڪ ويلي احرام حرم دي،
هڪ ويلي زنار ڌرم دي،
ناپابند هون دين حرم دي.
بلا شاهه:
ڀٽائيءَ جو هي همعصر واديءَ سنڌ جو هڪ عظيم ۽ محبوب شاعر تصور ڪيو وڃي ٿو. سندس مشهور ڪافين مان هيٺ ڪي سٽون نموني طور پيش ڪجن ٿيون، جن مان سندس مستيءَ ۽ موج جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:
الله آدمي بن آيا.
اسان آدم ڪنون اڳ هياسون،
آدم ساڏا ڄايا!
نه مين مرڻا، نه مين جيوڻا،
نه ميرا والد هويا.
موسى مين هون، طور ڀي مين هون
علي رضا هي نام ڌريندا، ڦر شرع نون نيڪالي ڏيندا،
ڪيها ڏوهه ثواب ڪريندا! ڪيهي بلي دي ذات!
پڙهدي پڙهدي عمر گذر ڳئي، هڪ نه کٿا وال،
وچ مسيتي اٿندي ٻهندي، ڪردي مثل مثال،
ڌڪڙ ڪنجريان نال اسان ڏي، ڪرن تماشي تال.
نا نر هون، نا مادي هون،
نا چغل چور فسادي هون،
اسان عشق اتي امدادي هون،
حرامي هون نه حلالي هون.
تسي هر رنگ دي وچ وسدي هو،
سانون لامڪان پئي ڏسدي هو.
ڪڏهن تخت شرع تي راضي هو،
ڪڏهن گهنگهرو پاڪر نچندي هو،
ڪڏهن رومي هو ڪڏهن زنگي هو،
ڪڏهن ٽوپي پوش فرنگي هو.
ڪڏهن مومن هون، ڪڏهن ڪافر هون،
ڪڏهن ميخاني وچ ملدا هون،
ڪڏهن الله هون، ڪڏهن بلا هون.
ڪڏهن واهگرو هر نام
بازي عشق بنائي وي!

(۱۲)
بندي کـي درد دل کو کوئي نهين پهنچتا
هر ايک بـي حقيقت يان هـي خدا رسيده. (مير تقي مير)
مير تقي ’مير‘
سنڌي ۽ پنجابي شاعريءَ جي انهن جهلڪين بعد اسين اردو شاعريءَ تي نظر وجهون ٿا. اردو شاعريءَ ۾ ’غالب‘ جو مقابلو ڪونهي. ليڪن هڪ اهڙي به هستي هئي، جنهن جي شاعرانه عظم ۽ ڪمال کان غالب جهڙو خود سر ماڻهو به انڪار ڪري نه سگهيو. هو اعتراف ٿو ڪري ته اردو شاعريءَ جو اصل استاد مير تقي هو:
ريختـي کـي تمهين استاد نهين هو غالب،
کهتـي هين اگلـي زمانـي مين کوئي مير بهي تها.
اپنا تو عقيده هـي بقول ناسخ،
آپ بـي پهره هـي جو معتقد مير نهين.
در حقيقت مير تقي ’مير‘ جي ڪلام ۾ جيڪو خاص ميٺاج، حسن، سادگي ۽ بلاغت آهي، تنهن جو جواب اردو شاعريءَ ۾ ڳولڻ عبث آهي. مير صاحب جو شعر شاعريءَ جي روايتن جو هڪ خوبصورت ۽ پورو نمونو آهي. انهيءَ مان اردو شاعريءَ جي موضوعن ۽ روايتن جو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
مذهب:
کس کا کعبہ، کيسا قبلہ، کون حرم هـي،کيا احرام،
اس کوچـي کـي باشندون نـي سب کو يهين سلام کيا
مذهب سـي ميري کيا تجهـي ميرا ديار اور،
مين اور، يار اور، ميرا کاروبار اور.
جائـي هـي جي نجات کـي غم مين،
ايسي جنت گئي جهنم مين.
 بهشت:
کيا جنون هـي تم کو جو طالب ويرانہ هـي،
جس کو فردوس برين کهتـي هين، وان آدمي کهان.
اخلاق:
مت مل اهل دول کـي لڙکون سـي،
مير جي ان سـي مل فقير هوئـي
دل سـي شوق رخ نکو نہ گيا،
جهانکنا، تاکنا کبهو نہ گيا.
پرهيزگاري جو مذاق:
مير مقدس آدمي هين، تهـي سجہ بکف ميخانـي مين
صبح جو هم بهي جا نکلـي، تو ديکهه کـي کيا شرمائـي هين!
بندي کـي درد دل کو کوئي نهين پهنجتا،
هر ايک بـي حقيقت يان هـي خدا رسيدا.
زاهدن کي شراب جي صلاح:
شيخ جي آؤ، مصلي گرو جام کرو،
جنس تقوي کـي تئين صرف مـي جام کرو،
اُڻهه کهڙي هو جو جهکـي گردن مينائـي شراب،
خدمت باده گساران هـي سر انجام کرو
سايہ گل مين لب جو يہ گلابي رکهو،
هاتهه مين جام کو لو، آپ کو بدنام کرو،
آه، تان چند رهو خانقہ و مسجد مين،
ايک تو صبح گلستان مين بهي شام کرو!
کل مير نـي کيا کيا،کي مـي کـي لئـي بيتابي،
آخر کہ گرو رکها سجاده محرابي.
واعظ لاءِ نفرت:
واعظ ناقص کي باتون پہ کوئي جاتا هـي مير،
آئو،ميخانـي چلو،تم کس کـي کهنـي پر گئـي!
نہ بک شيخ اتنا بهي وان هي تباهي،
کهان رحمت حق، کهان بيگناهي.
تجهه کو مسجد هـي، مجهه کو ميخانہ،
واعظا، اپني اپني قسمت هـي.
علامه اقبال
اقبال جهڙو شخص جنهن کي عام طرح حڪيم الامت ۽ مفڪر اعظم تسليم ڪيو وڃي ٿو، تنهن جا شعر به جيڪڏهن ڪو چڙي مار نقاد پڙهي، ته کيس انهن ۾ قدم قدم تي ’دهريت‘،’الحاد‘ ۽ ’ڪميونزم‘ جا ديو ۽ جن پلٿيون ماري ويٺل ڏسڻ ۾ ايندا. چڱو ٻڌو:
فارغ تو نہ بيڻهـي گا محشر مين جنون ميرا،
يا اپنا گريبان چاک، يا دامن يزدان چاک.
(منهنجو جنون محشر ۾ ماٺ ڪري ٿورو ئي ويهندو! يا پنهنجو گريبان ڦاڙي ڇڏيندس يا خدا جو ڦاڙيندس!)
سمندر سـي ملـي پياسـي کو شبنم،
بخيلي هـي يہ رزاقي نهين هـي!
روز حساب، جب مرا پيش هو دفتر عمل،
آپ بهي شرمسار هو، مجهکو بهي شرمسار کر!
يہ مشت خاک، يہ صر صر، يہ وسعت افلاک،
کرم هـي يا کہ ستم، تيري لذت ايجاد.
قصور وار غريب الهيار هو ليکن،
ترا خرابہ فرشتـي نہ کر سکـي آباد؛
مقام شوق تيري قدسيون کـي بس کا نهين،
انهين کا کام هـي يہ جن کـي هين حوصلـي زياد
متاع بـي بها هـي درد سوز آرزومندي،
مقام بندگي دي کر نہ لون شان خداوندي،
تيري آزاد بندون کي نہ يہ دنيا نہ وه دنيا،
يهان مرنـي کي پابندي وهان جينـي کي پابندي.
خدائـي اهتمام خشک و تر هـي،
خداوندا  خدائي درد سر هـي.
طبقاتي ڪشمڪش جي تلقين:
اُڻهو ميري دنيا کـي غريبون کو جگا دو!
کاخ اُمرا کـي در و ديوار هلا دو!
سلطاني جمهور کا آتا هـي زمانہ،
جو نقش کهن تم کو نظر آئـي مڻادو.
جس کهيت سـي دهقان کو ميسر نہ هو روزي،
اِس کهيت کـي هر خوشئہ گندم کو جلا دو!
ملا ۽ بهشت:
مين بهي حاضر تها وهان ضبط سخن کر نہ سکا
حق سـي جب حضرت مُلا کو مِلا حکم بهشت
عرض کي مين نـي، الهي ميري تقصير معاف،
خوش نہ آئينگـي اسـي حور و شراب و لب کشت
نهين فردوس مقام جدل و قال و اقوال،
بحث و تکرار اس الله کـي بندي کي سرشت
هـي بد آموزئ اقوام و ملل کام اس کا
اور جنت مين نہ مسجد نہ کليسا نہ کنشت
شيطان جي تصديق:
جبرئيل:
کهودئـي انکار سـي تو نـي مقامات بلند،
چشم يزدان مين فرشتون کي رهي کيا آبرو
ابليس:
گر کبهي خلوت ميسر هو تو پوچهه الله سـي،
قصہ آدم کو رنگين کر گيا کس کا لهو!
مين کهڻکتا هون دلِ يزدان مين کانڻـي کي طرح،
تو فقط الله هو، الله هو، الله هو.
ديني پيشوا!
احکام تيري حق هين، مگر اپنـي مفسر،
تاويل سـي قرآن کو بنا ديتـي هين پازند
کهتا هون وهي بات سمجهتا هون جسـي حق،
نہ ابلہ ساجد هون نہ تهذيب کا فرزند.
يهي شيخ حرم هـي جو چرا کر بيچ کهاتا هـي
کليم بوذر و دلق اويس و چادر زهر
کهين سجاده و عمامہ رهزن،
کهين ترسا بچون کي چشم بيباک.
پير و مرشد:
هم کو تو ميسر نهين مڻي کا ديا بهي،
گهر پير کا بجلي کـي چراغون سـي هـي روشن،
شهري هو، ديهاتي هو، مسلمان هـي ساده،
مانند بتان پجتـي هين کعبـي کـي برهمن
نذرانہ نهين، سود هـي پيران حرم کا،
هر خرقہ سالوس کـي اندر هـي مهاجن.
ميراث مين آئي هـي انهين مسند ارشاد،
زاغون کـي تصرف مين عقابون کي نشيمن
غالب، ذوق، سودا، داغ ۽ امير مينائيءَ کان ويندي جوش ۽ اقبال تائين ڪوبه اهڙو شاعر ڪونهي، جنهن کي تعصب ۽ جهالت وچان، هي قلب جا ڪارا ’نقاد‘ دهريو، بداخلاق، بدعتي ۽ واجب القتل قرار ڏيئي نه سگهن.

(۱۳)
سڀت پچار پرينءَ جي سڀت هوت حضور،
ملڪ مڙيئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا؟ (شاهه)
فارسي شاعري ته هڪ اهڙو ڪاڪ محل آهي، جتي احمقن کي رستو ئي نه ملندو ۽ چؤطرف ڏسندا ته ’بحر بلائون بڇڙيون آفتون ازگر، واٽ وڃڻ جي نه لڀي پيا پکڙي کوڙو کپر‘ وارو قصو لڳيو پيو آهي.
دل گهري ٿي ته رودڪيءَ کان اڄ تائين فارسي شاعريءَ جي شهسوارن، تصعب، جهالت، تنگ نظريءَ، ريا ۽ مڪر جي ڏائڻن جي ڪنڌ ۾ جيڪي ڀالا هنيا آهن ۽ انهن جي مٽي پليد ڪئي آهي، تن جو مفصل جائزو وٺجي. پر طوالت جي خوف کان اها خواهش اڻپوري ڇڏي، هتي فقط تمام مختصر ۽ سرسري جهلڪيون پيش ڪجن ٿيون، جن مان فارسي شاعريءَ جي قادر الڪلام استادن جي شوخيءَ ۽ مستيءَ جو ڪجهه اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
رودڪي:
رودڪي فارسي شاعريءَ جو بابو آدم آهي.هن جي شاعري اها پيڙهه آهي، جنهن پوين جي شاعريءَ جو محل تيار ڪيو آهي، سندس فلسفو هيٺين لفطن ۾ بيان ڪيل آهي.
