24/05/2014

گُل گُل هٻڪار - اختر ڪاڪيپوٽو (Akhtar Kakepoto)



نامياري دانشور رئوف نظاماڻيءَ جو ڪتاب
گُل گُل هٻڪار
اختر ڪاڪيپوٽو
کاٻي ڌر جي سنڌي دانشور ليکڪن ۾ رئوف نظاماڻي هڪ اهم نالو آهي. هو مسلسل لکندو رهيو آهي ۽ سندس لکڻ کي هڪ کان وڌيڪ نسلن مسلسل پڙهيو آهي ۽ سچ پچ هُن جي لکڻ انهن جي شعور کي ڇهيو به آهي. سنڌي سماج جي ڀڃ ڊاهه جي وقت ۾ جتي ڪيترن ئي سنڌي لکندڙن پنهنجي ڏاهپ جا رستا مٽايا آهن، اتي رئوف نظاماڻي ذهني طور اهو ئي آهي، جنهن ڪراچيءَ ۾ ذاتي طرح ۽ سنڌ جي ٻين حصن ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي هڪ خاص نقطهءِ نظر سان نوجوانن کي ڏاهپ ۽ وطن دوستيءَ جا سبق سيکاريا. بنهه ٿورڙا سنڌي لکندڙ رئوف جيان سوچيندڙ ۽ لکندڙ آهن. رئوف لاءِ الڳ الڳ حلقن ۾ خاص پنهنجائي رهي آهي. جنهن جو سبب هڪ ته هن جو ذهني طور چٽو هجڻ آهي ۽ ٻيو ته هو پنهنجي طبعيت ۾ بنهه معصوم ۽ پيار ڀريو آهي.

سنڌ جي سياسي جدوجهد - اختر ڪاڪيپوٽو (Akhtar Kakepoto)



نامياري سياستدان خالق جوڻيجي جو ڪتاب
سنڌ جي سياسي جدوجهد
اختر ڪاڪيپوٽو
سائين جي ايم سيد جي ڪتاب نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ کان پوءِ محترم محمد لائق زرداري جو ڪتاب ۽ هاڻي محترم خالق جوڻيجي جو ساڳئي موضوع تي ايڪويهين صديءَ جي حوالي سان هيءَ کوجنا research سنڌ جي هر فڪري  سياسي ڪارڪن لاءِ هڪ انمول تحفو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان اسان کي پنهنجي زوال، سياسي بيمارين جي معلومات ۽ ان جو هر ممڪن علاج پڻ ملي ٿو، بشرطيڪه اسان ذاتي تعصب کي ويجھو نه وڃون ۽ باڪردار ٿي ايمانداري سان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب دل ۽ دماغ سان هنڊايون.

نظر پياسي - مجيب سنڌي ڪورائي (Mujeeb Sindhi Korai)



ڏوٿيئڙن جي ڏيھ جو شاعر
نظر پياسي
مجيب سنڌي ڪورائي
هي سنڌ جي ڀلاريءَ ڀونءِ سڄي ئي هيرن جي کاڻ آهي، شعر ۽ ادب جي حوالي سان مالا مال آهي. اسان جو سنڌ دوست يار پياسي نظر چانڊيو به هيرن جي کاڻ ۾ هڪ هيرو آهي. جيڪو سٻاجهو سادو سچو ۽ سيبتو شاعر آهي. جنهن کي پرائي ڏيھ ۾ به پنهنجا سنڌ وارا سانگي ۽ جهانگي ناهن وسريا. نظر، پنهنجي هر شعر ۾ پنهنجي ماروئڙن کي ياد ڪري ٿو ۽ پنهنجي سڪ سچائي جو اظهار ڪري ٿو. اڄ ڪلھ جي نوجون شاعرن کي ڏسبو ته پنهنجن محبوبن جو پيا ذڪر ڪندا، پر نظر پياسي کي ڏسنداسين ته هو پنهنجي ماروئڙن جو ذڪر پيو ڪندي نظر ايندو. جنهن جو پڪو ثبوت مرحوم عبدالرحمان مغل (سرمد سنڌي) احمد مغل ۽ ٻين سنڌي فنڪارن جي مڌر آوازن ۾ ڳايل سندس شاعري آهي ۽ شاعري جو مجموعو “ڏوٿيئڙن جو ڏيھ“ جيڪو سريلي راڳي احمد مغل مون کي قرب منجهان تحفو ڏنو.

13/05/2014

مفصل سنڌي لغت - ڊاڪٽر فهميده حسين (Dr. Fahmida Hussain)



مفصل سنڌي لغت يا جامع سنڌي لغات
ڊاڪٽر فهميده حسين
ڪجهه ڏينهن کان ڪن اخبارن ۽ ادبي حلقن ۾ هڪ خبر گردش ڪري رهي آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي وارثن الزام هنيو آهي ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران مفصل سنڌي ڊڪشنري بورڊ جوڙي، ان تحت جيڪا ڊڪشنري جوڙي پئي وڃي، اها ڊاڪٽر بلوچ جي تيار ڪيل جامع سنڌي لغات‘ مان چوري ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ هو ڪم بند ڪرائڻ جو جلد نوٽيس ڏيندا. وري 8 مئي 2014ع تي ڊاڪٽر صاحب جي ٻن فرزندن ۽ ٻن نياڻين طرفان اهڙو خط به جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ساڳئي الزام کي دهرايو ويو هو. ان خط ۾ هڪ کان وڌيڪ جاين تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي جامع سنڌي لغات‘ جي پنجن جلدن جو مصنف، تخليقڪار ۽ ليکڪ ڄاڻايو ويو آهي ۽ لکيو ويو آهي ته سندس ڪيل ’اصلوڪو ڪم‘ (original work) جيڪو صرف ۽ صرف سندس ذهني پورهيو ۽ ورثو آهي، ان جا حق واسطا (copy rights) ۽ ذهني ملڪيت جا حق (intellectual property rights) انهيءَ مصنف جا آهن، جن تي ’مفصل لغت‘ جي نالي ۾ ٻولي اٿارٽي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان ذهني ڪم ۽ علمي ڪارنامي ۾ ان کي سڌارڻ جي نالي ۾ ڪا به تبديلي، ڪو به واڌارو، گهٽ يا وڌ ڪرڻ جو عمل گڏيل قومن جي قانونن جي خلاف ورزي آهي.

