26/04/2015

”المسالڪ و الممالڪ“ - مختيار احمد ملاح (Mukhtiar Ahmed Malah)

ابن خرداذبه ۽ سندس ڪتاب ”المسالڪ و الممالڪ“
مختيار احمد ملاح
سنڌ جي اوائلي تاريخ ، تهذيب، سياست، سرحدن جي حد بندي، مذهبي معلومات، راجائن جو ذڪر ۽ طرز حڪومت وغيره عرب سياحن جي سفرنامن ۽ تاريخي ڪتابن ۾ محفوظ آهي. ضرورت آهي ته انهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي تاريخ نئين سر لکي وڃي. اهڙن ماخذن جي تلاش ۾ هڪ ڪتاب جو نالو ” المسالڪ و الممالڪ“ يعني ”رستن ۽ ملڪن جو ڪتاب آهي، جنهن جو ليکڪ ابن خرداذبه آهي.

سونهن کي سلام - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

سونهن کي سلام
رکيل مورائي

سنڌي شاعريءَ جي ڪتابن جي انگ ۾ هڪ نئين ڪتاب جو واڌارو ٿيو آهي، هن ڪتاب جو نالو آهي، ”سونهن کي سلام. هي ڪتاب اسان جي دوست شاعر اصغر سيتائيءَ جو آهي. جيڪو تازو ئي ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. ڪتاب ۾ شاعراڻيون صنفون جيڪي ڏنيون ويون آهن, انهن ۾ ترتيب وار نظم، غزل، گيت، ڪافيون، وايون، بيت ۽ چوسٽا شامل آهن. هيءَ لاجواب ڇپيل ڪتاب، سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيتري اهميت ماڻيندو, اهو، جڏهن عالمن، اديبن، شاعرن ۽ نقادن جي نظرن مان گذرندو تڏهن پتو پوندو. پر اهو سچ آهي ته جڏهن ڪو به ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ اچي ٿو ته بيحد خوشي ٿئي ٿي ۽ هيءُ ته وري شاعريءَ جو ڪتاب آهي.