شاد زي با سياه چشمان شاد،
کہ جهان نيست جز فسانہ و باد
(ڪارين ڪڪوريل اکڙين وارن معشوقن سان موجون ماڻي وٺ، ڇو ته جهان ۾ ٻيون رڳو ٺلهيون ڳالهيون آهن.)
دشوار نمائي رخ و دشوار دهي بوس،
آسان بربائي دل و آسان بہ بري جان
(منهن ڏيکارڻ ۽ چمي ڏيڻ مهل ڪهڙو نه اڻانگو آهين، پر دل کسڻ ۽ ساهه ڪڍڻ ۾ ڪيتري نه آساني ٿو ڪرين!)
 دقيقي:
دقيقي چهار خصلت برگزيده است،
بگيتي از همہ خوبي و زشتي:
لب ياقوت رنگ و نالہ چنگ،
مئي خون رنگ و کيش زردهشتي.
(دنيا ۾ جيڪي به خوبيون آهن، تن سڀني ۾ اعليٰ چار آهن: ياقوت جهڙا ڳاڙها چپ، ساز جون نغمو، رت جهڙو ڳاڙهو شراب ۽ زردشت جو مذهب. (ڇو ته زردشت جي مذهب ۾ شراب جائز آهي)
فردوسي:
عام اتفاق آهي ته ايران جي سرزمين فردوسيءَ جي پايي جو شاعر اڄ تائين پيدا نه ڪيو آهي. مشهور آهي ته فردوسي، انوري ۽ سعدي بالترتيب بيتن، قصيدن ۽ غزلن جا پيغمبر آهن، پر خود انوري چوي ٿو ته، ”فردوسيءَ سان ڪنهن جو مقابلو ڪونهي، هو خداوند آهي ۽ اسين سندس بندا.“
آن استاد بود و ما شاگرد،
آن خداوند بود و مابنده.
علامه ابن اثير، فردوسيءَ جي ’شاهُنامي‘ کي ’عجم جو قرآن‘ ٿو سڏي. فردوسيءَ جي شاهُنامي ۾ عشقبازيءَ ۽ شرابخوريءَ جي پچار کان سواءِ بنيادي ڳالهيون ملن ٿيون، جي نهايت قابل غور آهن
پهريون هي ته سڄو ”شاهُنامو“ ڪافر بادشاهَن جي ڪارنامن سان ڀريو پيو آهي. اهو ائين ٿيو، ڄڻ اسان جو ڪو شاعر، راجا ڏاهر، چچ، راءِ سهاسي وغيره جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏي. هو جڏهن ايران جي آتش پرست بادشاهَن جو ذڪر ٿو ڪري، تڏهن ڄڻ ته وجد ۾ اچيو وڃي ۽ پڙهندڙن تي راقت طاري ڪري ڇڏي ٿو.
ٻي ڳالهه هيءَ ته هو ايران تي حضرت عمر جي خلافت ۾ اسلامي فوجن جي حملي ۽ ايران جي فتح تي، بحيثيت هڪ مسلمان جي، فخر ۽ ناز ڪرڻ ۽ اسلامي فاتحن جي استقبال ۽ تعريف ڪرڻ بدران، عرب مسلمان فاتحن ۽ اسلامي تحريڪ جو تمام گهريءَ  نفرت ۽ حقارت سان ذڪر ڪري ٿو، جنهن مان پڙهندڙ تي اهو اثر ويهي ٿو ته ايران جي فتح تهذيب ۽ تمدن جي تباهي ۽ جهالت ۽ جهنگلي پڻي جي ڪاميابي آهي. هو عربن کي سانڊيون ۽ ڳوهون کائيندڙ درندا ڪوٺي ٿو ۽ سندس ڪاميابيءَ تي قدرت کي ملامت ٿو ڪري:
ز شير و شتر خوردن و سوسمار،
عرب را بجائـي رسيد است کار،
کہ تخت کيان را کند آرزو،
تفو بر تو اي چرخ گردون، تفو!
(عرب جتن جو، اُٺين جو کير پي ۽ ڳوهون کائي کائي، ايڏو من وڌي ويو آهي، جو قيصر ۽ ڪنعان جي تخت  ۾ اکيون وڌيون اٿن! اي آسمان، توکي حيف هجي! حيف هجي!)
محمود غزنوي، جنهن کي اسان جا تاريخ نويس ’بت شڪن‘ ۽ مجاهد اسلام سڏين ٿا، تنهن کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏنيون اٿس:
بغزنين مرا گرچہ خود شد جگر،
ز بيداد، آن شاهه بيداد گر،
همي خواستم تا فغان ها کنم،
بگيتي از و داستانها کنم؛
بگويم ز مادرش و هم از پدرش،
نہ ترسم بغير از خدواند عرش
(جيتوڻيڪ غزنيءَ ۾ ان ظالم بادشاهه منهنجو جگر خون ڪري ڇڏيو آهي، پر چاهيان ٿو ته، دانهون ڪريان ۽ سڄي جهان کي سندس ظلم جو داستان ٻڌايان: ماڻس ۽ پڻس کان وٺي شروع ٿيان، جو آءٌ خدا کان سواءِ ڪنهن کان نٿو ڊڄان.)
حڪيم سنائي:
هي برگزيدو شاعر، پنهنجي عارفانه بصيرت ۽ خيالن جي پاڪيزگيءَ سبب صوفي شاعرن جو ذري گهٽ امام تسليم ڪيو ويو آهي.خود مولانا رومي کيس پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪيو آهي:
’عطا‘ روح بود و ’سنائي‘ دو چشم او،
ما از پس سنائي و عطار آمديم.‘
هن صاحبدل بزرگ جي ڪلام ۾ به اسان کي هن قسم جا شعر ملن ٿا:
دوش سرمست نگارين من آن طرفہ پسر،
يا يک پيرهنـي يا کلهنـي طرفہ بسر،
بوسہ بر دو لب من داد همـي از بي عذر،
اينت شوريده نگار اينت شکر بوسہ بہ  سر،
شادمان گشتم ازين کارو گرفتمش کنار،
همچو تنگ شکر و حرمن گل تنگ بئ بر،
او شد خواب و من از بوسہ زدن بر دور خش
با دو چشم و دور خش تابہ سحر جفت سحر.
(رات جو منهنجو اڙٻنگ محبوب ڇوڪرو شراب جي نشي ۾ جهومندو، ٽوپي ٽنڊ تي رکي مون وٽ آيو. سندس ڳلن تان پگهر جا ڦڙا هڪ هڪ ٿي ڪري رهيا هئا. اچڻ سان مون کي چميون ڏنائين. مون خوش ٿي کڻي ڀاڪر ۾ ورتس. هو نشي ۾ مست ٿي سمهي رهيو ۽ آءٌ سندس منهن ۽ اکين تي پرهه ڦٽيءَ تائين چميون ڏيندو رهيس.)
 عمر خيام:
هي اڳيئي ناميارو آهي. پر اڃا ڪو به اهڙو احمق نظر ڪونه ٿو اچي، جو سندس شاعريءَ جي عظمت کان انڪار ڪري.
ابريق مي مراشکستي ربا!
برمن در عيش را بہ بستي ربا!
برخاک بدبختي مي لعل و مرا،
خاکم بدهن کسخت مستي ربا!
(مورک منهنجي شراب جي صراحي  ڀڃي وڌءِ، منهنجي عيش جو دروازو بند ڪري ڇڏيئي، منهنجو ڳاڙهو شراب مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيئه! منهنجي وات ۾ ڌوڙ، پر تون به ڪو پيتل ٿو ڏسجين، مولا!)
گويند کہ فردوس برين خواهدُ بود،
آن جامي ناب و حور خواهد بود،
گرما مي و معشوق گزيديم چہ پاک،
چون عاقبت کار چنمن خواهد بود.
چون ٿا ته، بهشت ۾ اڻلڀ شراب ۽ حورون ملنديون، جي ائين آهي ته مون به شراب ۽ معشوق سان سنگت رکي ته ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو نيٺ بهشت ۾ به ته اهي ئي ملندا.)
زاهد گويد بهشت با حور خوش است،
من ميگويم شراب انگور خوش است،
اين نقد بگير و دست ازان نسيئ بدار،
آواز دهل شنيد از دور خوش است.
(ديندار زاهد ٿو چوي ته، حورن وارو بهشت ڏاڍو سٺو آهي. آءٌ ٿو چوان ته انگور جو ٺهيل شراب سٺو آهي، جو هڪيو تڪيو ته موجود آهي. بهشت جون ته رڳو ڳالهيون آهن، جن تي اعتبار ڪير ڪري؟ دهل جو آواز پري کان گهڻوئي مٺو هوندو آهي، پر منجهس آهي ڪجهه به ڪونه.)
مائم  خريدار مي کهنہ ونو،
وانگہ فروشنده عالم بہ دوجو،
گفتي پس از مرگ کجا خداهم رفت،
مي پيش من آ روهر کجا خواهي رو.
(اسين پراڻي ۽ نئين شراب جا خريدار آهيون، باقي دنيا ۽ آخرت، سي ته جَو جي هڪ داڻي تي به ڪونه وٺون. مون کان ٿو پڇين ته مرڻ کان پوءِ ڪاڏي ويندين؟ مون کي شراب جو پيالو آڻي ڏي، پوءِ تون جيڏانهن وڻئي تيڏانهن وڃ.)
جمعي متفکر اند در مذهب و دين،
جمعي متحير اند در شک و يقين،
نگاهه منادي بر آيدز کمين،
کہ بيخران! راه نہ آنست و نہ اين.
(ڪي ماڻهو مذهب ۽ دين جي ڳڻتين ۾ پيا ڳرن، ته ڪي فلسفي جا راز پيا چاهين. اوچتو پردي پويان آواز آيو آهي ته اي بيوقوفو! واٽ نه هيءَ سڌي اٿو نه هوءَ.)
از آب گلم سرشتئہ  من چہ کنم،
وين پشمِ قصب تو رشتئہ، من چہ کنم،
هر نيک و بدي ازمن آيد بوجود،
تو برسر من توشستئہ، من چہ کنم.
(توئي مون کي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ مان ٺاهيو، آءٌ ڇا ڪريان؟ تو ئي هي براين جو لباس پهرايو، آءٌ ڇا ڪريان؟ جيڪي منهنجي هٿان ٿئي ٿو، سو تو اڳيئي منهنجي تقدير ۾ لکي ڇڏيو آهي، آءٌ ڇا ڪريان؟)
دروقتِ  بهار، اگر بت حور سرست،
پر مئي قدحـي دهد، مرابرلب کشت،
گرچ برهر کيس اين سخن باشد زشت،
سگ بہ از من گار برم نامِ بهشت.
(هن ڳالهه تي ماڻهو ضرور ڪاوڙجي پوندا، پر بهار جي موسم ۾ منهنجو حور جهڙو سهڻو يار جڏهن مون سان ساوڪ مٿان ويهاري، شراب سان ڀريل پيالو آڻي ڏئي ۽ پوءِ جي آءٌ بهشت جو نالو وٺان ته آءٌ ڪتي کان بدتر چئبس.)
قومي بہ بهشت و دوز اندر گروند،
کہ رفت بدوزخ؟ و کہ آمدز بهشت؟
(ماڻهو بهشت ۽ دوزخ جي چڪر ۾ ڦاٿا پيا آهن: ڀلا پڇونِ ته ڪهڙو دوزخ ۾ ويو آهي؟ ۽ ڪهڙو بهشت  مان ٿي آيو آهي؟)
بہ اين دوسہ نادان کہ چنان ميداني،
از جهل کہ داناي جهان ايشانند،
خوش باش کہ از خري ايشان بہ مئل،
هر کو نہ خر است کافرش ميدانند.
(هي ٻه ٽي احمق جن کي پنهنجي جهالت وچان دنيا جو وڏو عالم ۽ فاضل پيو سمجهين، شڪر ڪر جو تون به اهڙو ئي گڏهه آهين جهڙا اهي آهن، ڇو ته جيڪو گڏهه نه آهي، تنهن کي هو ڪافر ٿا سڏين.)