04/05/2014

ڪتاب ”اڻپورا وجود“ جو اڀياس - احسان دانش (Ahsan Danish)




ممتاز لوهار جي ڪهاڻي ڪتاب ”اڻپورا وجود“ جو اڀياس
ڪهاڻي زندگيءَ جي سڏ جو پڙاڏو آهي
احسان دانش
’ڪهاڻيءَ ۾ زندگي آهي يا زندگيءَ ۾ ڪهاڻي.‘ اها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ هميشه هڪ اهڙي دائري وانگر ڦرندي آهي جنهن جو ڇيهه ۽ ڇيڙو ڪڏهن به هٿ نه آيو اٿم. جيڪڏهن ڪهاڻي ائين ئي آهي جيئن زندگي ته پوءِ ٻنهي کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪيئن ٿو ڪري سگھجي؟ ڪري به ڪيئن ٿو سگھجي جو ڪهاڻي زندگيءَ جي ڪُک مان جنم وٺي ٿي. جنهن سماج ۾ زندگي نرم، گداز ۽ بخملي بدن جهڙي هوندي ان سماج ۾ ڪهاڻي به پيار جا نغما گنگنائيندي ۽ جتي اها چچريل لاش جهڙي هوندي اتي يقيناً ڪهاڻيڪارَ به نوحه گر ٿي پوندا، ڇوته ڪهاڻي زندگيءَ جي سڏ جو پڙاڏو آهي. زندگي ٽهڪ ڏيندي ته ڪهاڻي به مسڪرائيندي، زندگي سڏڪندي ته ڪهاڻي به لڙڪ لاڙيندي. شيخ اياز لکيو هو ته ”هي زندگي ئي هڪ ڪهاڻي آهي. هڪ عجيب غريب وچتر ڪهاڻي، جنهن جو صفحو صفحو روئاري ۽ کلائي، رسائي ۽ مڃائي، منجھائي ۽ سُجھائي ٿو. ان جي سٽ سٽ ۾ يا ته ڪتڪتائي آهي يا چُهنڊڙي يا ٿف يا ٺوڪر. ائين کڻي چئجي ته هي زندگي گھڻيون ئي ڪهاڻيون آهي. ٻئي پاسي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي جھلڪ آهي. ان جي غم يا خوشي، پستي يا بلندي، سختي يا نرميءَ جي ترجماني آهي. جي اسان کي زندگي عزيز آهي ته ڪهاڻي ڪيئن نه پياري لڳندي؟ پر جي اسان تي زندگي بار آهي ته ڪهاڻي پڙهي ان جو ٻوجھ هلڪو ٿيندو. آخر زندگي خود به ته هڪ ڪهاڻي آهي. تو چئي مون ٻڌي ۽ پوءِ ڄڻ ته هئي ئي نه.“

حمد عثمان ڏيپلائيءَ کي ڀيٽ ڪيل ”مهراڻ“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



سائين محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي ڀيٽ ڪيل ”مهراڻ“
رکيل مورائي

اسان جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ جتي علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪتابن جو چڱو ئي تعداد ٿوري وقت ۾ شايع ڪيو آهي، جيڪي سالن کان ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ هئا. اتي بورڊ پنهنجي ڪن محسنن ۽ عالمن اديبن تي ”مهراڻ، جا خاص نمبر ڪڍي انهن کي جيڪا ڀيٽا ڏني آهي، اها پڻ گهڻي تعريف جي لائق آهي. تازوئي، قبله مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شمشير الحيدريءَ تي مهراڻ جا خاص نمبر ڌيان لهڻن ٿا، جن کي ادبي برادريءَ پاران گهڻو ساراهيو ويو آهي. يقينن انهن جي تعريف اداري ۽ ان کي هلائيندڙن جي تعريف آهي ۽ اهڙو تعريف لائق هڪ پرچو ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌي ادب جي، سنڌي صحافت جي هڪ اڻ وسرندڙ نالي سائين محمد عثمان ڏيپلائي جي علم، ادب ۽ شخصيت بابت پڻ شايع ڪيو ويو آهي.

درپن ـــــ ’چنڊُ ڪو جاڳي پيو!‘ - مولائي ملاح (Molai Malah)



درپن ـــــ ’چنڊُ ڪو جاڳي پيو!‘
مولائي ملاح

سنڌوءَ جي بادامي پاڻيءَ کي ٻُڪ ۾ پي ٻالڪپڻ کان جوانيءَ جون وکون کڻندڙ احمد سولنگي ادبي کيتر ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. سندس سرجيل سندر جذبن جي اظهار جهڙي شاعري ئي سندس سنڌ ۽ هند ۾ وڏو تعارف آهي. سندس فن، فڪر ۽ شخصيت سان ته کڻي ڪنهن جا به ڪيترا اختلاف ٿي سگھن ٿا پر سندس خيالن جي اڏام، بلنديءَ ۽ لفظن جي اُڻت پوءِ به اهل دل ماڻهو کان سندس شاعريءَ تي واهه واهه.... جا بي ساخته لفظ چورائڻ تي مجبور ڪري ٿي.