شيخ سعدي شيرازي:
شيخ سعدي عليه الرحمت جي ذات ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. ليڪن عشقبازيءَ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. هڪ دفعي ڪاشغر جي هڪ مدرسي ۾ هڪ سهڻي ڳڀرو ڇوڪري کي ڏٺائين ته عربي گرامر جو ڪتاب پيو پڙهي ۽ ’زيد، عمر کي ماريو‘ جو گردان پيو رٽي، شيخ صاحب رڙ ڪري چيس:
اي دلِ عشاق دامِ نو بصيد،
ما بتو مشغول و تو  با عمر زيد!
(اي سهڻا، عاشقن جون دليون تو وٽ قيد ٿي ويون: اسين توکي ڏسڻ ۾ مشغول آهيون ۽ تون وري’عمر ۽ زيد‘ جي گردان ۾ مشغول آهين!)
ڇوڪري کي جڏهن معلوم ٿيو ته هي شيخ سعدي آهي، تڏهن چيائينس ته، اڳ ۾ ڇو نٿي ٻڌايئي ته آءٌ شيخ سعدي آهيان!  شيخ جواب ڏنو:
باوجودت زمن آواز نيامد کہ ’منم‘
(تنهنجي هوندي ڪيئن چوان ته ’آءٌ‘  به ڪو آهيان.)
ان کان پوءِ خوب رهاڻيون ٿيون، شيخ سعدي پاڻ لکي ٿو ته، ان کان پوءِ هڪٻئي جي ڳلن تي چميون ڏنيونسين ۽ موڪلايوسين.
محبت جي باري ۾ شيخ صاحب جا خيال جديد کان جديد هئا. سندس چوڻ آهي ته هر سال نئينءَ زال سان عشق ڪرڻ کپي:
زن نو کن اي دوست درهر بهار،
کہ تقويمِ پارينہ نّايد بکار.
(يار، هر بهار ۾ نئين زال هٿ ڪر، پراڻي جنتري ته بيڪار ٿيندي آهي.) صوفين ۽ ديندار جي عشقبازيءَ جو پردو چاڪ ڪندي چوي ٿو:
محتسب در قضائي رندان است،
غافل از صوفيانِ  شاهد باز!
(محتسب هٿ ڌوئي رڳو اسان رندن جي پٺيان پيو آهي، پويان خبر ئي ڪانهيس ته ڇوڪري باز صوفي ڪهڙا ڪارناما پيا ڪن.)
سوئـي مسجد آورد دکانِ شيخ،
کہ درخانہ کمتر توان يافت صيد-
(ملان پنهنجي مڪر ۽ ٺڳيءَ جا ڄار کڻي مسجد ۾ ماڻهو ڦاسائڻ آيو آهي، ڇو ته گهر ۾ اهڙو ٺڳيءَ جو موقعو نٿو مليس.)
مرا راحت از زندگي دوش بود،
کہ آن ماه رويم در آغوش بود-
(رات زندگيءَ جو خوب لطف مليم، جو هو چنڊ جهڙو سهڻو منهنجي ڀاڪر ۾ هو.)
مؤذن غلط گفت بانگ نماز،
مگر همچون من مست و مدهوش بود!
(ٻانگو، ٻانگ ڏيڻ ڀلجي پيو آهي، ڀانيان ٿو ته مون وانگر ئي نشي ۾ ٻڏل آهي.)
عشق بازي نہ من آخر بہ جهان آوردم،
يا گناهي است کہ اول من مسکين کردم.
(عشق بازي ڪا مون هينئر دنيا ۾ ڪانه آندي آهي، نڪو ڪو آءٌ مسڪين پهريون عشقباز آهيان)
تو گر دعوي کني پرهيزگاري،
مصدق دانمت والله اعلم:
و گر گوئي کہ ميل خاطر م نيست،
من اين دعوا نمي دارم مسلم
(زاهد کي چوي ٿو ته، (جي تون چوين ته پرهيزگار آهيان ته وسهندس، پوءِ سچ ڪوڙ خدا ڄاڻي، پر جي چوندين ته مون کي عيش پرستيءَ ڏانهن لاڙو ئي ڪينهي ته آءٌ هرگز ڪين وسهندس.)
هيچ کس بي دامن تر نيست اما ديگاران،
بازمي پوشندو ما در آفتاب افگنده ايم-
(افعال سڀني جا بڇڙا آهن، فرق رڳو ايترو آهي ته ٻيا لڪ ڇپ ۾ پيا ڪن ۽ آءٌ کليو کلايو پيو ڪريان.)
اي مسلمانان بہ فريادم رسيد،
کان فلانـي بي وفائي مي کند،
يارمن اوباش و قلاش است و رند،
لبک برمن پارسائي مي کند-
(مومنؤ‘ اوهان کي دانهن ٿو ڏيان: منهنجي يار مون سان سخت ظلم ڪيو آهي، هوڏانهن سخت لوفر، کٽل ۽ شرابي آهي، پر مون کي سنوت نٿو ڏئي. چئي آءٌ پرهيزگار آهيان، اهڙو ڪم نه ڪندس.)
امير خسرو دهلوي:
طوطي هند حضرت امير خسرو جي ڪمال ۽ بلنديءَ جي ڪهڙي تعريف ڪجي! فرمائي ٿو:
گرشما دين عاشقان داريد،
بعد ازين پيش بت نماز کنيد.
(جي عاشق جي دين جا پوئلڳ هجو، ته اڄ کان پوءِ هن بت جهڙي سهڻي معشوق اڳيان نماز پڙهو.)
گاهه مردن شنيده ام محمود،
گفت رويم سوي اياز کنيد-
(چون ٿا ته، محمود مرڻ مهل وصيت ڪري ويو ته منهنجو منهن ڪعبي بدران منهنجي محبوب اياز ڏانهن ڪجو.)
من آن تره طناز رامي شناسم،
من آن مايئہ ناز رامي شناسم.
(آءٌ هن شوخ ترڪ ڇوڪري کي چڱيءَ طرح سڃاڻان، رات شراب جي نشي ۾ مست ٿي جيڪي گاريون پئي ڏنائين، تن منهنجي دل ٺاري وڌي، مون آواز مان ئي سڃاتو هو ته هو آهي.)
خواجه حافظ شيرازي:
لسان الغيب خواجه حافظ شيرازي نه رڳو ايران پر ساريءَ دنيا جي عظيم ترين شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. مغربي نقادن کيس دنيا جي ٽن عظيم ترين شاعرن مان هڪ عظيم ترين شاعر قرار ڏنو آهي. اسلامي دنيا ۾ به حافظ جي شاعرانه ڪمال جو جهنڊو هميشه کان سر بلند رهندو آهي. هن بزرگ جو ڪلام عشق، محبت، رندي، مستي ۽ آزاد خياليءَ جي جذبن ۽ ريا، مڪر ۽ مذهبي تعصب خلاف احتجاج جو هڪ لافاني داستان آهي.
رندان همہ تري مي پرستي کردند،
حز محتسبِ شهر کہ بي مي مست است
(رند ته سڀ شراب پرستي ڇڏي ويا، پر ملان ري پيالي مست ٿيو پيو گهمي).
شعرِ حافظ شيراز مي گوين و مي رقصند
سيہ چشمانِ کشميري و ترکانِ سمرقندي-
(حافظ شيرازيءَ جو شعر ڪارين اکين وارا ڪشميري ڳڀرو ۽ سمرقندي جوانڙا پڙهن پيا ۽ نچن پيا.)
بکوي مي فروشانش بہ جامي درنمي گيرند
زهي سجاده تقوي کہ يک ساغر نمي ارزد
(نمازين کي جنهن پاڪ مصلي تي ناز آهي، سو اسان مستن جي دنيا ۾ شراب جي هڪ پيالي جي به مٽ نه آهي.)
گرچہ پيرم تو شبي تنگ در آغوشم کش
تا سحرگہ ز کنار نوجوان برخيزم.
(اي محبوب جيتوڻيڪ پوڙهو ٿي ويو آهيان، ته به هڪ رات پنهنجي ڪڇ ۾ سوگهو ڪري سمهارينم، ته صبح جو نوجوان ٿي پوندس.
بيا تا گل برافشانيم و مي در ساغر اندازيم،
فلک را سقف بشگافيم و طرح نو دار اندازيم.
(اچو ته گل وڇايون ۽ پيالن ۾ شراب اوتيون. هن آسمان جي ڇت کي ڦاڙي، ڪنهن ٻيءَ دنيا جو بنياد وجهون.)
گرچ بدنامي است نزد عاقلان
ما نمي خواهيم ننگ و نام را.
(جيتوڻيڪ ڏاها انهيءَ کي بدناميءَ جي ڳالهه سمجهندا، پر اسان کي عزت ۽ ناموس گهرجي ئي ڪانه.)
خوش وقت رندِ مست کہ دنيا و آخرت،
از دست داد و هيچ غمِ بيش و کم نداشت.
(سڀاڳو آهي اهو مست شرابي، جنهن دنيا ۽ آخرت تان هٿ کڻي ڇڏيو ۽ ان جي ڪا به پرواهه ڪانه اٿس.)
من رند و عاشق و آن گاه توبہ
استغفرالله استغفرالله
(مون جهڙو شرابي ۽ عشق باز ٿي ڪري. ههڙي وقت توبهه تائب ٿئي؟ انهيءَ کان شل خدا پناهه ڏئي!)
سخن درست بگويم نمي تواند ديد،
کہ مي خورند حريفان و من نظاره کنم.
(سچي ڳالهه ته اها آهي ته ٻيا شراب ويٺا پيئن ۽ آءٌ ويٺو ڏسان، سو مون کان سَٺو نه ٿيندو.)
شيخم بہ طنز گفت، حرام است مي مخور،
گفتم بروکہ  گوش بهر خر نمي کنم.
(ملان مون کي ٽوڪ هڻي چيو ته ميان شراب حرام آهي، متان پئين! مون چيس ته ٽر،آءٌ هر ڪنهن گڏهه جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏيندو آهيان)
ببا بميخانہ و چهره ارغواني کن،
مرو بصومعہ کہ آنجا سياه کارانند.
(شراب خاني ۾ هليو اچ ۽ منهن کي شراب سان لعل ڪر، خبردار، پرهيزگارن جي حجرن ڏانهن متان ويو آهين، جو اتي سياه ڪار ويٺا آهن.)
اي دل، طريقِ مستي از محتسب بياموز،
مست است و در حقِ او کس گمان ندارد.
(اي دل، رندي ۽ مستيءَ جو سبق سکڻو اٿيئي ته ملان کان سک، جو اهڙيءَ کيڏ سان شراب پيئي ٿو جو ماڻهن جي ليکي ويچارو ساڌ ۽ پاڪ آهي.)
باده با محتسبِ شهر نہ نوشي زنهار،
کہ حورد با تو مي و شنگ بہ جام اندازد.
(خبردار، شهر جي قاضيءَ کي پاڻ سان گڏ شراب متان پيارين،  جو هو شراب به پي ويندءِ ۽ پيالو به ڀڃي ڇڏيندءِ.)
صوفيان جملہ حريف اندو نظر ولـي
زان همہ ’حافظ‘ سودا زده بدنام افتاد.
(هي پهتل صوفي بزرگ سڀ حقيقت ۾ وڏا حريف نظرباز آهن، پر بدنام کڻي چرئي حافظ کي ڪيو اٿن.)
رومي:
مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ کي شاعرن ’فارسي زبان جو قرآن! ڪري سڏيو آهي.
مثنوي و معنوي و مولوي،
هست قرآن در زبانِ پهلوي
ٺڙڪو نقادن ۽ نقطه چينن لاءِ اعتراض جو اهو به سٺو موقعو آهي، ڇاڪاڻ ته قرآن فقط هڪڙو آهي، جو عربيءَ ۾ آهي ۽ خدا جو ڪلام آهي. بظاهر هڪ انسان جي ٺاهيل قصن ڪهاڻين جي ڪتاب کي ’قرآن‘ ڪوٺڻ سراسر ڪفر نه آهي، ته ٻيو ڇا آهي!
مولانا روميءَ جي عظمت ۽ بلنديءَ بيان ڪرڻ جو هي موقعو نه آهي، هتي فقط سندس ڪي شعر ڏجن ٿا، جن مان سندس شوخيءَ ۽ مستيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
بزيرِ کنکره کبريائي مردانند،
فرشتہ صيد، پيمبر شکار، يزدان گير.
(هن بلند ۽ بالا آسماني گنبذ جي هيٺان اهڙا به مرد پيا آهن، جن جي پنجوڙ ۾ ملائڪ قيد ۽ پيغمبر شڪار ٿيا پيا آهن، خود خدا به وٽن ڦاٿو ويٺو آهي.)
علامه اقبال انهيءَ ساڳئي خيال کي هنن لفظن ۾ ادا ڪيو آهي (يا بقول سنڌيءَ جي هه نقادچيءَ جي ’چورايو آهي‘.)
بزدان بہ کمند آور، اي همتِ مردانہ!
(اي مرداني همت، وڌي خدا کي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاساءِ.)
من ز قرآن مغز دا برداشتيم،
استخوان بيش سگان انداختيم.
(مون قرآن جو مغز هٿ ڪري ورتو، باقي جيڪي ’هڏيون‘ رهيون، سي ڪُتن جي اڳيان اڇلائي وڌيم.)
هن شعر ۾ بظاهر قران مجيد جي شان ۾ جيڪا بي پناهه گستاخي آهي، تنهن جي وضاحت جي ضرورت ئي ڪانهي.

(۱۴)
عربي شاعري
عرب شاعريءَ جو عظيم ترين دور، اسلام کان اڳ وارو دور ليکيو وڃي ٿو. سڀ عرب نقاد انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته عرب شاعري گذريل تيرهن سؤ سالن ۾ اسلام کان ٿورو اڳ جي شاعر، امراءٌ القيس، جي پايي جو ڪو شاعر پيدا ڪري نه سگهي آهي. خود حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن کيس شاعرن جو امام سڏيو آهي.
سندس شعر ۽ سندس همعصرن جي شعر جي عظمت جو جيڪو ڌاڪو عربن جي دلين تي ويٺل آهي، تنهن جو اندازو هن ڳالهه مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته اموي ۽ عباسي دور جي شاعرن کي انهيءَ ڪري به سند طور تسليم نه ڪيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته اهي امراءَ القيس جي دور جا نه هئا. صرف ان دور جو شاعر هجڻ ئي عربن وٽ شعر جي بلنديءَ ۽ ڪمال جو قطعي دليل ليکيو ويندو هو.
اها حقيقت آهي ته عرب شاعريءَ جيتوڻيڪ پوين دورن ۾ يزيد بن معاويه، اخطل، فرزدق، ابونواس، المتنبي ۽ ابوالعليٰ معري جهڙا باڪمال شاعر پيدا ڪيا، ليڪن سندن ڪلام ۾ امراءَ القيس، لبيد، نابغه زيبائي ۽ ان دور جي ٻين شاعرن واري بيساختگي، جذبات جي شدت، تخيل جي بلندي ۽ فطري حسن جو جواب ڳولڻ عبث آهي.
عربي شاعريءَ جو مفصل جائزو ڪنهن ٻئي موقعي لاءِ ڇڏي، هتي فقط شاعرن جي شهزادي امراءَ القيس جون ٻه ٽي جهلڪون پيش ڪريون ٿا، جنهن مان اسان کي سندس شعر جي موضوعن ۽ انداز جو پتو پوندو.
”...... سهڻي ڇوڪري! تون مون کي معمولي عاشق ڪري نه سمجهه. آءٌ اهو آهيان جنهن تي عورتون ائين بريءَ طرح فدا هونديون آهن، جو جڏهن آءٌ ساڻن هم آغوش هوندو آهيان، تڏهن انهن جا کير پياڪ ننڍڙا ٻار رڙيون پيا ڪندا آهن، پر تڏهن به هو پنهنجو ڌڙ نه چورينديون آهن. لاچار رڳو ڇاتي ٿوري پاسيري ڪري کين ٿڃ پيارينديون آهن.“
”..... جاني اهو ڏينهن ياد اٿيئي، جڏهن اوهان جو قبيلو لڏي پئي ويو؟ ۽ تون ڪجاوي اندر اٺ تي چڙهي وڃي رهي هئينءَ، ته اوچتو تو تي منهنجي نظر پيئي، ۽ اٽڪل سان لڪي ڪجاوي ۾ چڙهي آيو هوس ۽ تو دانهون ڪري ڊپ وچان چيو هو ته ’هي ڇا ٿو ڪرين،؟‘مون بي اختيار توکي ڀاڪر وجهي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو.“
مشرقي زبانن جي هن جائزي مان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عظيم شاعري هميشه ۽ هر دور ۾ پنهجي زماني جي ذهن ۽ فڪري پابندين، مذهبي عقيدن ۽ ’اخلاق‘ جي اکري اڙتين ڦڙتين کان بالاتر رهي آهي. اڄ تاريخ، جن عظيم شاعرن ۽ فنڪارن جو نالو ادب ۽ احترام سان پنهنجي سيني ۾ محفوظ رکيو ويٺي آهي ۽ انسانيت پنهنجي جن فرزندن جي فن ۽ ڪمال تي ناز ڪري ٿي، سي اهي ئي آهن، جن پنهنجي ماحول جي زنجيرن کي پنهنجي فڪر جي قوت سان ٽوڙي، زماني جون لعنتون ۽ عتاب اکين تي رکي، پنهنجي جگر جي خون سان فن ۽ سخن جي چمن جي آبياري ڪئي آهي.
هنن ڪمال جرائت ۽ بيخوفيءَ سان پنهنجي دور ۽ ماحول کي بي نقاب ڪيو آهي. جيڪڏهن حافظ، خيام، فردوسي، رومي، امير خسرو، شاهه، سچل ۽ ٻيا پنهنجي دور جي گهٽيل ۽ ٻوساٽيل ماحول کان بغاوت نه ڪن ها، ۽ فقط اهي شعر چون ها، جي سندن پاڙيوارن، سندن حاڪمن ۽ ديني اختياريءَ وارن کي ئي قبول پون ها، ته جيڪر هو جيئري دفن ٿي وڃن ها ۽ ڪنهن کي به خبر نه هجي ها ته انهن نالن وارا ماڻهو به ڪي دنيا ۾ هئا.
هنن جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، سي نه رڳو ان زماني جي تنگ نظر حلقن ۾ ناپسند هئا، پر هر زماني ۾ ۽ هر دور ۾ تعصب ۽ ڪوتاهه نظري مٿن الزام ۽ ملامت جا تير اڇلائي سگهندي. جيڪڏهن ”شاهه“ خدا کي راڻي، تماچي ۽ پنهونءَ جي نالن سان ياد ڪرڻ جي جرات نه ڪري ها، جيڪڏهن سچل، بلا شاهه، فريد، عطار ۽ سنائيءَ جهڙا شاعر ”اناالحق“  جو نعرو هڻندڙ دل ۽ گردو نه رکن ها، جيڪڏهن سعدي، حافظ ۽ خيام پنهنجي زماني جي رياڪاري، فريب ۽ ڪوڙيءَ پرهيزگاريءَ جا ڇوڏا نه لاهين ها، ۽ جيڪڏهن اقبال يزدان جي دامن چاڪ ڪرڻ جي ڌمڪي نه ڏئي ها ته سندن فن ۾ اهو عظيم خلوص، سچائي، وجدان، حسن ۽ ڪمال هرگز پيدا نه ٿئي ها. هو سيکاريل طوطن وانگر ٻين کان ٻڌل ٻوليون ٻوليندي ختم ٿي وڃن ها، ۽ کڄي وڃي ڌرتيءَ اندر ائين دفن ٿين ها، ۽ وري ائين ٻڌجن به نه هئا، ڄڻ هئا ئي ڪونه.
سچ ته هي آهي ته شيخ اياز ۽ هن دور جا نوجوان سنڌي اديب، انهن عظيم استادن جي بيباڪيءَ، شوخيءَ ۽ گستاخيءَ جي مقابلي ۾ بلڪل دٻيل ۽ سنجيده مزاج لڳن ٿا. درحقيقت اسان جا جيڪي نکن جا نقادچي هنن جهيڻن ۽ نرم آوازن کي ٻڌي حواس باخته ٿي ويا آهن، تن کي گهرجي ته پنهنجي بچاءَ لاءِ هو سرڪار کي درخواست ڪن ته اها انهن سڀني مٿي ذڪر ڪيل اردو، فارسي ۽ عربي شاعرن جي مڙني ڪتابن کي باهه ڏياري ڇڏي ۽ سندن شعر پڙهڻ تي پابندي وجهي. ڇو ته جيستائين فن ۽ فڪر جي انهن امامن جو ڪلام زنده آهي، تيستائين هر دور ۽ هر زماني ۾ جرائت، رندي، مستي ۽ بيباڪيءَ جون صدائون فضا ۾ گونجنديون رهنديون، هر دور ۽ هر زماني ۾ ’اياز‘ پيدا ٿيندا رهندا، جيڪي نوس نوس ڪندڙ نقادچين جون ننڊون حرام ڪندا رهندا ۽ سندن ڪمزور دليون ڪنبائيندا رهندا.


(۱۵)
آيل آئون نه وسهان هنجون جي هارين،
آڻيو آب اکين ۾ ڏيهه کي ڏيکارين،
سڄڻ جي سارين، سي نڪي رون نه چون ڪي. (شاهه)
سنڌ جي ادب دشمن ٽولي جو چوڻ آهي ته موجوده سنڌي ادب غير اسلامي ۽ ڪافرانه آهي.
سندن انهي چالاڪيءَ واري نعري کي ٻڌي، اول ته سڀڪو سوچڻ لڳندو ته ٻيلي اها ڳالهه ته برابر ٺهي ڪانه ٿي. غير اسلامي شيءَ ڪابه ڪانه کپي. هجي ته اسلامي هجي نه ته وڃي اوڙاه جي تري ۾ پئي! اسلامي ملڪ ۾ غير اسلامي شيءِ! توبهه!
هن ٽولي کي به اهو ئي يقين آهي ته ماڻهو ضرور ائين سوچي سندن پروپئگنڊا جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي پوندا.
اچو ته انهيءَ نعري کي ٿورڙو غور سان جاچيون. پهريون سوال آهي ته آيا ائين آهي ڇا ته دنيا جو هر ڪم، هر شيءِ هر فن يا هر پيشو اسلامي يا غير اسلامي ٿي سگهي ٿو. يعني ائين آهي ڇا ته اهو فن يا ته ضرور اسلامي هوندو نه ته ڪافر! مثال طور، ڪيلن جي پوک ڀلا دنيا ۾ ڪا ”اسلامي ڪيلن جي پوک“ ۽ ”غير اسلامي ڪيلن جي پوک“ به ٿي سگهي ٿي ڇا؟ يا انجنيئري سائنس يا فن کي وٺو. مسلمانن جو انجنيئري فن ته ٿي سگهي ٿو پر انجنيئري سائنس کي اسلامي انجنيئري، يهودي انجنيئري يا هندو انجنيئري ڪوٺي سگهجي ٿو ڇا؟ حجامت، ڪڙمت، دڪانداري، ٻيڙي هلائڻ- ڇا انهن مان  ڪنهن به هڪ پيشي ۽ ڌنڌي کي ڪافر يا مسلمان پيشو سڏي سگهجي ٿو؟ ڀلا ائين به ڪو چئي سگهبو ته ڪپڙي اڻڻ جو ڏانءُ يا هنر مسلمان آهي يا ڪافر! يا ڳائڻ جي فن کي وٺو. ڳائڻ ۾ سر، تار، پلٽا، مرڪون، مينڍون وغيره ٿين ٿيون. سڀاڻي ڪو توهان وٽ ڊوڙي اچي توهان کي دانهن ڏئي ته محمد جمن يا استاد منظور خان فلاڻو غير اسلامي پلٽو هنيو يا نسيمه شاهين جي فلاڻي تال نج اسلامي هئي، ته توهان جيڪر کيس ڇا سمجهو؟!
البت ڳائڻو، انجنيئر، هاري، دڪاندار، ٻيڙيءَ وارو، وغيره مسلمان يا هندو ٿي سگهي ٿو. پر سندن هر، دڪان، ٻيڙي، انجنيئر سر تار، نه هندو ٿي سگهي ٿو نه مسلمان. هي فن ۽ پيشا آهن، جن جا پنهنجا قاعدا قانون آهن. سارين جي پوک کي ڪڏهين پاڻي ڏجي، جاءِ ۾ گهڻو سيمينٽ ڪتب آڻجي، ٻيڙيءَ کي واه جي سامهون ڪيئن هلائجي- اهي اٽڪلون، ڏانو ۽ هنر مذهب سان سڌيءَ طرح ڪوبه واسطو نٿا رکن. انهن تي ڪفر يا اسلام جو نالو رکڻ، ڪفر ۽ اسلام سان مذاق ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
ساڳيءَ طرح شاعري به هڪ فن آهي، جنهن جو مذهب سان سڌيءَ طرح ڪو به واسطو ڪونهي. شاعري تڏهن کان آهي جڏهين نه عيسائيت هئي، نه هندومت، نه ڪفر نه اسلام، شاعريءَ ۾ تشبيهون، استعارا، تخيل، فرضي ڳالهيون، حسن ۽ عشق جون ڳالهيون هونديون آهن. ان جو بنياد وڌاءُ ۽ مبالغي تي ٻڌل آهي. ڪوبه مذهب وڌاءُ، مبالغي ۽ فرضي ڳالهين جي بيان ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي.
مثال طور شاعر جي محبوب جو منهن ڀلي ”ڪارو الله کي پيارو“ هجي. پر هو ضرور چوندو ته اهو سج چنڊ کي شرمائي ٿو. اهو نسورو ڪوڙ آهي، جنهن جي هر مذهب منع ڪئي آهي. قرآن مجيد جي مشهور آيت آهي ته ’شاعرن‘ جي پويان فقط گمراه ماڻهو لڳندا آهن. انهيءَ ڪري ڪابه شاعري اسلامي ته ڇڏيو. مذهبي شاعري به ٿي نه ٿي سگهي. اهوئي سبب هو، جو ڪيترا عرب شاعر جڏهن مسلمان ٿيا، ته شاعريءَ تان هٿ کڻي ويا امراءَ القيس عرب جي لاثاني ۽ قابل صد فخر شاعر جو لقب ئي ”گمراهه بادشاهه“ رکيو ويو.
ان بعد، روءِ زمين تي هڪڙو به شاعر پيدا نه ٿيو آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو، جنهن جي شاعريءَ کي نج اسلامي ڪوٺي سگهجي. ڇاڪاڻ ته شاعري آهي ئي هٿرادو ڳالهين ٺاهڻ جو نالو- ڪوڙ کي سچ ڪري ڏيکارڻ ۾ رڳو الله ۽ رسول جي تعريف ڪيل آهي، سا صحيح معنى ۾ اسلامي ڪانهي- ڇاڪاڻ ته ان ۾ به وڌاءُ آهي، مرچ مصالحا آهن، ڳالهه جي مصنوعي ٺاهه ٺوهه لاءِ تشبيهون آهن، استعارا آهن. مثال طور، هرڻيءَ واري معجزي واريءَ مدح شريف ۽ ٻين مدحن ۾ حضور جن جي واتان ڪيتريون ڳالهيون چوايون ويون آهن، جي لڪل فرضي آهن. ساڳي حالت نورنامي جي آهي. ميرانيس، دبير ۽ ثابت علي شاه جا مرثيا پڙهو:  ائين پيا ڳالهه ڪن ته ڄڻ پاڻ اتي هڪيا تڪيا  موجود هئا. زمين آسمان ملايو هڪ ڪريو ڇڏين، يا رومي ۽ سعديءَ جون حڪايتون کڻو. اهي ائين بيان ڪيون ويون آهن، ڄڻ ته سچا واقعا آهن، حالانڪ اهي فرضي ڳالهيون آهن. جي ماڻهن کي نصيحت ڏيڻ لاءِ چيون ويون آهن.
ظاهر آهي ته اها محض شاعري آهي، ۽ جنهن شيءَ جو نالو شاعري آهي، سا وڌاءُ، بناوت، مرچ مصالحي کان سواءِ ٿي نٿي سگهي، ۽ جنهن شيءَ ۾ وڌاءُ ۽ مرچ مصالحو هجي. جيڪا هٿ جي ٺاهه تي ٻڌل هجي، ان کي اسلامي يا مذهبي سڏڻ حماقت ناهي ته ٻيو ڇا آهي!
البت شاعر مسلمان، هندو، عيسائي ٿي سگهن ٿا، ۽ ظاهر آهي ته سندن مذهب ۽ عقيدي جو سندن شاعريءَ تي ضرور اثر پوي ٿو. پر شاعري نيٺ شاعري ئي آهي. اها فقه ۽ حديث شريف جو ڪتاب يا ويد يا شاستر ٿي نٿي سگهي. اها بنيادي طرح نه هندو آهي نه مسلمان.
اهو ئي سبب آهي جو خود انهن نام نهاد ”اسلام دوست“ شاعرن جي شاعريءَ کي ڏسندؤ ته اهوئي زٽُ، اهو ئي ڪوڙ، وڌاءُ، اها ئي معشوقن جي تاڙ، سندن ناز نخرن جي تعريف ۽ ٻيون غير اسلامي، غير شعري ڳالهيون نظر اينديون، جيڪي شاعريءَ ۾ هميشه هونديون آهن.
اسلام پرائيءَ عورت جي پچار، ڇيڙ ڇاڙ، زناني خواه مرداني حسن جي اپٽار، نڪاح ٻڌل زال کان سواءِ ٻيءَ عورت سان اظهار عشق ڪرڻ سنگين جرم قرار ڏئي ٿو.
تاج الشعرائي، استاد الشعرائي ۽ ملڪ الشعرائي وغيره ”اسلام پرست“ شاعر صاحب جيڪي عشق جا دفتر ڀرين ٿا، گيت لکن ٿا، غزل چون ٿا، جن محبوبن جي ڪمرين، سرو قدن، نرگسي نيڻن، ڪافر ادائن، عشوه طرازين، ستم رانين جا قصا جهان کي مزا وٺي وٺي ٻڌائين ٿا، سي خاتون ڪير آهن؟ گستاخي معاف، اهي زالون سندن نڪاح ٻڌل آهن ڇا؟ جي ها، ته پوءِ به انهن جو ائين ذڪر جائز ۽ شرعي آهي ڇا؟ جي نه ته پراين نياڻين سان عشق ڪرڻ، انهن لاءِ اهڙا خيال ظاهر ڪرڻ ۽ جهان ۾ خواري مچائڻ کي از روي شريعت ڇا چئبو آهي؟ پر جي اهڙيون عورتون مرڳو آهن ئي ڪونه ۽ هو رڳو هٿ جون ويٺا هڻن، ته پوءِ اهو ڪوڙ ۽ لغو بياني ناهي؟ ڇا واقعي سندن جگر سڙيل آهي، سينا ڪباب ٿيل آهن؟ ڇا واقعي هو رات جو تارا ڳڻيندا آهن ۽ ڏينهن جو ڪپڙا ڦاڙي صحرائن ۽ رڻن پٽن ۾ ڌڪا جهليندا آهن. جيئن هو پنهنجن شعرن ۾ ماڻهن کي ٻڌائيندا آهن!  ڇا ائين ناهي ته سندن شعرن جو لفظ لفظ هٿ جو ٺاهه، خيالي پلاءُ، نسورو زٽ آهي؟ جي ها، ته پوءِ اهي ڪوڙن جا دفتر غير اسلامي ناهن، شريعت جي خلاف ناهن؟ ڇا سندن شاعري ڪوڙي، مبالغه آميز، فحش بداخلاقيءَ  جي رغبت ڏيندڙ ۽ غير اسلامي نه چئبي؟
اخبار نويسيءَ  جي ڌنڌي کي وٺو. اخبار نويس مسلمان ٿي سگهن ٿا ۽ آهن، پر اخبار نويسيءَ جو پيشو نه هندو آهي نه مسلمان. دنيا ۾ ڪا به خالص اسلامي اخبار نويسي ۽ ڪافر اخبار نويسي ٿي نٿي سگهي. مثال طور اسان جي هنن ئي شاعر الشعرائي شاعرن جي حمايتن هڪڙي روزاني اخبار سڄو ڏينهن چپن سان ”اسلام“ ”اسلام“ آلاپيندي رهندي آهي، پر ڇاڪاڻ ته اخبار آهي، تنهنڪري هر اهو ڪم ڪري ٿي جيڪو ٻيون اخبارون ڪن ٿيون. عيسائي خبر رسان ايجنسين جون خبرون ڇاپي، نشيدار شين جا اشتهار ڇاپي، اڌ اگهاڙين عورتن جا شهوت انگيز فوٽا ڇاپي، پڙهندڙن کي مٿن عاشق ٿيڻ جي ترغيب ڏئي، سندن سهوليت لاءِ اهڙين عورتن جون ائڊريسون ڇاپي، ڪوڙ بدوڙ ڇاپي، ڪنهن ڪاموري جي گلا ته ڪنهن جي تعريف ڇاپي، هٿ جون خبرون ٺوڪي، وڏن ماڻهن جي شان ۾ ڪنڌ ڌوڻي مدحون ۽ قصيدا پڙهي، مخالفن تي گارين جا ڌوڙيا وسائي، مطلب ته ڇا ڇا نه ٿي ڪري! ۽ ائين ڪري ٿي، ڇو ته اخبار نويسي آهي، جو هڪ پيشو، هڪ فن آهي. ان جا پنهنجا قاعدا قانون آهن، جن جو ڪنهن خاص مذهب سان سڌو واسطو ڪونهي.
ڪجهه ڏينهن ٿيا، جو حيدرآباد ۾ چؤطرف واڌايون ملي ويون ته ”ڪافر“ اديبن ۽ سندن رسالن (سنڌي ادبي بورڊ جي) ”مهراڻ“،  (پاڪستان سرڪار جي) ”نئين زندگي“، ۽ (نوجوان اديبن جي پنهنجي) ”روح رهاڻ“ وغيره جي غير اسلامي ادب جي مقابلي ۾ ”اسلام دوست“ اديب هڪڙو نج اسلامي ادبي رسالو ڪڍي رهيا آهن. چيوسين شڪر آهي ته دنيا ۾ هڪڙو خالص اسلامي ادبي رسالو نڪتو، جنهن مان اها خبر ته پوندي ته آخر ”اسلامي ادب“ ڇا آهي. گهڻيءَ مدت کان پوءِ رسالو نڪتو. سڀني سمجهيو ته اسلامي رسالي ۾ ظاهر آهي ته قرآن ۽ حديث، خدا ۽ رسول (صلعم) جون ڳالهيون هونديون. اڪابرين اسلام جا تذڪرا هوندا، صفحي صفحي تي اسلامي نور جا تجلا چمڪاٽ ڏيندا، پر جڏهين رسالو ميدان ۾ آيو، ته سڀني جا واٽ ڦاٽي ويا. سنڌ ۽ هند  بلڪ دنيا جو پهريون سو في صد نج اسلامي ادبي رسالو سڄي فلمي پرين جي شهوت انگيز تصويرن، سندن حسن جي قصيدن ۽ عشق جي داستانن  سان ڀريو رهيو. نيٺ ٿورن ئي مهينن کان پوءِ رسالي جي نام نهاد اسلام کي مرڳو ئي خيرباد چوڻو پيو.
هاڻي، سوال آهي ته جڏهين اهي نام نهاد اسلام دوست اديب پاڻ اهڙيون ڪوڙيون، بي بنياد، فحش شيون، ۽ اخبارون ۽ فحش رسالا ڇاپين ٿا ۽ انهن تي ناز ڪن ٿا، ته پوءِ ڇا اها سراسر منافقي ۽ مڪاري ناهي، جو هو پاڻ کي اسلام جا محافظ، دين جا علمبردار، خدا ۽ رسول تان سر صدقي ڪرڻ وارا سڏائي، ٻين تي ڪفر جون فتواؤن عائد ڪن ۽ ٻالن ڀولن مسلمانن کي جوش ڏيارين ته ”عملي قرباني ڪريو؟“، ”جهاد ڪريو!“ يعني ٻين لفظن ۾ نئين دؤر جي شاعرن ۽ اديبن کي قتل ڪريو!
هاڻي وري اچون ”اسلامي ادب“ جي سوال تي. فرض ڪريو ته ادب اسلامي ۽ غير اسلامي ٿي سگهي ٿو. ظاهر آهي ته ان حالت ۾ پاڻ کي اسلامي ادب کپي، غير اسلامي نه کپي. هاڻ اچو ته غير اسلامي ادب کي ڪڍي ٻاهر ڪريون ۽ ڏسون ته پاڪستاني مسلمانن لاءِ ڪهڙو نج اسلامي ادب ٿو بچي، ته اهو رکون ۽ ٻئي تي بندش وجهون. دنيا جي ادبي آسمان جي روشن ستارن، شيڪسپيئر، ڪاليداس، هومر، ڊانٽي، ٽالسٽاءِ، گوئٽي، سقراط، ارسطو، والمڪي، تلسيداس، ڪبير، ميرا ٻائيءَ جو ادب ته پهرئين ڌڪ سان خارج ڪرڻو پوندو. ڇو ته هو عيسائي ۽ هندو هئا. هاڻ وڃي رهيا مسلمان اديب. فردوسيءَ لاءِ محمود غزنويءَ جا درٻاري چوندا هئا ته هو رافضي ۽ آتش پرست هو اهو به ڪڍي ڇڏيو. غالب ۽ خيام بدنام شرابي هئا. اهي به ڪڍو. اقبال به مغرب زده هو. ان تي به ڪفر جون فتوائون نڪتل هيون. پر ان کي هاڻ سرڪار نامدار عظيم شاعر تسليم ڪيو آهي، تنهن ڪري اهو ڇڏيون ٿا.
هاڻي اچون ٿا ٻيءَ منزل تي. اسلام جا ٻه مکيه فرقا آهن. شيعا ۽ سني. فارسي ۽ ايراني شاعر گهڻو ڪري شيعا هئا. سنڌ ۾ اڪثريت سنين جي آهي، جي شيعن جي عقيدن کي غلط بلڪ ان کان به ڪجهه ٻيءَ طرح ٿا سمجهن. ان ڪري اڪثر ايراني شاعرن کي، سني عقيدي موجب، اسلامي شاعر ڪين ڪوٺي سگهبو. ساڳيءَ ريت شيعه مسلمانن لاءِ وري سني شاعر ۽ اديب صحيح معنى ۾ اسلامي شاعر ۽ اديب ڪين ٿي سگهندا. تنهن ڪري چٽائيءَ لاءِ هر ڪنهن ادبي تخليق جي مٿان عنوان سان گڏ لکڻو پوندو. اسلامي غزل (سني)“ ”اسلامي افسانو (شيعه)“ اڳتي هلي شايد ٻين فرقن جي ديني عقيدن ”اسلامي وهابي ناول“، ”اسلامي اسماعيلي بيت“، ”اسلامي اهلحديث ڏوهيڙا“، ”اسلامي اهل قرآن ناولٽ“ ”اسلامي قادياني آزاد نظم“، ”جماعت اسلامي ناٽڪ“ وغيره، وغيره.
 ظاهر آهي ته هر ماڻهو صرف پنهنجي فرقي جي ديني عقيدن واري شاعر ۽ اديب کي صحيح عقيدي وارو سمجهندو ۽ فقط ان جو ئي ادب سندس نظر ۾ ادب هوندو. ان ڪري هر شاعر ۽ اديب کي به اها صفائي ڪري ڇڏڻي پوندي ته هو ڪهڙي فرقي جو اديب ۽ شاعر آهي. شايد پوءِ هن قسم جا تخلص رکجن. ”از جناب آتش قادياڻي“، ”از جناب مجبور وهابي“، ”از علامه جليل اثنا عشري“ وغيره وغيره.
قصو رڳو اتي ختم ڪونه ٿيندو. هڪ ڀيرو ادب کي اديب جي ديني عقيدن جي بنياد تي تورڻ شروع ڪيو ويو، ته پوءِ هي به فيصلو ڪري ڇڏڻو پوندو ته شاهه لطيف، سچل، بيدل، شاهه عنايت، بابا فريد وغيره ڪهڙن عقيدن جا هئا. ڇو ته جي لطيف سائين سني هو، ته پوءِ ظاهر آهي ته شيعن، وهابين ۽ ٻين فرقن جي مسلمانن جي لاءِ سندس تخليق ڪيل ادب غلط بلڪ غير اسلامي ليکبو ۽ هو فقط پنهنجي هم عقيده سنين جو شاعر ليکبو اهڙيءَ ريت گذريل سڀني شاعرن ۽ اديبن جي عقيدن جي جاچ ڪرڻي پوندي. اهو فيصلو ڪبو ته هو ڪهڙي فرقي جا شاعر ٿيڻ جا مستحق آهن.
اسان مٿي ڏسي آيا آهيون ته مڪار، منافق ۽ جعلي تنقيد جي آئيني ۾ لطيف جهڙو بي مثال ۽ لافاني حق پرست شاعر به دهريو، ڪميونسٽ ۽ ڦريل نظر اچي سگهي ٿو. اسان عربي ۽ فارسيءَ جي نامور شاعرن جا ڪي شعر ڏٺا آهن، ته اهي به اهڙا آهن، جن تي ڪٽر مذهبي خيال کان جائز يا ناجائز هجڻ جي نڪته چيني ٿي سگهي ٿي.
لاڙ ۾ پهاڪو آهي ته فلاڻو ”سري به ٿو، ٽپي به ٿو!“ جعلي ۽ مصنوعي ”اسلام دوست“ نقاد نون اديبن جي بلڪل سنون سڌن شعرن ۽ لکيتن کي غير اسلامي سڏين ٿا. پر جڏهن چئجين ٿو ته ٻيلي! اهي معمولي شاعراڻيون ڳالهيون آهن، انهن ۾ ڪابه بي ديني ۽ بداخلاقي ڪانهي، اهڙيون ڳالهيون سعدي، حافظ، رومي ۽ لطيف به چيون آهن“ ته وريو وٺيو مڪريل ۽ تيرنهن تالين رنن واري پِٽَ  ۽ ماتم وجهن ته ”ڏسو! ڏسو! هي بي دين صوفين ۽ درويشن جي شان ۾ گستاخي ٿا ڪن!“ حالانڪ گستاخي، بي ادبي ۽ بدتميزي ته اها آهي ته جيڪي ڳالهيون عظيم شاعر عام طرح چون ٿا، اهڙي قسم جي شاعراڻين ڳالهين کي هي جاهل، بداخلاق ۽ غير شرعي ٺهرائين ٿا! بهرحال اچو ته انهيءَ معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڇڏيون.
پهريون سوال آهي ته ڀلا اسين انهن عظيم شاعرن جو ادب ڇو ٿا ڪريون؟ هڪڙي ڳالهه ته صاف آهي ته رومي، سعدي، حافظ، خسرو، لطيف، سچل، وغيره نعوذ بالله ، خدا نه هئا، پيغمبر نه هئا، ملائڪ نه هئا معصوم نه هئا. نڪي نور مان بڻيل هئا. هو هن ڌرتيءَ جي خاڪ مان ٺهيل خاڪي ۽ خاطي انسان هئا.
ساڳيءَ طرح بنيادي طور هو نه مفسر هئا نه محدث، نه فقيه ۽ نه مفتي، فقه جي معاملي ۾ اهي سمورا شاعر ابو حنيفه، ابو يوسف، امام حنبل جي مقابلي ۾ ڪجهه ڪونه هئا. تفسير، حديث شريف ۽ ٻين علمن جا استاد به ٻيا هئا. هو ڪونه هئا. پير، ولي ۽ صوفي هجڻ جي سلسلي ۾ کانئن ٻيا وڏا ولي صوفي پيا آهن. پيران پير دستگير بادشاهه، غوث بهاوالحق، خواجه اجميري وغيره اوليائن جا جيترا مريد ۽ متعقد روءِ زمين تي موجود آهن، انهن جي مقابلي ۾ سعدي، حافظ يا خود لطيف ۽ سچل جي مريدن جو تعداد بلڪل ٿورو ۽ نه برابر آهي. نه وري هو ڪي ممتاز عالم هئا. ظاهر آهي ته بوعلي سينا، الفارابي، ابن خلدون، ابن رشد، غزالي وغيره مسلمان عالم پنهنجي پنهنجي علم جي جيڪا اٿاهه ڄاڻ رکندا هئا، تن جي مقابلي ۾ لطيف، سچل، حافظ، سعدي ۽ رومي بلڪل طفل مڪتب هئا. هو پنهنجي پنهنجي زماني جا خالد بن وليد، محمد بن قاسم، طارق جهڙا مجاهد ۽ اسلامي جنرل به ڪونه هئا. نڪي بادشاهه يا خليفا هئا. نڪي وري هنن ڌارين ملڪن ۾ تبليغون ڪري ڪافرن کي مسلمان ڪيو.
ته پوءِ ساڻن ايڏو پيار ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ هو ڀلا ڪهڙي ڳالهه ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي ممتاز آهن؟
هو هن ڪري ممتاز آهن، جو هو سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان پوءِ عظيم شاعر ۽ ڏات جا ڌڻي هئا. اها شيءَ جا وٽن هئي ۽ امام ابو حنيفه، پيران پير دستگير عليه الرحمت، خواجه اجميري، محمد بن قاسم، بوعلي سينا، غزالي ۽ ابن رشد وٽ ڪانه هئي، سا آهي سندن شعر جي ڏات. خالص شاعراڻي حيثيت ئي اهو پيڙهه جو پٿر آهي، جنهن تي سندن لافاني عظمت ۽ ابدي ناموس جا رنگين ۽ خوبصورت محلات اڏيل آهن.
عظيم شاعر عظيم انسان هوندا آهن. پر پوءِ به انسان هوندا آهن. انسان جي دل هڪ اٿاهه سمنڊ آهي. جنهن ۾ قسمين قسمين لهرون اٿن ٿيون. عظيم شاعرن سڀ شيون هڪڙي قسم جون نه چيون آهن، نه ته عظيم نه ٿين ها. هنن انسانن جون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ نه ملائڪن جون. تنهن ڪري سندن شاعريءَ ۾ انساني بلندين توڙي پستين، عظمتن توڙي ڪمزورين، خوبين توڙي براين جو عڪس آهي. ازانسواءِ هو پاڻ به انسان هئا ۽ نه ملائڪ، سندن سوچ به انسانن جي هئي ۽ نه ملائڪن جي. تنهن ڪري هنن رڳو تسبيح ۽ تحليل نه ڪئي آهي پر انسانن جي دلچسپيءَ جون ڳالهيون به ڪيون آهن. پيار جون، عشق جون، شوخيءَ جون، شراب جون، ڪارين ڪڪوريل اکين جون، جوڀن جي ڏينهڙن جون، چندن سان چڪ ٿيل چوٽن جون، ناز ۽ نياز جون، پيار ۽ نفرت جون، آس ۽ پڇتاءَ جون، فريبي ملن جون، ظالم حاڪمن جون، مهانگو لهي ميڙيندڙن جون، ڏيهه جي ڏڪارين موذين جون، وغيره وغيره. پر انهيءَ جي اها معنى ڪانهي ته هو مسلمان ڪونه هئا، سندن شاعريءَ تي اسلام جو اثر ڪونهي يا هنن پنهنجي دين جي خدمت ڪانه ڪئي. ائين برابر آهي ته هنن ملا جي خدائي فوجداري مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، واعظ جي ڄاڙي بازيءَ جو ڀانڊو ڦوڙيو آهي، قرآن کي شڪار جو ڦندو ڪري ڪتب آڻيندڙن تي ملامت وسائي آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪاٺ ملان جي چيلي بنجڻ کان سواءِ مسلمان ٿي نٿو سگهي، ته پوءِ انهن شاعرن جي مسلماني برابر خطري ۾ آهي.
پر جيڪڏهن اسلام دنيا جي سمورن انسانن واسطي آهي ۽ صرف چند شخصن جو ٺيڪو نه آهي، جيڪڏهن اسلام پيار، محبت، صلح، نيڪي، رحم، عدل، همدردي، حق پرستيءَ جو مذهب آهي، ته پوءِ هنن شاعرن پنهنجي عظيم انساني شعر سان جيڪا خدمت ڪئي آهي، تنهن تان هزارها مجاهدن، عالمن، فيلسوفن ۽ اڪابرن جي عظمت به قربان آهي. هو نه صرف اسان نالي جي مسلمانن جا شاعر هئا، پر بني نوع انسان جا شاعر ۽ انسانيت جا عظيم فرزند هئا. درحقيقت هو عظيم مسلمان انهيءَ ڪري هئا ڇاڪاڻ ته هو اول عظيم ۽ پيارا انسان هئا، جن مذهب کي ماڻهن ڦاسائڻ جي سرڪڻ ڦاهي نه پر پيار، انساني ڀائپيءَ، خداترسيءَ، رحم ۽ عدل جو سرچشمو ڪري ٿي لکيو. هنن خدا جون ڳالهيون ڪيون آهن، رسول جون ڪيون آهن، دين جون ڪيون آهن.تصوف جون ڪيون آهن، ۽ ان سان گڏ عام انسانن جون، سندن دل جي حال جون، خواهشن جون، خوفن جون، مصيبتن ۽ مسئلن جون به ڪيون آهن. ڇو ته مذهب هنن جي نظر ۾ انسان ۽ سندن مسئلن کان الڳ ناهي.
اڄوڪي دور جا شاعر به انهن عظيم شاعرن جي نقش قدم تي آهن ۽ سندن عظيم روايتن کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

(۱۶)
ملين مٺو ماءُ پتو ڦٿو پيٽ ۾،
سڃاڻي الله ٽٻي ڏنائين ڌوڙ ۾. (شاهه)
پاڪستان دنيا جي پوئتي پيل ملڪن مان هڪ آهي. اسين ۹۰ سيڪڙو بي علم آهيون. غريب ۽ مفلس آهيون، جن کي پنڻ کان پڙهڻ ياد ڪونهي. خاص ڪري سنڌ ۾ ته حالت ٻين علائقن کان به بدتر آهي. چوندا آهن ته مصيبت ايندي آهي ته اڪيلي ڪانه ايندي آهي. ٻارن ٻچن سان ايندي آهي. رڳو بي علمي ڪانهي، پر غريبيءَ ۽ جهالت جي ڪلراٺيءَ ۽ پوسل واريءَ زمين ۾ جيڪي مرض ۽ جيوڙا هميشه هوندا آهن، سي سڀ آهن. ويساه وسوڙپ، خوف، اٻوجهائي ۽ هيڻائي، ڦرلٽ ۽ دٻاءُ.
مروان موت ملوڪان شڪار. پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن جي اها بدنصيبي ۽ بدحالي ڏسي، گهڻن جو مڪو مچي ويو آهي. خطره جان نيم حڪيمن، خطره ايمان نيم ملن، ۽ ٺوڳي پيرن جي ٻيگهي متل آهي. شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ اٻوجهه ماڻهن ۾، ڄاڙي باز دوا فروش جي لٻاڙ  اڳيان پاڪستان ته ڇا پر يورپ جي مسيحا صفت، جراح ڊاڪٽرن جي به دال ڪانه ٿي ڳري.
امت مسلمه جي عظيم ترين علمائن ۽ دين اسلام جي بي مثال علمبردارن مولانا محمد علي، عبيدالله سنڌي، جمال الدين افغاني، جن پنهنجيون زندگيون مسلم قوم جي نجات لاءِ وقف ڪري ڇڏيون، تن جي ۹۹ سيڪڙو ماڻهن کي خبر ئي ڪانهي ته ڪهڙي باغ جون موريون هيون. جي هاڪ ۽ ڌاڪ آهي ته ڳوٺ جي تعويذ فروش ملان ۽ شيعي سنيءَ جا جهڳڙا ڪرائيندڙ فتوا باز جي، ڌمال ڪري جن ڪڍندڙ ڀوپي جي، چلو ڪڍي پٽ ڏيندڙ پير جي. هتي هر شيءِ ابتي آهي. آفيسر کان پٽيوالي جي آڪڙ وڏي، ايس. پيءَ ته کڻي ڇڏي، پر پوليس واري ۽ پڳيءَ جي ٽيپ ڪير جهلي؟ ڪورٽ ته ضامن کنيو، پر ڪلارڪ جي کڻي! ماڻهن جي جهالت ۽ مفلسيءَ مان جاوا ڪندر، مٿڀرا گهمندڙ شخص، علم ۽ سمجهه، سچ ۽ نيڪيءَ، عدل ۽ انصاف، فضل ۽ ڪمال، ڏاهپ ۽ ڏات کي پنهنجو جاني دشمن ٿا سمجهن. آهن به حق تي. ماڻهن کي جيڪڏهن ڪوئنين ۽ پنسلين جهڙين يڪ ٽڪ ۽ سستين دوائن جي فائدن جي خبر پئجي وڃي ، ته دوا فروش مسيح الملڪن، ڀوپن، تعويذ فروش ملن ۽ ڦيڻا ڦوڪارا هڻي علاج ڪندڙ پيرن ۽ نيم حڪيمن جو ڀونگو برابر ڀنگ ٿي ويندو.
ماڻهو جيڪڏهن انساني عقل ۽ دماغ جي عظيم ڪارنامن کان واقف ٿي وڃن، علم جي دولت سان مالا مال ٿي وڃن، روءِ زمين ۾ جيڪي وهي واپري پيو تنهن جي ڄاڻ رکن، ته پوءِ آڪڙباز وڏيري، ڦورو ڪاموري، ٺوڳي پير، فتوا فروش ملان، قوم فروش سياستدان جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟
انهيءَ ڪري اونده ۾ شڪار ڪندڙ وحشي ڀگهڙن جو ٽولو، رڍن جون کلون اوڍي، ”اسلام“ ”اسلام“ جا نعرا هڻندو، بتال ٿي، ملڪ ۾ هميشه ڊوڙندو رهي ٿو. هي اهي هستيون آهن، جن ”ختم نبوت تحريڪ“ جي نعري هيٺ پنجاب ۾ مسلمانن جا ڪوس ڪرايا هئا ۽ مارشل لا لڳارائي هئي. پاڪستان جي چيف جسٽس، منير، جي اڳواڻيءَ هيٺ هن فتنه بازن جي مچايل فسادن بابت جيڪا تحقيقاتي ٽربيونل مقرر ٿي هئي، تنهن سندن ڳالهين کي چڱيءَ طرح بي نقاب ڪيو هو.
سنڌ، سندس ٻولي، ثقافت، تمدن هنن پيشه ور فسادين ۽ گرگ شڪارين جي نظر ۾ ڪجهه به ڪونهن.
سنڌي ادب ۽ سنڌي اديبن خلاف هلندڙ سازش ۾ جيڪي سنڌي مير جعفر ۽ مير صادق اڄ جهل نٿا ڏين، سي درحقيقت انهن وڏن گرگ ۽ چالباز ڀگهڙ جا ننڍڙا ساٿي بڻجي ڪم ڪن ٿا.
هيءَ فقط شروعات سنڌيءَ سان آهي. اڄ سنڌي ادب ۽ اديب خراب آهن، سنڌي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ۽ شاگرد خراب آهن، سنڌي اخبارون خراب آهن، سڀاڻي سنڌ جي سمورن مطالبن ۽ گهرن، حقن ۽ حقوق کي غير شرعي، غير اسلامي قرار ٺهرائي، سنڌ جو گلو گهوٽيو ويندو.
تاريخ ڏيکاري ٿي ته هڪ ڀيرو ڪنهن کي خدائي فوجدار بنجڻ ڏنو ويو، هڪ دفعو نسل، مذهب يا ڪنهن نعري جي فريب ۾ اچي ڪنهن قوم پاڻ اهڙي قسم جي ڊڪٽيٽريءَ جي چنبي ۾ ڏنو، ته پوءِ هميشه لاءِ سندس قسمت تي بدبختيءَ جي مهر لڳيو وڃي.
هي ٻگهلا ڀڳت، جيڪي اڄ ”اسلام، اسلام“ ڪريو ڦاٽيو ٿا پون، انهن اسلام جي نالي ۾ هر شريف انسان کي ڏنگيو آهي.
تاريخ ۾ اهو ڪهڙو عظيم مسلمان، ڪهڙو قوم جو عظيم فرزند، ڪهڙو باڪمال شخص آهي، جنهن کي هنن اسلام جي نالي ۾ تنگ نه ڪيو هجي يا کيس ڪافر نه ٺهرايو هجي.
اهي ڪير هئا، جن فتوا ڏني هئي ته انگريز حاڪم عادل آهي، کيس لک ولين جي طاقت آهي، ۽ سندس تابعداري ڪرڻ شرعي فرض آهي! اهي ڪير هئا، جن جي فتوا سان بيت المقدس تي گوليون هليون هيون؟ اهي ڪير هئا، جن اسلام جي نالي ۾ هندستاني مسلمانن کي تعويذ لکي ڏنا هئا ته وڃي ترڪ مسلمانن کي ڪهو ۽ عربن کي انگريزن جو غلام بنايو؟ اهي ڪير هئا، جن تحريڪ خلافت کي ناجائز ۽ غير اسلامي ٺهرايو هو ۽ انگريز جي چوڻ تي چيديءَ عربيءَ ۽ حديثن ۽ قرآن شريف مان ثابت ڪري ڏيکاريو ته انگريز خلاف جيڪو ڪڇندو سو ڪافر آهي؟ اهي ڪير هئا، جن مولانا محمد علي، ڪمال پاشا، مولانا آزاد، محمد علي جناح، اقبال کي ڪافر، تڙيل ۽ لعنتي قرار ڏيئي، انگريز بهادر وٽ سرخروئي حاصل ڪئي هئي؟ اهي ڪير آهن، جي هر سال نه رڳو سنڌ بلڪ سڄي پاڪستان ۾ شيعي، سني ۽ وهابي، ۽ مقلد، غير مقلد وغيره جا جهيڙا اٿاري مسلمانن کي ويڙهائڻ جو ديني فرض ادا ڪندا آهن؟ اهي ڪير آهن، جن هميشه ”آمين“ دل ۾ پڙهڻ يا زور سان پڙهڻ ۽ نور يا بشر جهڙين ڳالهين جو سهارو وٺي، امت مسلمه کي چيري، ٽڪرا ٽڪرا ڪري، کيس دنيا ۾ ذليل ۽ خوار ڪيو آهي؟
ڪنهن زماني ۾ علماءَ ڪرام جو ڪم هو ڪافرن کي مسلمان ڪرڻ، مسلمانن کي کير کنڊ ڪرڻ، اسلام کي رحمت جو سايو ثابت ڪرڻ. اهڙا شريف، نيڪ نيت ۽ پرخلوص عالم هر دور ۽ هر زماني ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا. پر هي ٻيا وري مسلمانن کي ڪافر بنائڻ وارا آهن. هي ويڙهائڻ، ڌار ڪرڻ، فتني پيدا ڪرڻ وارا نام نهاد اسلام پسند ۽ اسلام دوست آهن، جن جي ڪتاب ۾ صرف هڪڙو اکر لکيل آهي. ”فتوا“
اقبال ويچاري کي به اهڙا سور ڏنائون جو رڙيون ڪندو ويو:
دينِ ملا في سبيل الله فساد!
جماعت اسلامي جا چوڌرا اڄ سنڌ ۾ اسلام جي حالت تي پار ڪڍي پيا روئن ۽ سنڌ سان وڏيون همدرديون پيا ڏيکارين، پر هو ان وقت ڪٿي هئا، جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ مان نيڪالي ٿي ملي؟ غلام محمد بئراج جي زمين جي پاليسيءَ بابت لکها مسلمان هارين ۽ کاتيدارن کي جيڪي سور آهن، تنهن بابت سندن زبان مان هڪڙو اکر به نه نڪتو. سنڌي عوام اڳيان تعليم، روزگار، نوڪرين، سياسي حقن جا جيڪي مسئلا آهن، تن بابت سنڌ جا هي همدرد ڇو هيستائين چپن کي چنو لايو ويٺا آهن؟ ڇا سنڌ سان همدردي رڳو سنڌي نوجوانن تي ڪفر جي فتوائن ڪڍڻ تائين محدود آهي ۽ بس؟
ٻڌو اٿئون ته حيدرآباد جي هڪڙي سياسي بزرگ کي به سنڌجي ڏاڍي ڳنتي ٿي پيئي آهي، ۽ هن صاحب به ڪرم فرمائي سنڌي ادب تي ڪفر جي فتوا ڪڍڻ فرمائي آهي. هي صاحب خيرن سان سنڌيءَ جي الف ب به ڪانه ڄاڻي، پر سنڌ ۾ ”سڀ چلتا هـي“ هتي ڪڇ ۾ پڇي به ڪونه، سنڌ ۾  والٻائي“ وارو حساب آهي. جيڪو گهر کان رسي، سو سنڌ جي ڪنهن به ڳالهه تي فتوا ٺوڪي سگهي ٿو.
هيءَ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي قابل آهي ته اُن صاحب ۽ جماعت اسلاميءَ جي چوڌرن اردو ادب بابت هڪ اکر به نه ڪڇيو آهي. ان جو سبب اهو ڪونهي ته هو اردو ادب کان ڪورا آهن ۽ سنڌيءَ جا عالم فاضل آهن، ڇو ته اهڙن ماڻهن کي ”ڄاڻ“ ۽ ”خبر“ جي ڪابه ضرورت ڪانهي، هو گهر ويٺي مريخ ۽ چنڊ جي بناوت، ائٽمي پرماڻن جي طاقت، هٽلر جي جنگي پاليسيءَ، سوا هلي ٻوليءَ جي گرامر مطلب ته ڪنهن به شيءِ تي في سبيل الله ڪهڙو به بيان ٺوڪي سگهن ٿا.
پر سبب اهو آهي جو اردوءَ جا ڌڻي ڌوڻي ويٺا آهن. اردو ادب بابت هي هڪڙو اکر ڪڇن ها، ته جيڪر کين هڪدم لغام ڏنو وڃي ها ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ هنن جاهلن جي دست اندازيءَ خلاف اهو طوفان مچي وڃي ها، جو کين ڀڄڻ جي ڀيڻي ڪانه ملي ها. ازانسواءِ اردو ادب ۾ کين اهڙا هڪيا تڪيا مير جعفر ۽ مير صادق به نه ملن ها، جهڙا هتي اسان وٽ موجود آهن. تنهن ڪري هنن جي مرلي اردو بابت ته بند آهي. باقي رهي سنڌي، سا ته جڳ جي جوءِ آهي. چوندا آهن ته ”ڏاڍي تي بڇيانس ته اٿيئي نه: هيڻي کان جهليانس ته جهل ئي نه ڏئي“ سو سنڌ بابت ته هي جهليا جهل ئي نٿا ڏين. پر کين ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جو باشعور طبقو هاڻي اهو ڪونهي جهڙو هي سمجهن ٿا.
سنڌ جو عوام هاڻي نعريبازي ۽ بيان باز مدارين جي ڊيٻڪيءَ تي ڀولڙي وانگر نچڻ لاءِ تيار ڪونهي. اهو پنهنجي حقن، مفادن. مسئلن کي سمجهي ۽ پروڙي ٿو.
سنڌ جو تعليم يافته طبقو هاڻي بي ضمير ۽ مطلبي فتوائن جي وڪڙ ۾ اچڻ کان چار ڏينهن وڏو ٿي ويو آهي. محب وطن سنڌي هر قيمت ۽ هر صورت ۾ سنڌ ۽ پاڪستان کي هڪ روشن خيال، آزاد ۽ ترقي يافته ملڪ بنائڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن. کين اها به خبر پئجي چڪي آهي ته اسلام ڪنهن جي زر خريد ملڪيت ڪانهي. ان جو ٺيڪو ڪنهن کي به مليل ڪونهي. اهو پاڪستان ۽ دين جي ڪروڙها مسلمانن جو مشعل راه آهي، ۽ نه ڪن چند ٺڙڪو مُلن ۽ بليڪ ميلرن جي جاگير.
تنهنڪري کين ڪا به فتوا ڪوبه دڙڪو، دهمان ۽ پروپئگنڊا پنهنجي عظيم مقصدن کان روڪي نه سگهندي.
جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم،
مون ڪر اڳي نه ڪيو اهڙو ڪوجهو ڪم،
جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنهوار سان. (شاهه)

(۱۷)
پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَ مون،
مون ۾ آهين تون متان تنهنجو ئي توکي لڳي! (شاهه)
اڄ سڄيءَ دنيا جون قومون اها ڳالهه تسليم ٿيون ڪن ته ادب قومن جي صحت ۽ واڌاري لاءِ هڪ لازمي خوراڪ آهي. سچائيءَ، حب الوطنيءَ ۽ انسان دوستيءَ تي ٻڌل زنده، بي خوف ۽ بي ريا ادب کان سواءِ ڪابه قوم زنده سڏائڻ جي حقدار ڪانهي.
ازانسواءِ زنده قومون پنهنجي پراڻي توڙي نئين عظيم ادب کي جيءَ ۾ جاءِ ڏين ٿيون. انگلينڊ نه رڳو ۱۶ صديءَ جي شيڪسپيئر تي ناز ڪري ٿو، پر هن دور جي ’ماهم‘ ۽ ’ايليٽ‘ کي به احترام جي جاءِ تي ويهاري ٿو. گوئٽي جي جرمنيءَ ۾ برٽولڊ ۽ ٿامس مئن لاءِ عقيدت جي به گنجائش آهي. عظيم ٽالسٽاءِ جي وطن روس کي پنهنجي اڄوڪن عظيم اديبن، شولوخوف ۽ اهرنبرگ، تي به فخر ۽ ناز آهي. غالب ۽ مير جا پرستار فيض ۽ جوش جي قدر ۽ قيمت کان به واقف آهن.
اڄ فيض ۽ جوش خود سرزمين سنڌ ۾ ڪنهن ٽنڊي محمد خان جهڙي ننڍي شهر ۾ قدم رکن ٿا، ته پان وڪڻندڙ اردو ڳالهائيندڙ کان وٺي سي ايس پي آفيسرن تائين سڀ سندن پيرن ۾ پنبڻيون وڇائين ٿا. هو اهو نٿا ڏسن ته حضرت جوش، پنڊت نهروءَ جو خاص دوست هو، يا فيض تي راولپنڊي سازش جي بغاوت جو مقدمو هليو هو. هو سندن ڪردارن ۽ نظرين جي آپريشن نٿا ڪن. هو رڳو اهو ڏسن ٿا ته اردو زبان ههڙا لازوال ۽ بي مثال شاعر وري الائي ڪڏهن پيدا ڪري!
اها فقط سنڌ جي بدبختي آهي جتي، ”ڪُٽ ڍڳي جو ماءُ ڀيڻ سان خار“ وانگر، پنهنجي کي چاڙهڻ بدران ڪيرائڻ فرض سمجهيو وڃي ٿو. پنهنجن خلاف بهتان طرازي ۽ چغلخوريءَ ۾ مير جعفر ۽ صادق جي رڪارڊ ٽوڙڻ تي فخر ڪيو وڃي ٿو.
اڄ سنڌ کي پنهنجي ٻوليءَ، پنهنجي ثقافت، پنهنجي اقتصادي حقن جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ ٻڌيءَ ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي. ههڙي وقت ۾ سنڌي ادب جي خدمت ڪندڙن جي صفن ۾ ڦوٽ وجهڻ، انهن جو ڌيان سنڌ جي اصل مسئلن تان هٽائي کين تفرقي بازيءَ جي اوجهڙ ڏانهن ڌڪڻ، کين پنهنجن هڏ ڏوکي ۽  دلير ۽ روشن خيال نوجوان نسل کان بدظن ڪرڻ، پنهنجي ادب جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪرڻ، اهي اهڙا تاريخي جرم آهن، جي ڪابه زنده ۽ سجاڳ قوم ڪڏهن به برداشت نه ڪندي. اهڙن وطن دشمن ماڻهن کي اڄ کڻي ڪيڏو به ڊگهو رسو ڇو نه هجي، کين في الحال کڻي ڪهڙيون به ”ڪاميابيون“ ڇو نه نظر اچن پر سنڌ جي تاريخ ۾ سندن ذڪر سياه اکرن ۾ ڪيو ويندو ۽ ايندڙ نسل مٿن ڦٺ لعنت ڪندا.
انهن مان ڪي ته بلڪل لا علاج آهن. وڇونءَ وانگر هو پنهنجي فطرت کان مجبور آهن. هو ڪهڙي به دور ۾ هجن ها، ڪهڙي به ملڪ ۾ هجن ها، ضرور ڪانه ڪا چغلخوري، ڪانه ڪا فتنه انگيزي، ڪانه ڪا وطن دشمني ڪن ها. پنهنجن کي ڪنهن نه ڪنهن نموني ڏنگين ها.
پر ڪيترا اهڙا به آهن، جن کي خبر ئي ناهي ته هو ڇا پيا ڪن. هو فقط نعريبازيءَ جو شڪار ٿين ٿا. اهڙن بي خبرن کي ٻه اکر عرض ڪرڻ تي دل چوي ٿي:
دوستو، ڀائرو! سنڌي ادب کي اڄ دنيا جي ٻين ترقي يافته ٻولين جي ادب جي معيار تي آڻڻ لاءِ سون، هزارن اديبن، شاعرن، محققن ۽ لکندڙن جي ضرورت آهي. توهان ۽ اسان سڀئي پنهنجي مٺڙي وطن جي پرت جا پانڌيئڙا آهيون. جنهن کان جيترو پڄي. اهو اوترو وک کڻي. توهان کي اياز ۽ امداد جي شاعري پسند ناهي، جمال ۽ جليل جا افسانا نٿا وڻن، گراميءَ ۽ جويي جا مقالا ۽ مضمون پنهنجي معيار جا نٿا لڳن، ته فڪر ناهي. پاڻ سٺو. توهان پنهنجي پسند تي انهن کان بهتر، سٺا ۽ وڌيڪ صحتمند شعر، افسانا ۽ مضمون لکو. جيڪي غلطيون هو ڪن ٿا سي توهان نه ڪريو. بهتر شيون ميدان ۾ موجود ڏسي، ڪوبه گهٽ شيءِ قبول نه ڪندو. توهان به رسالا ڪڍو، مشاعرا ڪريو، جشن ملهايو، اها ئي وطن جي خدمت آهي. اهو ئي صحيح طريقو آهي غلطين کي درست ڪرڻ جو. کوٽي ۽ کري جي پرک به ائين پوندي. ادبي اختلافن جو فيصلو به ائين ٿيندو رهيو آهي. سرڪار نامدار کي ٻيا به گهڻا ڪم آهن. اهو ان جو فرض نه آهي ته ويهي فيصلا ڪري ته فلاڻي جو غزل سٺو يا فلاڻي جو. فلاڻو کرو اديب يا فلاڻو کوٽو. نه ئي وري اديبن جي شان وٽان ئي اها ڳالهه آهي ته کين جيڪڏهن ڪنهن مشاعري ۾ داد نه ملي، ته سڌو وڃي ٿاڻي تي رپورٽ ڪن ته فلاڻي شاعر کي ڪاٺ ۾ وجهو، جو انهيءَ ڪري مون کي داد نٿو ملي.
اڄ سنڌي ادب کي نوجوان خواه بزرگ هر قسم جي اديب جي ضرورت آهي. اچو ته ادب دشمنيءَ ۽ وطن دشمنيءَ جو تڏو پٽي، سڀ گڏجي، ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، وطن ۽ قوم جي خدمت ڪريون. اچو ته قلم جي لڄ رکون ۽ لاکيڻي لطيف جي هدايت تي عمل ڪريون.
وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهونئا ميٺ گهڻو!

No comments:

Post a Comment